اچو ته ڀٽائيءَ جي تصور واري بدليل سنڌ ڳولهي لهون!
اقتداري سياست بابت تجزيا لکندي ڪڏهن ڪڏهن نيو سعيد آباد جي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ٺهيل چانهه جي هوٽل تي بوٽ پالش ڪرڻ وارو ٽٽل برش ۽ ميرو ڪپڙو هٿ ۾ کڻي هر ڪنهن کي بوٽ صاف ڪرائڻ لاءِ منٿ ڪندڙ 6 يا 7 سالن جي اُن معصوم ٻار جي صورت منهنجي اکين ۾ تري اچي ٿي، جنهن جي اکين ۾ صاف نظر اچي رهيو هو ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو هو ڪرڻ نٿو چاهي. ڪجهه مهينا اڳ سکر مان حيدرآباد ايندي ان هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ترسيو هئس، پر ايترا مهينا گذرڻ باوجود اهو ٻار ۽ سندس اکين ۾ موجود بيوسي مون کي هر اُن مهل ياد اچي ٿي، جڏهن آئون جمهوريت، فوجي انقلاب، مفاهمت، مڊٽرم چونڊون وغيره لاءِ سياستدانن جا اخباري بيان پڙهان ٿو ۽ سوچيان ٿو ته پنهنجن پتڪڙن هٿن ۾ بوٽ پالش کڻي هوٽلن تي ماڻهن جون ڇڙٻون کائيندڙ اهو معصوم اسان جي اقتداري سياست ۾ ايترو Irrelevent (غير واسطيدار) ڇو آهي؟ حڪومت جي تبديليءَ سان ان ٻارڙي جي زندگيءَ ۾ ڪيتري تبديلي ايندي؟ اهو ٻار ڪهڙي سياسي پارٽيءَ جي ايجنڊا تي آهي؟ اقتداري سياست ۾ ڏينهن رات گذاريندڙ، ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته، منهنجي ان ڳالهه کي هڪ جذباتي ڳالهه قرار ڏئي رد ڪري ڇڏين، پر منهنجي خيال ۾ جنهن ماڻهوءَ وٽ جذبا نٿا هجن، اهو هڪ ڪاٺ جو ماڻهو هجي ٿو، تنهن ڪري آئون وري اصرار ٿو ڪريان ته اگر نيو سعيد آباد جي هوٽل تي ستن سالن جي عمر ۾ ست سئو مسئلن جو بنڊ مٿي تي کڻي هلندڙ ان ٻار جهڙا هزارين ٻار جيستائين اقتداري سياست ڪندڙن جي ايجنڊا تي نٿا اچن، تيستائين اهڙي سياست عام ماڻهن لاءِ به هڪ کيل تماشي کان وڌيڪ ڪا اهميت اختيار نه ڪري سگهندي. اگر اقتداري راند جي رانديگرن وٽ عام ماڻهوءَ جو درد صرف هڪ جذباتي مسئلو آهي ته پوءِ عام ماڻهن وٽ به حڪومتي بحران ۽ اقتداري سياست سان ڪو جذباتي تعلق ڪيئن جڙي ٿو سگهي؟ اگر ڪنهن جا ڳوڙها توهان لاءِ صرف اکين مان وهندڙ نمڪين پاڻي آهن، ته توهان لاءِ ڪير پنهنجا رت جا ڳوڙها ڇو ڳاڙيندو؟ ڇا اقتداري سياست جو مطلب صرف ٽوڙ جوڙ ڪري چونڊجي اچڻ ۽ پوءِ پنهنجن کي نوازڻ ۽ مخالفن کي ايذائڻ آهي؟ ڇا اقتدار صرف ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ داٻو قائم ڪرڻ جو نالو آهي؟ اقتداري سياست ۾ ڏهاڪن کان ان روش تي هلندڙ آخر پنهنجي سوچ تبديل ڇو نٿا ڪن؟ پر اگر اهي پنهنجي روش تبديل نٿا ڪن ته پوءِ انهن کي چونڊرائيندڙ عام ماڻهو، جيڪي ڏهاڪن کان هيڻي حالتن ۾ آهن، اهي پنهنجي روش ڇو نٿا تبديل ڪن؟
منهنجي نظر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فلسفي ۾ ڀرپور انداز ۾ تبديليءَ جو سڏ ڏنل آهي. هڪ اهڙي سنڌ ٺاهڻ جو سڏ، جيڪا آباد هجي، خوشحال هجي ۽ اهو ئي سبب آهي ته منهنجي نظر ۾ سنڌ جي هر وڏي، ننڍي شهر، هر وڏي ننڍي ڳوٺ، غرض ته يونين ڪائونسل جي سطح تي جيڪي تبديلي پسند آهن، انهن جي گڏجڻ لاءِ سڀني کان موزون هنڌ ڀٽ شاهه آهي، جيئن هڪ ڏينهن سڀ تبديلي پسند شاهه لطيف سان اچي ملون، سندس فلسفي کي ٻيهر سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون، ان فلسفي کي پنهنجي مستقبل لاءِ پنهنجو محور بڻايون. لطيف جي واٽ وٺندي تبديليءَ واري واٽ جا پانڌيئڙا بڻجون. آئون ڪو ڀٽائيءَ جو محقق ناهيان، پر منهنجي نظر ۾ شاهه سائين پاڻ خود هڪ تبديلي پسند هئا ۽ سندن فلسفو تبديليءَ جي علامت آهي. سو سوين سال اڳ تبديليءَ جو فهم ڏيندڙ ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي تبديليءَ جي تڙپ رکندڙ لکين ماڻهن جو اهو ميڙاڪو جڏهن به ٿيو، اهو ڏينهن بدليل سنڌ جي خواب جي ساڀيان ڏانهن سفر جو آغاز هوندو. اهو سفر، جيڪو محبت جو سفر هوندو، جنهن جي پانڌيئڙن جي دلين ۾ خالص جذبو ۽ اکين ۾ خواب هوندو ۽ دنيا جي تاريخ پڙهي ڏسي وٺو ته جنهن سفر جي پانڌيئڙن وٽ خالص جذبو ۽ خواب هجي، انهن پانڌيئڙن کي پنهنجي منزل تائين پهچڻ کان ڪير به روڪي ناهي سگهندو…... اچو ته ڀٽائيءَ جي تصور واري بدليل سنڌ ڳولهي لهون!
جمع 18 مارچ 2011ع