انتظار ڇا جو آهي؟
جڏهن ڪنهن سماج ۾ آمريت يا خراب حڪمراني سبب ڪرپشن ۽ مهانگائي وغيره جهڙا عذاب وڌي وڃن ٿا، ته اتان جو عوام هڪ وقت ۽ هڪ حد تائين اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪندو آهي، پر جڏهن اهي عذاب ۽ سور برداشت جي حد کان ٽپي وڃن ٿا ۽ عوام کي ان جي حل لاءِ ڪنهن سياسي پارٽي يا ليڊر جي صورت ۾ ڪا واٽ به نٿي سجهي ته عوامي فرسٽريشن هڪ جارحاڻي صورت اختيار ڪري وٺي ٿي ۽ اهو عوامي ردعمل ڪنهن ليڊر يا پارٽي جي سڏ بدران اجتماعي عوامي فهم جي سڏ تي ٿئي ٿو. سولي سنڌي ۾ جڏهن عوام جي اڪثريت چئوطرف کان مايوس ٿي، ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪرڻ بدران اهو طئي ڪري وٺي ٿي ته ”هاڻ گهڻو ٿيو“ ته پوءِ اهو ئي ٿئي ٿو، جيڪو تيونس ۽ مصر ۾ ٿئي پيو.
پاڪستان ۾ پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان جي صورتحال سنڌ کان مختلف آهي، جيتوڻيڪ مهانگائي، بيروزگاري جهڙا مسئلا ساڳيا آهن. پر سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياسي جاڳرتا هجڻ هڪ حقيقت آهي، جنهن سبب سنڌ کي پنهنجن سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ سدائين سوڙهو رکڻ سان گڏ اتان جي سياسي فهم کي ڪچلڻ ۽ ان کي ڪنفيوزڊ رکڻ جا به جتن ٿيندا رهيا آهن. جيتوڻيڪ بلوچستان ۾ به گذريل ڏهاڪي کان ”لٺ ۽ چٺ“ وارو فارمولو استعمال ٿئي پيو، پر بلوچستان جي گهٽ آبادي، سياست ۾ قبائلي سردارن جي اڳواڻي وغيره جهڙا ڪيترائي ٻيا فيڪٽر سنڌ واري صورتحال کان ڪافي مختلف ڪريو ڇڏين (ان تي تفصيل سان ڪنهن موقعي تي لکبو) پر سنڌ ۾ باوجود ان جي ته اسٽيبلشمينٽ ڏهاڪن کان لساني، گروهي ۽ فرقيواراڻي سياست کي همٿايو آهي ۽ اتي امن و امان، برادرين جي تڪرارن وارا اشوز جيئرا رکيا آهن، پر سنڌ جي ماڻهن جي گڏيل فهم کي اڃان مڪمل طور منجهائي نه سگهيا آهن ۽ سنڌي سوسائٽي جو اگر ڪو به غير جانبدار ٿي جائزو وٺندو ته کيس اتي سنڌ جي اجتماعي مسئلن ۽ حقن جو ادراڪ عام ماڻهو کان ويندي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ۾ نه صرف نظر ايندو، بلڪه فرسوده سياسي ڪلچر کان بيزارگي ۽ ان ۾ تبديلي جي گڏيل خواهش به نظر ايندي ۽ گڏوگڏ ان خواهش جي تڪميل لاءِ تڙپ به نظر ايندي. سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ ماڻهن واري سماج وٽ، اگر پنهنجن مسئلن ۽ حقن بابت گڏيل ادراڪ به هجي ۽ تبديلي لاءِ خواهش ۽ تڙپ به هجي ته اهڙي سماج ۾ ڪا چڻنگ حالتن کي غير معمولي موڙ ڏئي سگهي ٿي. آئون اڪثر 27 ڊسمبر 2007ع جو مثال ڏيندو آهيان، جنهن ڏينهن محترمه بينظير جي شهادت جي خبر نشر ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي سڄي سنڌ ٻرندي نظر آئي ۽ سڀ ڄاڻون ٿا ته اهو عوامي ردِعمل ڪنهن پارٽي يا ليڊر جي سڏ تي نه ٿيو هيو، ۽ ان کانپوءِ 6 ڊسمبر 2009ع، 24 جنوري 2010ع ۽ پنج ڊسمبر 2010ع تي لکين ڪروڙين سنڌ واسين جيڪي ايڪتا طور ڏهاڙا ملهايا، اهي به ظاهر آهي، ڪنهن پارٽي جي سڏ تي نه هئا. اهي سڀئي مثال ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته سنڌي سماج به انهن ٿورن سماجن مان هڪ آهي، جنهن ۾ سياسي ويڪيوم هجڻ سبب سماج جي اڳواڻي جو ڪردار خود سماج جو گڏيل فهم ادا ڪري رهيو آهي.
انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊڪريسينٽ (هلال احمر) جي صدر ٽائيڊريو ڪوني تازو ڀارت جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪجهه ان ريت چيو آهي ته ”پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب وڏي پيماني تي عوامي بي چيني پيدا ٿيل آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ به تيونس جهڙيون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ اگر ايندڙ ڪجهه سال مسلسل فصل تباهه ٿيندا رهيا ته اهي حالتون سماجي انتشار ۽ سياسي ڀونچال ڏي ڌڪي سگهن ٿيون. مون کي ڄاڻ ناهي ته هو اهي حالتون ڪيستائين سنڀالي سگهندا، پر اگر حالتون اهي رهيون ته ڪا ننڍڙي شيءِ (چڻنگ) به وڏو ممڻ مچائي سگهي ٿي، جيئن تيونس ۾ ٿيو“. (ذريعو: ريوٽرز)
ٽائيڊريو ڪوني جو اهو بيان ته پاڪستان لاءِ آهي، پر پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته گذريل سال آيل ٻوڏ ۾ وڌ ۾ وڌ تباهي سنڌ ۾ آئي هئي ۽ اڃان ٻوڏ متاثرين جو وڏو انگ دربدر آهي، پر ان ڳالهه کان هٽي ڪري سندس بيان جو اهو حصو سوچڻ بلڪه فڪرمند ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ”اگر ايندڙ ڪجهه سال مسلسل فصل تباهه ٿيا ته اها صورتحال سياسي ڀونچال آڻي سگهي ٿي“!! ڇاڪاڻ ته ٻوڏ ۾ اسان جا فصل ان ڪري تباهه ٿيا، ڇاڪاڻ ته اسان جا بند ٽُٽا، سو ڇا مسٽر ٽائيڊريو ڪوني کي به ٻيهر بند ٽٽڻ جو خدشو آهي؟؟ ٻين صوبن جي صورتحال ته مختلف آهي، پر سنڌ ۾ بند ٽٽڻ وارو سوال ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته گذريل سال جيڪي بند ٽُٽا هئا، اهي ٺاهيا ئي نه ويا آهن ته ٽٽندا ڇا؟
اربع 9 فيبروري 2011ع