آپشن جي ڳولا!
ان اڳوڻي سفير صاحب جي ڳالهه ڪنهن هڪ فرد جي سوچ نه پر اسان ڀوتارن جي ذهنن ۾ موجود گڏيل تاثر آهي، پوءِ اهي ڀوتار پ پ ۾ هجن يا پ پ جا مخالف هجن، يا اسان جا ڪجهه دانشور ۽ ڪجهه قومپرست اڳواڻ به اهو سمجهن ٿا ته سنڌي ماڻهن جو سياسي شعور اڃا ايترو ناهي، جو هو ڏهاڪن کان جاري ان ڀوتارڪي ڪلچر مان آجا ٿي سگهن. آئون سمجهان ٿو ته اهي صاحب لوگ ڀليل آهن، ۽ يقينن 1988ع وارين چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ تائين به ڪنهن کي اهو يقين نه اچي ها ته سنڌي ماڻهو ڇا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ساڳي ريت 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪندڙن، توڙي ٻين ڌرين کي شايد اهو اندازو ئي نه هو ته سنڌي ماڻهن جي گڏيل ڪاوڙ جا شعلا ايترا ڀڙڪي اٿندا، جو ڪراچي کان ڪشمور تائين رڳو باهه ئي باهه هوندي. حيرانگيءَ ۾ ته اڪثر ڌريون 6 ڊسمبر 2009ع ۽ 24 جنوري 2010ع تي به وٺجي ويون هونديون، جڏهن لکين، لکين سنڌ واسين پنهنجي ثقافت، پنهنجي معيشت ۽ پنهنجي قومي جاڳرتا جي ثبوت طور ايڪتا جو مظاهرو ڪيو. انهيءَ ريت، اڄ ڪير مڃي نه مڃي، پر سماج ۾ معياري تبديلي لاءِ جڏهن به سنڌ واسين پنهنجو گڏيل فهم ۽ حوصلو ڪتب آندو ته هاڻوڪي فرسوده سياسي ڪلچر جا امين ٻيهر دنگ رهجي ويندا.
اڄڪلهه اقتداري دُنيا جي ڄاڻو حلقن ۾ بحث ان ڳالهه تي وڌيڪ آهي ته اقتداري ايوانن ۾ هلندڙ ان وٺ وٺان جو انجام ڪٿي بيهندو ۽ بنهه سولي سنڌي ۾ ته ڇا ان جو انجام ڪنهن ٻئي سولين سيٽ اپ، جنهن ۾ پارليمينٽ اندران تبديلي، ٻيهر عام چونڊن وغير جهڙو انجام ٿيندو يا مورڳو سڌي يا اڻ سڌي ريت فوجي راڄ اچڻ هوندو؟ ان سوال جي جواب ۾ به پاڻ ڪو ڳورو ۽ ڳنڀير تجزيو ڪرڻ بدران سولي ڳالهه ڪيون ٿا ته ”جيڪڏهن پارليمينٽ اندران تبديلي آئي ته اها نئين حڪومت ميان نواز شريف جي محتاج هوندي، پر ميان نواز شريف اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا وٽ وڌيڪ سخت گير شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو پر بهر حال پي پي کانپوءِ ٻئي وڏي پارٽي نواز ليگ ئي آهي، پر نواز ليگ جي خواهش مڊ-ٽرم چونڊون آهي، پر مڊ-ٽرم چونڊن جي حق ۾ اسٽيبلشمينٽ نظر نٿي اچي، ۽ سڌي يا اڻسڌي ريت مارشل لا جي حق ۾ وري بين الاقوامي حالتون ناهن.“ سو جيڪڏهن ان تجزيي سان پاڻ اتفاق ڪيون ته ڳالهه اتي بيهي ٿي ته هاڻوڪي سيٽ اپ جي وڃڻ جي راهه ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ ڪو موزون متبادل نه هجڻ آهي، پر اها ڳالهه به غلط نه چئبي ته جڏهن ڪو به بحران ڊگهو وقت برقرار رهي ٿو ته هڪ اهڙو وقت به اچيو وڃي، جڏهن ڪنهن سوچيل سمجهيل آپشن بدران ان بحران جو هر صورت خاتمو خود هڪ آپشن بڻجيو وڃي. ٻئي طرف ڪجهه تجزيا نگارن جو خيال ان جي ابتڙ آهي ۽ انهن جو چوڻ آهي ته اقتداري سرشتي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، پر اقتداري دنيا ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ به برقرار رهندي ۽ حڪومت باقي بچيل سوا ٻن سالن جو مدو به پورو ڪندي. اهي تجزيي نگار ان صورتحال کي ”چيڪ اينڊ بيلنس“ جو پاڪستاني ماڊل طور قرار ڏيندي ڪجهه ان ريت چون ٿا ته، ”عدليا ۽ حڪومت جو هڪ ٻئي مٿان ۽ ٻنهي جو اسٽيبلشمينٽ مٿان ۽ اسٽيبلشمينٽ جو انهن ٻنهي مٿان اهو چيڪ اينڊ بيلنس پيدا ٿيل آهي ۽ اها صورتحال آمريڪا بهادر کي به پسند پئي اچي!!“.
جتي اقتداري دنيا ۾ حڪومت مخالف ڌريون ڪو موزون آپشن/متبادل نه هجڻ سبب هلندڙ سيٽ اپ کي ئي برداشت ڪندي نظر اچن پيون، اُئين ئي سنڌ ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ فرسوده سياسي ڪلچر جا مخالف تبديلي پسند ڪو آپشن/متبادل نه هجڻ ڪري انهيءَ ڪلچر کي ڀوڳڻ لاءِ مجبور نظر اچن ٿا، پر انهن وٽ اهو بحث زور و شور سان جاري آهي ته جمود پسندن کان جند ڪيئن آجي ڪرائجي؟ تبديلي پسند ماڻهن منجهه به هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جو متبادل ڳولهڻ جي تڙپ وڌندي پئي وڃي. تازو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تمام گهڻن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شهرين ۽ ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ٿيون، ائين ناهي ته اهو ڪو پهريون ڀيرو ٿيو آهي، بلڪه ان کان اڳ ماضي ۾ به کوڙ ڀيرا سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اهڙيون ڪچهريون ڪندو رهيو آهيان، پر هِن ڀيري جيڪا ڳالهه خوشگوار، پر حيرت انگيز حد تائين مختلف نظر آئي، اها هئي ماڻهن جي تبديلي جي تصور سان شناسائي. هِن ڀيري ماڻهن جي اڪثريت کي ان ڳالهه جي چٽي ريت پروڙ هئي ته جڏهن سياسي ڪلچر ۾ معياري تبديلي جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان جو سڌو مطلب عام ماڻهن جي معيارِ زندگي ۾ بهتري اچڻ هجي ٿو. جيتوڻيڪ ماڻهن جي ذهنن ۾ ان ڏس ۾ مختلف سوال هئا/آهن، پر تبديلي جي تصور سان اجنبيت جو خاتمو منهنجي نظر ۾ خود هڪ وڏي تبديلي آهي.
اڄ کان چاليهه سال اڳ جڏهن بند ڪمرن ۾ سياست وارو ڪلچر رائج هيو ته ان مهل هڪ شخص ذوالفقار علي ڀٽو اُن مهل جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪئي ۽ عوامي شرڪت واري ڪلچر کي عوام ۾ متعارف ڪرايو. هن پارٽي سياست ۽ پاپولر سياست جي ويسٽ پاڪستان ۾ شروعات ڪئي، جنهن جي ڪاميابي 40 سال اڳ واري سياسي ڪلچر ۾ ذري گهٽ ناممڪن تصور ڪئي ويندي هئي، پر ان مهل عوام ان تبديلي جي سڏ کي ورنايو ۽ بعد ۾ باوجود آمريتي حڪومتن جي ڪير به ان تبديليءَ جي ٻج کي عوام منجهان پاڙ مان اکيڙي نه سگهيو، پر بدقسمتي سان بعد جي 40 سالن ۾ ان عوامي سياست واري ڪلچر ۾ نه صرف ڪا بهتري نه اچي سگهي، بلڪه سگهارين ڌرين ۽ سگهارن فردن ان عوامي سياسي ڪلچر جي بنيادي روح کي مٽائي ڀوتارڪي سياسي ڪلچر ۾ مٽائي ڇڏيو. سو اڄ جڏهن آئون سياسي ڪلچر ۾ خلقِ خدا جي طاقت ذريعي تبديلي اچڻ جي ڳالهه ڪريان ٿو ۽ ڪجهه اڪابر اهڙي تبديلي کي ناممڪن قرار ڏين ٿا ته انهن جي خدمت ۾ عرض اهو آهي ته جيڪڏهن 40 سال اڳ جڏهن سياسي شعور ايترو پختو به نه هو، تڏهن سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو عمل عوام ڪري ڏيکاريو ته اڄ جڏهن سماج ۾ جاڳرتا به اڳ کان وڌيڪ آهي ته پوءِ سياسي ڪلچر ۾ تبديلي اچڻ ڪيئن ناممڪن چئجي؟
گذريل سال جيان هن سال به ڊسمبر ۾ جڏهن سنڌ واسي ايڪتا ۽ جاڳرتا جو ڏهاڙو ملهائيندا ته منهنجي خواهش آهي ته لکين ڪروڙين سنڌي مرد توڙي خواتين پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ رنگجي ڪراچي کان ڪشمور تائين هڪ انساني زنجير جو ڏيک ڏين ۽ پاڻ سان، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان محبت جي اظهار جي ان خوشين ڀري ڏهاڙي تي هڪ منٽ لاءِ اکيون بند ڪري پنهنجي پاڻ سان وچن ڪن ته، ”اسين سماج ۾ معياري تبديلي ضرور آڻينداسين.“
خميس 28 آڪٽوبر 2010ع