ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

سنڌ کي بنا مقابلي هارائڻ نه گهرجي!

هاڻوڪي چونڊيل قومي اسيمبلي جو آئين موجب پنج سال وارو مدو مارچ 2013ع ۾ ختم ٿي ويندو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ هاڻ هڪ سال ۽ 8 مهينا يعني 20 مهينا باقي وڃي بچيا آهن، جنهن کانپوءِ مارچ ۾ جڙندڙ نگران حڪومت آئين موجب ٻن مهينن اندر چونڊون ڪرائيندي، سو اگر سڀ ڪجهه ائين جو اِئين هليو، جيئن هلي پيو ته اسان جي ملڪ ۾ مئي 2013ع ۾ عام چونڊون ٿينديون، پر اسان جي ملڪ جي چونڊن جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه جو امڪان رکي سگهجي پيو ته مئي جي گرم موسم سبب حڪومت مئي جي گرم موسم بدران فيبروري ۽ مارچ 2013ع ۾ عام چونڊن جو فيصلو ڪري، سو اگر ائين ٿيو ته ڊسمبر 2012ع ۾ نگران حڪومت اچي ويندي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هاڻوڪي حڪومت وٽ باقي ڏيڍ سال بچيو آهي، پر پاڻ کي يعني هڪ عام ماڻهو کي اهو خفو ناهي ته عام چونڊون 6 يا 8 مهينن کان پوءِ ٿينديون يا 20 مهينن کانپوءِ، ڇاڪاڻ ته پاڻ کي اهڙي ڪا سرپرائيز ملڻ جو آسرو ته آهي ڪونه ته 6 مهينن يا 20 مهينن دوران ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز، دهشتگردي وغيره بند ٿي ويندي، اتي جي نجي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ تعليم کاتو ڪي اپاءَ وٺندو يا سپر هاءِ وي وفاق کان واپس سنڌ حوالي ٿي ويندو يا حيدرآباد ضلعو پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ٿي ويندو يا سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ملي ويندو يا ڌاڙيل گردي ختم ٿي ويندي، اسان جي تعليم توڙي صحت وارن شعبن جي حالت بهتر ٿي ويندي، سو اهي ۽ اهڙا انيڪ مسئلا پاڻ سان برقرار رهندا، پوءِ چونڊون 6 مهينن کان پوءِ ٿين ٿيون يا 20 مهينن کانپوءِ. ان بابت اونو يا ڳڻتي اُنهن کي ٿئي، سو ٿئي جن جا ذاتي مفاد حڪومت سان جڙيل آهن، باقي خلقِ خدا جي اڪثريت ان اقتداري سياست کان اِئين ئي لاتعلق نظر اچي ٿي، جيئن اسان جي اقتداري سياسي ڌريون خلق خدا جي اصل اشوز کان لاتعلق بڻيل آهن. سوچڻ اهو گهرجي ته اقتداري سياسي ڌريون ۽ خلق خدا جي اڪثريت هڪ ٻئي کان ڇو لاتعلق بڻيل آهن؟
منهنجي نظر ۾ ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته عام ماڻهو کي اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته نه صرف ايندڙ 6 مهينن يا 20 مهينن ۾ ڪجهه نه بدلبو، بلڪه ايندڙ 6 مهينن يا 20 مهينن کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ به وري ساڳيون اقتداري ڌريون ٿوري گهڻي فرق سان ڪامياب ٿي، حڪومت ۾ اچي وينديون، ڇاڪاڻ ته هاڻ ته اهو چٽو اعلان ٿي چڪو آهي ته پ پ توڙي ايم ڪيو ايم توڙي ٻيا ننڍا ننڍا گروپ سنڌ ۾ هڪ ٻئي سان اتحاد ۾ چونڊ وڙهندا. سو عام ماڻهو لاءِ جهڙي صورتحال اڄ آهي، اُها ڪجهه چهرن جي تبديلي سان ايندڙ عام چونڊن بعد به ساڳي رهندي، تنهن ڪري سندن لاتعلق نظر اچڻ تي حيرت نٿي ٿئي. ساڳي ريت ڏهاڪن کان ڀوتارڪي سياست ڪندڙ اسان جا اقتداري سياسي رانديگر به اهو سمجهڻ لڳا آهن ته جڏهن هو سڀ پاڻ ۾ ونڊ ورڇ ڪري (سيٽ ايڊجسٽمينٽ ذريعي) چونڊن ۾ بهرو وٺندا ۽ پاپولر ووٽ جو تصور ختم ٿي رهيو آهي ته اِنهن کي عوام جي اڪثريت کي راضي رکڻ لاءِ وڏا ڪشٽ ڪاٽڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اگر چونڊن ۾ سامهون ڪو مضبوط مقابلو ئي نه هوندو ته ڪجهه ووٽ ماڻهن کي وجهرائبا، باقي ٺپا هڻي سيٽ ڪڍي وٺبي، سو ڇا جي لاءِ ماڻهن کي ووٽ لاءِ ايلاز منٿون ڪجن؟!!
چار ڀيرا کان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ هڪ ڀوتار ڪچهري ۾ چيو ته ”هِن ڀيري سنڌ ۾ بنا مقابلي عام چونڊون ٿينديون“. چيومانس ته ”ماڻهن ۾ تبديلي جو شعور اچي پيو، هو ائين ڪيئن توهان کي بنا مقابلي چونڊون ڪرڻ ڏيندا.“ موٽ ۾ طنز ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين ”قاضي صاحب، توهان ڀلي تبديلي تبديلي جي تبليغ ڪندا رهو، پر جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ ”اسين سڀ“ گڏ هونداسين ته اسان جي مقابلي ۾ ڪير هوندو، جو ماڻهو اُن کي ووٽ ڏئي تبديلي آڻيندا ۽ ٻيو اهو ته ڇاڪاڻ ته سامهون ڪو وڏو مقابلو نه هوندو، ته اسان کي به گهڻن ووٽن جي ضرورت نه هوندي، ڇاڪاڻ ته هونءَ ئي اسين 20 يا 25 هزار ووٽن تي ايم پي اي ٿيون ٿا، ته هاڻ اگر ووٽرز جي اڪثريت ٻاهر نه به نڪتي ته به اسين 4 يا 5 هزار ووٽر آڻي باقي 4 يا 5 هزار ٺپا لڳرائي ڏهه هزار ووٽن تي چونڊجي وينداسين!!“ اِن ڀوتار جون ٻه ڳالهيون مسلسل منهنجي ذهن ۾ ڦرن پيون، هڪ سندس اهو چوڻ ته ”بنا مقابلا عام چونڊون“ ۽ ٻيو ته ”چونڊن ۾ اسين سڀ گڏ هونداسين.“ منهنجي ذهن ۾ اهي سوال ڦرن پيا ته ”هي سڀ“ ڪنهن جي خلاف پاڻ ۾ اتحاد پيا ڪن؟ ڇا سندن اتحاد جمود کي برقرار رکڻ ۽ تبديلي کي روڪڻ لاءِ آهي؟ ۽ اگر عام چونڊن ۾ عام ماڻهو جي اهميت نه هوندي ۽ پاپولر ووٽ جو تصور نه هوندو ته ڇا ان ڪري ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جا حامي ان کي ”بنا مقابلا عام چونڊون“ قرار ڏين پيا؟ ٻين لفظن ۾ ڀوتارن کي پڪ ٿي وئي آهي ته هِن دفعي سندن مقابلو عوامي راءِ سان نه ٿيندو، تنهن ڪري ڀوتار ۽ عوام جي ان مقابلي ۾ ڀوتار ”بنا مقابلي“ ڪامياب ٿي ويندا؟ شايد ائين ئي ٿيڻ ڏانهن حالتون وڃن پيون. شايد هِن ڀيري ڪراچي کان ڪشمور تائين رهندڙ عام ماڻهو مقابلي کانسواءِ ئي هارائي ويندا، شايد ٻه يا ٽي سئو ڀوتار سنڌ کان بنا مقابلي جي ڪامياب ٿي ويندا، محبت، انصاف، امن ۽ خوشحالي لاءِ اڃايل هيءَ ڌرتي اڃايل ئي رهجي ويندي ۽ سُک ۽ شانتي ڀريل بدليل سنڌ جو خواب شايد هڪ خواب ئي رهجي وڃي ۽ اهڙو خواب اکين ۾ سجائي هلندڙ پنهنجيون اکيون سدائين لاءِ بند ٿيڻ کان اڳ اهو خواب پنهنجن پونئيرن کي ان وصيت سان حوالي ڪن ته ”هن خواب جي پارت اَٿوَ، هن جو ڌيان رکجو، بنهه نازڪ آهي، ڪٿي ٽُٽِي نه پوي.“
ڇا آئون مايوسي جون ڳالهيون ڪريان پيو؟ ظاهري طرح لڳي ائين ئي پيو، پر ڇا ڪجي ماڻهن جو اندر جي موسم سندس لکڻين ۽ اظهار تي اثرانداز ته ٿيندي آهي نه، ۽ آئون يا سنڌي ماڻهن جي اڪثريت مايوسيءَ جو شڪار ٿئي پئي ته ڪوڙا ڊائيلاگ ڇا جي لاءِ هڻجن؟ پر سوال اهو آهي ته اسان جي اندر جي موسم مايوسي واري ڇو پيو ٿئي، ڇاڪاڻ ته عام طرح ڪو فرد يا سماج مايوسي جي وَر تڏهن چڙهي ٿو، جڏهن هو ڪا ڪاوش، ڪا ڪوشش ڪري ٿو، پر اُن ۾ کيس ناڪامي ملي ٿي، پر اسان جي ڪهڙي ڪوشش ناڪام وئي آئي، جو اسين پيا مايوس ٿيون؟ اسان جو سماج هن فرسوده سياسي ڪلچر کي مٽائڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪڏهن ميدان ۾ لٿو آهي، جو چئجي ته جمود پرست ميدان ماري ويا آهن ۽ هاڻ سماج مايوسي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي؟ سو آخر پوءِ اها مايوسي جي موسم ڪٿان اچي وئي آهي؟ ڏاها چون ٿا ته جڏهن ماڻهو ڪو فيصلو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي وچ ۾ ڦاٿل هوندو آهي ته به مٿس مايوسي جي ڪيفيت ايندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو جيئن هوندو آهي، ائين هو وڌيڪ رهڻ نه چاهيندو آهي، پر جيئن ٿيڻ چاهيندو آهي، اُئين ٿيڻ لاءِ هو مڪمل طور همت ڌاري ناهي سگهندو، ۽ ڊگهو عرصو ان ٻڏتر ۾ رهندي مٿس مايوسي جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي، سو لڳي ٿو ته سماج (جنهن جو آئون به هڪ فرد آهيان) جي نراسائي واري ڪيفيت جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته اسان اهو سڀ ڪجهه جيڪو اڄ اسان سان ٿئي پيو، کليل اکين سان ماٺ ڪري ڏسون پيا ۽ جيڪو سڀاڻي ٿيڻو آهي، اُن جو به خاموشيءَ سان انتظار پيا ڪريون، پر ظاهر آهي ته اسان نه پنهنجي حال مان خوش آهيون، نه اهڙو ئي مستقبل چاهيون ٿا، پر ان هوندي اهڙو ڪجهه به في الحال نه پيا ڪريون، جيڪو عمل اسان جي مستقبل کي سنواري سگهي ۽ اها Indecisiveness (فيصلو نه ڪري سگهڻ) ۽ Inaction (عمل نه ڪرڻ) واري صورتحال سماج کي مجموعي طرح مايوسي واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري رهي آهي. سو هڪڙو طريقو اهو آهي ته اسين ڪجهه ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي ٻڏتر سبب مسلسل مايوسي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندا وڃون ۽ ٻيو اهو آهي ته سماج پنهنجي اکين ۾ سجايل بدليل سنڌ جي خواب جي ساڀيان لاءِ ميدان ۾ لهي ۽ اندر ۾ اهو حوصلو ۽ عزم آڻي ته پنهنجي پونئيرن لاءِ خوشحال سنڌ جو خواب ڇڏي وڃڻ بدران ان خواب جي ساڀيان يعني ترقي ورتل سُک ڀري سنڌ ڇڏي وڃجي. اهو فيصلو سنڌ کي ڪرڻو آهي ته هو ”بنا مقابلو“ هارائي وڃي يا پنهنجي گڏيل سگهه ۽ گڏيل محبت جي اهڙي ٻوڏ آڻي، جنهن ۾ ڪروڌ ۽ ڏاڍ جا سمورا بند لڙهي وڃن. اُن سگهه، اُن خالص محبت ۽ فهم کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن ڪراچي کان ڪشمور تائين رهندڙ سنڌ واسين کي ڀٽ شاهه تي گڏجڻ گهرجي ۽ اگر ڪنهن هڪ ڏينهن سنڌ ڀٽ شاهه تي گڏجي پئي ته پوءِ سنڌ کي بنا مقابلا هارائڻ تي هڪ پاسي پر سنڌ جي بنا مقابلي ڪاميابي يقيني ٿي ويندي.

ڇنڇر 25 جون 2011ع