محبت جي زنجير
ڪنهن به معاشري ۾ تبديليءَ جو تصور عورتن جي شموليت بنا ممڪن نٿو هجي. اسان جي سماج ۾ آدمشماريءَ موجب عورتن جو ڳاڻيٽو مردن کان وڌيڪ آهي، پر ووٽن جي اعتبار کان به ڏٺو وڃي ته اسان جي سنڌي ڳالهائيندڙ خواتين ووٽرز جو تعداد ڪنهن به ريت 50 لک کان گهٽ نه هوندو. سو اگر اسان جون مائرون ۽ ڀينرون هڪ دفعو پنهنجي لاءِ، پنهنجي ٻچن لاءِ، پنهنجي ڀائرن لاءِ، پنهنجي سنڌ لاءِ ووٽ جي سگهه استعمال ڪن ته يقينن تبديلي اچي سگهي ٿي. معصوم نياڻين کي ڏنڊ، سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ، غيرت جي نالي ۾ عورتن جو قتل عام، وغيره جهيڙا انيڪ ناسور ختم ٿي سگهن ٿا. سو انگن جي حساب سان ته سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ وارو سوال سمجهه ۾ اچي ٿو، پر اتي ڪو اهو چئي سگهي ٿو ته سياست رڳو انگن اکرن جي راند ناهي هوندي، پر ڇا اها حقيقت ناهي ته تبديلي ڀلي چونڊن وسيلي يا ڪنهن ٻئي پرتشدد انقلاب ذريعي اچي پر آخر ۾ ڳالهه اچي انگن تي ئي بيهي ٿي ته چونڊن ۾ ڪنهن کي ڪيترا ووٽ مليا يا انقلاب لاءِ ڪيترا ماڻهو عملي طور ميدان ۾ لٿا. سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ جي حوالي سان ٿلهي ليکي ٻه سوال ڦيرائي گهيرائي ٿين ٿا. هڪ سوال جو تت اهو هجي ٿو ته اسان جي ڀوتارڪي ڪلچر ۾ تبديلي ممڪن ڪانهي، پر ٿوري دير کانپوءِ ساڳيو سوال نما فتويٰ ڏيندڙ پاڻ اهو چوندي يا لکندي نظر اچي ٿو ته ڪنهن ليڊر، محور يا سياسي پارٽيءَ کانسواءِ تبديلي اچڻ ممڪن ناهي. اگر توهان ٻنهي ڳالهين تي غور ڪريو ته انهن ۾ تضاد موجود آهي، ڇاڪاڻ ته اگر ڀوتارڪي ڪلچر ۾ تبديلي اچڻ ممڪن ئي ڪانهي ته پوءِ ڪو ليڊر يا سياسي پارٽي ڇا ڪري سگهندي؟ ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي تبديلي ڪا سياسي پارٽي وڏي عوامي سگهه ۽ حمايت کانسواءِ ڪيئن پئي آڻي سگهي؟ سو منهنجو خيال آهي ته اهو سوال يا بحث هاڻ پراڻو ٿي ويو آهي ته تبديلي نٿي اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ ان ڳالهه تي ذري گهٽ اتفاق راءِ موجود نظر اچي ٿو ته جنهن ڏينهن خلق خدا چاهيو ان ڏينهن معياري تبديلي سئو سيڪڙو ممڪن آهي، باقي ان سوال تي سوچجي يا بحث ضرور ڪجي ته خلق خدا ۾ ان تبديليءَ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪا تڙپ موجود آهي يا نه؟ اگر اها تڙپ يا خواهش موجود آهي ته ان جي شدت ڪيتري آهي؟ ڇاڪاڻ ته ڪنهن ليڊر يا سياسي محور جي پيدا ٿيڻ وارو معاملو به سڌي ريت ان تڙپ يا خواهش يا طلب سان جڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان سياسي محور يا پارٽيءَ سان جيستائين 13 لک 20 هزار ووٽر پنهنجي پوري تڙپ، جذبي ۽ تبديليءَ جي طلب سان شامل نه ٿيندا، تيستائين اهو سياسي محور به کوڙ سارين ٻين پارٽين جيان هڪ ٻئي پارٽيءَ کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه هوندي. منهنجي هڪ دوست منهنجي ان ڳالهه تي تبصرو ڪندي چيو ته، ”پهرين سياسي محور ٺهي يا پهرين 13 لک 20 هزار ماڻهو تبديلي آڻڻ لاءِ تيار ٿين، ڪجهه اهڙو بحث بڻجندو پيو وڃي ته دنيا ۾ پهرين ڪڪڙ آئي هئي يا بيضو؟“ جواب ۾ چيومانس ته، ”شايد ڪڪڙ ۽ بيضي کان اڳ انهن جي طلب پيدا ٿي هئي“. سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، اگر ڏهه، پندرهن ماڻهو پاڻ ۾ ملي تبديلي پسند پارٽي ٺاهي وٺندا ته ان مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، پر اگر 13 لک 20 هزار ماڻهن گڏجي اها پارٽي ٺاهي ته پوءِ گهڻو ڪجهه ٿي ويندو. اتي وري ڪجهه دوست اعتراض اٿارين ٿا ته 13 ماڻهو گڏبا ته انهن جي چوگرد 13 لک ماڻهو به گڏ ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ ته پنهنجي منهن 13 لک ماڻهو ڪيئن گڏجي سگهن ٿا؟ اهو اعتراض غير معقول ناهي پر گذريل سال ايڪتا واري ڏهاڙي يا سنڌو دريا واري ڏهاڙي تي لکين لکين ماڻهو (جيڪي 13 لکن کان تمام وڌيڪ هئا) 13 ماڻهن جي چوگرد گڏ نه ٿيا هئا، بلڪه لکين سنڌ واسي هڪ سوچ جي چوگرد گڏ ٿيا. هو پنهنجي ثقافت خلاف ڏهاڪن کان هلندڙ ڪروڌ، تعصب ۽ چٿر وارن روين خلاف گڏ ٿيا هئا. هو پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي دريا ۽ پنهنجن حقن لاءِ گڏ ٿيا هئا. هو ايڪتا جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا هئا. هو پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي پاڻ سان محبت ۾ گڏ ٿيا هئا. ساڳي ريت جڏهن ڪنهن سماج ۾ ڪا سوچ، ڪا خواهش، ڪو جذبو پختو ٿي وڃي ٿو ته ان خواهش جي عملي صورت ڏسڻ لاءِ تڙپ ۽ طلب به پيدا ٿئي ٿي ۽ جڏهن اها طلب تمام وڌي وڃي ٿي ته پوءِ سماج جي ان طلب مان ئي 13 ته ڇا 13 سئو ماڻهو سامهون اچيو وڃن، پر شرط آهي انهن جي پويان سماج جي لکين ماڻهن جي شدت سان طلب موجود هجي.
هن سال 5 ڊسمبر تي هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا ۾ موجود سنڌ واسي ايڪتا جو ڏينهن ملهائڻ وڃن پيا. منهنجي خواهش آهي ته ان ڏينهن ٻيا جشن ملهائڻ سان گڏ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين انساني زنجير ٺهي. اسين پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ هاءِ ويز جي ڪناري هٿ هٿ ۾ ڏئي، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين هڪ زنجير جيان نظر اچون، جنهن کي پنهنجا پراوا، ”محبت جي زنجير“ جو نالو ڏين. منهنجي خواهش آهي ته 5 ڊسمبر تي لکين سنڌي مرد، عورتون، ٻار، وڏا، غرض ته سڀ هڪ لڙيءَ ۾ پوئيل نظر اچون ۽ ان لاءِ هر شهر، ڳوٺ ۽ علائقي جا ماڻهو پنهنجي ذميواري محسوس ڪن ته اها محبت جي زنجير اتان ٽٽل نظر نه اچي، جتي هو رهن ٿا. ٿي سگهي ٿو منهنجي ان خواهش کي وري ڪير ديوانگيءَ جو نالو ڏئي پر کين صرف ايترو چوندس ته آئون پنهنجي دل جي به ٻڌندو آهيان ۽ محبت صرف دماغ سان نه ڪبي آهي ۽ اگر اکيون بند ڪري دل ۽ دماغ سان اهڙي ڪنهن محبت جي زنجير جو تصور ڪجي ته اکين ۾ پاڻي اچي وڃي ٿو. ڇا اهڙي زنجير ٺهڻ ناممڪن آهي؟ بلڪل نه، اهو بلڪل ممڪن آهي، پر ڇا ائين ٿيندو؟ ان جو جواب لکين سنڌ واسين وٽ آهي ته هو ڪنهن هڪ وقت ٿوري دير لاءِ ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين هاءِ ويز جي ڪناري ايتري پرامن انداز ۾ ٿوري دير لاءِ هڪ زنجير جي صورت ۾ بيهي سگهن جو ٽريفڪ به بند نه ٿئي. سو ائين ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ظاهر آهي ته ماڻهن جو آهي، پر اگر آئون اهڙي خواهش رکان ٿو ته اهو منهنجو رومانس آهي، پوءِ ڀلي ان کي ڪير ڪهڙو به نالو ڏئي. آئون ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو ته محبت، همت، جذبو، سگهه ماڻهوءَ منجهه هوندي آهي ۽ ان کي ٻاهر ڳولهڻ بدران پنهنجي اندر ڳولهڻ گهرجي ۽ ساڳي ڳالهه ڪنهن سوسائٽي/سماج تي به لاڳو ٿئي ٿي ته اهو پنهنجن سورن ۽ تڪليفن جي خاتمي لاءِ ٻاهر نه پر پنهنجي اندر اها محبت، جذبو ۽ سگهه ڳولهي لهي، جيڪو سندن دردن جي دوا بڻجي پر جيئن ڪو هڪ فرد به جيستائين پنهنجي منفي سوچ ۽ خيال کان دل ۽ دماغ کي پاڪ ڪري يڪسوئي سان پنهنجي اندر جهاتي نٿو پائي، تيستائين کيس پنهنجي اندر وڃڻ جو رستو نٿو ملي. ساڳي ريت سماج کي به هڪ ٿي خالص جذبي سان پنهنجي اندران ان سگهه کي ڳولهي لهڻو آهي، جيڪا ان جي مصيبتن جو تدارڪ ڪري سگهي ۽ شايد ئي ڪو ان ڳالهه کان انڪار ڪري ته ڪنهن سماج جي سڀني کان وڏي سگهه ان جي ايڪتا هجي ٿي ۽ وقت اچڻ تي ان سگهه جي اظهار جو جذبو ڪنهن به سماج کي ان تبديليءَ جي تعبير ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جنهن جو خواب اڄ لکين سنڌ واسين جي اکين ۾ آهي.
آچر 7 نومبر 2010ع