ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

دعا آهي ته ڪهاڻي حقيقت بڻجي وڃي

هو بيٺو ته نياز ۽ ارشاد سان گڏ هو پر سندس اکيون ميلن تائين پکڙيل پاڻيءَ ۾ ائين کپيل هيون، ڄڻ هو ڏهاڪن کان اتي بيٺو ائين ئي پاڻي ڏسي رهيو هجي، ڄڻ ان پاڻيءَ سان ظهير جو ڪو خاص رشتو هجي، شايد محبت جو، يا شايد برباديءَ جو. ظهير جي ايندڙ مهيني آڪٽوبر جي 12 تاريخ تي شادي رٿيل هئي، گلان، جيڪا سندس محبت هئي، سندس زندگي هئي، هو ۽ گلان هڪ مهيني کانپوءِ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارا هئا پر ..... هو ٽئي ڄڻا ائين خاموش بيٺا هئا، ڄڻ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا ئي نه هجن، صرف پاڻي جي وهندڙ وهڪري جو آواز اچي رهيو هو. اوچتو نياز سانت ٽوڙيندي چيو: ”ارشاد، چاچي لقمان جو ته سڄو ويڙهو ئي ويران ٿي ويو، سڄو مال به لڙهي ويس ۽ جوان پٽ به ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويو.“ ارشاد ٿڌو شوڪارو ڀري آسمان ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي چيو ته، ”بس يار، جيڪو قدرت کي منظور“. پوءِ نياز ڏانهن نهاريندي، ”2010ع کي ٻه سال گذري ويا پر امان کي اڃا ڀاءُ منطور جو موت نٿو وسري.... ماءُ آهي نه!“ ارشاد جي اکين ۾ پاڻي تري آيو ۽ اهو ڏسي نياز کيس وڌي وڃي آٿت ڏيندي چيو: ”بس جيڪو نصيب ۾ هو.“ ظهير پاڻي ڏانهن ئي اکيون رکندي (تلخ لهجي ۾)، ”قدرت کي منظور يا جيڪو ڀوتارن کي منظور؟!“ ارشاد سندس اشارو سمجهندي ڏک ڀري مرڪ سان: ”ظهير ڀائو، اهي ڀوتار به ته اسان جي نصيب جو حصو آهن نه.“ ظهير، ارشاد ڏانهن مڙندي، ”يار، ڄٽن واريون ڳالهيون نه ڪر، اهي ڀوتار قدرت اسان مٿان نه مڙهيا آهن، بلڪه اسان پاڻ وڏن کان وٺي انهن کي پاڻ مٿان ٿاڦيو ويٺا آهيون.“ نياز بيوسي واري انداز ۾ ڪنڌ هيٺ ڪندي، ”پر اسين ڪري به ڇا پيا سگهون، ظهير؟“ پرعزم انداز ۾ نياز جي ڪلهي تي هٿ رکندي، ”گهڻو ٿي ويو، هاڻ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو“. پيشانيءَ تي هٿ رکندي، ارشاد: ”پر پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون؟“ ”پاڻ گهڻو ڪجهه ڪري پيا سگهون“ ظهير جي آواز ۾ صرف ڪاوڙ نه پر عزم به هو، ”پاڻ کي پنهنجا بند مضبوط ڪرڻا آهن، برساتي پاڻي جي نيڪال جو نظام بهتر ڪرڻو آهي، امن و امان ٺيڪ ڪرڻو آهي، تعليم، صحت، روڊ، رستا - غرض ته هر شئي سڌارڻي آهي“. نياز بي تڪلفي واري انداز ۾ کلندي: ”ارشاد، هن جو دماغ ڦريو آهي، شادي ڇا ملتوي ٿي اٿس، مڙس صفا وائڙن واريون ڳالهيون پيو ڪري“. ارشاد به مرڪندي ظهير جي پٺي ٺپريندي طنز واري انداز ۾: ”ظهير ڀائو، حوصلو، جذباتي نه ٿي، پاڻ ٽي ڄڻا ڀلا اهو ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ پاڻ وٽ ڪهڙي حڪومت آهي، جو هي سڀ ڪجهه سڌاري ڇڏيون؟“ ٻنهي جي ٽوڪ ۽ مذاق کي نظر انداز ڪندي، ظهير مضبوط آواز ۾ چيو: ”پوءِ اچو حڪومت کي هٿ وس آڻيون“. سندس ڳالهه ٻڌي ارشاد ۽ نياز ويتر زور سان کلڻ لڳا ۽ جڏهن بس ڪيائون ته ظهير سنجيده لهجي ۾ چيو ته، ”جيستائين اسان پنهنجي بربادي تي صرف روڄ پٽڪو ڪندا رهنداسين ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺندڙن تي چٿر ڪندا ۽ کلندا رهنداسين، تيستائين هي تباهي ۽ بربادي اسانجي مقدر بڻيل رهندي“. ظهير جي سنجيدگي ڏسي هي ٻئي به سنجيده ٿي ويا ۽ نياز سوال ڪيو ته، ”يار، ناراض نه ٿي، حڪم ڪر، اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟ سنگت سان سر لڳي.“ ظهير افسوس واري تاثر سان، ”ڀائو، ڪجهه ڪرڻو آهي ته پنهنجي لاءِ ڪريو، مون تي يا ڪنهن ٻئي تي ٿورو نه ڪريو“. ارشاد ٿورو بيزار ٿيندي، ”ها، ها ..... پر ٻڌائي ته سهي ته ڪرڻو ڇا آهي؟“ ظهير ٻنهي ڏانهن نهاريو، جيڪي هاڻ سنجيده نظر اچي رهيا هئا ۽ کين ٻڌائڻ لڳو.
ٽن ڏينهن کانپوءِ مامي گلوءَ جي چانهه جي هوٽل تي ٽيهارو کن ماڻهو گڏ ويٺل هئا ۽ ظهير انهن آڏو بيٺو ڳالهائي رهيو هو: ”توهان سڄي سنگت کي خبر آهي ته پاڻ اتي ڇو گڏ ٿيا آهيون! تنهنڪري آئون ورجاءُ نٿو ڪريان پر اهو ضرور چوان ٿو ته اگر پاڻ مڙسي ڪريون، ايڪتا ڪريون ته منزل ضرور ماڻي ٿا سگهون. ظهير جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي ڪچهري ۾ موجود هڪ 35، 40 سالن واري همراه رڙ ڪري چيو ته، ”ٿيڻ واريون ڳالهيون ڪر، پنجويهه، ٽيهه ماڻهو ڪهڙي به مڙسي ڪري وٺون، اهو ڪم ڪيئن ٿيندو؟ بابلا اهو بنڊ ڳرو آهي“. ظهير مرڪي ارشاد ۽ نياز ڏانهن ڏٺو ۽ ارشاد اٿي بيٺو: ”ادا رجب خان! مون ۽ نياز به ساڳئي ڳالهه ڪئي هئي پر ٽي ڏينهن اڳ اسان ڪُل ٽي ڄڻا هئاسين ۽ اسان ٽنهي ڏهه، ڏهه ماڻهو راضي ڪري اڄ اتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڄ اتي اسين ٽن بدران ٽيهه ڄڻا ويٺل آهيون. سو اگر اڄ اسان مان هر ڪو اهو طئي ڪري اٿي ته ايندڙ گڏجاڻي ۾ هو ڏهه ٻيا دوست ۽ هم خيال آڻيندو ته پوءِ ايندڙ ڪچهري ٽيهه نه پر ٽي سئو دوستن جي هوندي.“ ارشاد ته ويهي رهيو پر سنگت ۾ ٿوري دير لاءِ خاموشي اچي وئي. نيٺ اڇي مٿي تي ڪارو پٽڪو ٻڌل بزرگ چيو ته، ”بابا، اهو ته ٺيڪ پر پنهنجي اڳواڻي ڪير ڪندو؟“ ان تي نياز اٿي چيو ته، ”چاچا شمعو، توهان منهنجي والد مرحوم جا دوست آهيو، وڏا آهيو، توهان اڳواڻي ڪندو، آئون ڪندس، پاڻ سڀ ڪنداسين، اسين انهن ڀوتان کان به ويل آهيون ڇا؟“ جنهن تي پويان ويٺل ڪنڌار مڙس مڇن کي وٽ ڏيندي چيو، ”نياز ڇو بابا، اسان ۾ ڪهڙي کوٽ آهي، پنهنجا سورنهن جريب آهن، پنهنجي دال ماني ڪريون ٿا، ٻارنهن جماعتون به پاس ٿيل آهن. پاڻ ڇا ۾ گهٽ آهيون؟“ ظهير مرڪندي: ”اتي رک ڀائو نورل... اهو ئي حوصلو کپي“. نورل اڃا مڇن کي وٽ ڏيندي، ”پوءِ ٻي گڏجاڻي ايندڙ جمعي تي رکجي؟“ ظهير (موٽ ۾)، ”جيڪا سنگت جي صلاح ..... پر پاڻ سڀني کي جمعي واري ڪچهري ۾ڏهه، ڏهه نوان دوست به گڏ آڻڻا آهن، انهن ڏهن ۾ دوست يار، مٽ مائٽ -غرض ته پنهنجي خيال سان جڙيل ڪير به ٿي پيو سگهي پر شرط اهو آهي ته اُن جو تعلق انهيءَ چونڊ تڪ سان هجي، جنهن سان پاڻ سڀني جو تعلق آهي. اگر سڀني کي قبول آهي ته ايندڙ جمعي تائين موڪلايون ٿا.“ سڄي سنگت هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿي ۽ اٿڻ لڳن ٿا ته ڪو شرارتي انداز ۾ رڙ ٿو ڪري ته، ”ڀائو، رڳو خشڪ ڪچهري ڪئي اٿوَ، ڪو چانهه جي ڪوپ جي صلاح به نه هنئي اٿوَ“. ”ادلو، هي منهنجي ذاتي دعوت هجي ها ته سئو چانهه جا ڪوپ پر هي سڀني جي دعوت آهي، تنهن ڪري آئون توکي ٿو چانهه پياريان، تون منهنجي چانهه جا پئسا ڏجان.“ ظهير جي ڳالهه تي سڀ کلن ٿا.
”اشوڪ تنهنجو پِتا جي ٻڌندو ته ڏاڍو ناراض ٿيندو“. اشوڪ ماءُ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي، ”پر امان ڪهڙو خراب ڪم پيو ڪريان، جو بابا ناراض ٿيندو؟“ ماءُ هٿ ڇڏائيندي بيزارگيءَ وچان: ”پٽ! پاڻ ڪمزور جاتي جا ماڻهو....“ ڳالهه ڪٽيندي، اشوڪ: ”اسين ڪمزور ان ڪري آهيون، جو ڇڙ وڇڙ آهيون، هاڻ دير پئي ٿئي، مونکي آشيرواد ڏي“. اهو چئي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي ٻاهر نڪري سائيڪل تي مامي گلو جي هوٽل تي پهچي ٿو، جتي سئو کان مٿي ماڻهو گڏ ٿيل آهن ۽ اڃا آمد جاري آهي. اشوڪ کي ڏسي نورل تڪڙ ۾ اچي سندس هٿ جهلي وڃي نياز وٽ پهچي ٿو، جيڪو هڪ رجسٽر ۾ نالا لکي رهيو آهي. ”ڀائو نياز، هي اشوڪ ورما آهي، ان جو نالو لک ۽ ڳڻي وٺ منهنجا ڏهه ماڻهو پورا ٿيا“، ٽپهريءَ جي نماز ختم ٿيڻ کانپوءِ هوٽل تي 270 ماڻهن جا نالا لکجي چڪا هئا ۽ صلاح اها بيٺي تي گڏجاڻي شروع ٿئي. نياز ڳالهائڻ لاءِ اٿڻ لڳو ته ظهير کيس اشاري سان روڪيو ۽ اڳتي وڌي چاچي شمعو کي ڳالهائڻ لاءِ اڳتي وٺي آيو. ”بابا، سچي پڇو ته مونکي پڪ نه هئي ته اڄ اسين ٽي سئو نه به پر ايڏي وڏي انگ ۾اتي جمع ٿينداسين.....“ چاچي شمعو ظهير ۽ نياز ڏانهن ڏسندي، ”پر انهن نوجوانن مون اڇي مٿي واري کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي اکين ۾ اميد جو ڪرڻو جاڳي پيو آهي ته اسان چاهيون ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا....“ مٿي تان پگهر اگهندي، ”پر مون زمانو ڏٺو آهي، تنهن ڪري خبردار پيو ڪريان ته اڄوڪي هن گڏجاڻي کي ڏسي ڀوتارن ۾ ڦڦڙي مچي وئي هوندي ۽ هو توهانجي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ وسان نه گهٽائيندا ۽ کوڙ رنڊڪون وچ ۾ آڻيندا...“ اڃا چاچو شمعو ڳالهائي رهيو هو ته تيز آواز ۾ ڪنهن چيو، ”هي سڄو ڊرامو آهي، ڪجهه نه ٿيندو“. ۽ هڪ سانوري رنگت رکندڙ چشمو پاتل 40/45 سالن جو همراهه اٿي بيٺو، ”اسانجا ابا ڏاڏا ڏهاڪن کان ڀوتار جا گولا غلام رهيا آهن، هو اسانکي ٻچن وانگر ڀانئي ٿو، توهان وري ان جي خلاف ٿي بيٺا آهيو.“ ارشاد جواب لاءِ اٿڻ لڳو ته چاچي شمعو کيس اشاري سان منع ڪندي، ”ها ڀائو خميسا! تون ڳالهه پوري ڪر....“ خميسو ڄڻ آپي کان ٻاهر ٿي ويو، ”ڀوتار اسانجي ڇپر ڇانوَ آهي، توهان ان خلاف سازش پيا ڪريو، جنهن کي اسين راڄن جا ماڻهو ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين..... اٿو ڀائو پاڻ هلون“. خميسي سان گڏ ماڻهو اٿي وڃڻ لڳا ۽ ظهير خاموشي سان خميسي سان گڏ ويندڙن جو انگ ڳڻيو جيڪو ويهه هو ۽ کيس ڄاڻ هئي ته باقي بچيل ماڻهن جو انگ 250 آهي. ”اڃا به ڪنهن کي وڃڻو آهي ته هو وڃي سگهي ٿو....“ ظهير وڏي واڪ اعلان ڪيو پر ڪير به نه اٿيو. ”اسانجي ڪنهن فرد سان ذاتي دُشمني ناهي...“ ظهير ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”پر اسانجي دُشمني انهن بدترين حالتن سان آهي، جن ۾ اسانکي رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي. اسانجو جهيڙو هن جمود سان آهي، جنهن اسانجي نسلن جو رت نپوڙيو آهي...“
لوڊشيڊنگ سبب چوطرف ٿيل اونداهي ۾ چنڊ جي روشني برساتن سبب جمع ٿي ويل پاڻي تي پوڻ سبب ائين محسوس پئي ٿيو، ڄڻ هو ڪينجهر ڍنڍ تي ويٺل هجي ۽ منظر جي دلڪشي ان پاڻي سبب آيل تباهي به ڪجهه لمحن لاءِ کيس وسري وئي ۽ هن موبائيل فون تي چيو، ”گلان، ڪاش تون ان مهل مون سان گڏ هجين ها....“ ظهير اهو چئي پنهنجيون اکيون بند ڪري ورتيون ۽ فون تان گلان جي ڳائڻ جو آواز اچڻ لڳو، ”منهنجي توکان سوا سري نٿي... دل چوي ٿي ته تون مونکان پري نٿي، منهنجي توکانسوا.....“ پوءِ ڪجهه گهڙين لاءِ ٻئي ماٺ ٿي ويا. ”ظهير، تون هي جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهين، اهو خطرناڪ آهي، آئون توکانسواءِ مري وينديس......“ ”گلان آئون هڪ ناهيان، انشا الله پنجن ڏينهن کانپوءِ شهر جي ”حاضر چوڪ“ تي ٽي هزار ظهير بيٺل هوندا ان عزم سان ته تباهي ۽ بربادي اسانجو نصيب ناهي، بلڪه تبديلي اسانجو مقدر آهي.“
سومهڻي جو وقت هو ۽ ”حاضر چوڪ“ تي ماڻهن جو رش وڌڻ لڳو هو ۽ ميڊيا جي ٽيمون به پهتل هيون. نياز، ارشاد، اشوڪ ۽ نورل تيزيءَ سان ماڻهن جا نالا رجسٽر ۾ لکي رهيا هئا پر صحافي پاڻ ۾ ان سوال تي منڌل هئا ته هي ماڻهو ڪير آهن ۽ اتي ڇو پيا جمع ٿين؟ نيٺ هڪ صحافي نياز کي ٻانهن مان جهلي چيو ته، ”هي ڇا پيا ڪريو؟!“ نياز نالا لکڻ جو ڪم جاري رکندي ظهير ڏانهن اشارو ڪندي کائنس پڇڻ جو چيو. ”ادا، هي ميڙ ڇا جو آهي؟“ صحافي جي سوال تي ظهير مرڪندي چيو ته، ”هي پيپلز اسيمبلي آهي ۽ جنهن مهل ان جا ٽي هزار ميمبر اتي جمع ٿي ويا، اسيمبلي جي ڪارروائي شروع ٿي ويندي.“ ٻئي صحافيءَ وڃي اشوڪ کي پاسو ڏنو، ”ان ميڙ جو اڳواڻ ڪير آهي؟“ اشوڪ مرڪندي چيو، ”آئون به آهيان، هي به، هو به ..... مقصد ته اسين سڀ اڳواڻ آهيون...“ صحافي کيس حيرت مان ڏسندي: ”سڀ اڳواڻ، ته پوءِ پوئلڳ ڪير آهي؟“ اشوڪ رجسٽر بند ڪري پين کيسي ۾ وجهندي: ”اسين سڀ اڳواڻ آهيون ۽ سڀ ان خيال جا پوئلڳ آهيون ته خوشحالي آڻڻ لاءِ اسانکي گڏجي عمل جي ميدان ۾ لهڻو پوندو. اچو اسيمبلي جي ڪارروائي شروع پئي ٿئي......“
”اسان جڏهن شروعات ڪئي هئي ته اسين ٽي ڄڻا هئاسين ۽ اڄ .....“ ظهير مائيڪ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”هتي پنهنجو انگ ٻه هزار اٺ سئو ڇهه آهي، هي پنهنجي صوبائي اسيمبلي جي چونڊ تڪ جي 2806 ماڻهن جي اسيمبلي آهي، هن چونڊ تڪ تان سدائين ڀوتار 24 يا 25 هزار ووٽ وٺي ڪامياب ٿيندو آهي ....“ ظهير ڳالهائيندو رهيو، ”اگر اتي موجود 2806 ماڻهن مان هر ڪو طئي ڪري ته اسين ايندڙ چونڊن ۾ ڏهه، ڏهه ووٽر پولنگ اسٽيشن تي آڻينداسين، پنهنجي اميدوار کي 28 هزار ووٽ ملندا ۽ هو ڪامياب ٿي ويندو. اچو ته ڏهاڪن کان خانداني ماڻهو جو ٺپو هڻي اسان تي مسلط رهندڙ سامهون اسين ان تڪ جا ووٽر هڪ خاندان ٿي، روايتي خانداني اميدوار آڏو پنهنجي خاندان جو اميدوار بيهاري کيس ڪامياب ڪريون.....“ ظهير جي ان جملي تي دير تائين تاڙيون وڄنديون رهيون..... ”اچو اڄ هن پيپلز اسيمبلي ۾ طئي ڪريون ته ايندڙ چونڊن ۾ اسين پنهنجين نياڻين کان به ووٽ ڏيارينداسين .... اڄوڪي پيپلز اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسين طئي ڪريون ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ايم پي اي طور ڪنهن روايتي خانداني اميدوار آڏو اسان جي تڪ جي خاندان جو ڪير اميدوار هوندو... آئون پنهنجي طرفان ڊاڪٽر بشير احمد، اشوڪ ورما ۽ چاچي شمعو جا نالا تجويز ڪريان ٿو....“ پيپلز اسيمبلي ۾ ٻيا به ٽي نالا تجويز ڪيا ويا ۽ پوءِ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد کي وڌ ۾ وڌ ووٽ 21 سئو مليا ۽ ٻئي ڏينهن اخبار ۾ خبر ان ريت آئي: ”چونڊ تڪ 786 ۾ روايتي اميدوارن ۾ شديد پريشاني، پيپلز اسيمبلي ڊاڪٽر بشير کي ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪري ورتو.....“
  

هيءَ هڪ ڪهاڻي هئي، جنهن کي صرف ڪهاڻي سمجهي هڪ پاسي رکي به سگهجي ٿو پر اها ڪا جادوئي قصي يا سائنس فڪشن تي ٻڌل به نه آهي، جنهن کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏجي، بلڪه هي ڪهاڻي اسانجي هر تڪ ۾ حقيقي واقعي طور سامهون اچي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسانجي هر تڪ ۾ تڪليفون به آهن ته بدحالي به پر گڏوگڏ ظهير، ارشاد، نياز، اشوڪ، نورل جهڙا نوجوان به آهن ته چاچي شمعو جهڙا بزرگ ۽ ڌرتي سان جڙيل مائرون ۽ ڀينرون به آهن. منهنجي دُعا آهي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ لاءِ، پنهنجي زندگين ۾ خوشحالي جي خوشبو آڻڻ لاءِ نوجوان، بزرگ، خواتين سڀ عملي طور ميدان ۾ لهندا، جيئن اڄوڪي ڏکن ڀريل سماج جي درد ڀريل ڪهاڻي اسانجي ايندڙ نسلن لاءِ صرف هڪ ناقابل يقين ڀوائتي ڪهاڻي بڻجي رهجي وڃي.

جمع 21 سيپٽمبر 2012ع