ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

جمود جو شڪار سياسي ڪلچر

مهينو ڏيڍ اڳ ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ۾ مون چيو هيو ته، ”ڪراچيءَ ۾ جيئن معاملا هلن پيا، اهي ائين جو ائين هاڻ هلڻ ممڪن ناهن، ڇا ٿيندو ڪيئن ٿيندو، ان جي خبر خدا کي پر معاملات ايئن نٿا هلي سگهن.“ اهو چوڻ مهل مون کي خبر نه هئي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي حالتن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي يا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنڊورا باڪس کولي ڇڏيندو يا اهو سڀ ڪجهه جيڪو پاڻ ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين، پر اهو طئي هيو ته جيئن معاملا هلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، يا هاڻ به جيئن ايڊهاڪ ازم جي بنياد تي معاملن کي اينگهائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ايئن اهو قصو هلي نه سگهندو ۽ هاڻ صاف نظر اچي پيو ته حالتون منطقي انجام ڏانهن وڌي رهيون آهن. ڪراچي صورتحال کي ٻن Layers (تهن/پڙن) ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هڪ اتي موجود مافيا انداز جون تنظيمون ۽ اُنهن پاران پنهنجو سياسي ۽ مالي داٻو برقرار رکڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ويڙهه، لسانيت، ڀتا خوري، قتل و غارتگيري وغيره جيئن ڪنهن زماني ۾ شڪاگو، نيويارڪ ۾ مختلف انداز ۾ هيو يا ممبئي ۾ اڄ به ٿوري فرق سان موجود آهي، پر ڪراچي معاملي جي ٻئي Layer (تهه/پُڙ) هن کي ممبئي يا دنيا جي ٻئي ڪنهن وڏي شهر ۾ موجود مافيائن ۽ گينگ وارز کان مختلف ڪريو ڇڏي، اها هي ته هي شهر هاڻ سڄي ملڪ جي سالميت جي حوالي سان پرڏيهي قوتن لاءِ هڪ Tool (اوزار) بڻجندو پيو وڃي. آمريڪا توڙي برطانيا ماضي ۾ به اسان جي اقتداري سياست ۾ اثرانداز ٿيندا رهيا آهن، پر هاڻي ڳالهه وڃي اتي پهتي آهي جو ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال هجي يا ڪنهن ڌُر کي ڪڏهن حڪومتي اتحاد ۾ هجڻ گهرجي ۽ ڪڏهن موڪلائي هليو وڃڻ گهرجي تي به انهن پرڏيهي قوتن جي وڌندڙ گرفت يقينن اسان جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ برداشت جوڳي ڳالهه نه هوندي ۽ خاص طرح جڏهن اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا وچ ۾ ماضي وارو قرب ڀريو رشتو به نه رهيو هجي. ڪو وقت هيو جو اسان جي اسٽيبلشمينٽ ڪابل جي حڪومتي جوڙجڪ تي پشاور مان اثرانداز ٿيندي هئي، هاڻ اهو ته ويو، پر مرڳو ڪراچي ڪڏهن جام ٿي وڃي، ڪڏهن ڪراچي پورٽ بند ٿي وڃي، ڪڏهن ڪير حڪومت ۾ اچي وڃي ۽ وري هليو وڃي، اگر ان تي به اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي محتاج ٿيندي محسوس ڪندي ته ظاهر آهي اها ڪيئن خاموشي سان اهو تماشو ڊگهو عرصو ڏسندي رهندي ته سندس معيشت ۽ ڪراچي پورٽ جي صورت ۾ ملڪ جي شهه رڳ تي ڪنهن ٻئي قوت جو پير هجي!! ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٽي وي پروگرام جي وچ ۾ اشتهارن جي وقفي جيان ڪراچي ۾ امن جو وقفو اچي به وڃي، پر اهو وقفو ئي هوندو، ڊرامي جو خاتمو نه هوندو.
تازو ميڊيا ۾ وڏي جڳهه ولاريندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا بيان، الزامات، انڪشافات وغيره جي جُذبات يا باريڪين تي اڳتي هلي ٿا تبصرو ۽ تجزيو ڪريون پر ڊاڪٽر مرزا جي ڳالهين کي پاڻ 64 سالن واري فرسوده ۽ جمود تي ٻڌل سياسي ڪلچر خلاف دانهن ۽ شاهدي طور به ڏسي سگهون ٿا ته اهو سياسي ڪلچر ڪيڏو ڌپ ڪري ويل ۽ عوام لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب جي ان سياسي ڪلچر خلاف شاهدي ۾ ڪا بنهه نئين ڳالهه ڪونهي پر ماڻهو اهي ڳالهيون ان ڪري غور سان ٻڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ان سياسي ڪلچر بابت هڪ اهڙو شخص ڳالهائي پيو، جيڪو زندگي جو ڳچ عرصو پاڻ انهيءَ ڪلچر جو حصو رهيو آهي. ڊاڪٽر مرزا جڏهن اهو چئي ٿو ته هو اقتدار ان ڪري ڇڏي ٻاهر نڪتو آهي ته جيئن ماڻهن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ته ان جو سڌو مطلب اهو ئي آهي ته فرسوده سياسي ڪلچر مان جنم وٺندڙ اقتداري سياست ۾ عوام جي ڀلائي يا چڱائي ممڪن ناهي. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان جنهن سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي آئون تبليغ ڪري رهيو هئس لڳي ٿو ته هاڻ اهو سياسي ڪلچر شايد ايترو ڌپ ڪري ويو آهي جو اُن ڪلچر ۾ ڏهاڪا رهندڙ ماڻهن جو به ان ۾ دم گهٽجڻ لڳو آهي ۽ هو ان خلاف ظاهر ظهور شاهد بڻجي رهيا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تازي ڪيل پريس ڪانفرنس يا انٽرويوز بابت ان بحث کانسواءِ ته هن کي ايئن ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ۽ هن جا الزام صحيح آهن يا ناهن، پاڻ صرف ڪجهه بنيادي نقطن تي فوڪس ڪريون ٿا، جنهن مان هڪ اهو ته ڊاڪٽر صاحب ڪراچي جي حالتن جو ذميوار ايم ڪيو ايم کي قرار ڏنو آهي، جيڪا پي پي حڪومت ۾ سوا ٽن سالن کان اتحادي هئي ۽ هاڻ جلد ٻيهر اتحادي بڻجڻ واري آهي. متحده ان ڪري اتحادي هئي، جو صدر زرداري صاحب ”مفاهمت“ واري پاليسي تي گامزن هئا/آهن. پر هاڻ به ڊاڪٽر مرزا صاحب چون ٿا ته زرداري صاحب سندن وڏا آهن، محسن آهن ۽ اگر هو (زرداري صاحب) چون تي هي (مرزا صاحب) کوهه ۾ به ٽپو ڏئي ڇڏيندا، سو سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اگر سڀاڻي وري زرداري صاحب، مرزا صاحب کي وزير بڻائي، ايم ڪيو ايم سان گڏ ڪابينا ۾ ويهڻ جو حڪم ڪندا ته ڇا مرزا صاحب انڪار ڪري ڇڏيندا؟ اگر سڀاڻي زرداري صاحب پنهنجي پراڻي دوست کي رحمان ملڪ سان پرچڻ جو حڪم ڏنو ته ڇا ڊاڪٽر صاحب انڪار ڪري ڇڏيندا؟ ڊاڪٽر مرزا اعلان ڪيو آهي ته هو سياست کي خير آباد ڪري رهيا آهن، پر ساڳئي وقت هو چون ٿا ته ڪراچي ۾ هو ماڻهن کي گڏائي حالتون بهتر ڪندا، سو ڇا اها سياست نه هوندي؟ اگر سندن مراد هٿياربند جدوجهد سان آهي ته اُها به جڏهن مخصوص حالتن کي بدلائڻ لاءِ ڪبي آهي ته ان کي به سياست جو هڪ انداز ئي چئبو آهي، پر انهن سڀ ڳالهين کان وڌيڪ اهم ۽ قابل غور ڳالهه جنهن کي آئون ڊاڪٽر مرزا صاحب جي سموري پريس ڪانفرنس ۽ انٽرويوز جو تت سمجهان ٿو، اها هي آهي ته ڊاڪٽر مرزا چيو ته، ”آئون مرڻ گهڙي تائين پي پي ۾ رهندس ۽ منهنجي ڪري پي پي کي (ايندڙ عام چونڊن) ۾ اڃان وڌيڪ ووٽ ملندا.“ سوال اهو ٿو اڀري ته سندن ڪاوڙ، تنقيد ۽ الزامن جو محور ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ گڏ رکڻ، ان جي خلاف مرزا صاحب چواڻي ڪو ايڪشن نه کڻڻ وغيره جو ڪارڻ پي پي قيادت جي پاليسي آهي، جيڪا مرزا صاحب جي احتجاج باوجود جاري ساري آهي ۽ رهندي، ساڳئي ريت مرزا صاحب ڪاوڙ جو ٽارگيٽ نمبر ٽو رحمان ملڪ کي سنڌ مان سينيٽ جي چونڊ کٽرائڻ، کيس وزير داخلا جو عهدو ڏيڻ، مٿس حد درجي جو اعتماد پي پي قيادت ڪيو آهي ۽ جيڪو پڻ جاري رهندو، سو مرزا صاحب چواڻي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر پي پي کي وڌيڪ ووٽ وٺرائي ڏيڻ جو سبب بڻبو ته ان جو سڌو مطلب اهو ئي ٿيو ته سندس اها خواهش آهي ته ايندڙ حڪومت به پي پي جي هجي ۽ جنهن جو مطلب ظاهري طرح اهو ئي ٿيندو ته جيڪو اڄ آهي، اهو ئي سڀاڻي به هوندو، ڇاڪاڻ ته جنهن سببن جي ڪري زرداري صاحب مفاهمتي پاليسي اڄ اختيار ڪيل آهي، اهي سبب سڀاڻي ايندڙ پي پي حڪومت ۾ ڇو ختم ٿي ويندا؟ اگر اڄ زرداري صاحب لاءِ رحمان ملڪ ڀروسي جوڳو ماڻهو آهي ته سڀاڻي ٺهندڙ حڪومت ۾ ڇو مٿس ڀروسو ختم ٿي ويندو؟ اگر اڄ بابر اعواڻ اچي رات جي پيٽ ۾ سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪري ٿو وڃي، جنهن بابر اعواڻ لاءِ ڊاڪٽر مرزا جو چوڻ آهي ته هو کيس سياستدان به نٿو مڃي، ته سندس مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پئي، ڇاڪاڻ ته زرداري صاحب جي نظر ۾ تو هو لائق سياستدان آهي ته سڀاڻي ٻيهر پي پي حڪومت ۾ بابر اعواڻ کي سنڌ جا فيصلا ڪرڻ کان ڪير روڪيندو؟ ڊاڪٽر مرزا ڪالهه اها ڳالهه به ڪئي آهي ته هو گورنر عشرت العباد، رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ خلاف تحريڪ هلائيندو. هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي حڪومت جو حصو آهن، ۽ حڪومتي ماڻهن خلاف تحريڪ جو مقصد حڪومت خلاف تحريڪ هجي ٿو، ۽ مٿين سطح تي حڪومتي واڳون ته وري به ان ئي آصف زرداريءَ جي هٿ ۾ آهن، جنهن جا هٿ ڊاڪٽر مرزا مضبوط ڪرڻ چاهي پيو، پوءِ ان جي حڪومت خلاف هو تحريڪ ڪيئن هلائيندو؟ ۽ انهن سوالن سان گڏ سئو ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته مرزا صاحب جنهن پي پي کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ وٺرائي ڏيڻ لاءِ خواهشمند آهي، اُن پي پي جو سربراهه آصف علي زرداري صاحب آهي ۽ پاليسي اُها ئي هلندي، جيڪا زرداري صاحب چاهيندو، پوءِ اها هاڻوڪي حڪومت هجي يا ايندڙ ٺهندڙ حڪومت هجي، سو ڊاڪٽر مرزا صاحب کي ماڻهن کي اها منطق ضرور سمجهائڻ گهرجي ته هو پي پي حڪومت جي هاڻوڪي پاليسين کان سخت ناخوش به آهي، پر گڏوگڏ هو چاهي ٿو ته ساڳئي حڪومت ٻيهر اچي!! ڳالهه سمجهه کان زور آهي.
چون ٿا ته سياست ۾ ڪو به مستقل دوست يا مستقل دشمن ناهي هوندو، بلڪه سياست ۾ مستقل صرف مفادات هوندا آهن، پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آصف زرداري صاحب جي ته 40 سالن جي پراڻي گهاٽي دوستي رهي آهي، تنهن ڪري اگر سڀاڻي ڊاڪٽر مرزا رسامو ختم ڪري ٻيهر پارٽي ۾ سرگرم ٿي ويو ته گهٽ ۾ گهٽ مون کي ڪا حيرت نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اسان جي اقتداري سياسي ڪلچر ۾ ايئن ٿيڻ ڪا عجب ڳالهه ناهي هوندي، پر اها به تلخ حقيقت آهي ته ڪنهن حڪومت جي اچڻ يا وڃڻ، ڪنهن جي پرچڻ يا رُسڻ، ڪنهن جي ڪنهن الزام يا انڪشاف سان سنڌ جي مجموعي صورتحال تي ڪو به اثر نه پئجي ويندو. جيستائين هي فرسوده مدي خارج سياسي ڪلچر نٿو مٽجي، تيستائين منظر ۽ ڪردار بدلبا رهبا، پر بدليل سنڌ نظر نه ايندي. اڍائي سال اڳ لکيل هڪ مضمون ”جاڳندا رهجو“ ۾ سنڌ جي وحدت خلاف سازشن جي حوالي سان سنڌ واسين کي خبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، جيڪو اڄ پاڻ ٿيندي ڏسون پيا. اڄ وري حالتن جي رحم و ڪرم تي سازشن ۽ سطحي قسم جي سياسي ڪلچر ۾ بنا وانجهي جي سنڌ جي ٻيڙي جي (خدا نه ڪري) ٻڏڻ جو ڊپ ورائي بيٺو آهي. آئون وري سنڌ جي اجتماعي ڏاهپ ۽ فهم کي سڏ پيو ڏيان ته پنهنجي ٻيڙي جا وانجهي ٿيو، بچائي سگهو ته بچائي وٺو، پنهنجي گڏيل سگهه سان اهو عمل ڪيو، جنهن عمل کان پوءِ ڪنهن ردعمل ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، ڇاڪاڻ ته جنهن تيزيءَ سان وقت جي ٽِڪ ٽِڪ ٿئي پئي، اُن ۾ اگر سنڌ پنهنجي گڏيل عمل جو مظاهرو ڪندي حالتن جون واڳون پنهنجن هٿن ۾ نه ورتيون ته پوءِ شايد ردعمل ظاهر ڪرڻ جو وقت به نه بچي.

ڇنڇر 3 سيپٽمبر 2011ع