سنڌ، جيڪا اسين آهيون!
”ڪنهن جڏهن مون کان اهو سوال ڪيو ته، ”ڇا اکين ۾ برف ڄمي سگهي ٿي؟“ ته ان سوال تي ڪافي دير تائين سوچ ۾ پئجي ويس ۽ مون کي سوين اهڙيون اکيون ياد اچي ويون، جن ۾ برف ڄمي وئي هئي ۽ منجهي پيس ته انسان جي اها ڪهڙي ڪيفيت هجي ٿي، جڏهن سندس اکين ۾ برف ڄمي وڃي ٿي؟ شايد ڪن جي اکين جو پاڻي تڏهن برف ٿيو وڃي، جڏهن سندس اکين ۾ اها حدت يا گرمي نٿي رهي، جيڪا پاڻيءَ کي برف ٿيڻ کان بچائي سگهي ۽ مظهرالاسلام چواڻي ته، ”محبت جو ٻج ته پوکيو ئي اکين جي پاڻيءَ سان ويندو آهي.“ ڇا محبت خدا سان ٿي سگهي ٿي، خلقِ خدا سان نه؟ ڇا محبت هڪ فرد سان ڪجي، سڄي انسانيت سان نه؟ ڇا محبت رڳو پنهنجي ڪٽنب سان، سڄي سماج ۽ معاشري سان نه ڪجي، جنهن جو اهو ڪٽنب هڪ ننڍڙو حصو آهي؟ اگر رڳو I love you ۽ I miss you چوندڙن کي محبتي ماڻهو چئبو آهي ته پوءِ خلقِ خدا سان، ڌرتيءَ سان ۽ پنهنجي معاشري سان محبت ڪندڙن کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ پوءِ ڇا مدر ٽريسا کي، عبدالستار ايڌيءَ جهڙين شخصيتن کي صرف سماج سيوڪ چئي/ قرار ڏئي انهن جي اندر موجود انسانيت لاءِ اٿاهه محبت کي نظرانداز ڪري ڇڏجي؟ ڇا دنيا جي انهن انيڪ ماڻهن، جن پنهنجي حياتي ڌرتيءَ جي محبت ۾ وڃائي ڇڏي، کي صرف نظرياتي ماڻهو قرار ڏئي انهن جي لازوال محبت کان اکيون بند ڪري وٺون، صرف ان ڪري جو انهن صرف ليليٰ يا صرف هير، صرف سسئي يا ڪنهن هڪ محبوب لاءِ نه، پر لکين ڪروڙين ماڻهن سان محبت ڪئي؟ اگر لوڪ داستانن ۾ ڪنهن عاشق پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ سختيون سٺيون، ته نيلسن منڊيلا ۽ اڄ برما جي سوڪي به لکين ماڻهن جي محبت ۾ قيد و بند جون صعوبتون برداشت ڪري پئي، اتي مقصد مجنون بمقابلا نيلسن منڊيلا يا سسئي بمقابلا سوڪي ناهي، پر چوڻ ايترو چاهيان ٿو ته اهي سڀ محبت ڪندڙ ماڻهو هئا/ آهن ۽ ڪنهن محبت ڪندڙ کي سڀ کان وڌيڪ پيڙا ٿئي تڏهن ٿي، جڏهن سندس محبت جي جذبي کي ڏسندڙ جي اکين ۾ برف ڄمي وڃي، پوءِ اهو ڏسندڙ ڪو هڪ شخص هجي يا سماج هجي، ڇاڪاڻ ته جيئن مٿي چئي آيس ته جڏهن ڪنهن فرد يا سماج جي اندر جو هيٽر گهربل گرمي پيدا ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ته اکين ۾ محبت کي ڏسڻ ۽ پيدا ڪرڻ وارو پاڻي ڄمي وڃي ٿو ۽ انسان مرزا غالب جي ان شعر جيان ٿيو وڃي:
ہوا جب غم سے بے حس تو غم کیا سر کے کٹنے کا
نہ ہوتا تن سی جدا تو زانوں پر دھرا ہوتا !
آئون جڏهن چڪ شهر ۾ چئن نوجوانن جي بي درديءَ سان قتل واري ڏکوئيندڙ خبر ٻڌان ٿو ته سوچ اچي ٿي ته سنڌ ڌرتي جا اهي ٻچا ايترا غير محفوظ ڇو هئا، جو ڪنهن رهزن اک ڇنڀ ۾ کين پنهنجن کان سدائين لاءِ جدا ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڌرتي تي پنهنجن جي ئي بي وسي ۽ نڌڻڪائپ جو تصور ڪندي اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجي اچي. ڳوڙها ته فضيله سرڪي جي ماءُ جا سڏڪا ٻڌي ۽ عمران جوکيو جي امڙ جون رڙيون ٻڌي به روڪي نٿا رڪجن، جيڪي پنهنجن ٻچن سان ملڻ جي آس ۾ جيئري هوندي به ڄڻ مري چڪيون هجن. بند ٽٽڻ ۽ سم نالا اٿلڻ سبب ٿيل لکين، لکين ماڻهن جي دربدري، مفلسي ۽ بي وسي پسي وري من اندر اهو خيال اچي ٿو ته هي ديس واسي ايترا نڌڻڪا ڇو ٿي ويا آهن ۽ انهن جي واهر ڇو نٿي ٿئي ته دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. اُن نوجوان جي اها ڪيفيت سوچي ڪري ئي وار ڪانڊارجي وڃن ٿا، جڏهن هو بي روزگاري سبب مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي پاڻ مٿان پيٽرول هاري تيلي ڏئي رهيو هجي ٿو، جڏهن ڪا ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي نوڪري لاءِ رشوت جا پيسا گڏ ڪرڻ لاءِ پنهنجي هٿان پاڻ پنهنجي عزت جو سودو ڪري رهي هجي ٿي يا جڏهن گهر جي در تي اوڳاڙيءَ لاءِ آيل وياج خور جون گاريون ٻڌي به پيرسن پيءُ پنهنجو پٽڪو اُن جي پيرن تي رکي ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري رهيو هجي ٿو. اکيون ته تڏهن به ڀرجي اچن ٿيون، جڏهن پنهنجي مينهن يا ڍڳو وڪڻي پيسا کڻي پنهنجي پٽ جو علاج ڪرائڻ لاءِ شهر پهتل همراهه کي اسپتال وارا اهو ٻڌائي رهيا هجن ٿا ته ايترن پيسن ۾ تنهنجي پٽ جو علاج ممڪن ڪونهي، ان کي واپس ڳوٺ کڻي وڃ يا هڪ ماءُ کي اها خبر پئي ٿي ته برادري جي تڪرار ۾ مارجي ويل سندس ڳڀرو پٽ جي خون جو معاوضو جرڳي ۾ ٿيل فيصلي ۾ ڀوتارن سوا يا ڏيڍ لک روپيا مقرر ڪيو آهي، يا اُن ماءُ پيءُ تي ڇا گذرندي هوندي جن وٽ پنهنجي اولاد جي علاج لاءِ پيسا ته هئا، پر سندن معصوم ڌيءُ يا پٽ ان ڪري هي جهان ڇڏي هليو ويو، جو علاج لاءِ استعمال ڪيل دوائون نقلي هيون.
چئوطرف انيڪ درد ڪهاڻيون ڏسون ۽ ڀوڳيون پيا ۽ انهن اڻ کٽ درد ڪٿائن کي ڏسندا ئي وڃون پيا، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه اسان جي نصيب جو حصو آهي. اسان پنهنجن تباهه ٿيل روڊ رستن جي ڪري ٿيندڙ انساني جانين جي نقصان کي حادثا چئي ان کي به نصيب چئون ٿا، اهو سوچڻ بدران ته جيڪڏهن اسان جا هائي ويز ۽ روڊ رستا سٺي حالت ۾ هجن ته اهي حادثا نه ٿيڻ جي برابر رهجي وڃن، جيڪڏهن حڪومتي پاليسي ٺيڪ هجي ها ته يوريا جي ٻوري ٻه هزار رُپين ۾ وڪرو نه ٿئي ها، جعلي زرعي دوائون ۽ ٻج مارڪيٽ ۾ نه وڪرو ٿين ها. جيڪڏهن ڊرينيج جو نظام ٺيڪ هجي ها ته برساتن جو پاڻي اسان جي شهرن، ڳوٺن ۽ ٻنين ۾ بيٺل نه هجي ها، سم نالا نه اُٿلجن ها، جيڪڏهن ڪرپشن جي ٻوڏ نه هجي ها ته بند نه ٽٽن ها، جيڪڏهن قانون جي حڪمراني هجي ها ته ڪراچي ۾ ٻورين ۾ بند لاش نه ملن ها ۽ نه ئي ڀتا خوري ٿئي ها ۽ ڪنهن ۾ همٿ نه هجي ها ته سنڌي شاگردن کي ڪراچي ۾ داخلائون وٺڻ کان روڪي سگهي. اسان جي صوبي ۾ هفتي کن کان ڪو به نظام ڪونهي، پر حڪمران چون ٿا اسان وٽ عوام جو مينڊيٽ آهي، جيڪو وڻي اهو نظام ڏينداسين ۽ وڻي ته مرڳو ڪو به نظام نه ڏينداسين، پر اهو معاملو هجي يا اهڙا ٻيا انيڪ مسئلا، ناانصافيون ۽ ڏاڍايون هجن، اسان اهو سڀ ڪجهه، اهو سڄو تماشو خاموشي سان ڏسي رهيا آهيون. پر اسان ڪير آهيون؟ اسان اهي آهيون، جيڪي عدالتن ۾ انصاف لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهيون، اسين جيڪي اسپتالن ۾ معياري علاج ۽ اسڪولن ۾ معياري تعليم لاءِ واجهائي رهيا آهيون، اسين اهي آهيون جيڪي حڪومتي نااهلي سبب پنهنجا شهر ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب امدادي ڪيمپن ۾ مانيءَ ڳڀي لاءِ هٿ ٽنگي رهيا آهيون، اسين جيڪي پوليس، روينيو يا ايريگيشن کاتي مان جائز ڪم وٺڻ لاءِ به ڀوتار جي اوطاق ۾ پٽ تي ڀوتار جي اچڻ جو انتظار ڪندڙ آهيون، جيئن ڀوتار چٺي لکي ڏي يا فون ڪري ته اسان جو جائز ڪم ٿي سگهي ۽ موٽ ۾ اسين ڀوتار جي پيرن تي هٿ رکي ايندڙ نسلن تائين سندس ٿورن جي بار ۾ دٻجي وڃون، اسين اهي آهيون جيڪي پنهنجي ڇهن سالن جي نياڻي کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ وارو ڀوتارڪو حڪم مڃڻ لاءِ پابند آهيون، اسين اهي آهيون جيڪي ڀاءُ، سوٽ، ماسات، چاچي يا مامي جي ذاتي دُشمني پاڙڻ لاءِ هر وقت بندوق يا ڪهاڙي جي وار هيٺ اچي ڪاري ٿيڻ لاءِ تيار هجن ٿيون. اسين اهي مائرون آهيون جنهن جا ٻچا ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن، اسين اهي ئي آهيون جيڪي دهشتگردن هٿان ماريل ڳڀرو پٽن جا لاش پنهنجن ڪلهن تي کڻي دفن ڪري اچون ٿا، اسين اهي معصوم ٻار آهيون، جنهن جي هٿن ۾ ڪتابن بدران بسڪٽن جو ٿال يا بوٽ پالش ڪرڻ جو دٻو آهي، اسين اهي نوجوان آهيون، جنهن جي اکين ۾ مايوسي ڇانيل آهي. اسين هڪ قوم آهيون، اسين هڪ سماج آهيون، پر اهڙو سماج جيڪو خوشحالي ڏانهن وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن خراب حڪمراني جي عذاب سبب بدحاليءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجندا پيا وڃون.
مٿي بيان ڪيل اسان جي اڄ جي احوال کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري، پر ان ڳالهه کان به ڪير انڪار نه ڪندو ته اسان جو ماضي ائين نه هيو، پر اهو ماضي هيو ۽ اڄ جون حالتون اهو ٻڌائين ٿيون ته جيڪڏهن اسان اڄ اهو بدلائڻ نه اٿياسين ته هر ايندڙ سڀاڻي اسان جي حالتن کي ويتر بدحالي وارين حالتن ڏي ڌڪيندو ويندو. اسين اڄ رُڳو هڪ ٻئي سان حال ۽ سور اوري رهيا آهيون پر سور ۽ تڪليفون ونڊڻ سان دل جو بار ڀلي گهٽجي پر ان سان مسئلا ختم ناهن ٿيندا. اسان کي پنهنجو اڄ سڌارڻو پوندو، جيئن سڀاڻي اسان کان ڪير پڇي ته توهان ڪير آهيو ته جواب اهو هجي ته ”اسين اهي آهيون جتي ڪرائيم ريٽ (ڏوهاري ڪارروائيون) نه هجڻ برابر آهن، جتي تعليم جي شرح 90 سيڪڙو کان مٿي آهي، جتي غربت جي ليڪ کان هيٺ هڪ سيڪڙو به ماڻهو ناهن، جتي ڪاري ڪامڻ، ٽي بي، پوليو وغيره بيماريون ناهن ۽ اسپتالن ۾ معياري علاج ٿئي ٿو. اسين اهي آهيون جتي عورتن سان متڀيد وارو رويو ناهي رکيو ويندو، غرض ته اسين هڪ پرامن ۽ خوشحال ڌرتي جا خوشحال ماڻهو آهيون.“
آئون به ان اڄوڪي ”اسين“ جو حصو آهيان ۽ اهو منهنجو خواب آهي ته آئون سڀاڻي هڪ ترقي ورتل ۽ خوشحال سماج جو حصو هجان. آئون سمجهان ٿو ته اهو رڳو منهنجي اڪيلي جو خواب ناهي ۽ نه ئي ان جي خواب جي ساڀيان ڪنهن هڪڙي فرد جي وس جي ڳالهه آهي، تنهن ڪري منهنجي خواهش آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن اهو خواب اکين ۾ کڻي سنڌ جي خوشحالي جي دعا گهرندڙ شاهه لطيف جي اڱڻ ۾ اسين لکين ماڻهو ڀٽ شاهه تي گڏجون ۽ جيڪڏهن اتي موجود لکين ماڻهن کان ڪير پڇي ته توهان ڪير آهيو ته هو سڀ اهو چون ته، ” اسين ڪراچي کان ڪشمور تائين رهندڙ سنڌ واسي آهيون، جيڪي هِتي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪرڻ آيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان ڄاڻون ٿا ته محبت ۽ ايڪتا ۾ وڏي قوت هجي ٿي، جنهن آڏو ڏاڍ ۽ زيادتين جا جبل بيهي نه سگهندا. اسين اهي آهيون، جيڪي ڏهاڪن کان ٿيندڙ ڏکن ۽ دردن جي ڪهاڻي جي پڄاڻي چاهيون ٿا. اسين خوشحال سنڌ جي خواب جي ساڀيان واري منزل جا پانڌيئڙا آهيون، اسين سنڌ کي ماءُ جي هنج جهڙي تحفظ، شانتي ۽ محبت ڀريل سماج ۾ بدلائڻ جا علمبردار آهيون.“ ننگرپارڪر، ڪاڇي، ناري وارن علائقن کان ويندي اسان جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن مان مرد، عورتون، ٻار، ٻڍڙا، قافلن ۽ ٽولين جي صورت ۾ هڪ ئي خواب کڻي لکن جي انگ ۾ هڪ هنڌ گڏجڻ کي ٿوري دير لاءِ تصور ئي ڪبو ته هر اُن سنڌ واسي جي اک ۾ خوشي جا لڙڪ لڙي ايندا، جنهن جي اکين ۾ برف ڄمي نه هوندي، ڇاڪاڻ ته محبتين جو اهو ميڙاڪو سنڌ سان محبت جي اهڙي شروعات هوندي، جنهن جي پڄاڻي تي سنڌ جي خوشحالي ٿيندي ۽ سنڌ ڪير؟ سنڌ جيڪا آئون به آهيان، سنڌ جيڪا توهان به آهيو، سنڌ جيڪا اسين آهيون.
خميس 10 نومبر 2011ع