ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

حالتن جي سمنڊ ۾ بنا مانجهيءَ جي بيٺل سنڌ جي ٻيڙي

گذريل مهيني ڏيڍ کان جيڪو ڪجهه ڪراچيءَ ۾ ٿي رهيو آهي، ان کي پاڻ ڪهڙو نالو ڏيون؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه امن و امان جو معاملو آهي، جنهن ۾ ڊرگ مافيا يا لينڊ مافيا يا ڏوهارين جا ڪي گروپ گينگ وار ڪري رهيا آهن يا پاڻ ان کي سياست جو حصو قرار ڏيون. اگر اها گينگ وار آهي ته سرڪار ڪٿي آهي ۽ اگر سياست آهي ته اها ڪهڙي سياست آهي؟ ڇا اها ملڪي سطح جي سياست آهي، يا لساني بنيادن تي سياست آهي؟ اگر اها ملڪي سطح جي سياست آهي ته پوءِ ڪراچي جهڙيون حالتون لاهور، گجرات ۽ پشاور وغيره ۾ ڇو نه آهن ۽ اگر اها سياست لساني بنيادن تي ٿي رهي آهي ته پوءِ ظاهري طرح ٽڪراءَ ۾ آيل پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي، متحده قومي موومينٽ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جا نالا به ڪجهه ان ريت هجڻ گهرجن ها، سنڌي پيپلز پارٽي، مهاجر قومي موومينٽ ۽ پختون نيشنل پارٽي پر جڏهن اهي ڌريون ملڪي سطح جون پارٽيون هجڻ جون دعويدار آهن ته پوءِ اهي ٻولي جي بنياد تي ڪيئن نمائندگي جون دعويدار ٿين ٿيون؟ اگر معاملي کي اقتداري سياست جو ليبل هڻون ته ويتر فرسٽريشن ۾ اضافو ٿيو وڃي ته اها ڪهڙي اقتداري راند آهي، جنهن کي برقرار رکڻ لاءِ سوين انسانن جي رت جي قرباني ڏني پئي وڃي؟ عجيب تماشو جاري آهي جو ڪڏهن جنم جنم جو ساٿ نڀائڻ جا واعدا ٿين ٿا وري رساما ٿين ٿا، وري پرچاءُ ٿئي ٿو، وري جذباتي ڊائيلاگ هنيا وڃن ٿا، وري معافيون ورتيون وڃن ٿيون، وري سرچاءُ ٿئي ٿو، وري مخالفت، وري مفاهمت!! غرض ته هڪ اڻ کٽ ڦيرو آهي، جنهن ۾ سنڌ ڦري پئي، ڇاڪاڻ ته نه ئي عام سنڌ واسي جي زندگي ۾ مفاهمت ڪو ٻوٽو ٻاريو، نه ئي مفاهمت نه هجڻ سان فرق پيو، سواءِ ان جي ته ڪراچي جي امن و امان جي صورت ڪجهه بنهه اگهاڙي حالت ۾ نروار ٿي وڃي ٿي، پوءِ ان کي منٿ ميڙ ۽ ”مذاڪرات“ جا ڪپڙا ڪجهه عرصي لاءِ پارائي ڇڏبا آهن، پر ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته ڪنهن مفاهمتي پاليسي يا جذباتي بيانن سان نه ڪنهن کي ٻن ويلن جي ماني ٿي ملي، نه ئي ڪشمور کان ڪراچي تائين امن ٿو ملي، ويتر سنڌ جا ڊگهي مدي وارا مفاد ڪمپرومائيز ٿيندا پيا وڃن ۽ گڏوگڏ معاملات ايترا منجهندا پيا وڃن، جنهن جا سنڌ جي مستقبل تي ناڪاري اثر پئجي پيا سگهن.
چون ٿا ته عظيم ليڊر پيدا ٿيڻ لاءِ ٽي ڳالهيون ضروري هجن ٿيون، هڪ ليڊر جو غير معمولي ماڻهو هجڻ، ٻيو قوم جو عظيم هجڻ ۽ ٽيون حالتن جو غير معمولي هجڻ، پر جيڪڏهن ڪا هڪ ڳالهه به کُٽل هوندي ته مشهور يا ڪامياب سياستدان يا اڳواڻ ته شايد پيدا ٿي وڃي پر عظيم ليڊر نٿو پيدا ٿي سگهي. مثال طور دنيا تي حڪمراني ڪندڙ برطانوي قوم به هئي، ونسٽن چرچل تمام ڏاهو دور انديش اڳواڻ به هيو، پر اگر ٻي جنگ عظيم نه لڳي ها ته ونسٽن چرچل برطانوي تاريخ ۾ هڪ عظيم ليڊر طور نه اڀري اچي ها، ساڳئي ريت توهان دنيا ۾ گذريل سمورن عظيم ليڊرن تي اهو فارمولو لاڳو ڪري ڏسندئو ته نظر ايندو ته هو پاڻ به غير معمولي شخصيت جا مالڪ هئا ۽ سندن قوم جي به هڪ ڊگهي تاريخ ۽ تهذيب هئي، پر گڏوگڏ غير معمولي حالتن سبب اهي ليڊر اڀري سامهون آيا. ٻيهر وضاحت ڪندو هلان ته آئون هِتي ڪامياب يا پاپولر سياستدان جي ڳالهه نه پر عظيم ليڊر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪو قوم لاءِ هجي ٿو ۽ قوم هن لاءِ هجي ٿي، جيڪو پنهنجي فهم سان ڏکين حالتن ۾ قيادت ڪندي قوم کي هڪ اهڙي گس ڏانهن وٺي هلي ٿو، جيڪو رستو تڪليفن ۽ سورن کان نجات جو هجي ٿو. اهو ليڊر ڪنهن ٻئي هنڌان نازل ناهي ٿيندو، بلڪه انهيءَ قوم ۾ ئي هجي ٿو، پر ڪو وقت اچي ٿو ته قوم کيس ڳولهي/سڃاڻي وٺي ٿي ۽ هو (ليڊر) پنهنجي قوم جي دردن جو درمان ڳولهي لهي ٿو. عام طور اهو به چيو وڃي ٿو ته توهان ڪنهن جي تربيت ڪري کيس ليڊر نٿا ٺاهي سگهو، بلڪه حقيقي ليڊر ڄائي ڄم کان ليڊر هجي ٿو ۽ اها صلاحيت قدرت جي ڏات هجي ٿي. دنيا جي تاريخ اهڙن ليڊرن سان ڀريل آهي، جن پاڻ اڳتي اچي پنهنجي قوم جي اڳواڻي جو ذمو کنيو ۽ قوم کين مڃتا ڏني، پر تاريخ ۾ اهڙا مثال به ملن ٿا، جڏهن قومن پاڻ پنهنجي ليڊر کي اڳتي آندو ۽ پوءِ انهيءَ ليڊر قوم جي رهبري ڪئي.
شايد ئي ڪو مون سان اختلاف ڪري ته سنڌ هِن مهل هڪ Leaderless (قيادت کان وانجهيل) سوسائٽي آهي، جنهن کي مختلف سياسي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي دڳ تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، پر سنڌين جي اڪثريت هڪ راءِ ٿي ڪنهن هڪ سان ڳنڍيل نظر نٿي اچي، جنهن جا انيڪ سبب آهن، پر شايد بنيادي سبب اهو آهي ته سنڌ واسين جي اڪثريت کي هڪ اهڙي ليڊر جي ڳولها آهي، جنهن منجهه کين سنڌ واسين جي گڏيل ڏاهپ ۽ حوصلي جو عڪس نظر اچي. جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ پاڻ کي سنڌ واسين آڏو هڪ ليڊر طور پيش به ڪن ٿا ۽ انهن جي دعويٰ به اها ئي هجي ٿي ته هو ئي سنڌ جا حقيقي ليڊر آهن (۽ آئون سندن اهڙي دعويٰ کي رد نه ڪندس) پر الف يا ب سببن جي ڪري سنڌ واسين جي اڪثريت کين اهڙي مڃتا ناهي ڏني. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ اُن ٻيڙي جيان حالتن جي سمنڊ ۾ تري پئي، جنهن جو ڪو مانجهي نه هجي ۽ واقعن ۽ حالتن جون موجون ڪڏهن ٻيڙي کي هڪ رخ ۽ ڪڏهن ٻئي رُخ ڏانهن ڌڪينديون رهن ٿيون ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته وچ سمنڊ ۾ بنا مانجهي جي ٻيڙي منزل نٿي ماڻي ۽ ان جي ٻڏي وڃڻ جو امڪان هر وقت موجود هجي ٿو، سو حالتن جي لهرن جي رحم و ڪرم تي هلندڙ اسان جي ٻيڙي کي پار ڪير لڳائيندو؟ ڇا پنج ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌ واسي پنهنجي ٻيڙي جي (خدا نه ڪري) ٻڏڻ جو انتظار پيا ڪن؟
ڪجهه ٽرڪن يا بسن جي پويان لکيل هوندو آهي ته، ”نه انجن ڪي خوبي، نه ڊرائيور ڪا ڪمال، بس چلي جا رهي هي قدرت کي سهاري“. سو اسان وٽ ٿيندڙ سياست جو اگر غور سان جائزو وٺون ته ساڳئي صورتحال نظر ايندي. اسان وٽ ڪم ڪندڙ سياسي پارٽين/گروپن جو اگر انگ ڪڍبو ته شايد اهو باقي ٽن صوبن ۾ ڪم ڪندڙ سياسي ڌرين جي گڏيل انگ جيترو بيهندو ۽ اسان وٽ هرڪو پاڻ کي سنڌ جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد قرار ڏي ٿو. (جنهن تي آئون شڪ نٿو ڪريان) ۽ هر ڪو ڏهاڪن کان سنڌ جي خوشحالي لاءِ سياسي جدوجهد ڪرڻ جو دعويدار آهي. اِنهن ۾ ڪن کي سنڌ جي ماڻهن ووٽ جو مئنڊيٽ به ڏنو ۽ ٻين جي اخلاقي حمايت ڪئي، پر اهو سوال مون سوڌو ڪيترن ئي ماڻهن جي من اندر آهي ته ڏهاڪن جي سياسي جدوجهد باوجود آخر اسين خوشحال سنڌ ته ٺهيو، پر هر ڏينهن بدحال سنڌ ڏانهن ڇو ڌڪجي رهيا آهيون؟ آخر اها جدوجهد نتيجو ڏيندڙ ڇو نٿي ٿئي؟ ڇو سنڌ کي سندس جائز حق نٿا ملن، ڇو ڪنهن کي سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪرڻ واري سوچ اچڻ جي همت ٿئي ٿي، جو اسان جي جان ۽ مال محفوظ ناهي، ڇو اسان جي ڳچ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ مفلسي ۾ زندگي گهاري رهي آهي، ڇو گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ مجبور ٿي سفيد پوش گهراڻن جون نياڻيون جسم فروشي جهڙي ڪرب مان گذرن پيون، ڇو منشيات اسان جي سماج جي رڳن ۾ تيزي سان وڌي پئي، ڇو وياج خورن سماج کي گروي ڪري ڇڏيو آهي، ڇو اسان جي ٻولي کي مڃتا نٿي ملي، ڇو اسان جي تعليمي ادارن جي ڊگرين کي مڃتا نٿي ملي، ڇو اسان جا نوجوان بيروزگاري جي باهه ۾ سڙن پيا، ڇو برادرين جي تڪرار جي نالي ۾ سماج کي يرغمال ڪيو ويو آهي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا ”ڇو“ آهن، جن جا جواب نٿا ملن. اسان جي سياسي مارڪيٽ ۾ چوطرف کان مختلف ڳالهيون، مختلف نعريٰ، مختلف وعدا ۽ مختلف آسرن جا هوڪا ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا ۽ هر ڪو ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري پيو، پر ماڻهن جي وڏي اڪثريت لاتعلق نظر اچي ٿي، ائين ڇو آهي؟ ان جا هر ڪنهن وٽ پنهنجا پنهنجا جواز ۽ تشريحون هونديون، پر تلخ حقيقت اها ئي آهي ته خلق خدا جي وڏي اڪثريت پاڻ کي پاسيرو رکيو ويٺي آهي، پر اها به حقيقت آهي ته مسئلا انهيءَ اڪثريت جا آهن ۽ اهي مسئلا حل به سياسي قيادت ئي ڪري سگهي ٿي ۽ اها قيادت آسمان مان به اوچتو نازل نه ٿيندي ته پوءِ ۽ نيٺ ڇا ٿيندو؟
ان جو هڪ جواب اهو آهي ته بنا مانجهي جي ٻيڙي جيان سنڌ حالتن جي رحم و ڪرم تي جيترو هلي سگهي، اوترو هلندي رهندي، ڪو ان کي هڪڙي پاسي ڌِڪڻ جي ڪوشش ڪندو ڪو ٻئي پاسي، وري ٽيون ٽئين پاسي. اگر چونڊون ٿيون ته به اسان وٽ ڀوتار اينڊ ڪمپني بلا مقابلا سنڌ کان کٽي ويندي. اگر ايندڙ عرصي ۾ ڪي ٻيون مصيبتون نازل ٿيون ۽ سازشون رٿيون ويون ته ڇڙ وڇڙ سماج وٽ ڪا اهڙي فهم ڀريل قيادت جنهن وٽ عوام جي اڪثريت جي سگهه هجي، يعني مينڊيٽ هجي نه هوندي، جيڪا ان مصيبتن کي عقل ۽ حوصلي سان منهن ڏئي سگهي، باقي روزاني جي بنياد تي عام ماڻهو جيڪو ڀوڳي پيو، اُنهن ڀوڳنائن ۾ گهٽتائي بدران واڌارو ئي ٿيندو ويندو. ٿي سگهي ٿو ته ڪير اهو سوچي ته آئون مايوسي ڀريل منظرنامو پيش ڪري رهيو آهيان، پر آئون بي رحم ٿي ”نيٺ ڇا ٿيندو؟“ واري نقطي جو تجزيو پيو ڪريان، پر ان تجزيي جو بنياد ان ڳالهه تي آهي ته ٻيا سمورا فيڪٽرز Constant (ساڳيا) رهن، پر جيڪر سماج ۾ سياسي طرح وڏي اٿل پٿل آئي ته يقينن منظرنامو مٽجي ويندو، اگر خلق خدا جي اڪثريت جيڪا هِن مهل ڇڙ وڇڙ ۽ سياست کان لاتعلق بڻيل آهي، گڏجي ڪنهن هڪ محور سان جڙي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ته پوءِ اهو ڪجهه ٿيندو، جيڪو ٿيڻ ۽ ائين ٿيندي ڏسڻ جي خواهش هر سنڌ واسي جي آهي. سنڌ کي خوشحال ۽ ترقي ورتل ٿيندي ڏسڻ جي خواهش ظاهر آهي ته هر سنڌ واسي جي من ۾ آهي، پر ان منزل تائين پهچڻ جي صحيح واٽ اسان کي ڪنهن ٻئي کان پڇڻ بدران پنهنجي پاڻ کان پڇڻ گهرجي. سنڌ کي پنهنجي اجتماعي چڱائي جو گس پنهنجي ئي اجتماعي فهم مان ڳولهڻو پوندو. آئون سمجهان ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي اجتماعي ڏاهپ ۽ فهم جو Icon (علامت/سڃاڻپ) آهي، تنهن ڪري ڪنهن هڪ ڏينهن سڄي سنڌ کي اتي گڏجي پنهنجي گڏيل فهم سان ان واٽ ڏانهن سفر جو آغاز ڪرڻ گهرجي، جنهن جي منزل هڪ خوشحال سنڌ آهي. سو ”نيٺ ڇا ٿيندو؟” جي سوال جو هڪ جواب هٿ تي هٿ رکي حالتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ آهي، ۽ ٻيو رستو پاڻ پنهنجي قسمت جي ڌڻي ٿيڻ جو آهي، هاڻي فيصلو سنڌ واسين کي ڪرڻو آهي ته هو ڪهڙي واٽ وٺن ٿا.

ڇنڇر 30 جولاءِ 2011ع