وقت جي ٽِڪ ٽِڪ - II
ڪنهن محبت ۾ ورتل ماڻهوءَ کان اگر پڇجي ته توکي اها محبت ڪهڙي گهڙيءَ ۾ ٿي؟ ته ڪجهه ماڻهو ان جواب کانسواءِ ٻيو ڪو جواب نه ڏئي سگهندا ته، ”بس پهرين نظر ڏسندي ئي مونکي محبت ٿي وئي“. اهو جواب مونکي ڪڏهن به سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ Love at first sight (پهرين نگاهه ۾ ئي پيار) واري دعويٰ مون لاءِ هضم ڪرڻ سدائين ڏکي ڳالهه هجي ٿي پر ان تي ڪنهن ٻئي موقعي تي بحث ڪنداسين ۽ واپس ان نقطي ڏانهن اچون ٿا ته ڇا ماڻهو اٿاهه محبت جي باوجود ان گهڙيءَ يا لمحي بابت ٻڌائي سگهي ٿو، جنهن لمحي ۾ هو ڪنهن سان محبت جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيو هجي ٿو!؟ هڪ پراڻي هندوستاني گاني ۾ ڪجهه سٽون هن ريت آهن ته:
اک بار وقت سے لمحہ گرا کہیں
وہاں داستان ملیں، لمحہ کہیں نہیں
سو ڪڏهن ڪڏهن وقت مان ڪرندڙ هڪ لمحو فرد مٿان ڪا اهڙي ڪيفيت آڻي ڇڏي ٿو، جنهن لمحي مان پيدا ٿيل داستان ته ياد رهجيو اچي پر اهو لمحو پوءِ هٿ نٿو اچي. بلڪل ائين جيئن ڪو پاڻيءَ جو ڦڙو توهان ڍنڍ ۾ وجهندوء ته اهو ڦڙو ان ڍنڍ يا تلاءُ جو حصو ٿي ويندو پر اگر اهو ڦڙو ڪنهن گلاب جي پنکڙيءَ تي ڪيرائيندوء ته اهو پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي سگهندو.
اگر اسين سنڌ جي سماج جو مٿين ٿيل ڳالهين جي پس منظر ۾ جائزو وٺون ته لڳي ائين ٿو ته مجموعي طور سماج مايوسي ۽ ”ڪجهه نه ٿيندو“ واري ڪيفيت ۾ ورتل آهي. اها ڪيفيت سماج ۾ معروضي حالتن سبب پيدا ٿي آهي يا ٻين فيڪٽرز زوريءَ ان ڪيفيت کي هٿي وٺرائي پر شايد ئي سماج ۾ موجود ان مايوسيءَ واري ڪيفيت کان ڪير انڪار ڪري سگهي ۽ ان لاءِ ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار، ڪجهه سياسي پارٽين جي ڪارڪردگي ۽ ڪجهه وري اسان جي دانشور ۽ ساڃهه وند ڪلاس کي ذميوار قرار ڏين ٿا ۽ ذميواري ڪنهن جي مٿان به وجهون پر حقيقت اها ئي آهي ته اسانجو سماج مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، بلڪل ائين، جيئن ڪو ٽرڪ يا ٽرالر گپ يا واريءَ ۾ ڦاسي پئي ٿو پر فرق اهو آهي ته ان ڦاٿل ٽرڪ يا ٽرالر کي ڪڍڻ لاءِ وري ٽريڪٽر گهرايا ويندا آهن، جيڪي رسا ٻڌي ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍندا آهن پر مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل اسان جي سماج کي ان ڪيفيت مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به ٽريڪٽر نظر نه پيا اچن، بلڪه اگر ڀُل چُڪ ۾ ڪو ٽريڪٽر ان ڪم لاءِ سندرو ٻڌي ٿو ته اسان مان ئي ڪجهه ڀائي لوگ ان ٽريڪٽر کي اهڙي عمل کان روڪڻ لاءِ تن من سان سرگرم ٿيو وڃن. سماجيات جي موضوع جا شاگرد ان ڳالهه کان به انڪار نه ڪندا ته جڏهن ڪو سماج مجموعي طور ”ڪجهه نه ٿيندو“ واري ڪيفيت ۾ اچيو وڃي ته، ان سماج ۾ اجتماعي معاملات سان لاتعلقيءَ وارو رجحان به وڌيو وڃي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته، اسان وٽ گهڻي ڀاڱي ذاتي مسئلن ۽ اشوز کي ڇڏي ڪري اجتماعي اشوز تي فارغ وقت ۾ ويهي حال احوال کانسواءِ ڪو عملي ڪم ٿيندي گهٽ ٿو نظر اچي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچي ڳڻتي ٿئي ٿي. پاڪستان جي تاريخ ۾ مختلف سياسي تحريڪن کي جنم ڏيندڙ ۽ سياسي جاڳرتا رکندڙ طور سڃاڻپ رکندڙ اسانجو سماج جنهن تيزيءَ سان Depoliticise (غير سياسي بڻجڻ) ٿئي پيو، اهو ڪو مثبت رجحان ناهي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ صرف اهو بحث ڪرڻ ته، فلاڻو هن ڀيري اليڪشن ۾ بيهندو يا نه، ۽ فلاڻو کٽندو يا نه يا اقتداري سياست ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ کي سياسي حالات حاضرا تي تبصرو ڪرڻ ته چئي پيو سگهجي پر ان کي سياسي جاڳرتا، جنهن مان ڪنهن سماج جي اجتماعي مفادات جو تحفظ ٿئي، قرار نٿو ڏئي سگهجي. پر اقتداري سياست ڪندڙن جي محفل هجي يا ٻاڪڙا هوٽل تي ٿيندڙ ڪچهري، انهن ڪچهرين ۾ ذاتي نوعيت جي موضوعن کانپوءِ سياست تي بحث عام ٿين ٿا، جنهن جو گهڻي ڀاڱي دائرو اقتداري سياست ئي هجي ٿو. حڪومت ۽ عدليا جي ٽڪراءُ جو انت ڇا ٿيندو؟ وزير اعظم استعيفيٰ ڏيندو يا نه، وغيره پر ورلي توهانکي سنڌ جي اجتماعي صورتحال بابت منطقي قسم جو بحث ٻڌڻ لاءِ ملندو ۽ اگر سنڌ جي اجتماعي حالتن بابت گفتگو ٿي به رهي هوندي ته ان ۾ مسئلن جي اپٽار ۽ انهن تي هاءِ گهوڙا وڌيڪ ٿيندي ٻڌي سگهبي، نه ڪي ان جي حل بابت سنجيده ۽ منطقي ڳالهه ٻولهه. ٿي سگهي ٿو ته ڪير اتي اهو نقطو اٿاري ته سماج ۾ موجود گهڻ طرفي مسئلن جي حل جي ته گهڻي ڀاڱي سڀني کي ڄاڻ آهي ته اهي مسئلا سٺي حڪمرانيءَ سان ئي حل ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري ان تي روز روز ڇا ڳالهائجي؟ آئون ان نقطي کي رد ڪرڻ کانسواءِ هڪ ٻيو نقطو اٿارڻ ٿو چاهيان ته اگر سماج مجموعي طور پنهنجي انيڪ مسئلن جو ادراڪ کانپوءِ واري ڏاڪي يعني ان جي حل بابت ته ڄاڻ حاصل ڪري چڪو آهي ته به ملين ڊالرز جو سوال اهو ئي رهي ٿو ته هو اهو حل يا علاج تائين پهچندو ڪيئن؟ ظاهر آهي ته جڏهن علاج سٺي حڪمراني آهي ته اها ڪا سماجي تنظيم ته آڻي نٿي سگهي، بلڪه ڪا سياسي تنظيم اليڪشن ذريعي ان علاج کي سماج لاءِ حاصل ڪري سگهي ٿي. سو اگر پاڻ ايندڙ اليڪشنز ۾ جڙندڙ منظر نامي جو جائزو وٺون ته سنڌ ۾ امڪاني طرح صورتحال ڪجهه هن ريت هوندي ته پي پي پنهنجن اتحادين سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ سان چونڊن ۾ بهرو وٺي رهي هوندي، جن اتحادين ۾ ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ، اي اين پي ۽ ”ق“ ليگ کان ويندي ٻيا ڪجهه آزاد اميدوار هوندا. ياد رهي ته اهي اتحادي ماضيءَ ۾ پي پي جي مخالفت ۾ اتحاد جوڙي چونڊن ۾ بيهندا هئا پر انهن جو پاڻ ۾ اتحاد ڪرائڻ ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار اسٽيبلشمينٽ جو هوندو هو، جيڪا انهن سڀني کي هڪ هنڌ ويهڻ تي مجبور ڪندي هئي پر اسٽيبلشمينٽ سان پراڻو واسطو رکندڙ همراهن جو چوڻ آهي ته، سردست اسٽيبلشمينٽ صفا پرڀرو ٿي بيٺل آهي، تنهن ڪري هر ڪو پنهنجي منهن فيصلا ڪري پيو ۽ اگر عام چونڊن جي اچڻ تائين به پس پرده قوتون سياسي جوڙ توڙ کان پاسيريون رهيون ته ماضيءَ ۾ پي پي مخالف رهندڙ قوتن کي گڏجڻ لاءِ ڪو محور نه ملندو ۽ هو گهڻي ڀاڱي پي پي جي اتحادي طور ئي چونڊن ۾ لهنديون.
ان سڄي صورتحال ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نواز ليگ جي ميان نواز شريف سنڌ جي سياسي ميدان ۾ لٿو آهي، جيڪو پڻ اتي پي پي ۾ وڃڻ کان رهجي ويل با اثر ماڻهن کي پاڻ سان ملائڻ ۾ رڌل آهي. هڪ قومپرست پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ ته نواز ليگ ۾ مرڳو ضم ٿي وئي آهي. ٻين قومپرست پارٽين/گروپس سان نواز ليگ جون چونڊ اتحاد لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن. سو سنڌ ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ هڪ پاسي پي پي ۽ سندس اتحادي ۽ ٻئي طرف نواز ليگ ۽ سندس اتحادي آمهون سامهون هوندا پر پي پي جي حلقن مان ملندڙ خبرن موجب، پي پي عام چونڊن کان اڳ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پر ان ۾ وڏي رنڊڪ سندس اتحادي ايم ڪيو ايم پاران نئين بلدياتي نظام جي حوالي سان وڌل شرط آهن. اگر اهي شرط جيئن جو تيئن پي پي قبولي ٿي وٺي ته سندس سنڌي ووٽ بينڪ تي تمام ناڪاري اثر پوندو پر اگر نٿي مڃي ته ايم ڪيو ايم راضي نه ٿيندي.
عام چونڊون هلندڙ سال جي آخر ۾ ٿين ٿيون يا ايندڙ سال، پر نيٺ عام چونڊون ٿيڻون ته آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي مٿي بيان ڪيل امڪاني صورتحال به پنهنجي آڏو آهي ته پوءِ انگريزي جي هن چوڻيءَ جي صحيح هجڻ تي شڪ ٿيو پوي ته، Only Change is constant (صرف تبديلي ئي مستقل آهي) ڇاڪاڻ ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ به ڪهڙي تبديلي سنڌ جي حصي ۾ ايندي؟ پر اسانجي سياسي ۽ مجموعي طور سماج بابت خفو رکندڙن جي سوچ ۾ ان حد تائين تبديلي ضرور آئي آهي ته معاشري جي مجموعي ڀلائي ڪنهن سماجي مهم يا رڳو درس ڏيڻ سان نه ايندي، بلڪه اهو ڪم ڪا سياسي مهم، ڪنهن سياسي تنظيم ذريعي ئي ممڪن آهي. اها تبديلي مثبت آهي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ سماج بابت اپٽار ڪندڙن جي اڪثريت تبديليءَ بابت غير سياسي نسخا ٻڌائيندا هئا پر هاڻ اگر سماج جو Critical Mass (نقاد فرد) ان هڪ نقطي تي پاڻ ۾ سهمت ٿئي پيو ته حقيقي ۽ معياري تبديلي ڪنهن سياسي تحريڪ کانسواءِ ممڪن ناهي ته يقينن اها هڪ چڱي پيش رفت آهي پر ملين ڊالرز جو سوال اهو ئي رهي ٿو ته اهڙي ڪا تحريڪ يا تنظيم ٺاهڻ لاءِ اهو ساڃاهه وند طبقو ڪڏهن پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪندو؟
ٽن سالن کان رڙيون ڪيم پئي ته سنڌ جي وحدت تي وار لاءِ سانباها ٿي رهيا آهن پر شايد منهنجي ڳالهين سان سماج ائين Sensitize (حساسيت پيدا ڪرڻ) نه ٿي سگهيو، جيئن ٿيڻ گهرجي ها ۽ پاڻ ڏٺو ته جيڪا نيت ڌرين جي دلين ۾ هئي، اها ڦاٽ ڦاڙي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀتين ۽ هورڊنگ بورڊز تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارن نعرن ۽ نقشن جي صورت ۾ نظر آئي ۽ جيڪو ڪجهه 22 مئي تي سنڌ جي وحدت سان، محبت جو پيغام کڻي نڪتل ماڻهن سان ٿيو، اهو هڪ کليل نياپو هو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪو به سنڌ سان محبت جي ڳالهه ڪندو، ان جي آواز کي گولين جي گونجار ۾ خاموش ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماءُ، پنهنجي سنڌ جو جيڪو نالو کڻندو، اهو موت جو حقدار هوندو ۽ 22 مئي تي 13 کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪري اهو نياپو وڏي واڪي ڏنو ويو ته سنڌ جي وحدت کي خطرو هاڻ صرف ڪا خيالي ڳالهه نه پر هڪ ڀيانڪ حقيقت آهي. ڇا سنڌ جي وحدت بابت سماج ۾ حساسيت 13 شهيدن جي رت کانپوءِ به پيدا نه ٿيندي؟ ڇا اڃا به اقتداري يا گروهي مفادات ۾ ورتل اسانجي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي نه ايندي؟ ڇا ”ڪجهه نه ٿيندو“ واري ڪيفيت ۾ ورتل سماج کي 22 مئي جو سانحو لوڏي ”ڪجهه ڪرڻ کپي“ وارو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت نه ٿيندو؟
8 اپريل 2009ع تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون ”وقت جي ٽڪ ٽڪ“ (اهو مضمون منهنجي ڪتاب ۽ روزاني ڪاوش جي ويب سائيٽ تي پڙهي سگهجي ٿو) جو هڪ حصو ٻيهر موضوع جي مناسبت سان هيٺ ڏجي ٿو:
”تازو ڪنهن باخبر سنڌ دوست بزرگ مهربان شام جي ڪچهري جي پڄاڻي وارا ڍڪ گلاس مان ڀريندي چيو ته، ”اسان جو ته وقت پورو ٿيڻ وارو آهي، پر سنڌ جي پارت اٿوَ ڇاڪاڻ ته خطرا انيڪ آهن، پر هاڻ وقت سنڌ وٽ به ٿورو بچيو آهي!“ اهي جملا چوڻ مهل سندس اکين مان صاف محسوس ٿي رهيو هيو ته هو ڪنهن خمار ۾ نه، پر پنهنجي معلومات ۽ تجربي آڌار انتهائي تڪليف وچان چئي رهيو هو. ان بزرگ مهربان کي ته اهو چئي آٿت ڏنم ته سنڌگدڙن ناهي کاڌي، پر سندس اهو جملو ته ”وقت ٿورو بچيو آهي“ ڪيتري عرصي کان Haunt (لڳاتار پيڇو) پيو ڪري. ڪڏهن پاڻ کي اهو چئي دلاسو ڏيان ٿو ته سنڌ ته هزارن سالن کان رهندي پئي اچي، هاڻ وري ڇا ٿي ويندو؟ پر وري پاڻ کان ئي سوال ڪريان ٿو ته هزارن سالن کان سنڌ هڪ جهڙي جاگرافيائي صورت ۾ ته ناهي رهي، سو هاڻ ڇا ٻيهر....؟ وري چوان ٿو ته نه نه جيڪڏهن خدا نه ڪري سنڌ کي ڪو دک رسائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڪروڙين سنڌي ماڻهو ان کي روڪڻ لاءِ نڪري ايندا، پر وري سوال من اندر اچي ٿو ته، ”ڪٿي نڪري ايندا ۽ ڇا ان وقت ڇڙ وڇڙ ٿي نڪري اچڻ سان ڪو گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهندو“؟ پرڏيهي قوتون جيڪو هن خطي بابت رٿي رهيون آهن، انهن بابت جيڪي سرٻاٽ يا انٽرنيٽ تي ايندڙ نقشا جيڪو ڏس ڏئي رهيا آهن، انهن ۾ ڪراچي يا بلوچستان سان لڳندڙ سنڌ جي علائقن لاءِ جيڪو ڄاڻايو پيو وڃي، اهو ڪنهن ڀوائتي خواب کان گهٽ ڪونهي. آئون وري پاڻ کي تسلي ڏيان ٿو ته اهو سڀ ڪوڙ ۽ بڪواس آهي ۽ سنڌڙي صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، ان کي نه ئي ڪا لهر ايندي ۽ نه لوڏو! پر وري ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي چوان ٿو ته ”معنيٰ قاضي صاحب، سنڌ کي وقت جي سهاري ڇڏي ڏجي ته جيڪر ڪجهه نه ٿئي ته خير، پر خدا نه ڪري ڪجهه ٿيو ته وري اهو جملو ميار طور چئي وٺبو ته، ”جيڪڏهن وقت وفا ڪري ها ته اسان جي حالت اهڙي نه هجي ها!! جڏهن اهڙا جملا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته ڪراچي ”اسين“ سنڀالي وٺنداسين باقي سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ يا اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد جو بيان ته ”ملڪ ترقي ڪري يا ٽُٽي، پر ڪراچي ۾ پٺاڻن جو برابر جو حصو آهي.“ ته اهڙن بيانن کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال ڪيڏانهن پئي وڃي، اهو سمجهڻ لاءِ ڪو وڏو مفڪر يا ڏاهو هجڻ ته ضروري ناهي! ساڳئي ريت جيڪو ڪجهه آزاد علائقن کان ويندي سوات ۽ اسان سان گڏيل صوبي بلوچستان ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان صورتحال مان پرڏيهي قوتون جيڪو حاصل ڪرڻ جو رٿي رهيون آهن، ڇا سنڌ تي ان جا ڪاپاري اثر نه پوندا؟ جيڪو اهو سمجهي ٿو ته ڇاڪاڻ جو سنڌ انهن معاملن کان پري آهي، تنهن ڪري ان کي فڪر ڇو ڪرڻ کپي ته اهڙي سوچ رکندڙن کي يا انتهائي معصوم يا پوءِ کليل اکين سان گهري ننڊ ۾ ورتل ماڻهو چئي سگهجي ٿو. “
22 مئي تي شهيد ٿيندڙ سنڌ جي نياڻي غزالا صديقي سوڌو سمورن شهيدن کي سلام، زخمي ٿيندڙن کي سلام، جيجل ماءُ سان محبت جي اظهار لاءِ ڪولاچي ۾ ريلي ڪڍندڙ محبتين کي سلام، دهشتگردن جي فائرنگ دوران ڪوريج ڪندڙ صحافين کي سلام- پر ڇا صرف سلام موڪلڻ سان ڌرتيءَ جي وحدت تي ميري اک رکندڙ مڙي ويندا؟ ڇا 22 مئي جي سانحي تي لاڙڪاڻي يا بدين ۾ مظاهرا ڪرڻ سان اهي سازشون ڪندڙ ڊڄي ويندا؟ ڇا ڪنهن حڪمت عملي کانسواءِ ٿيندڙ ڇڙ وڇڙ احتجاج آئينده ڪولاچي ۾ سنڌ سان محبت جي اظهار جي مخالف دهشتگردن کي روڪڻ لاءِ ڪافي هوندو؟ ڌرتي جي وحدت لاءِ اجتماعي طرح سماج کي حساس ٿيڻو پوندو ۽ اسين چاهيون يا نه پر وقت جي ٽڪ ٽڪ ته هلندي رهندي ۽ ڪٿي، خدا نه ڪري، سڀاڻي ڪنهن وقت ۾ اسين اهو نه چئي رهيا هجون ته، ”ڪاش اسان ڪجهه ڪريون ها ته ائين نه ٿئي ها.“
خميس 24 مئي 2012ع