تبديليءَ جا سفير
5 اپريل کان گهر شماري جي شروعات ٿي رهي آهي، جيڪا 19 اپريل تائين جاري رهندي. سنڌ جي مختلف حلقن ۽ ماڻهن پاران ان ڏس ۾ مختلف تحفظات به ظاهر ڪيا پيا وڃن. مون به مهينو ڏيڍ اڳ ۾ انهن ئي خدشن سبب اها تجويز ڏني هئي ته گهر توڙي آدمشماري جي سڄي عمل جي نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي جڙڻ گهرجي. ان ڏس ۾ مختلف قومپرست پارٽين هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي، پر ان تي بس نه ٿيڻ گهرجي، بلڪه هر ڳوٺ ۽ پاڙي جي سطح تي ڪجهه ماڻهو پاڻمرادو ان قومي ڪم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيڪو گهر شماري جي مرحلي ۾ بنيادي طور تي اهو آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته گهر شماري ڪندڙ عملو سندن ڳوٺ-پاڙي ۾ اچن ۽ سمورن گهرن جي ڳڻپ ٿئي ۽ اگر اهو عملو اتي ناهي آيو ته آخري تاريخ جو انتظار ڪرڻ بدران اڳ ۾ ئي اهڙي ڄاڻ سرڪاري اداري کي ڏين ۽ ان لاءِ آواز اٿارين، جيئن ڪو گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي ۽ ان ڏس ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم بڻجي ٿو. ائين ته سڄي سنڌ ۾ ان عمل جي نظرداري ٿيڻ گهرجي، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جيڪي سنڌ جا وڏا شهر آهن، اتي به خصوصي ڌيان جي ضرورت آهي.
تازو قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ شاگردن جي تنظيم سيلف جي سڏ تي وڃڻ ٿيو، جتي انهن نوجوانن جي اکين ۾ بي پناهه محبت به نظر آئي ته گڏوگڏ سندن اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ به نظر آئي. عجيب ان ڪري پيو چوان ته ڪڏهن اها چمڪ ڪجهه ڪري گذرڻ واري تڙپ جو ڏيک ڏئي رهي هئي، ته وري ڪڏهن اها چمڪ ان باهه جي ٽانڊي جيان پئي لڳي ڄڻ صدين جي زيادتين سبب ڪاوڙيل هجن. يونيورسٽي ۾ هڪ نوجوان مون کان اهو سوال به اٿاريو ته ”توهان چئو ٿا ته جيڪا محبت صرف دل سان ڪجي، ان جذبي کي محبت نٿو چئي سگهجي، بلڪه صحيح محبت به اُها هجي ٿي، جنهن ۾ دل ۽ دماغ جو توازن هجي. اها ڳالهه ڪيئن درست آهي، ڇاڪاڻ ته محبت ته صرف دل سان ڪجي ٿي؟“ ان نوجوان کي اتي به جواب ڏنم، پر مون کي لڳو ته هو منهنجي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ اڪثر ٻيا نوجوان به مطمئن نه ٿيندا آهن. شايد اها عمر ئي اهڙي هجي ٿي، پر ٿورو سوچيو ته اگر ڪي ٻه ماڻهو هڪ ٻئي سان بي پناهه محبت ڪندڙ هجن ۽ اوچتو ڪنهن دماغي بيماري، سبب ٻنهي مان هڪ جو دماغ خراب ٿي وڃي، ٻين لفظن ۾ چريو ٿي وڃي ته ڇا اهو ذهني توازن وڃايل ماڻهو پوءِ به پنهنجي محبوب سان محبت ته پري جي ڳالهه سڃاڻي به سگهندو؟ ٿي سگهي ٿو ڪو ان ڳالهه جو جواب اهو ڏي ته پوءِ به هن ماڻهو جي دل پنهنجي محبوب سان ئي جڙيل هوندي. آئون ان ڳالهه کي مڃي به وٺان ته به ظاهر آهي ته اهو محبت جو رشتو بنا دماغ جي اوهڙو ساڳيو نه هوندو، جهڙو دماغ جي موجودگي ۾ هوندو. اسان ڪجهه ڳالهين بابت اڳواٽ ذهن ٺاهي ويهندا آهيون، تنهن ڪري ٿوري مختلف ڳالهه هضم ڪرڻ ڏکي لڳندي آهي. جيئن اسان اهو پڪو خيال ٺاهي ويٺا آهيون ته دماغ استعمال ڪرڻ جو مطلب ئي منافقي ڪرڻ، بي ايماني ڪرڻ وغيره وغيره هجي ٿو، پر ضروري ڇو آهي ته دماغ کي صرف غلط ڪمن لاءِ ڪتب آڻجي؟ ڇا جيڪي چڱا ڪم دنيا ۾ ٿيا، جيڪي وڻندڙ خيال، فلسفا، شاعري، شاهڪار مصوري، شاندار موسيقي وغيره وغيره، ڇا اهي سڀ دماغ کان سواءِ ممڪن هئا؟ يقينن نه، پر اها ڳالهه به سئو سيڪڙو صحيح آهي ته اهي ڪم صرف دماغ سان به ممڪن نه هجن ها، بلڪه اهڙا نفيس خيال يا جذبا ڪنهن انسان وٽ تڏهن ئي اچڻ ممڪن آهن، جڏهن سندس دل ۽ دماغ انتهائي خالصيت سان هڪ توازن ۽ هڪ ربط ۾ اچي وڃن. سو پير ٻڌي چوڻ ته ڪنهن به جذبي ۾ اگر دماغ شامل هوندو ته اهو جذبو خالص نه هوندو، ڪا منطقي ڳالهه نه چئبي، بلڪل ائين جيئن پاڻ اڪثر پير ٻڌي چئون ٿا ته سياست خراب شيءِ آهي. آئون سمجهان ٿو ته اها راءِ قطعي طور صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي مختلف سماجن ۾ جيڪي چڱايون آيون آهن، اهي سياست ذريعي آيون آهن. سو خراب سياست ناهي، بلڪه خراب سياست ڪندڙ آهن، پر جيڪر سياست ڪندڙن ۾ محبت جو جذبو ڀرجي اچي، جيڪر سياسي ڪلچر مان منافقي، ڪرپشن، ڏاڍ مڙسي وغيره جهڙا منفي لاڙا ختم ٿي وڃن، جيڪر سياست واقعي عوام لاءِ ۽ عوام جي هجي ته ڇا پوءِ به سياست کي خراب چونداسين؟ هاڻ اتي وري ڪو سوال اٿاري پيو سگهي ته اسان جي سياسي ڪلچر ۾ اهي چڱايون ڪٿان ٿيون اچي سگهن، ته جواب ۾ عرض آهي ته ائين ٿيڻ سئو سيڪڙو ممڪن آهي، پر ائين ڪرڻ جي سگهه صرف اُن خاموش اڪثريت وٽ آهي، جيڪا سياست کي خراب سمجهي پاڻ پاسيرو ٿي ويٺل آهي ۽ سڄو سماج ڏهاڪن کان ان خراب سياست سبب عذاب ڀوڳي پيو، تنهن ڪري سياست کي خراب سمجهڻ بدران خرابي کي چڱائي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ خلقِ خدا کي پاڻ سياست ۾ اچڻو پوندو، پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيڪي تبديلي چاهين ٿا انهن کي پاڻ ان لاءِ وک وڌائڻي پوندي.
جڏهن کان مون ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته ڀٽ شاهه تي سڄي سنڌ ۾ موجود لکين تبديلي پسندن جو ميڙاڪو ٿيڻ گهرجي ته اڪثر اهو سوال ٿئي ٿو ته اهو ميڙاڪو ڪڏهن ٿيندو ۽ آئون ان جي تاريخ جو اعلان ڇو نٿو ڪريان؟ ان ڏس ۾ منهنجو عرض اهو آهي ته اهو ڪو منهنجو ذاتي ڪاڄ ناهي، جو آئون پنهنجي منهن ويهي ڪنهن تاريخ جو اعلان ڪري ان جي لاءِ انتظامن جو بندوبست شروع ڪري ڏيان. آئون سمجهان ٿو ته اهو هر اُن سنڌ واسي جو ڪاڄ هوندو، جيڪو تبديلي چاهي ٿو، جيڪو ڌرتي سان محبت ڪري ٿو، جيڪو ڏهاڪن کان فرسوده سياسي ڪلچر کان بيزار آهي، جيڪو مهانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، امن و امان غرض ته انهن سمورن ناسورن کان پنهنجي سماج کي پاڪ ٿو ڏسڻ چاهي. جيڪو سنڌ کي ماءُ جي هنج جيان ڏسڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ سُک، شانتي ۽ محبت هجي. سو اهو ڪاڄ انهن لکين سنڌ واسين جو آهي، جن وٽ هڪ خوشحال سنڌ جو خواب به آهي ۽ ان خواب جي ساڀيان لاءِ همت ۽ جذبو به آهي، سو اِن ڪاڄ کي اگر ڪرڻو آهي ۽ اگر ڪامياب ڪرڻو آهي ته اها ذميواري ڪنهن هڪ شخص جي نه هجڻ گهرجي، بلڪه ان لاءِ لکين سنڌ واسين کي پنهنجي پنهنجي پتي جو ڪم ڪرڻو پوندو، جنهن مان هڪ آئون به هوندس. منهنجي خيال ۾ اهڙي ميڙاڪي جي سمورن معاملن کي سنڀالڻ لاءِ سڄي سنڌ مان رضاڪارن کي سامهون اچڻ گهرجي، جنهن کي پاڻ ”تبديلي جا سفير“ (Ambassadors of Change) به چئي پيا سگهون. جيڪي محبتن جي ان ميڙاڪي جي انتظامي طور ميزباني جو فرض ادا ڪن، ڇاڪاڻ ته ائين ته اتي آيل هر سنڌ واسي پاڻ مهمان ۽ پاڻ ميزبان هوندو. پر تنهن هوندي به ايڏي وڏي ميڙاڪي جي معاملن کي سنڀالڻ جو ڪم ”تبديلي جي سفيرن“ کي ڪرڻو پوندو ۽ منهنجي صلاح آهي ته سڄي سنڌ مان اهي سفير پاڻ کي ڪنهن هڪ هنڌ رجسٽر ڪرائين، جيئن تبديلي پسندن جي ميڙاڪي کي گڏيل صلاح ۽ مشاورت سان هڪ اهڙو تاريخي Event (موقعو) بڻائين، جيئن ڏهاڪن کان جمود پرستي واري ٻوساٽيل فضا کي تبديلي جي ڪا تازي هوا ٽوڙي ڇڏي.
آچر 27 مارچ 2011ع