ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

عام ماڻهن جي “سنڌ ايجنڊا”

ميان نواز شريف پاران ڏنل يارنهن نقطن تي ٻڌل ايجنڊا کي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني قبولي ورتو، ان کان اڳ حڪومت پاران متحده قومي موومينٽ جا ظاهري طرح ڪيل مطالبا توڙي عوام آڏو ظاهر نه ڪيل مطالبن واري لسٽ به قبولي ورتي آهي، پر مون کي ڪنهن به ايجنڊا يا مطالبن جي لسٽ ۾ ڀان سيد آباد مان اغوا ٿيل نوجوان وقاص ميمڻ، گمبٽ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي سائره عالماڻي، بخشاپور مان اغوا ٿيل معصوم روشني ۽ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل شويم ڪمار سوڌو ڪيترن ئي اغوا ٿيلن جي بازيابيءَ جو نقطو يا مطالبو نظر نٿو اچي. مون کي مخالف ڌر جي نواز ليگ توڙي حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم جي پيش ڪيل ايجنڊا توڙي مطالبن ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي موذي مرض ۾ ورتل لکين سنڌ واسين جي علاج جو نقطو نظر نٿو اچي.
ساڳئي ريت بندن جي ٽٽڻ سبب آيل ٻوڏ جي ڪري دربدريءَ جي ور چڙهيل شديد ٿڌ کي منهن ڏيندڙ هزارين ڪٽنبن جي بحاليءَ جو نقطو به ڪنهن ايجنڊا، مطالبن جي ڪنهن لسٽ ۾ نظر نٿو اچي. سنڌ جي زرعي زمين، سم، ڪلر ۽ ٻين صوبن مان ايندڙ زهريلي پاڻيءَ سبب تباهه پئي ٿئي، تعليم جو حال هيڻو آهي، روڊ، رستن جي زبون حالي سوڌو انيڪ مسئلا، جن ڪروڙين سنڌ واسين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن، آخر ڇو ڪنهن جي ايجنڊا، ڪنهن جي مطالبن جي لسٽ ۾ آخري نمبرن واري نقطي جيتري ترجيح به حاصل نه ڪري سگهيا آهن.
اردو جي شاعر افتخار عارف جي ان شعر ته:
اي خدا مجهه ڪو اتنا تو معتبر ڪر دي
مين جس مڪان مين رهتا هون، اسي گهر ڪر دي


جي تشريح ته ڊگهي ٿي سگهي ٿي، پر بنيادي طرح شاعر مڪان ۽ گهر جي وچ جو فرق اهو بيان ڪرڻ چاهيو آهي ته گهر ۾ رهندڙن وٽ احساس ۽ جذبا هجن ٿا ۽ ان کان اهم اتي رهندڙن کي ان چار ديواري ۽ اتي رهندڙن سان جڙڻ ۽ مالڪيءَ جو جذبو هجي ٿو. پاڻ سڀ به اهو چئون ۽ مڃيون ٿا ته سنڌ اسان جو گهر آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن محسوس ائين ٿو ٿئي ته اسين گهر ڌڻي ٿيڻ ۽ ان لاءِ گهربل ڪردار ادا ڪرڻ کان نابري واري بيٺا آهيون. ڇا سنڌ کي اسان گهر بدران مڪان سمجهڻ شروع ڪري ڏنو آهي؟ اها ميار عام ماڻهن مٿان لاڳو ٿيڻ کان وڌيڪ اسان جي سماج جي ان ڪلاس يا طبقي مٿان وڌيڪ ٺهي ٿي، جيڪو ڏهاڪن کان ان سماج جي سار سنڀال ۽ اڳواڻي ڪندڙ آهي، پوءِ اهي سياسي فرنٽ تي هجن يا وڏن سرڪاري عهدن تي ويٺل ڪامورا هجن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ننڍڙي يا وڏي گهر ۾ حالتن جي وڌيڪ ذميواري ان گهر جي وڏن جي افعالن تي منحصر هجي ٿي، نه ڪي ان گهر جي ٻارن تي. سو ڏهاڪن کان جيڪي سنڌ جا وڏا هجڻ جا دعويدار رهيا آهن، کين ضرور پاڻ کان سوال ڪرڻ کپي ته ڇا انهن دلي طور سنڌ کي گهر سمجهڻ بند ڪري ڇڏيو آهي؟ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي عام ماڻهن کي به ضرور سوچڻ گهرجي ته جن کي هو وڏو ڪيو ويٺا آهن، انهن ڪٿي ”ٻيو گهر“ ته وسائي نه ڇڏيو آهي؟ مطلب ته اسان جي اڪثر ”وڏن“ وٽ ٻين ملڪن جي شهريت يا ٻين ملڪن ۾ اربين رپين جي ملڪيت ٺهيل آهي، جن جا ٻار به ٻاهر پڙهن ٿا. سو اسان جا عام ماڻهو جن وٽ هڪڙو ئي گهر (سنڌ) آهي، تن کي ضرور سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اگر هو نه سوچيندا ته ميار صرف گهر جي ”وڏن“ تي نه رهندي، ڇاڪاڻ ته اسان جا عام ماڻهو به بهرحال ڪي ٻار ته ناهن ۽ ٻي ڳالهه ته ”وڏن“ جي افعالن جي ڪري گهر جي ابتر حالتن کي ڀوڳڻو به ته عام ماڻهوءَ کي ئي پوي ٿو، نه ڪي ”وڏن“ کي. اسان جي جن اسڪولن ۾ ڪڪڙن جا ميل ٿين پيا، اتي ”وڏن“ جي ٻارن کي ته ناهي پڙهڻو. جن سرڪاري اسپتالن ۾ ڪتا ۽ ٻليون پيون گهمن ۽ سهولتن جي اڻاٺ آهي، اتي علاج لاءِ ”وڏن“ کي ناهي اچڻو. ڌاڙيلن جي چنبي ۾، ظاهر آهي، عام ماڻهو ئي ڦاٿل آهي. ساڳئي ريت ڪرپشن، بيروزگاري، وياج خوري وغيره وغيره، وغيره وغيره، انهن سڀني وغيران جو شڪار عام ماڻهو ئي آهي، نه ڪي اسان جا ”وڏا“. ان ڏس ۾ وڏو مثال تازو بندن جي ٽٽڻ سبب آيل ٻوڏ جو ڏئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ 95 سيڪڙو عام ماڻهن کي شديد تباهي ۽ بربادي کي منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته اگر ڪٿي ”وڏن“ جي ڪجهه سيڪڙي کي ٻوڏ سبب تڪليف آئي به ته اهي پنهنجي ڳوٺ واري حويليءَ کي ڇڏي ڪراچي يا اسلام آباد واري بنگلي ۾ اچي ويا، پر غوثپور جهڙن کوڙ سارن علائقن مان لڏ پلاڻ ڪندڙ عام ماڻهن کي ته سکر، حيدرآباد يا ڪراچي وغيره ۾ اهڙين ڪئمپن ۾ اچي ترسڻو پيو، جتي اهي کاڌ خوراڪ بنا پنهنجن ننگن جي مٿان ڇت کانسواءِ دربدر ٿيندا رهيا ۽ اڃا اهي ان سخت سياري جي موسم ۾ به واهر لاءِ پنهنجن ”وڏن“ ڏانهن واجهائي رهيا آهن. سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اهو عام ماڻهو ئي هو، جنهن ان ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي ڀوڳيو ۽ هاڻي جڏهن وري امڪاني طور دريا ۾ وڏن وهڪرن جي اچڻ ۾ لڳ ڀڳ باقي 165 ڏينهن وڃي بچيا آهن ۽ اسان جي ٽُٽي ويل بندن کي ٻيهر ٺاهڻ ۽ ڪمزور ٿي ويل بندن کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪم ٿيندي نظر نٿو اچي، ته وري اهو سوچي وار ڪانڊارجي وڃن ٿا ته خدا نه ڪري، وري ڪا تباهي آئي ته ان جو شڪار وري به عام ماڻهو ئي ٿيندو ۽ ”وڏا“ وري آٿت ۽ دلاسا ڏيندي نظر ايندا ۽ عام ماڻهو وري مدد لاءِ ايلاز، منٿون، احتجاج ۽ رڙيون ڪندي يا وري ”وڏن“ کي ميارون ڏيندي نظر ايندا!! پر آخر ائين ڇو؟ ڇو نه عام ماڻهو پنهنجي گهر جي پاڻ مالڪي ڪن ۽ ٻئي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ بدران اڄ ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، يعني پڇاڻو ڪن ته ڪهڙو بند ڪهڙي حالت ۾ آهي، ڪٿي ڪم ٿئي پيو، ڪٿي نه پيو ٿئي؟ جيڪا نگراني، جيڪا چوڪسي، جيڪا محنت جوهي، شهدادڪوٽ، دادو، هالا وغيره جي شهرين ٻوڏ اچڻ بعد ڪئي پئي، اها اڄ کان ڇو نه ڪجي! ٺوڙي يا سجاول، جتان بند ٽُٽا يا جتي روڻيون لڳيون، اتي ڪم جي صورتحال بابت اڄ ڇو نه سجاڳ ٿجي؟ جتي اريگيشن کاتو ڪم ڪري پيو، اتي انهن جي مدد لاءِ اڳتي اچجي، پر جتي ڪم نه پيو ٿئي، يا ناقص پيو ٿئي، اتي ان خلاف آواز اٿارجي، ڇاڪاڻ ته هي گهر پنهنجو آهي ۽ ان ۾ رهندڙن جي اڪثريت عام ماڻهن جي آهي ۽ مختلف مشڪلاتن کي ڀوڳي به اهو ئي عام ماڻهو ٿو، تنهن ڪري اهو انتظار ڪرڻ ته ڪو ٻيو پنهنجي ايجنڊا ۾ يا مطالبن جي لسٽ ۾ سنڌ جي عام ماڻهن جي هاڃن جي تدارڪ جو ڪو نقطو يا مطالبو شامل ڪندو يا ڏهاڪن کان سماج جي ”وڏي“ ٿيڻ وارو ڪردار ادا ڪندڙ ڪردار، گهر کي مڪان نه پر گهر سمجهندا، بدران هاڻ عام ماڻهو کي پنهنجي گهر، جنهن سان ان جو حال ۽ مستقبل جڙيل آهي، کي سنوارڻ لاءِ پنهنجي ايجنڊا ٺاهڻ گهرجي ۽ عام ماڻهو ان ”سنڌ ايجنڊا“ کي ٺاهڻ مهل اهو هرگز نه وساري ته ان ايجنڊا تي عمل ڪو ٻيو نه ڪرائيندو، بلڪه ان عام ماڻهن جي ايجنڊا تي عمل لاءِ عام ماڻهن کي ئي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هي گهر سندن پنهنجو آهي ۽ هو ٻار ناهن، بلڪه وقت جي تقاضا آهي ته هو پنهنجي گهر، پنهنجي سماج، پنهنجي سنڌ جا پاڻ وڏا ٿين.

خميس 13 جنوري 2011ع