اچو ته اظهار ڪرڻ جو ڏانءُ سکون!
سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيل ڪچهرين ۾ مون کي اهو صاف نظر آيو پئي ته ماڻهو پنهنجي چئوطرف حالتن کان شديد بيزار ۽ ناراض آهن. احساس ڪمتري ۾ ورتل ڪجهه سنڌين کي ڇڏي ڪري سنڌين جي 99 سيڪڙو آبادي وٽ پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو جذبو به موجود آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته سنڌ واسي پنهنجي حالتن تي ڪاوڙ وارو جذبو توڙي ڌرتيءَ سان محبت واري جذبي جي اظهار واري طريقي تي ضرور غور ڪن، ڇاڪاڻ ته صرف I Love Sindh (مون کي سنڌ سان پيار آهي) چوڻ يا ڪنهن مسئلي تي وقتي احتجاج ڪرڻ يا ڪنهن حق تلفي تي وقتي ڪاوڙ وغيره جو اظهار اهو حقيقي اظهار ناهي، جنهن اظهار جي اسان جي ڌرتي گهرجائو آهي. اسان وٽ اجگر جيترن مسئلن جي خاتمي لاءِ جيترو وڏو جذبو موجود آهي، اُن جذبي جو اظهار به نه صرف اُن سطح جو هجڻ گهرجي، بلڪه اهو اظهار صحيح رخ ۾ به هجڻ گهرجي. مثال طور اسان جي تعليمي تباهي جو اونو اسان سڀني کي آهي ۽ اسان وٽ ان کي سڌارڻ جو جذبو به آهي ۽ ان جو پاڻ اظهار به ڪريون ٿا، پر اظهار طور ڪجهه لکڻ يا ڳالهائڻ ڪافي آهي؟ ڇا اها تعليمي تباهي سيمينار ڪرائڻ يا گڏجاڻيون ڪوٺائڻ سان ختم ٿي سگهي ٿي؟ ڇا ڪراچي ۾ جاري دهشتگردي يا سڄي سنڌ ۾ موجود ڌاڙيل گردي ميڊيا يا عدليه ختم ڪرائي سگهي ٿي؟ ڇا ڪرپشن سبب ڪمزور بند، اسپتالن ۾ علاج جي ناقص حالت، تباهه ٿيل روڊ، غير معياري ٻج ۽ ڀاڻ جو مارڪيٽ ۾ کليل وڪرو، جعلي دوائن جو وڪرو وغيره وارو جهان ڪنهن جي ڀاشڻ ڏيڻ يا تبليغ ڪرڻ سان ٺيڪ ٿي سگهي ٿو؟ منشيات جو وڪرو هجي يا وياج جو ناسور، پوليس جون ڏاڍيون هجن يا جيل ۾ ٿيندڙ ٽارچر، بيروزگاري هجي يا مهانگائي جو راڪاس ڪراچي جي نجي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائي وڃي يا سنڌي شاگردن جي داخلا جو مسئلو هجي، سنڌ جي وسيلن تي مالڪيءَ جو اشو هجي يا سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي وارو درجو نه ملڻ جو معاملو هجي، اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته انهن سڀني مسئلن جو حل ڪنهن جي هٿ وس آهي، پر پوءِ به اسان مان ڪجهه دوست انهن مسئلن جي حل بابت اظهار ڪندي پنهنجو رخ صحيح نٿا رکن، تنهن ڪري ڏهاڪن کان سنڌ ۾ اِنهن مسئلن جو ادراڪ ۽ اِنهن جي خاتمي لاءِ جذبو هجڻ باوجود، اِنهن جو نه صرف خاتمو نه اچي سگهيو آهي، بلڪه اهي روز بروز وڌندا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اِنهن جو حل اندازِ حڪمرانيءَ جي تبديلي ۾ لڪل آهي. اهڙي حڪومت، جيڪا ماءُ جيان هجي، جنهن کي پنهنجو عوام پنهنجي ٻچڙن جيان پيارو هُجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪا حڪومت ئي سنڌ کي ماءُ جي هنج جيان بڻائي پئي سگهي، پر اهڙي حڪومت نه آسمان مان ڪٿان لهندي ۽ نه ئي زمين مان اوچتو ڦٽندي، بلڪه اهڙي حڪومت تڏهن ايندي، جڏهن لکين سنڌ واسي خوشحال سنڌ ٺاهڻ واري جذبي جو اظهار ووٽ ذريعي ڪندا.
سنڌ اسيمبلي جي ڪُل 168 سيٽن مان 38 مخصوص سيٽون هجن ٿيون، معنيٰ ڪُل 130 تڪن تي سڌي ريت چونڊون ٿين ٿيون ۽ جيڪا ڌر 66 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ٿي، اها حڪومت ٺاهيندي آهي. اسان جي صوبائي اسيمبلي جو تڪ سراسري سوا لک کان ڏيڍ لک ووٽرن تي ٻڌل هجي ٿو ۽ ڪامياب ٿيندڙ اميدوار سراسري طور 18 کان 25 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿئي ٿو، پر جيڪر سوا لک ووٽرز جي تڪ مان پنج سئو ماڻهو اهو طئي ڪن ته هر ماڻهو 50 ووٽرز کي راضي ڪري پولنگ اسٽيشن تي آڻيندو ته 500 کي 50 سان ضرب ڪجي ته 25 هزار جو انگ بيهندو، معنيٰ اگر سوا لک کان وڌيڪ ووٽرز تي ٻڌل هڪ تڪ مان صرف پنج سئو ماڻهو سندرو ٻڌي بيهي رهن ته هو پنهنجو اميدوار ڪامياب ڪرائي سگهن ٿا. سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت ٺاهڻ لاءِ 66 ميمبر گهربل آهن ۽ هڪ تڪ تي پنج سئو ماڻهو گڏجي 25 هزار ووٽ وجهرائي اميدوار ڪامياب ڪرائي سگهن ٿا ته پوءِ حساب ان ريت بيهي ٿو ته 66 ضرب 500 معنيٰ سڄي سنڌ مان 33 هزار ماڻهو طئي ڪن ته هو پنهنجي پسند جي حڪومت ٺاهي سگهن ٿا. پاڻ هڪ تڪ ۾ سوا لک ووٽرز ٻڌي اُنهن کي 66 سان ضرب ڪريون ته جواب ٻياسي لک بيهي ٿو، سو اِنهن ٻياسي لک ماڻهن مان 33 هزار ماڻهو مڙسي ڪن ته في تڪ 25 هزار معنيٰ 66 تڪن تي ساڍا سورنهن لک ووٽرن کي موبلائيز ڪري هڪ اهڙي ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا، جيڪا ڏهاڪن کان هلندڙ فرسوده سياسي ڪلچر جو منهن مهانڊو تبديل ڪري ڇڏيندي. مٿي ڏنل انگ اکر اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا بيان ڪري چڪو آهيان، پر اِنهن جي ورجاءَ جو مقصد اهو آهي ته ڪجهه عرصي کان وري ڪجهه دوستن جا خيال ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ آيا پئي ته ڀوتارن کان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ ڏکيو، بلڪه ناممڪن آهي، سو سنگت کي سمجهڻ گهرجي ته اگر سنڌ واسي ڪرڻ چاهين ته ائين ٿيڻ ناممڪن نه، بلڪه عين ممڪن آهي ۽ اهو ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ لکين سنڌ واسين وٽ جذبو ۽ ان جو اظهار اهو هجڻ گهرجي ته: We can do it and we shall do it (اسين ڪري سگهون ٿا ۽ اسين ضرور ڪنداسين). اتي ان ڳالهه جي ٻيهر وضاحت ضروري آهي ته 66 تڪن تي ڇڙ وڇڙ 500 ماڻهو ڪو مانائتو لاڀ حاصل نه ڪري سگهندا، بلڪه 66 تڪن جي 33 هزار ماڻهن کي ڪنهن هڪ محور، ڪنهن هڪ مرڪز سان جڙيل هجڻ گهرجي. ان ڏس ۾ هڪ روايتي انداز اهو آهي ته 50 يا 100 ماڻهو گڏجي هڪ پارٽي ٺاهين، جيڪي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر وڃي ماڻهن کي ان پارٽي ۾ شموليت لاءِ راضي ڪن، پر ان روايتي انداز کي تبديل ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ معياري تبديلي جو خواب صرف 50 يا 100 ماڻهن جو خواب ناهي، ته پوءِ هي ڇو صرف ڪا هڪ پارٽي ٺاهين، بلڪه دل ۾ خوشحال سنڌ جو جذبو رکندڙ لکين ماڻهو گڏجي هڪ پارٽي ٺاهي پنهنجي جذبي جو اظهار ڪن، اگر ڪنهن هڪ ڏينهن، هڪ هنڌ لکين ماڻهو گڏجي پنهنجي محور جو فيصلو ڪندا ته پوءِ اها روايتي انداز ۾ جڙيل ڪا تنظيم يا جماعت نه هوندي، ڇاڪاڻ ته اها ڪجهه ماڻهن پنهنجي منهن ويهي نه ٺاهي هوندي، بلڪه ان جو بنياد لکين، لکين ماڻهن پاڻ وڌو هوندو. تنهن ڪري ان ۾ جيڪو گڏيل فهم ۽ جيڪا گڏيل سگهه شامل هوندي، اُن جي آڏو اسان جو فرسوده ڀوتارڪو ڪلچر بيهي نه سگهندو.
آخر ۾ اهو وري ورجائيندس ته جذبو بنا اظهار جي اُن بدن جيان آهي، جنهن ۾ روح نٿو هجي ۽ هاڻ وقت ڀرجي آيو آهي ته جنهن جيجل سان بي پناهه محبت جو جذبو رکون ٿا ته اُن محبت جي جذبي جو اظهار به ڪريون، ڪنهن هڪ ڏينهن کي جيجل سان محبت جو اهڙو ڏهاڙو ڪري ملهايون، جنهن ڏهاڙي مان اهي خوشين ڀريا ڏينهن، مهينا ۽ سال ڦٽي نڪرن، جن کي ڏسڻ جو خواب اسان جي اکين ۾ ڏهاڪن کان آهي.
اربع 6 جولاءِ 2011ع