سور اوريندڙ جيجل!
ڪنهن فرد، ڪنهن گروهه، ڪنهن سوچ يا ڪنهن عقيدي سان تعلق ته هر ڪو قائم ڪري وٺي ٿو، پر تعلق جي ان منزلت تائين پهچڻ جو اعزاز تمام ٿورا ماڻهو ماڻي سگهن ٿا. جنهن مقام تي ”آئون“ ختم ٿي صرف ”تون“ رهجي وڃي، جتي ڪو فرد پاڻ کي ٻئي سان ان ريت جوڙي ڇڏي جو کيس پنهنجو پاڻ به ٻئي ۾ نظر اچي. سو اصل نقطو آهي ئي جڙڻ جي ڏانءُ اچڻ جو، ۽ ان لاءِ آئون سمجهان ٿو ته بنيادي ڏاڪو پنهنجي پاڻ سان جڙڻ هجي ٿو. پنهنجي پاڻ سان جڙڻ جو مطلب خود غرضي سمجهڻ ناداني چئبي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي پاڻ سان حقيقي طور جڙي ئي تڏهن ٿو سگهي، جڏهن هو پنهنجي انا، خود غرضي، منافقي، ڪوڙ، ڪروڌ وغيره جا پاتل خول لاهڻ ۾ ڪامياب ٿئي، تڏهن ئي هو پنهنجي حقيقي روپ سان متعارف ٿي، اُن سان جڙي سگهي ٿو ۽ اگر ڪو ماڻهو پنهنجا خول لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ ئي منجهس اهو خالص جذبو پيدا ٿئي ٿو. جيڪو ڪنهن ٻئي سان حقيقي طور جڙڻ جي شڪتي ڏي ٿو. ڪير اتي اهو نقطو به اُٿاري سگهي ٿو ته خوف ۽ لالچ جهڙا احساس به ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جوڙين ٿا. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آهي، پر خوف وغيره سبب جڙڻ ائين ئي هجي ٿو، جيئن ڪنهن هڪ شيءِ کي ٻئي سان ڪچي ڌاڳي سان ٽانڪو هڻي جوڙي ڇڏبو آهي، پر هلڪي ڇڪ ان ٽانڪي کي ٽوڙي ٻنهي کي ڌار ڪريو ڇڏي، پر جنهن جڙڻ واري منزل جي پاڻ مٿي ڳالهه پيا ڪريون، اهو ان پاڻي جي ڦڙي جي ڪنهن تلاءَ ۾ ڪرڻ وارو ميلاپ هجي ٿو، جنهن کي ڌار ڪرڻ ممڪن نٿو هجي.
ڪراچي کان ڪشمور تائين جنهن به ننڍي وڏي شهر يا ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿئي ٿو ۽ اتي ماڻهن جون ڳالهيون ۽ سور ٻڌان ٿو ته مون کي اهي مسئلا ان علائقي جا نٿا لڳن، بلڪه اهي سڄي سنڌ جا مسئلا لڳن ٿا، ڇاڪاڻ ته ملير جي علائقي ۾ جيڪي مسئلا ٻڌان ٿو، اهي ٿوري گهڻي فرق سان سڪرنڊ يا ڪنڌرا يا چڪ يا ٺل ۽ ٻين هنڌن تي به ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ سڄي سنڌ سور اوري پئي. ٺل جي فضيلا سرڪي جي ماءُ جيان سنڌ ڌرتي به پنهنجن ٻچڙن جي حالت زار تي لڙڪ هاري پئي ۽ ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ڪير پٿر دل ماءُ جي درد سان جڙڻ کان رهجي سگهي ٿو، سو آئون به هر هنڌ اهي ڳوڙها، اهي دانهون، اهي سور ٻڌي ڏکائيندڙ ڪيفيت ۾ اچيو وڃان ٿو، ته ان کي ڪيئن ريجهايان، ڪهڙي تسلي ڏيان جو ڌرتي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ روڪي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته منهنجا تسلي جا لفظ فضيلا جي ماءُ لاءِ يا ڌرتي ماءُ کي ڪيئن آٿت ٿا ڏئي سگهن؟ منهنجا ٻه هٿ مختلف قسمن جا سور سهندڙ لکين مائرن جا لڙڪ صاف ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهن، پر منهنجا ٻه هٿ ان دُعا لاءِ ضرور اٿندا آهن ته ”يا پروردگار هر ماءُ جي ٻچن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رک ۽ هر اولاد کي پنهنجي ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ ڏسڻ کان محفوظ رک (آمين)“. مون کي يقين آهي ته اهڙي دعا لاءِ رڳو منهنجا هٿ نه کڄندا هوندا، بلڪه هر اُن سنڌ واسي مرد توڙي عورت جا هٿ به پنهنجي جيجل سنڌ لاءِ دُعا لاءِ کڄندا هوندا، جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي پاڻ سان، پنهنجن ماڻهن سان ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان جڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪروڙين سنڌ واسي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت، پنهنجي قوميت جي حوالي سان هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، پر زماني کان ملندڙ سورن اسان کي هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو آندو آهي، جو اسين درد جي ڌاڳي ۾ سڀ هڪ ٻئي سان جڙي رهيا آهيون. اِها الڳ ڳالهه آهي ته اسان کي ذات، برادري ۽ علائقن جي نالي ۾ هڪ ٻئي کان پري رکڻ جا جتن جاري آهن، پر درد جو رشتو ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جوڙي پيو ۽ فرق صرف اهو آهي ته اسان مان ڪجهه کي ان رشتي جي چڱي ريت پروڙ اچي وئي آهي ۽ ڪجهه اڃان ان کي سمجهڻ جي عمل ۾ آهن.
مون کي ڪراچي کان ڪشمور تائين مختلف هنڌن تي ملندڙ ماڻهن جي اکين ۾ موجود پيڙا، بي وسي ۽ ڪجهه بدلجڻ جي تڙپ ۾ هڪجهڙائي صاف نظر آئي پئي ۽ هر ٻئي اک ۾ مون کي 12 سال اڳ لکيل پنهنجي ڪالم جو عنوان لکيل نظر آيو پئي ته، ”آهي ڪو جيڪو سنڌ جي واهر ڪري“. سو آئون درد ۽ پيڙا جي قائم ٿيل ان رشتي کي ائين سمجهيو آهيان ته اسان کي پنهنجي مسئلن ۽ تڪليفن جو ادراڪ به آهي ۽ اسين انهن دردن جو درمان به چاهيون ٿا، پر غوثپور واسي يا سجاول واسي يا ٽوڙي بند ڀرسان موجود ڳوٺ جا واسي يا ڪڍڻ جا ماڻهو غرض ته هرڪو چاهي ٿو ته سندن مسئلا فوري طور پنهنجي منهن حل ٿي وڃن، پر تلخ حقيقت اها آهي ته مسئلا حل ٿيندا ته سڄي سنڌ جا ٿيندا، نه ته ڪو هڪ علائقو اڪيلي سر ڏکن ۽ تڪليفن کان آجو نٿو ٿي سگهي، سو جڏهن آئون جڙڻ جي ڳالهه ڪريان ٿو، ان جو مقصد به اهو ئي هجي ٿو ته گهوٽڪي واسي کي بدين واسي ۽ بدين واسي کي جيڪب آباد واسي، غرض ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهن کي پاڻ ۾ جڙڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن مرض ساڳيو آهي ته علاج به ساڳيو ٿيندو، جڏهن ڳوٺن جا مسئلا ساڳيا آهن، پوءِ اهي ڳوٺ لاڙ جا هجن، وچولي جا، اتر جا ته پوءِ انهن جو حل به ساڳيو ئي هوندو، ائين نٿو ٿي سگهي ته ٺٽي جي تعليم سڌري وڃي ۽ دادو جي خراب رهي يا شڪارپور ۾ امن و امان خراب رهي، باقي لاڙڪاڻي ۾ ڏوهه ختم ٿي وڃن، يا ڪراچي ۾ ڪرپشن جي ڌم لڳي پئي هجي ۽ حيدرآباد جو سرڪاري وهنوار ڪرپشن کان پاڪ ٿي وڃي. سو ڀوتار ڀلي سرڪاري خرچ تي علائقي ۾ ”باب“ ٺهرائي، ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جڙڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن، پر ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جڙڻ گهرجي، پنهنجن دردن جي خاتمي جي سوچ سان جڙڻ گهرجي، پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين جي خاتمي جي جذبي سان جڙڻ گهرجي، ان خواهش سان جڙڻ گهرجي ته ڪو وقت اهڙو آڻڻو آهي جو ٻيو ڀوتار ڪو ”باب“ نه رهي، بلڪه صرف ”باب سنڌ“ هجي.
منهنجي ديوانگي چئو يا محبت جو جنون، پر منهنجو خواب آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن آئون ڀٽ شاهه تي وڃان ۽ اکيون بند ڪري رب ڌڻي کان هٿ مٿي ڪري هڪ تبديل ۽ خوشحال سنڌ لاءِ دعا گهران ۽ ان ڏينهن اُن مهل دعا لاءِ رڳو منهنجا ٻه هٿ نه، پر اتي موجود ٻيا لکين هٿ به دُعا لاءِ گڏ کڄن، انهن سڀني جا هٿ جيڪي ڌرتي کي پنهنجي جيجل سمجهن ٿا ۽ جيجل جي اکين مان لڙڪ اُگهڻ چاهين ٿا ۽ جيڪر اهي لکين هٿ خالص جذبي سان هڪ خواهش جي تڪميل لاءِ هڪ ٻئي سان جڙي ويا ته پوءِ اهي هٿن ۾ هٿ جهلي، لکين ماڻهن جا قدم تبديلي جي منزل ڏانهن هڪ اهڙو ڪاروان بڻجي روانا ٿيندا، جنهن کي ڪو ”باب“، ڪو ڀوتارڪو ڪوٽ، ڪا ڏاڍ جي ديوار روڪي نه سگهندي ۽ سندس منزل اها ئي هوندي، جنهن جو خواب ٻلهڙيجي جي پراڻي ڪامريڊ کان ويندي ڪنڌڪوٽ جي گوليمار واري علائقي جي نوجوان جي اکين ۾ آهي، هڪ اهڙي سنڌ جو خواب، جيڪا ماءُ جي هنج جيان هجي.
اربع 15 جون 2011ع