ڪرشن چندر – سڀني جو ليکڪ : زيب سنڌي
ڪرشن چندر ظاهري طور تي سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ هڪ پرڏيهي ليکڪ آهي، پر ذهني طور تي سنڌ جي پڙهندڙ کي هو ڪڏهن به اوپرو ناهي لڳو. خليل جبران جيان ڪرشن چندر به اهو پرڏيهي ليکڪ آهي، جنهن سنڌ جي پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي آهي. فقط سنڌ ۾ ڇا، پر مان سمجهان ٿو، ڪرشن چندر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾، ڪنهن به ٻوليءَ ۾، جتي به ڇپيو آهي، اتي هن پڙهندڙن کي پڪ سان ائين ئي متاثر ڪيو هوندو، جيئن اسان هن کي پنهنجو پنهنجو سمجهڻ لڳا آهيون؛ ۽ اهڙي حيثيت ، دنيا جا گهٽ ليکڪ ماڻي سگهندا آهن. نه فقط ڪرشن جو انداز، پر سندس موضوع به اهڙا آهن، جيڪي نه فقط هندستان ۾ اهميت رکن ٿا، پر باقي دنيا سان گڏ، خاص طور تي ٽين دنيا جي هر فرد کي انهن ۾ پنهنجا عڪس نظر اچن ٿا. سندس انيڪ ڪهاڻيون پڙهندي ڪڏهن به اهو خيال ناهي آيو ته ڪو اُهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ نه، پر ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن؛ ۽ اهي ڪهاڻيون، جيڪي هن سنڌي ڪردارن تي لکيون آهن، انهن کي پڙهندي ته ويتر اهو تصور به نه ٿو اچي ته ڪو اهي سنڌي ڪهاڻيون ناهن – اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا محرڪ آهن، جن جي ڪري ڪرشن چندر نه فقط سنڌ جي عام پڙهندڙ کي موهيو آهي، پر هن سنڌ جي ليکڪن کي به متاثر ڪيو آهي. نه فقط اهو، پر هن سنڌ جي نظرياتي – سياسي ورڪرن جي ذهني اوسر ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
اڄوڪي سنڌ کي پنهنجو لڳندڙ هيءُ ليکڪ، 23 نومبر 1913ع تي، ڀرت پور (راجستان) هندوستان ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد ميڊيڪل آفيسر هو. سندس پيءُ جو نالو گوري شنڪر هو، جيڪو اصل وزير آباد (هاڻوڪي پاڪستان جي پنجاب صوبي) جو رهاڪو هو. سندس ماءُ جو نالو پرميشوري ديوي هو. ڪرشن کي ٽي ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي، ۽ هو انهن سڀني ۾ وڏو هو. سندس ڀاءُ مهيندر ناٿ ۽ ڀيڻ سرلا ديوي پڻ مڃيل ڪهاڻيڪار هئا. هن پنهنجي پيءُ ماءُ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ”بابا جو رنگ ڀورو، امڙ جو ڪڻڪائون ۽ بابا جي ويڪري پيشاني، ۽ امڙ جون مامتا ڀريل وڏيون وڏيون اکيون اڄ به ياد اٿم.“
هو ننڍپڻ کان 1929ع تائين پونڇ ۾ رهيو، ۽ شروعاتي تعليم به اتي ئي حاصل ڪيائين - ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هو 1929ع ۾ لاهور آيو، جتي 1933ع ۾ بي- اي ۽ 1935ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم- اي ڪيائين؛ ۽ پوءِ ماءُجي خواهش تي ايل – ايل- بي به ڪيائين، پر وڪالت ڏانهن سندس لاڙو ڪڏهن به نه ٿيو.
ڪرشن چندر جي پهرين زال جو نالو وديا وتي هو، اها شادي لاهور ۾ ٿي هئي. ڪرشن چواڻي، ودياوتيءَ سان شاديءَ وارو سال 1933ع يا 34ع هو. جڏهن ته وديا جي چوڻ موجب سندن شادي 1939ع يا 1940ع ۾ ٿي هئي. چيو وڇي ٿو ته ودياوتي ڏاڍي تنگ نظر ۽ چيڙاڪ عورت هئي، ۽ ڪرشن سان سندس ڪابه ذهني هم آهنگي نه هئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪرشن ذهني سڪون لاءِ گهر کان ٻاهر ئي واجهائيندو رهندو هو. هن ڪيترائي عشق به ڪيا، پر آخرڪار سلميٰ صديقي سان شادي ڪيائين.
سلميٰ صديقيءَ سان شاديءَ وقت مذهبي مسئلو سندس سامهون آيو. جيتوڻيڪ هو خانداني حوالي سان هندو هو، پر نظرياتي طور تي اشتراڪي هو، ۽ هن انهيءَ ئي فلسفي کي پنهنجي فن ۾ به سموهيو هو، ته اهوئي جذبو سندس زندگيءَ تي ڇانيل به رهيو؛ پر مذهب کان انڪار جي باوجود هو مذهبي سوچ کان پنهنجو تعلق ٽوڙي نه سگهيو. جڏهن سندس ڪو ويجهو دوست يا مائٽ سخت بيمار ٿي پوندو هو ۽ موت اچي مٿان بيهندو هو، تڏهن سندس هٿ دعائن جي صورت اختيار ڪري وٺندا هئا، ۽ هو خدا کي ٻاڏائڻ لڳندو هو. جڏهن سلميٰ صديقي جي ماءُ ضد ٻڌي بيٺي ته سندن شادي اسلامي طريقي مطابق ٿيندي، تڏهن ڪرشن نالي ماتر انڪار ڪرڻ کان پوءِ راضي ٿي ويو. سندس نالو ”الله رکيو“ رکيو ويو، پر کيس اهو نالو نه وڻيو ۽ پوءِ سندس نالو بدلائي وقار الملڪ رکيو ويو؛ پر هو وري به ڪرشن چندر ئي رهيو – ڇو ته هو نالن جي هير ڦير ۾ نه، پر انسانيت جي اعليٰ آدرشن ۾ يقين رکندڙ ذهن جو مالڪ هو. انهيءَ سلسلي ۾ سلميٰ صديقيءَ جو چوڻ آهي ته ”هو انسانيت تي ئي يقين رکندو هو، ڪنهن ازم يا مذهبي روايتن جو پابند نه هو – پر هن، مون کي ڪنهن به قيمت تي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو.“
سلميٰ صديقي سان سندس شادي 7 جولاءِ 1961ع تي نيني تال ۾، اسلامي رسمن مطابق ٿي. ڪرشن چندر کي پهرين زال وديا وتيءَ مان ٽي ٻار ٿيا، هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئر – وديا وتيءَ سان سمورا لڳ لاڳاپا ختم ڪرڻ کان پوءِ به هو کيس گهر جو خرچ پکو ڪشادو ڏيندو هو، ۽ اهو سلسلو ڪرشن جي موت تائين جاري رهيو. ساڳئي وقت ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن به هو خاص ڌيان ڏيندو رهيو. نه فقط اهو، پر هن پنهنجي وصيت ۾ سلميٰ لاءِ ٽيون حصو رکيو ۽ باقي ٻه حصا ۽ پنهنجي ڪتابن جي رائلٽي ودياوتيءَ جي نالي ڪيائين. جيئن کيس ڪا به تڪليف نه ٿئي. سلميٰ صديقيءَ مان کيس ڪوبه اولاد نه ٿيو، پر هن سلميٰ جي اڳ ڄائي پٽ کي به هڪ مثالي پيءُ جيان بيحد محبت ۽ شفقت سان پاليو.
ڪرشن بنيادي طور تي نهايت ٿڌيءَ طبيعت جو مالڪ هو، هو صاف سٿرا ۽ نفيس ڪپڙا پائيندو هو ۽ سٺو کاڌو کائيندو هو.
هن لکڻ جي شروعات لاهور ۾ ئي 1935ع کان ڪئي، ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو به لاهور ۾ ئي 1939ع ۾ ”طلسم خيال“ جي نالي سان ڇپيو. 1935ع ۾ ئي سندس پهريون ڊرامو ”حجامت“ پڻ پڇيو هو. 1938ع ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي پهرين ڪانفرنس ڪلڪتي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ڪرپشن چندر پنهنجي صوبي (پنجاب) جي نمائندگي ڪئي هئي. کيس انهيءَ تنظيم جو پنجاب لاءِ سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو، ۽ جڏهن هو دهليءَ ۽ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو هو، تڏهن اتي به کيس انهيءَ تنظيم جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هو.
سرڪاري نوڪريءَ ۾ ريڊيو تي هو نومبر 1939ع ۾ پروگرام اسسٽنٽ جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو، پر هو ڪمُ ڊرامي جي پروڊيوسر طور ڪندو رهيو. انهيءَ زماني ۾ مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽوءَ، پروڊيوسر ڪرشن چندر لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا هئا. 41-1940ع ۾ ڪرشن پاڻ به ريڊيو لاءِ ڪجهه ڊراما لکيا.
جيتوڻيڪ سرڪاري نوڪري سندس طبيعت جي خلاف هئي، پر سندس ڪم اهڙو هو، جنهن جو واسطو سڌو سنئون ادب ۽ فن جي متحرڪ دنيا سان هو، تنهن ڪري نوڪريءَ واري زماني ۾ به سندس اندر جو ليکڪ سگهارو ئي ٿيندو رهيو، پر سرڪاري نوڪري سندس ذهن کي ڏانوَڻ وجهي نه سگهي.
پنهنجي باغي طبيعت سبب هو ڪڏهن سرڪاري نوڪريءَ کي ذهني طور تي قبول ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري نوڪريءَ سان نڀاءُ به ڪري نه سگهيو. ريڊيو جي نوڪريءَ ۾ هو لاهور، دهلي ۽ لکنو جي اسٽيشنس تي رهيو. اها نوڪري هن فقط ٽي سال ڪئي ۽ مناسب موقعو ملڻ شرط استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين؛ پر هن بهرحال جيترو به عرصو نوڪري ڪئي، ايمانداريءَ، محنت ۽ سچائيءَ سان ڪئي.
نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ڪرشن چندر شاليمار پڪچرز پونا سان لاڳاپجي ويو. هو ممبئيءَ جي فلمي دنيا سان به وابسته رهيو. پنهنجي هڪ ڊرامي ”سراءِ سي باهر“ تي ساڳئي نالي سان فلم ٺاهيائين. هڪ ٻي فلم به ٺاهيائين، پر ڪاروباري لحاظ کان اهي ٻئي فلمون ناڪام ثابت ٿيون.
پرفارمنگ آرٽ سان ننڍپڻ کان ئي دلچسپي هيس. اسڪول واري زماني ۾ ئي هن ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ به حصو ورتو هو. اهوئي سبب آهي، جو پنهجي ٻنهي ذاتي فلمن جي ناڪاميءَ کان پوءِ به هو فلمي دنيا سان هڪ وڏي عرصي تائين لاڳاپيل رهيو، ممبئيءَ وڃڻ جو خيال ته دل مان ڪڍي ڇڏيائين، پر ٻين فلمن لاءِ هو مڪالما، منظر ناما توڙي ڪهاڻيون پڻ لکندو رهيو؛ پر حقيقت ۾ انهيءَ سان هو پاڻ کي مطمئن ڪري نه سگهيو. انهيءَ جو سبب اهو هو ته هو جنهن ذهني سطح جو ماڻهو هو، فلمن جو معيار انهيءَ سطح تي پهچي نه سگهيو؛ تنهن ڪري اڳتي هلي، هن فقط ڪهاڻي ۽ ناول تي ئي ڌيان ڏنو ۽ اهوئي سندس آخري دور تائين گذر سفر جو وسيلو به رهيو.
هن جو قلم ايترو ته سگهارو هو، جو هن نه فقط پنهنجي قلم کي روزگار جو وسيلو بڻايو، پر هن ايترو ڪجهه ڪمايو ۽ سندس زندگي ائين گذري، جنهن لاءِ ٻيا لکندڙ سڌون ڪندا آهن.
ڪرشن چندر جي مقبوليت فقط هندستان يا پاڪستان تائين محدود ناهي رهي، روس ۽ ۾ جرمني سوڌو هو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقبول رهيو. اڳوڻي سوويت يونين جي ڏهن زبانن ۾ ڪرشن جي ڪهاڻين جا 21 مجموعا ترجما ٿيا، جن جي ڪاپين جو ڳاڻيٽو اٺ لک پنجهٺ هزار آهي. روس ۾، ڪيترن تبصرن کان سواءِ سندس ناول ”باون پتي“ تي تحقيقي مقالو پڻ لکيو ويو.
ڪرشن جي چوڻ موجب روس ۾ سندس ڪتابن جي رائلٽي ويهه لک روپيا موجود هئي.
ڪرشن چندر جيتري مقبوليت اردوءَ جي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي ناهي ملي. پروفيسر خواجا احمد فاروقيءَ لکيو آهي، ”ڪرشن چندر جي ڪتابن جو دنيا جو سٺ زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.“
ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ مطابق ”سندس ڪتاب انگريزي، روسي، ڊچ، ناروين، فرينچ، اٽالين، جرمن، چيڪ، روماني، پولستاني، هنگرين، سلواڪ ۽ ٻين ڪيترين پرڏيهي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مقبوليت ماڻي چڪا آهن ۽ انهيءَ ڪري سندس نالو عالمي افسانوي ادب ۾ ڳڻجڻ لڳو آهي.“
دنيا جي انيڪ ٻولين کان سواءِ هندستان جي ته مڙني ٻولين ۾ سندس ڪتاب ترجمو ٿيا ۽ اڪثر ٻولين ۾ کيس انهن ٻولين جي اصل ليکڪن کان به وڌيڪ مقبوليت ملي. هندستان ۾ سندس مقبوليت جو هڪ دلچسپ رخ اهو به هو ته هو وڏن وڏن مشاعرن ۾ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي، مشاعري جو رنگ ڦيرائي وٺندو هو، ۽ سندس موجودگيءَ ۾ مڃيل شاعر به شعر پڙهڻ کان ڪيٻائيندا هئا. ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ئي اصل مشاعرو سمجهي ويندي هئي.
سردار جعفريءَ جهڙي مڃيل نقاد ۽ شاعر، ڪرشن چندر جي انهيءَ خوبيءَ بابت لکيو آهي، ”سچ ته ڪرشن جي نثر تي مون کي ريس ايندي آهي. هو بي ايمان شاعر آهي، جيڪو ڪهاڻيڪار جو روپ اختيار ڪري ايندو آهي ۽ وڏين وڏين محفلن ۽ مشاعرن ۾ اسان سڀني ترقي پسند شاعرن کي شرمسار ڪري هليو ويندو آهي. هو پنهنجي هڪ هڪ جملي تي غزل جي مصرعن وانگر داد حاصل ڪندو آهي، ۽ مان دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو آهيان، ته چڱو ٿيو جو انهيءَ ظالم کي مصرع موزون ڪرڻ جو سليقو نه آيو، نه ته ڪنهن شاعر کي وڌڻ نه ڏئي ها.“
ڪرشن چندر بنيادي طور تي شاعراڻو ذهن رکندڙ انسان هو. کيس ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس نثر ۾ شاعراڻي سونهن موجود آهي. هتي انهيءَ واقعي جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته اسڪول واري زماني ۾ ئي سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو هو. هن ڪا شيءِ لکي، ۽ پنهنجي اسڪول جي استاد کي ڏيکاري هئي. جيڪو شاعر به هو. سندس استاد دينا ناٿ شوق نٿي چاهيو، ته هن ئي شهر ۾ ڪو ٻيو شاعر به سڃاتو وڃي،تنهن ڪري رقابت مان سندس تخليق پڙهي، هڪ چماٽ سندس ساڄي ڳل تي هنيائين ۽ ٻي کاٻي تي وهائي ڪڍيائين، ۽ چيائين، ”هي شاعري آ؟ هن جو رديف ڇا هي؟ قافيو ڪٿي آهي؟ بحر ڪهڙو آ، وزن ڪٿي آ؟“
اهي ڏينهن، اهي شينهن – وري ڪرشن چندر شاعري ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر مزي جي ڳالهه اها به آهي، ته جڏهن 1973ع ۾ هندستان سرڪار پاران ڪرشن چندر بابت ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي پئي وئي، ۽ فلم يونٽ سان گڏ ڪرشن چندر، پونڇ پهتو هو، تڏهن سرڪاري ڪامورن کان سواءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ سندس آجيان ڪئي هئي، ۽ شهرين پاران ڏنل آجياڻي ۾ ڪرشن چندر جي ساڳئي استاد، جنهن کيس شعر لکڻ تان مار ڏني هئي، ڪرشن چندر جي شان ۾ اچي شعر پڙهيو!
مشاعرن کان سواءِ ڪرشن پنهنجون ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جي خاص ويهڪن ۾ به پڙهي ٻڌائيندو هو. هڪ ڪهاڻي ويهڪ جي باري ۾ اردوءَ جو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، رام لعل لکي ٿو، ”10 نومبر 1973ع جي شام تي ساهتيا اڪيڊمي اتر پرديش پاران لکنو ۾ ڪوٺايل هڪ ڪهاڻي ويهڪ ۾ ڪرشن چندر ڪهاڻي پڙهي، ۽ ايترو داد حاصل ڪيو، جو پوءِ ڪوبه ڪهاڻيڪار ڄمي نه سگهيو، ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻين جو فقط خلاصو ٻڌائي جان ڇڏائي!“
نئين ٽهيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سندس اسٽائيل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سدائين کين اهو ئي چوندو هو ته، ”ڪرشن چندر بڻجڻ کان پاسو ڪيو، مون جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو، اهي ٿيو، جيڪي توهان آهيو – جيڪي توهان ٿي سگهو ٿا. ادب ۾ پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ، پنهنجي شخصيت ۽ انفراديت جي ڇاپ پنهنجي فن تي ڇڏڻ هر ليکڪ لاءِ ضرروي آهي.“
ڪيترن ئي ليڪن سندس فني پيچري تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ هو مڃيندا نه هيا، پر فن جا پارکو سندن تحرير جو رنگ ڏسي ٻڌائيندا هيا ته اهو ڪنهن جو انداز آهي. ڪلام حيدري، انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو: ”ڪيترائي ليکڪ تنهنجيءَ مس ۾ قلم ٻوڙي لکن ٿا، جيتوڻيڪ اهي اعتراف نٿا ڪن – پر ڇا تنهنجيءَ مس جو رنگ ماڻهو نٿا سڃاڻن! تنهنجيءَ مس جو رنگ اردو ڪهاڻيءَ جي سينڌ جو سيندور آهي.“
ڪيترائي ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر کي پنهنجي ڪتابن تي مهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ چوندا هئا، ۽ هو هر ممڪن حد تائين ڪنهن سان به سڌو انڪار ڪري نه سگهندو هو. اها ڳالهه به حيران ڪندڙ آهي ته چڱا ڀلا ڪهاڻيڪار چاهيندا هئا ته ڪرشن سندن ڪهاڻي پڙهي ۽ ٻه لفظ تعريف جا چئي ڇڏي ته سندن محنت سجائي ٿئي، ۽ سندن لکيو ڪنهن ڪم جو ٿئي. اهڙن ليکڪن ۾ ڪرشن چندر جو يار ۽ مشهور ڪهاڻيڪار، خواجا احمد عباس به هڪ هو. هو لکي ٿو: ”جڏهن به ڪهاڻي لکڻ ويٺس ته ڪوشش اها رهيم ته منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ به ڪرشن جهڙي جهلڪ اچي، سندس نقل ته مون اڄ تائين ناهي ڪيو، پر اهو خيال ضرور رهيو ته ڪرشن اها ڪهاڻي پڙهي ۽ پسند ڪري ته ڪا ڳالهه ٺهي.“
”آگ ڪا دريا“ جهڙي شاهڪار ناول جي خالق، اردوءَ جي هڪ وڏي ليکڪا، قرة العين حيدر لکيو آهي ته، ”سندس ڪهاڻيون اسان کي ڪيڏيون من موهيندڙ ۽ انوکيون لڳنديون هيون – هلڪي هلڪي شعريت، حسن، زندگيءَ جو احساس- ڄڻ لکڻ واري هڪ طلسمي آئينو اهڙي زاويي کان رکيو، جو اسان جي ڄاتل سڃاتل دنيا هڪ مختلف رنگ ۾ نظر اچڻ لڳي.“
ڪرشن چندر جي فن جو سڀ کان اهنم عنصر سندس اسلوب (Style) آهي. سندس ڪا به تحرير هجي، اها سندس اسٽائيل مان سڃاتي وڃي ٿي. اهو اسلوب ايڏي دلڪشي رکي ٿو، جو انهيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪمزور پهلو به لڪي وڃن ٿا. سندس اسٽائيل کي لفظن ۾ سميٽڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي.
اسٽائيل جو ذڪر ڪندي ٽيني سن چوي ٿو: ”ڌيان لائق ڳالهه اها ناهي ته اسين ڇا چئي رهيا آهيون، پر اها آهي ته اسين ڪيئن چئي رهيا آهيون.“
سنڌيءَ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيڪار، امر جليل چيو آهي: ”ڇٽيهه ٿيمز کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪا شيءِ ناهي. ناول هجي، افسانو هجي يا ڊرامو، ٿيم ڦري ڦري اهي ئي ايندا. ڳالهه آهي پريزنٽيشن جي، ڪير ڇا ٿو پريزنٽ ڪري، ڪهڙي نموني ٿو ڪري.“
مٿين راين کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن اسان ڪرشن چندر جي پريزنٽيشن کي ڏسون، ته هو اسان کي حيران ڪري ٿو ڇڏي. هن سوين ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي ناول لکيا، پر اسان کي ورلي ڪٿي يڪسانيت جو احساس ٿيندو – هو هر دفعي اسان کي هڪ نئين دنيا ڏيکاريندو محسوس ٿئي ٿو، ۽ هر دفعي هڪ نئين احساس ۽ نئين جذبي سان آشنا ڪري ٿو. سندس تحرير جي انداز ۾ ڪٿي به لفاظي نٿي ملي – نه فقط اسٽائيل، پر فڪري حوالي سان به ڪرشن چندر تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ڪرشن فقط هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ئي نه، دانشور ۽ مفڪر به آهي. سندس علمي وسعت ۽ فڪر جي گهرائي به حيران ڪندڙ آهي. سندس تحريرن ۾ انسانيت جي اعليٰ آدرشن جو فلسفو چٽو پٽو ملي ٿو، پر هن پنهنجي نظريي جي پرچار ۾ به فن کي هٿان وڃڻ ناهي ڏنو ۽ نظريي ۽ فن جي توازن کي برقرار رکيو آهي. هو اشتراڪي هئڻ جي باوجود تنگ نظر نه هو، پر مذهبي، سياسي، سماجي ۽ ٻي هر قسم جي تنگ نظريءَ کان مٿاهون هو. هو دنيا جي هر مظلوم جو ساٿي هو. هن دنيا ۾ هر هنڌ ٿيندڙ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريو – پوءِ کڻي اها طاقت جي زور تي هجي، نسلي مت ڀيد جي هجي، سامراجيت جي يا مذهبي فرقي پرستيءَ جي بنياد تي.
ڪرشن چندر پنهنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ به هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ هو. هو ڪاليج مان ڀڄي، مشهور انقلابي ڀڳت سنگهه جي جٿي ۾ شامل ٿي ويو هو. کيس گرفتار ڪري، ٻه مهينا لاهور جي لال قلعي واري عقوبت خاني ۾ پڻ واڙيو ويو هو، پر جڏهن حڪومت کي سندس خلاف ڪو به ثبوت ملي نه سگهيو، تڏهن کيس آزاد ڪيو ويو هو.
ڪرشن چندر جي پنهنجي نظريي سان وابستگي، خشڪ ۽ بي روح نه هئي، پر سندس ڳانڍاپو زندگيءَ جي انهن رشتن سان به هو، جن جو تجربو ناهي ڪري سگهبو ۽ جي ڪنهن نظريي جي پڙ ۾ ناهن ماپندا. سندس لاءِ زندگي فقط سماجي، معاشي ۽ معاشرتي سنگهرن جو ئي نالو نه هئي. انسان جي معصوميت، انساني رشتن جو تقدس، دوستي، خلوص، محبت ۽ قربانيءَ جا مضبوط ٻنڌڻ به سندس جمالياتي احساس جا اهم عنصر آهن. اهوئي سبب آهي جو عورت جو تصور، گهر، خاندان، معاشري ۽ انساني قدرن جي محور جي طور تي هن وٽ احترام لائق آهي. پنهنجي ڪهاڻي ”عورت ۽ زال“ (پريتو) ۾ ڪرشن، عورت جي محبت جي سچي جذبي ۽ سندس انتقام جي باهه، ٻنهي کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جي هيروئن هڪ اهڙي عورت آهي، جنهن پنهنجي مڙس هٿان پنهنجي محبوب کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي.
جنهن زماني ۾ ڪرشن پنهنجي فني سفر جي ابتدا ڪئي هئي. اهو زمانو ننڍي کنڊ ۾ وڏي اٿل پٿل وارو وقت هو، هن پنهنجي اکين سان قتل ٿيندي ۽ رت سان رستن کي ريٽو ٿيندي ڏٺو. اهو ئي سبب آهي جو ورهاڱي جي فسادن سندن دل کي ڌوڏي وڌو، پر انسانيت مان سندس ويساه ختم نه ٿيو، ۽ هو انهن فسادن واري دور ۾، فسادن کي ئي موضوع بڻائي لکندو رهيو. انهيءَ پس منظر ۾ لکيل سندس ڪهاڻيون، لال باغ، هڪ طوائف جو خط، جيڪسن،امرتسر آزاديءَ کان اڳ، امرتسر آزاديءَ کان پوءِ، اسان وحشي آهيون، پشاور ايڪسپريس، جانور ۽ ٻيو موت – اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن کي انساني احساس جي تاريخ جو حصو چئي سگهجي ٿو. هو مشاهدي خاطر، فسادن جو جائزو وٺڻ لاءِ ممبئيءَ جي اهڙن علائقن ۾ به هليو ويندو هو، جتي وڃڻ موت کي نينڍ ڏيڻ برابر هو. ڇو ته سندس خيال هو ته زندگيءَ جي عڪاسي ٻڌ سڌ تي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي ننڍا ننڍا واقعا به، جن کي اسين انتهائي غير اهم سمجهندا آهيون، انهن کي به هو پنهنجي فني سگهه وسيلي اهم بڻائي ٿو ڇڏي.
اسٽائيل ۽ فن سان گڏ ڪرشن چندر جو ٻوليءَ ڏانهن به خاص ڌيان هو. هو لکي ٿو ، ”مشيني دور، اسان جي اجتماعي زندگيءَ کي وسيع ڪري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن انساني ترقي ڪندو ٿو وڃي، سندس شخصي زندگيءَ جو دائرو گهٽ ۽ سندس اجتماعي زندگيءَ جو ڦهلاءُ وڌي رهيو آهي. هاڻي اسين هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو اچي ويا آهيون. انهن حالتن ۾ هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو تجسس قدرتي طور تي وڌي وڃي ٿو، ان ڪري هڪ وڌيڪ آسان زبان ۽ محاوري جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.“
هو زبردست تخليقي ذهن رکندڙ ليکڪ هو. ڳالهين ئي ڳالهين مان ڪو جملو، روزاني زندگيءَ جو ڪو واقعو يا حادثو يا ڪنهن غير معمولي شخصيت سان ملاقات سبب سندس ذهن ۾ ڪهاڻيءَ جو بنيادي خيال اچي ويندو هو. خواجا احمد عباس لکيو آهي ته: ”ڪرشن چندر جو دماغ هڪ اهڙي آٽوميٽڪ مشين آهي، جنهن جي جڪڙ ۾ اچي، هر تجربو ۽ مشاهدو، سندس هر سک ۽ ڏک، سندس هر دوست ۽ دشمن، ڪهاڻيءَ جي قالب ۾ فٽ ٿي وڃي ٿو.“
ڪرشن پنهنجي ذهن جي ڪينواس تي اڀرندڙ ڪهاڻين جا پلاٽ هڪ رجسٽر ۾ لکي رکندو هو، ۽ جڏهن ڪنهن پلاٽ تي ڪهاڻي لکي وٺندو هو، ته ان کي رجسٽر مان ڪٽي ڇڏيندو هو. هو لکڻ ويهندو هو، ته پنهنجي تحرير کي پورو ڪري پوءِ ساهي پٽيندو هو، ۽ لکڻ کان پوءِ نظرثاني نه ڪندو هو. هو اڪثر هڪ ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻيون به لکي وٺندو هو. نه فقط ڪهاڻي، پر ناول لکڻ جي معاملي ۾ پڻ هو ڏاڍو تڪڙو هو. هن پنهنجو پهريون شاهڪار ناول ”شڪست“ جيڪو 1943ع ۾ ڇپيو هو، ٻاويهن ڏينهن اندر، هڪ هوٽل ۾ رهي، لکي پورو ڪري پبلشر جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. هڪ ٻيو مشهور ناول ”هڪ گڏهه جي آتم ڪٿا“ هن فقط ڏهن ڏينهن اندر لکيو هو. سندس اڪثر ناول طويل ناهن، ۽ سندس ڪيترن ناولن کي ته طويل ڪهاڻي به چئي سگهجي ٿو، ڇوته هن ناول لکڻ لاءِ پنهنجي افسانوي فن توڙي انداز ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ڪئي هئي.
هن اڪثر نثري صنفن کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو، ۽ هر صنف تي پنهنجي اڻ مٽ ڇاپ ڇڏي – پر بنيادي طور تي هو ڪهاڻيڪار ئي رهيو، ۽ اڄ به سندس سڃاڻپ جو سڀ کان وڏو حوالو اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو – پر ان جي باوجود سندس ناولن ۾ اهڙا شاهڪار ناول ملن ٿا، جيڪي ناول جي تاريخ جو سرمايو آهن. شڪست، جب کيت جاگي، ايڪ عورت هزار ديواني، آسمان روشن هي، باون پتي، چاندي ڪا گهائو، ايڪ گڌي ڪي سرگزشت، برف ڪي ڦول، زرگائون ڪي راني، ميري يادو ڪي چنار ۽ غدار – سندس شاهڪار ناول آهن.
ڪرشن چندر کي ٻاراڻي ادب جي اهميت جو به احساس هو. هن نه فقط ٻارن لاءِ ذڪر جوڳي تعداد ۾ لکڻيون لکيون، پر انهن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ طلسماتي فضا کي به استعمال ڪيو، پر ان فضا ۾ به هن پنهنجي ڳالهه ڪئي آهي. هن جادوگرن، جنن ۽ پرين کي به نيون معنائون ڏنيون آهن، ۽ انهن ڪردارن وسيلي به هن تهذيبي ۽ سماجي مسئلن کي ٻارن جي ذهنن تائين پهچايو.
ڪرشن پنهنجي 64 سالن جي زندگيءَ مان 40 سال ادب کي ارپيا. هن مسلسل لکيو. ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، فلمي ڪهاڻيون، مڪالما، منظر ناما، ٻارن جو ادب – هن ايترو ته گهڻو لکيو، جو سندس مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي- پر ايترو گهڻو لکڻ جي باوجود به، شايد ئي سندس ڪا لکڻي اهڙي هجي، جيڪا پڙهڻ تي دل نه چاهي – ڇو ته هو شعوري ڪوشش تحت پنهنجي نظريي جي پرچار ته ڪندو هو، پر انهيءَ سان گڏ سندس تحرير ۾ جيڪو طنز ۽ مزاج وارو رنگ آهي، اهو سندس هر لکڻيءَ کي دلچسپ ڪري ٿو ڇڏي. هوائي قلعي، فلمي قائده، شڪست ڪي بعد، مزاحيا افساني ۽ ايڪ گڌي ڪي سرگزشت – پڙهڻ سان سندس طنز جي روپ کي پسي سگهجي ٿو. ڪرشن جو قلم ڪنهن نشتر جيترو سخت ۽ ڇپندڙ به آهي ته ڪنهن مصور جي برش جهڙو نرم پڻ. سندس خشڪ موضوعن ۾ به طنز ۽ مزاح جو رنگ ملي ٿو، جنهن ڪري سندس تحرير پڙهندڙ کي موهي وجهي ٿي. باون پتي ۽ بوربن ڪلب – انهيءَ جا بهترين مثال آهن ۽ اردو ادب ۾ اهي ڪتاب، انهيءَ حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا. اهڙو ئي رنگ ٻارن لاءِ سندس لکيل ناولن ۾ به ملي ٿو ته هن جي ڊرامن ۾ به. سرائي سي باهر، قاهره ڪي ايڪ شام ۽ مس بالٽي والا – ڊرامي جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
سندس مزاج پڙهندي کلَ روڪڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هوندو آهي:
”ڪجهه پياريندينءَ نه؟“
”ڇا پيئندين؟“
”چپن جي ورموٿ، اکين جي شيمپيئن، عشق جي اسڪاچ!“
”پادر جي برانڊي نه؟“
”اها شاديءَ کان پوءِ.“
”ايڪ گڌي ڪي سرگزشت“ طنز جي حوالي سان هڪ شاهڪار آهي. هن ناول جي ذڪر کانسواءِ اردو ۾ مزاح جي تاريخ اڻ پوري رهجي ويندي.
سنڌب ادب کي، دنيا جي بهترين ادب جا ترجما ڏيندڙ، ڪرشن چند جي ناول ”غدار“ جي سنڌيڪار، ولي رام ولڀ هڪ هنڌ لکيو آهي: سندس طنز تمام سٺي ۽ پر اثر آهي.... سندس ڪردار کانئس مختلف ناهن. هڪ ڀيري کانئس پڇيو ويو هو، شڪست جو شيام ڪير آهي؟
”مان!“ ڪرشن چندر وراڻيو.
”تائي ايسري؟“
”مان!“
”۽ اهو گڏهه؟“
”اهو به مان ئي آهيان – انهيءَ لاءِ جو سڀني جانورن ۾ مون گڏهه کي ئي وڌيڪ عقلمند ڏٺو آهي. چوڻ لاءِ ته انسان ئي سڀ کان وڌيڪ عقلمند مڃيو ويندو آهي، پر انسان گذريل ٻن جنگين ۾ جيڪي ڏنو آهي، اهو ڏسي ۽ انهيءَ تي غور ڪري، اهوئي محسوس ٿئي ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان عقلمند جانور گڏهه ئي آهي.“
ڪرشن چندر ٻالڪپڻ کان جوانيءَ جي خوبصورت ڏينهن تائين هڪ وڏو عرصو ڪشمير ۾ رهيو. ڪشمير جي خوبصورت وادين ۾ فطرت جي سونهن سندس شاعراڻي من کي ڏاڍو متاثر ڪيو - ۽ انهيءَ اثر هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ کيس ڏاڍو فائدو ڏنو، جو سندس منظرنگاريءَ جو ڪو جواب ناهي.
منظر نگاري، افسانوي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿي. ڪيتريون ڳالهيون، جيڪي هزارين لفظن جي مالا ۾ به نه پوئجي سگهن، سي ڪنهن هڪ منظر سان ئي واضح ٿي وينديون آهن. ڪرشن چندر جي اک منظر کي ائين جهٽي وٺندي هئي، جيئن ڪئمرا جو فوڪس - ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ بيٺل منظر کي هو ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ ۾ به ڪمال درجي جي مهارت رکندو هو - ۽ سندس مهارت سبب، لفظن سان ڪاغذ تي پينٽ ڪيل اهي منظر پڙهندڙ جي دل تي نقش ٿي وڃن ٿا:
”هڪ وڏي پپل جي وڻ هيٺان ڳئون ۽ مينهون آرام ڪري رهيون هيون، پر سندن ڌنار اتي نه هو. اهو هڪ ڳوٺ هو. رستي جي ٻئي پاسي لاري هڪ ڪني دُٻي جي ڀرسان گذري رهي هئي. هڪ مينهن پاڻيءَ ۾ گهڙي رهي هئي. خاڪي ڪپڙا پهريل هڪ عورت پاڻي ڀري رهي هئي. هڪ سندر ۽ سانورين ٻانهن واري نوجوان ڇوڪري سوٽيءَ سان آلن ڪپڙن کي سٽي رهي هئي. رستي جي ٻئي پاسي هڪ وڏو بڙ نظر اچي رهيو هو، جنهن تي ٽپال جو ڳاڙهو دٻو لڙڪي رهيو هو. وڻ جي هيٺان هڪ ڀڳل ڇڪڙو پيو هو. انهيءَ تي چار سک هڪ بيحد ميري تاس سان راند کيڏي رهيا هئا. انهيءَ کان اڳتي اهوئي ميدان هو، اهوئي وارياسو رستو، اهائي تيز اُس ۽ ميلن تائين پکڙيل ٻني“
سندس منظر نگاريءَ جي اهم ڳالهه اها به آهي ته اهي منظر پڙهندي/لفظن ۾ ڏسندي اسان کي ڪئمرا جي تصويرن جيان ساڪت نظرف نٿا اچن، پر ساڳئي وقت اهي متحرڪ به آهن. انهن منظرن ۾ جيئري جاڳندي زندگي ٿي نظر اچي:
”هوءَ اٿي ۽ ٻوڙن جي جهُڳٽي ڏانهن هلي، اها هڪ سانوري رنگ جي جوان عورت هئي. پرڪاش ڏٺو ته سندس چولي ۽ پڙو هنڌ هنڌ کان ڦاٽي رهيو هو، ۽ هن هلندي هلندي پنهنجي جوانيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪئي، پر غريبيءَ ۾ نه ته غريبي لڪائي سگهي آهي ۽ نه جواني-“
منظر نگاريءَ سان گڏ ئي هو ڪردار نگاريءَ ۾ به پنهنجن سمورن همعصر ليکڪن کان منفرد حيثيت رکي ٿو. سندس ڪردارن ۾ ڏاڍي وسعت آهي، ۽ هر قسم جا ڪردار سندس تحريرن ۾ ملن ٿا، ۽ اهڙا جيئرا جاڳندا، جو پڙهندي لڳي ٿو، ڄڻ اسين انهيءَ تحرير جو حصو هجون، ۽ اسان پاڻ به انهن ڪردارن جي آس پاس ئي ڪٿي موجود آهيون ۽ ساڻن گڏ ئي ساهه کڻي رهيا آهيون.
پنهنجيءَ ڳالهه کي پوريءَ طرح ڪميونيڪيٽ ڪرڻ لاءِ ڪرشن، منظر نگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ سان گڏ، نهايت خوبصورت تشبيهون به ڏنيون آهن.سندس تشبيهن ۾ به سندس طبيعت وارو شاعراڻو رنگ ته ملي ئي ٿو، پر سندس ڪي ڪي تشبيهون اهڙيون ته منفرد آهن، جيڪي ڪنهن شاعر جي وس جي به ڳالهه ناهن. اهڙيون تشبيهون فقط ۽ فقط ڪرشن جي انفراديت آهن:
”جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو پوڙهو ڏيڏر سينواريل تلاوَ مان ڳالهائيندو هجي.“
”- نوران ڀتيا کان آئي هئي. سورهن سترهن سالن جي الهڙ جواني – چئن ڪوهن کان سئنيما جي رنگين پوسٽر جيان نظر اچي ويندي هئي.“
ڀاڳ واري هوندي آهي، اها قوم ۽ اها ڌرتي، جنهن ۾ ڪرشن جهڙا ليکڪ جنم وٺندا آهن – پر حقيقت اها آهي ته ڪرشن جهڙا ٻيا وڌيڪ ليکڪ ته ڇا، پر ڪو هڪڙو به اهڙو ليکڪ اسان کي ڳوليو نه ملندو. هو اهڙو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي پوري دور جي ادب تي پنهنجي ڀرپور ڇاپ ڇڏي آهي. فقط پنهنجي دور تي ڇا، پر هن ته ايندڙ صدين تائين لکجندڙ ادب لاءِ پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. کيس ادبي مڃتا طور 1966ع ۾ ”سوويت لينڊ نهرو ايوارڊ“ ڏنو ويو. 1969ع ۾ سندس پنجونجاهين جنم – ڏينهن جي موقعي تي هند سرڪار پاران ”پدم ڀوشن“ جو خطاب ڏنو ويو، ۽ 1937ع ۾ کيس ”نهرو ڪلچرل ايوارڊ“ مليو.
هن زندگيءَ ۾ بي شمار پئسو ڪمايو ۽ ڪمائي هڪدم کپائي به ڇڏيو، بي انتها عزت ۽ شهرت به سندس حصي ۾ آئي، پر ان جي باوجود هن سدائين پاڻ کي هڪ عام انسان ئي سمجهيو. ڪڏهن به سندس ڪنڌ ۾ ڪِلي نه لڳي. هو سدائين يارن جو يار رهيو، دوستن جي مدد کُليءَ دل سان ڪندو هو، کيسو خالي هوندو هوس ته پٽ سٽ ڪري به سندن پورت ڪندو هو – سندس ويجهي دوست ۽ مشهور ليکڪ، خواجا عباس انهيءَ باري ۾ لکيو آهي: ”سندس چوڌاري ٻن قسمن جي ماڻهن جو ميڙ هوندو هو. هڪڙا اهي، جن کان هو قرض وٺندو هو، ۽ ٻيا اهي جن کي هو قرض ڏيندو هو. جيڪڏهن توهان جو کيسو خالي آهي ته ڪرشن چندر سان ضرور ملو. ممڪن آ گهڻن کان اڳ ئي هو توهان کي ڏوڪڙ ڏئي ڇڏي – پر جيڪڏهن توهان جو کيسو ڀريل آهي، ته کانئس پري رهو – ممڪن آ، هو توهان کان پڇڻ کان سواءِ توهان جو کيسو خالي ڪري ڇڏي.“
ڪرشن چندر کي پنهنجون خوبيون بيان ڪرڻ جو شوق ته نه هو، پر پنهنجي خامين تي هن ڪڏهن به منافقت جي چادر نه وڌي، هو هڪ سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو: ”نه ڄاڻ ڪيئن اهو تصور ڪيو ويو آهي ته اديب هن دنيا جو ماڻهو نه هوندو آهي، ڪنهن ٻئي شمسي نظام جي مخلوق آهي. عجيب عجيب ڳالهيون ساڻس منسوب ڪيون وينديون آهن. اهڙي نيڪي، جيڪا فرشتن کان به ممڪن ناهي. اهڙي پاڪائي ديوتائن جي حصي ۾ به ناهي آئي، جنهن کي ڇُهندي خدا به ڊڄي وڃي – پر نڄاڻ ڪيئن اهي سموريون صفتون، هڪدم هڪ اديب جي فطرت ۾ ڏسي وٺبيون آهن. جيتوڻيڪ منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ اديب ايترو ئي ننڍو، دوکي باز، خود غرض، ڪميڻو ۽ تنگدل آهي، جيترو ڪوٻيو ماڻهو ٿي سگهي ٿو، ۽ مون ۾ اهي سڀ خوبيون موجدو آهن. مون بار بار ڪوڙا قسم کنيا آهن. پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکا ڏنا اٿم، خوشامد ڪئي اٿم، وڙهيو آهيان، شراب پيتو اٿم، ڀنگ ۽ چرس به، مان پنهنجي تعريف تي خوش ٿيو آهيان، ۽ ٻين جي تعريف تي ساڙ کاڌا اٿم. جڏهن ڪنهن ۾ ڪم پوندو اٿم ته سندس پويان لڳي پوندو آهيان، ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ وساري ڇڏيندو آهيان، ڄڻ هو ڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ هيو ئي ڪونه – ڪيترا دفعا منهنجي دوستن مون کان اوڌر گهري، مون وٽ پئسا هيا، پر مون نه ڏنا. ڪيترا دفعا جڏهن مون قرض گهريو ۽ دوست مون کي نه ڏنو ته مون کيس دل ئي دل ۾ گار ڏني. ڪيترا دفعا مون رستي تان ويندڙ عورتن کي (تصور ۾) اغوا ڪري ورتو، ڇو ته اهي خوبصورت هيون – هاڻي جيڪڏهن اهي صحيح سلامت گهر پهچي ويون ته اها سندن ۽ قانون جي خوش قسمتي هئي، نه ته جيتري قدر منهنجي ارادي جو تعلق آهي ته مان کين اغوا ڪري چڪو آهيان. ساڳيءَ ريت ڪيترا دفعا ڪاوڙ ۾ مون قتل ڪيو آهي، پر جيڪڏهن اهو شخص زنده آهي ۽ هلي چلي ٿو ته پنهنجي جسماني قوت جي آڌار تي، باقي جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته مان کيس قتل ڪري چڪو آهيان. مون اهڙي طرح اندازو لڳايو آهي ته مان پنجاهه عورتن کي اغوا ڪري چڪو آهيان، ٻه سئو ماڻهو قتل ڪري چڪو آهيان. انهن ۾ خواجا احمد عباس، سردار جعفري، راجندر سنگهه بيدي، مائوزي تنگ، ونسٽن چرچل، دليپ ڪمار، ڌرم وير ڀارتي ۽ منهنجو سڳو ڀاءُ مهندر ناٿ به شامل آهن.“
سيلف پورٽريٽ ۾ ته قتل ڪرڻ جا تصوراتي خيال آهن، پر حقيقت جي دنيا ۾ موت ڪرشن مٿان پهريون لامارو 23 نومبر 1967ع تي دل جي دوري جي صورت ۾ ڏنو. جيڪڏهن هو ڊاڪٽرن جي هدايتن تي عمل ڪري ها، ته سندس دل ساڻس بي وفائي نه ڪري ها، پر ڪرشن ڪنهن به هدايتڪار جي هدايتن هيٺ زندگي گذارڻ سکيو ئي نه هو. کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو بد پرهيز هو، نتيجي طور مٿس دل جو ٻيو دورو 19 مارچ 1969ع تي پيو. 18 مارچ تي ڪرشن جو ”55 سالا جشن“ ملهايو ويو هو، جنهن ۾ ان وقت جي وزير اعظم اندرا گانڌي خاص طور تي شريڪ ٿيڻ لاءِ آئي هئي.
هو دوستن سان ان حد تائين پيار ڪندو هو، جو دوري کان پوءِ هن اسپتال ۾ به سلميٰ کي چيو هو: ”ٻڌ سلميٰ! جيڪڏهن مون وٽ ايترو ئي وقت آهي ته انهيءَ کي علاج ۾ نه وڃاءِ – تون مون وٽ هج، مان دوستن سان ملڻ ٿو چاهيان-“ ۽ جڏهن اسٽريچر ڌڪيو پئي ويا، تڏهن هن چيو: ”شايد تمام گهٽ وقت آهي سلميٰ! Call my all Friends“ پر زندگيءَ ڪرپشن چندر جو ساٿ ڏنو، ۽ ڪجهه سال وڌيڪ کيس پنهنجي دوستن ۽ محبوب زال سان گذارڻ لاءِ ملي ويا. اٺن سالن کان پوءِ، مارچ 1977ع جي پهرئين هفتي ۾ دل جي دغا بازيءَ سبب وري کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. اٺين مارچ تي صبح جو سوير، هن ڏاڍي تڪليف مان سلميٰ سان ڳالهايو هو: ”بس ايترو ئي ساٿ هو، مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ، مان توکي ڪوبه سُک ڏئي نه سگهيس. هونءَ مون ڏاڍي ڀرپور زندگي گذاري. I Have no regrates بس ٿورا ڪم باقي هيا، پر اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو، جنهن سمورا ڪم پورا ڪري ورتا هجن، ۽ ڏٺو وڃي ته اهو غلط به آهي، قدرت جي خلاف ايترو وڙهڻ – هاڻي مون کي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏڻ گهرجن. مون کان پوءِ هتان گهر هلي وڃجانءِ – هتي سڀ دل جا مريض آهن. دل جي مريضن تي اهڙين ڳالهين جو تمام بُرو اثر پوندو آهي – تون هتي هوندينءَ ته ٻيا حوصلو هاري ويهندا - ۽ سلميٰ ٻڌ! منهنجي توکي وينتي آهي ته ڏک کي همت ۽ تحمل سان برداشت ڪجانءِ – منهن مٿو پٽيئي ته اسان ٻنهي جي بي حرمتي ٿيندي.“
ڊاڪٽر نرس کي سئي هڻڻ لاءِ چيو ته ڪرشن کانئس ٿورڙي مهلت گهري، ۽ سلميٰ کي چيو، ”بمبئيءَ ۾ گهر ڏاڍو ڏکيو ملندو آهي. جيڪڏهن ٿي سگهئي ته گهر نه ڇڏجانءِ. جيڪڏهن حالتن سان منهن ڏئي نه سگهين ته پاڪستان هلي وڃجان. اتي منهنجا ڪيترائي دوست آهن. اتي تون اڪيلي نه هوندينءَ - ۽ ها، منهنجو پيس ميڪر بلڪل نئون آهي، اهو هتي ئي ڪنهن مريض کي لڳرائي ڇڏجانءِ.“
اهي ئي آخري ڳالهيون سمجهه ۾ اچي سگهيون هيون – 8 مارچ تي صبح سان 6 وڳي هن اکيون کوليون – سلميٰ کي اشاري سان جهڪڻ لاءِ چيائين – پوءِ پاڻ اُٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ٻئي ٻانهون سلميٰ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيائين ۽ آهستگيءَ سان پنهنجو مٿو سندس ڪلهي تي رکي، هٿ پير ڍرا ڪري ڇڏيائين – سندس روح سندس جسم کان ڌار ٿي ويو.
سندس جنازو جڏهن سندس گهر آندو ويو ته ويد ۽ گيتا جو پاٺ ڪيو ويو. قرآن خواني به ٿي، ۽ ارٿي کڄڻ وقت هڪ سک گرنٿيءَ، گورو گرنٿ صاحب مان شبد به پڙهيا.
سندس وفات کان پوءِ، سرڪاري طور تي باندرا جي هل روڊ جو نالو بدلائي ڪرشن چندر روڊ رکيو ويو، سرڪار ته ڪرشن چندر جو نالو هڪ روڊ تي رکيو، پر انهيءَ هڪ شخص جو نالو لکين ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.
جيئن پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي، ته ڪرشن چندر پنهنجي چاليهن سالن جي ادبي زندگيءَ ۾ ايترو گهڻو لکيو آهي، جو انهيءَ جي مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر ڪتابي صورت ۾، گهٽ ۾ گهٽ سندس ڪهاڻين جا ٻٽيهه مجموعا، اٺيتاليهه ناول، ڊرامن جا ٻه مجموعا، ٻه مضمونن جا مجموعا، ٻارن لاءِ يارهن ڪتاب ۽ سندس ترتيب ڏنل ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
سندس فن ۽ شخصيت تي ڪيترائي ڪتاب، مختلف رسالن جا ضخيم نمبر، سووينيئر ۽ لاتعداد مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن.
ڪرشن چندر ڏات جي ڏيهه ۾، پنهنجي فني سفر ۾ جنهن منزل تي پهتل نظر اچي ٿو، انهيءَ منزل تي پهچڻ لا:ءِ صدين تائين ڪيترا ليکڪ سڌون ڪندا رهندا. هو هڪ ليکڪ/ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ جنهن اوچائيءَ تي آهي، اتي پهچڻ واري ڳالهه، مايوسي نه ڦهلائڻ واري سوچ ذهن ۾ رکي ڪجي، ته به اهو ضرور چئبو ته انيهءَ منزل تي پهچڻ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته مشڪل ضرور آهي – بلڪ انتهائي مشڪل آهي.
پروفيسر احتشام حسين جي لفظن ۾: ”ڪرشن چندر اردوءَ جي پهرين صف جو ڪهاڻيڪار آهي .... گهڻن ماڻهن لاءِ هو سڀ کان سٺو ڪهاڻيڪار آهي، ۽ انهيءَ قول کي آسانيءَ سان رد ڪري نه سگهبو.“
۽ ڇا توهان انهيءَ قول کي رد ڪري سگهو ٿا؟
مددي ڪتاب ۽ رسالا
1. ڪرشن چندر – هندستاني ادب ڪي معمار (جيلاني بانو)
2. ڪرشن چندر اور افسانه نگاري (ڊاڪٽر احمد حسين)
3. ڪرشن چندر، شخصيت اور فن (جگديش ڪمار وڌاون)
4. ماهوار ”افڪار“ ڪراچي (ڪرشن چندر نمبر)
5. ماهوار ”بيسوين صدي“ دهلي (ڪرشن چندر نمبر)
6. روزانه ”جنگ“ ڪراچي
7. موهن جي دڙي جو خزانو (پهريون ڇاپو)
8. هفتيوار ”سنڌو“ حيدرآباد
9. ڪرشن چندر جا مختلف ڪتاب
زيب سنڌي