اعلان هزارين مان نه رڳو!
آئون ان ڳالهه جو سدائين حامي رهيو آهيان ته ڪا به ڳالهه اگر ڪجي ٿي ته هو هوا ۾ گم نه ٿي ويندي آهي، بلڪه ايندڙ وقتن ۾ ان جا اثرات فرد يا مجموعي طور سماج تي ضرور پوندا آهن. ساڳئي ريت 15 سالن کان جڏهن ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪيم پئي ته تنقيد ڪندڙن جو چوڻ هو ته هي مڙئي ڳالهيون آهن، ان جو ڪو اثر نه پوندو، پر گذريل سوا مهيني ۾ جيڪا هلچل ماڻهن منجهه نظر آئي آهي، ان کي ڏسي شايد ئي ڪو چئي سگهي ته، اسان جي سماج ۾ تبديليءَ جو تصور مڙيئي ڪا هوائي ڳالهه آهي. تبديليءَ جو خواب هاڻ هڪ سوچ ۽ تصور ٿي اُڀريو آهي، جيڪو صرف شهرن ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل ماڻهن نه پر اهو تصور مون ڪچي ۽ پڪي جي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ۾ پڻ ڏٺو آهي ۽ جن دوستن جو خيال هو ته ماڻهن کي ڪنهن تنظيم يا پليٽ فارم کان سواءِ هڪ سوچ سان سلهاڙڻ واري علي قاضيءَ جو خيال ديوانگي آهي، اهي هاڻ شايد مون کي ڏاهو نه به سمجهن، پر ان ديوانگيءَ ۾ موجود يقين جي سگهه سان ضرور سهمت ٿيا هوندا. اهو يقين ته سماج ۾ تبديليءَ لاءِ پهرين هڪ سوچ سان سلهاڙجڻ ضروري هجي ٿو آئون ان راءِ جو مخالف نه پر وڏو حامي آهيان ته ڪنهن به سوچ ۽ جذبي کي وڌيڪ سگهارو ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ تنظيم يا محور اشد ضروري هجي ٿو، پر سدائين اصرار اهو ڪندو رهيو آهيان ته اهو محور عوام جي خواهش تي، عوام پاران جڙڻ گهرجي ته جيئن اهو محور ڪنهن شخص جو محتاج نه هجي ۽ عوام ان محور جي مالڪي ڪري، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه بار بار چوان ٿو ته اگر تبديلي ماڻهن لاءِ اچڻي آهي ته اها آڻڻي به ماڻهن کي پاڻ پوندي. سنڌ ۾ اگر يوسي سطح تي نه به، تڏهن به تعلقي ۽ ضلعي سطح تي تبديلي پسندن جون گڏجاڻيون ٿيڻ گهرجن ته جيئن جيڪو فيصلو ٿئي، اهو ماڻهن جي گڏيل صلاح ۽ مشاورت سان ٿئي.
سنڌ جي گڏيل فهم کان سدائين انڪاري رهندڙ صاحبن کي يقينن گذريل سوا مهيني دوران مايوسي ٿي هوندي، پر سڄي سنڌ ۾ اميد جي هڪ نئين لهر اُڀرندي هر ڪو ڏسي سگهي پيو. لطيف جي اڱڻ ۾ اڀرندڙ نئين سنڌ جي اميد جو جيڪو سج اڀريو آهي، ان جا ڪرڻا سڄي سنڌ کي خوشحاليءَ جي روشنيءَ سان انشاءَ الله ضرور روشن ڪندا. اها دعا به آهي، خواب به آهي ۽ عزم به آهي، پوءِ ڀلي ڪير ڪيترا به الزام هڻي، طعنا ڏئي يا رنڊڪون وجهي، پر ان محبت جي سفر ۾ هاڻ اڳتي ئي هلڻو آهي، ڇاڪاڻ ته محبت جي ڪيفيت ۾ ماڻهوءَ کي اڳتي، اڃان به اڳتي، اڃان به اڳتي جو ڌيان رهي ٿو. جيستائين ”تون“ ۽ ”مان“ جو فرق مٽجي وڃي، جڏهن عاشق ۽ محبوب هڪ ٿي وڃن. ڌرتيءَ کي محبوب سمجهندڙن جو ڪاروان جاري و ساري رهندو، جيستائين محبوب جو سُک، اُن جي سونهن، اُن جي خوشحاليءَ واري منزل نٿي ماڻجي ۽ اڄ ان منزل جو پانڌيئڙو ڪو هڪ نه آهي، جنهن کي ديوانو چئي جمود ۽ مايوسي پرست خوش ٿي وٺن، بلڪه اڄ اهي ديوانا هزارن لکن جي تعداد ۾ آهن، جن پنهنجي محبوب سان وچن ڪيو آهي ته هو اُن کي ماءُ جي هنج جيان بڻائيندا، جنهن ۾ سُک، محبت ۽ شانتي هوندي.
خميس 26 جنوري 2012ع