“ڇو” جو جواب دل کان به وٺجي!
ڏاها چون ٿا ته حقيقي صوفيءَ جو ڪم منزل تائين پهچائڻ نٿو هجي پر اصل منزل ڏانهن ويندڙ گس جي ڄاڻ ڏيڻ هجي ٿو. صوفي صرف اشارو ٻڌائي ٿو ته فلاڻي واٽ تي هلڻ سان منزل ملندي.
Sufi is the one, who points the arrow.
شايد منهنجي ذهن ۾ به تبديلي پسندن جي ميڙاڪي لاءِ ڀٽ شاهه جو هنڌ انهيءَ خيال سبب آيو هجي ته سوين سال اڳ تبديليءَ جو گس ٻڌائيندڙ شاهه لطيف جي ويجهو گڏ ٿي اڄ جا تبديلي پسند ان قافلي جو آغاز ان منزل ڏانهن ڪن، جنهن ڏانهن وڌڻ جو ڏس سوين سال اڳ شاهه لطيف ڏنو هو.
ڪجهه ڏينهن اڳ تبديليءَ جي سفيرن طور رجسٽريشن جي صلاح رکي هيم، جنهن کان پوءِ بئريسٽر ضمير گهمري پاران لکيل مضمون ۾ انهن سفيرن کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ ڪجهه موبائل نمبر ڏنا ويا هئا، جنهن تي ماڻهو پاڻ کي تبديليءَ جي سفير طور رجسٽر ڪرائين پيا. اهو سڄو عمل اسانجي روايتي طريقي ڪار کان هڪ بنهه مختلف ۽ بدليل عمل آهي ۽ اهو ڏسي خوشي ان ڳالهه جي به ٿئي ٿي ته اسان ان نقطي تي اتفاق ڪري ورتو آهي ته جيڪا تبديلي ماڻهن لاءِ اچڻي آهي، ان تبديليءَ لاءِ ماڻهن کي پنهنجو ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ تبديليءَ جي تڙپ لکين ماڻهن وٽ آهي پر منهنجي خواهش آهي ته ان تڙپ، ان خواهش، ان تبديليءَ جي خواب جي ساڀيان لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به لکين سنڌ واسي پاڻ کي تبديليءَ جي سفير طور رجسٽر ڪرائين.
آئون اهو ڄاڻان ٿو ته تبديليءَ جي سفيرن واري ڳالهه تي ڪجهه ماڻهن جي دماغ ۾ ”ڇو“ جو سوال اڀرندو هوندو، ڪنهن جو دماغ چوندو هوندو ته اهڙي عمل سان ڪهڙو فرق پئجي ويندو؟ يا تبديليءَ جي سفير طور لکين ماڻهن جي نالي لکرائڻ سان ڪيئن تبديلي اچي ويندي؟ يا ڪجهه دماغ ان عمل جي پويان ڪا ڳنڀير سازش ڳوليندا هوندا يا ڪنهن جو دماغ چوندو هوندو ته ڀٽ شاهه تي لکين ماڻهن جي گڏجڻ سان به تبديلي نه ايندي، وغيره. انهن سڀني سوالن يا ”ڇو“ (WHY) جا ڪيترائي جواب ڏيندو آيو آهيان ۽ آئندي به ڏيئي پيا سگهجن پر انهن دوستن کي اڄ صرف ايتري صلاح ڏيندس ته، ٻيلي پنهنجي دل کي به وارو ڏيو ۽ اگر دل مان سگنل دماغ تائين اهو پهچي ٿو ته اهو عمل ڪرڻ گهرجي، ته ڪريو ۽ اگر نه، ته فيصلو پوءِ به دل جو هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو قافلو انهن پانڌيئڙن جو جڙي پيو، جيڪي ڏهاڪن کان ٿيندڙ ناانصافين کان بيزار آهن، جيڪي پنهنجي سماج ۾ امن ۽ خوشحالي ڏسڻ لاءِ بيقرار آهن، جيڪي پنهنجين زندگين ۾ هڪ معياري تبديليءَ جا ڳولهائو آهن، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ آهن ۽ منهنجو اهو پختو خيال آهي ته محبت صرف دماغ سان نٿي ڪري سگهجي، بلڪه اهو جذبو خالص ٿئي ئي تڏهن ٿو، جڏهن دماغ ۽ دل ۾ خوبصورت توازن پيدا ٿئي ٿو. سو محبت ڪندڙن جي ان قافلي ۾ جيڪو ماڻهو صرف دماغ سان شامل ٿيو، اهو ان پنڌ ۾ جلد ٿڪجي پوندو پر جيڪو تبديليءَ جو سفير بڻجڻ جو فيصلو دل ۽ دماغ سان ڪندو ته پوءِ ان گهڙيءَ هڪ گهنٽيءَ جيان اها سِٽَ سندس دل ۽ دماغ ۾ وڄندي ته، ”اٿو سنڌ جا وارثو، سنڌ کي بچايو“.
ڇنڇر 9 اپريل 2011ع