ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

ٽين اک سان ڏسڻ جي ضرورت

هڪ ڏينهن اک کلي ته چوطرف عجيب و غريب منظر هو، سمجهه ۾ نه آيو ته آئون ڪٿي ۽ ڪهڙي جهان ۾ اچي ويو آهيان. سوچيم ته، ”ڪٿي آئون پٿر جي دور ۾ ته نه اچي ويو آهيان؟“ پر موبائيل فون، ڪمپيوٽر وغيره تي نظر پئي ته اهو خيال رد ڪري ڇڏيم. وري ڪيلينڊر تي نظر پئي ته ان تي 2012ع لکيل هو، سوچيم ته، ”آئون انهيءَ سال ۾ ته ستو هئس، پوءِ سڀ ڪجهه اجنبي اجنبي ڇو پيو لڳي؟“ ۽ پاڻ کان وري پڇي ويٺس ته، ”هي ڪهڙو دور آهي؟“ چوطرف ٺڪا ٺُڪي جا آواز ڇو پيا اچن؟ ٽي وي تي، اخبارن ۾، رشتن ۾، محبتن ۾ - غرض ته هر هنڌ ماڻهو واڍڪو ڪم ڪندي ۽ واڍن وارا اوزار کنيو ڦرن پيا. ڪو پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوڪا ٺوڪي پيو ته وري ڪو پنهنجي ڪاروبار کي سگهارو ڪرڻ لاءِ مترڪي سان ٽجوڙيءَ کي ٺوڪي پيو، ته ڪٿي ڪو محبت ڪندڙ پنهنجي محبوب مٿان پيل شڪ ۽ مفادن جي خول کي آريءَ سان ڪٽڻ ۾ رڌل آهي، ته ڪٿي ڪنهن تعلق جي ٽٽل ٽَنگ کي ڪوڪا هڻي وري بيهارڻ جي ڪوشش ٿئي پئي. غرض ته چوطرف واڍڪو ڪم ٿيندي نظر اچي ٿو. سوچيم ته، ”ڇا هي ڪاٺيءَ جو دور آهي؟“ اها سوچ اچڻ کانپوءِ اهو چئي نٿو سگهان ته پوءِ واقعي به منهنجي اک کلي وئي، ڇاڪاڻ ته پڪ سان نٿو چئي سگهان ته جيڪو ڪجهه مٿي لکي آيو آهيان، اهو مون سمهندي خواب ۾ ڏٺو آهي يا کليل اکين سان روز ڏسڻ باوجود هڪ ڏينهن ٽين اک سان ڏٺو، جيڪا اک هر ڪنهن وٽ هجي ضرور ٿي، پر اها گهڻو ڪري بند هجي ٿي. ٽين اک جي مختلف ماڻهو مختلف تشريحون ڪندا آهن پر منهنجي خيال ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي جنهن گهڙيءَ آرسي کانسواءِ به ڏسي سگهي، ته چئبو هن شخص جي ٽين اک کليل آهي.
اسانجي سماج ۾ ستر سيڪڙي جي لڳ ڀڳ ماڻهو بنهه غريب (غربت جي ليڪ کان هيٺ رهندڙ) يا غريب آهن، جيڪي روز جي بنياد تي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن. جن وٽ نه ئي ايتري فرصت آهي، نه ئي ايتري طاقت آهي، جو اهي ويهي سماج جي بدتري (جنهن جا هو پاڻ وڌ ۾ وڌ شڪار آهن) بابت غور ڪن ۽ ان کي سڌارڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙين. انهن لاءِ وڏي ۾ وڏو ڪم صرف جيئڻ (Survive) جا جتن ڪرڻ ۽ ٻن ويلن جي ماني جي حاصلات آهي. اها مخلوق هڪ ئي وقت مهانگائي جي راڪاس کان ويندي بدامني، سرڪاري مشينري جي مار موچڙي وغيره جهڙن محاذن کي منهن ڏيڻ ۾ پوري آهي. تنهن ڪري انهن کان سندن ئي بهتري يا سماج جي مجموعي چڱائيءَ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ زيادتي هوندي ۽ نه ئي وري انهن وٽ پنهنجي روز جي ڳالهه ٻولهه جو اهو موضوع ئي هجي ٿو پر سماج جي باقي ٽيهه سيڪڙو آبادي، جيڪا معاشي طور ٿوري سگهه ڀري ۽ تعليم جي حوالي سان ڪجهه اڳڀري آهي، انهن ماڻهن کي پاڻ ٿلهي ليکي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: هڪ اهو، جيڪو هن موجوده جمود (Status quo) جو حامي آهي ۽ ان جا Beneficiary (مستفيض ٿيندڙ) آهن پر اهو حصو ايڏو وڏو ڪونهي، بلڪه ٻيو حصو تمام وڏو آهي، جيڪو سماج جي متواتر بدتري سبب سخت پريشان آهي ۽ ڪاوڙيل به آهي، ڇاڪاڻ ته هو به سماج جي غريب ستر سيڪڙو آبادي وارن مان انيڪ مسئلن کي پاڻ به منهن ڏئي رهيو هجي ٿو. جيتوڻيڪ انهن وٽ ٻن ويلن جي ماني جو اشو نٿو هجي پر امن و امان، صحت، تعليم، ڪرپشن وغيره جهڙن انيڪ عذابن کي ڀوڳي ٿو پر اها حقيقت آهي ته سماج جو اهو طبقو به سماج ۾ ڪنهن اجتماعي چڱائي لاءِ ڪو گڏيل ڪردار ادا نه پيو ڪري.
ائين ناهي ته ڪي فرد يا گروپ ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندا هجن پر آئون اجتماعي ڪردار جي ڳالهه پيو ڪريان. اگر پاڻ سنڌ جي آبادي ساڍا پنج ڪروڙ ٻڌون ۽ انهن مان سنڌي ڳالهائيندڙن جي آبادي ساڍا ٽي يا چار ڪروڙ ۽ ان مان ستر سيڪڙو يعني ٻه ڪروڙ اسي لک ماڻهن کي غريب يا بنهه غريب هجڻ واري کاتي ۾ وجهون ته به هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهو باقي ٽيهه سيڪڙو ٿين ٿا ۽ اگر انهن مان ڏهه لک ماڻهو موجوده نظام مان سڌي يا اڻسڌي طره فائدو وٺندڙ طور مائنس ڪريون ته به هڪ ڪروڙ ڏهه لک ماڻهن جو انگ بچي ٿو. پر اڃا ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي سماج جي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکندي اسي کان نوي لک خواتين، بزرگن ۽ ٻارن جي کاتي ۾ وجهي هڪ پاسي ڪريون ته به پويان ويهه لک ماڻهو بچن ٿا. سو سوچڻ اهو گهرجي ته اهي ويهه لک ماڻهو ڇا ڪو گڏيل رول ادا ڪن پيا؟ سو ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته چار ڪروڙ سنڌي سماج جو هي پنج سيڪڙو يعني ويهه لک ماڻهو ڪٿي آهن ۽ ڇا ڪري رهيا آهن؟ انهن ويهه لک ماڻهن کي پاڻ ٽن حصن ۾ ورهائي پيا سگهون: (I) اهو حصو سماج جي مجموعي حالتن مان بيزار هجڻ باوجود شديد نراسائي ۾ ورتل آهي ۽ انهن جو خيال آهي ته ڪجهه به ڪري وٺجي پر ٿيندو ڪجهه نه، تنهنڪري ڪوشش ڪرڻ ئي اجائي آهي. (II) هي طبقو به اٿندي ويهندي حالتن بابت روڄ راڙو ڪري ٿو پر هي بري طرح پنهنجي Ego Trap (انا جي اسيري) ۾ ورتل آهن، انهن جي انا کين اجازت نٿي ڏي ته هو اُن خيال يا سوچ جي به کليل حمايت ڪن، جنهن سان هو دلي طور سهمت هجن، ڇو جو اهو خيال يا سوچ ڪنهن ٻئي پاران ظاهر ڪيل هجي ٿي. سو سندن انا کين مجبور ڪري ٿي ته هو هر اُن خيال يا سوچ يا عمل جي مخالفت ۾ دليل ڏين، جيڪا ڪنهن ٻئي پاران ظاهر ڪئي وڃي ۽ جيئن ڪو ٻيو ڪجهه چئي يا ڪري ٿو ته کين پنهنجي علمي ۽ دانشمندي چيلينج ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. (III) سماج جي ويهه لکن ماڻهن جي ٽئين حصي ۾ Initiative (پيشرفت ڪرڻ) جي کوٽ شدت سان آهي. هو پنهنجي پاڻ ڏانهن ڏسڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيا هجن ٿا ته ڪو ٻيو سامهون اچي ۽ سماج جي مسئلن جو تدارڪ ڪري ۽ موٽ ۾ کيس دعائون ڏجن ۽ سندس اخلاقي حمايت ڪندي سندس پٺي ٺپرجي.
سو اگر ويهه لک ماڻهن کي مٿي ڄاڻايل ٽن تعارفن کي برابر برابر ورهائجي ته هر حصي ۾ تقريبن ڇهه لک، سٺ هزار ماڻهو ايندا ۽ اگر پاڻ نراسائي ۾ ورتل ۽ پنهنجي انا جي ڄار ۾ ڦاٿل ماڻهن واري حصن ۾آيل تيرنهن، ساڍا تيرنهن لک ماڻهو هڪ پاسي به ڪريون ته باقي ڇهه، ساڍا ڇهه لک ماڻهو جيڪي Initiative (پيشرفت) جي جذبي جي کوٽ ۾ورتل آهن، مان اميد برقرار رکڻ کپي ته هو دير سوير پنهنجو ڪو گڏيل ڪردار ادا ڪندا.
اتي شايد ڪو اهو سوال اڀاري ته چار ڪروڙ ماڻهن جي سماج ۾ هڪ ڏيڍ سيڪڙو (ساڍا ڇهه لک) ماڻهو ڪيئن ڪو وڏي تبديلي آڻي سگهندا؟ ته اهڙو سوال اڀاريندڙ دُنيا جي مختلف سماجن ۾ آيل وڏين تبديلين جو جائزو وٺي ڏسن ته اتي تبديلي لاءِ عملي بهرو اتي جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آبادي ورتو پر کين اخلاقي حمايت يقينن اتان جي عوام جي اڪثريت جي هئي. تازو تيونس يا مصر ۾ هليل عوامي تحريڪن ۾ عملي بهرو وٺندڙ عوام جو انگ هڪ سيڪڙو به ڪونه هو ۽ اهي به اُهي، جن کي ٻن ويلن جي ماني جي پريشاني نه هئي. التحرير چوڪ تي پيرين اگهاڙن ۽ پويان ٻارن کي بکيو ڇڏي ايندڙن جو انگ نه هجڻ برابر هو، بلڪه اُنهن مان اڪثريت ٽويٽر يا فيس بُڪ استعمال ڪندڙ هئا، معنيٰ ڪنهن حد تائين معاشي طور بهتر هئا، پر حسني مبارڪ دور جي اونداهين مان ٻاهر نڪرڻ جي جذبي کين ڪنهن ليڊر يا اڳواڻ جي اڳواڻيءَ ۾ اڳتي اچڻ واري خواهش کان مٿڀرو ڪري اجتماعي طور گڏيل عمل ڪرڻ جي همت ڏني ۽ هو ان خواب/خيال جي اڳواڻي ۾ ته، کين حسني مبارڪ دور جي پڄاڻي آڻڻي آهي، گڏيل طور ميدان عمل ۾ لهي پيا. ياد رهي ته التحرير چوڪ يا سڄي مصر ۾ عملي طور تحريڪ هلائيندڙن جو انگ مصر جي ڪُل آباديءَ جو هڪ سيڪڙو به نه هو، بلڪه مبارڪ سرڪار جي مشينري ۽ ان نظام جي حامين سان گڏ تحريڪ سبب مصر جي ٽوئرزم متاثر ٿيڻ سبب معاشي طور متاثر ٿيندڙ ان تبديلي جي خواهش رکندڙ ماڻهن جا مخالف به هئا پر تنهن هوندي به ثابت قدمي سان بنا ڪنهن هڪ ليڊر جي هليل اها عوامي هلچل نيٺ ڪامياب ٿي ۽ اهو حسني مبارڪ، جنهن پنهنجي عهدي جي خاتمي کان صرف ڏيڍ مهينو اڳ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته، ”منهنجي ضدي پڻي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل آهي“ کي مصر جي هڪ سيڪڙي کان به گهٽ ماڻهن ضد ۽ ٽيهه سالن جي اقتدار کان لوهي سيخن جي پويان بيهاري ڇڏيو.
آئون سمجهان ٿو ته سماج جي انهن ڇهه، ساڍا ڇهه لک ماڻهن کي گڏيل عمل ذريعي ڪجهه نه ڪرڻ لاءِ انهن دليلن کي پاسيرو ڪرڻو پوندو ته جيستائين عوام جي اڪثريت ڪجهه نه ڪندي، تيستائين ڪجهه نه ٿيندو يا جيستائين ڪو ليڊر يا اڳواڻ اڳتي نه ايندو، تيستائين ڪجهه ٿيڻ ممڪن ناهي.
بلڪه پنهنجي ٽين اک سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇا اسان ۾ سماج ۾ بهتري ۽ خوشحالي جو جذبو ايترو پختو ٿي ويو آهي، جنهن جذبي جي شڪتي سان ڏهاڪن کان اسانجي سماج کي يرغمال ڪيل ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کي پاڙن کان پٽي ٻاهر اڇلائي سگهجي؟ يا پوءِ اهڙي ئي سماج ۾ زندگي گهاريندا رهون جيئن گلزار لکيو آهي ته:

یہاں جینا بھی جادو ہے
یہاں پر خواب بھی ٹانگوں پہ چلتے ہیں
یہاں دل خرچ ہوجاتے ہیں اکثر ۔ کچھ نہیں بچتا
سبھی چاٹے ہوئے پتل ہوا میں اڑتے رہتے ہیں
کبھی سند باد بھی آیا تو ہوگا اس جزیرے پر
یہ آدھی پانی اور آدھی زمین پر
دیکھ کر، حیران ہوا ہوگا !

جمع 17 آگسٽ 2012ع