اَهنج علاج سان ختم ٿيندا، روئڻ سان نه!
تازو ڪنڌڪوٽ ۾ ڪنهن مون کي چيو ته، ”اسان جي ضلعي جو وڏو مسئلو برادرين جو تڪرار آهي“، سندس ڳالهه ٻڌي مون کي ياد آيو ته اهڙي ئي ڳالهه مون کي شڪارپور ۾ به ٻڌڻ ۾ آئي هئي، پر وري ياد آيو ته صرف شڪارپور ڇو؟ اها ڳالهه ته گهوٽڪي، خيرپور، قمبر، سکر ويجهو ڪنڌرا ۽ ٻين هنڌن تي به ٻڌڻ ۾ آئي هئي، سو اِن ڪنڌڪوٽ واسيءَ کي چيم ته، برادرين جي تڪرار جو ناسور هجي يا امن و امان جي خراب حالت يا تعليم يا صحت، رستن جي حالت يا ڪرپشن يا ٻين انيڪ مسئلن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان سڄي سنڌ وڪوڙيل آهي، سو يا ته اهي مسئلا سڄي سنڌ ۾ حل ٿيندا يا اهي ڪٿي به حل نه ٿيندا، تنهن ڪري اسان کي اگر پنهنجو شهر يا ضلعو سڌارڻو آهي ته سڄي سنڌ ۾ بهتري آڻڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته ڪو به علائقو جزيرو نٿو ٿي سگهي ته چوطرف برائين جو گهيرو هجي ۽ وچ ۾ خرابين ۽ برائين کان پاڪ هڪ آئيڊيل قسم جو علائقو قائم ٿي سگهي، سو اگر بدلائڻو آهي ته ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڀ ڪجهه بدلائڻو پوندو.
ڪجهه ڏينهن اڳ جنهن مهل قمبر-شهدادڪوٽ بار ۾ وڪيل صاحبان سان ڪچهري پئي ڪيم، اُن مهل گرميءَ جو پد 50 ڊگري هو، سو سوچڻ لڳس ته گرميءَ کي ته اسان قدرت جو فيصلو سمجهي قبولي ورتو آهي، پر 10 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ، ڪرپشن، بنيادي انساني حقن جي چوطرف ٿيندڙ لتاڙ، انصاف ڏيڻ لاءِ ٺهيل ادارن مان ملندڙ بي انصافي-غرض ته زيادتين ۽ تڪليفن جي ان سڄي ماحول کي به ڇا اسان گرم ۽ سرد موسم جيان پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ قدرت جو فيصلو سمجهي قبولي ورتو آهي؟ ڀوتارڪي ڪلچر سبب تڪليفون ڀوڳيندڙ ماڻهو غوثپور جو هجي يا مٺيءَ جو، ٺٽي جو هجي يا ڪراچيءَ جو، هو موسم ته نٿو بدلائي سگهي پر ڇا اهو ڏهاڪن کان جاري ڀوتارڪي راڄ کي مٽائي نٿو سگهي؟ پر اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن سنڌ واسي پنهنجي گڏيل فهم سان پنهنجي گڏيل سگهه استعمال ڪندا ته پوءِ اهو ڀوتارڪو راڄ اچي پَٽ پوندو ۽ جنهن مهل سنڌ واسي پنهنجي ٻولي، پنهنجن وسيلن، جي مالڪي ڪندي پنهنجا بنيادي حق گهرڻ لاءِ ميدان ۾ آيا ته پوءِ ”سور نه رهندا ساڳيا“.آئون سمجهان ٿو ته رڳو ڏک سور پٽڻ ۽ ان تي ماتم ڪرڻ بدران انهن ڏکن، سورن جو درمان ڪرڻ کپي، علاج ڪرڻ کپي، حل ڪڍڻ کپي ۽ اهو علاج، اهو حل ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يا قوت وٽ ناهي، بلڪه اهو حل ۽ علاج سنڌ جي ماڻهن جي پنهنجي گڏيل قوت ۾ آهي. منهنجو خواب آهي ته سنڌ جي گڏيل فهم جي علامت شاهه عبداللطيف ڀٽائي وٽ ڪنهن هڪ ڏينهن لکين سنڌ واسي اچي گڏ ٿي پنهنجو پاڻ کي به ۽ ڀوتارڪي راڄ جي حامين کي اهو نياپو ڏين ته سنڌ واسي اهو فرسوده ۽ ڏاڍ تي جڙيل نظام بدلائڻ چاهين ٿا ۽ هو ائين ڪرڻ جو جذبو ۽ سگهه به رکن ٿا.
خميس 2 جون 2011ع