36. شمع
پنهنجي پيءُ جي ڪاروبار جي سلسلي ۾ هڪ ٻه دفعو اول به اتان لنگهيو هوس. چشمي کان ٿورا قدم پري ڌاڻن جا کيت هئا. جتي اهي کيت ختم ٿي ٿيا اتان چمن ڪوٽ جي بستي پئي شروع ٿي. چمن ڪوٽ جي ڳوٺ ۾ منهنجو مامو الهداد خان رهندو هو. هو سڄي علائقي ۾ ڌاڙن هڻڻ ۾ ڏاڍو مشهور هو. منهنجو پيءُ هڪ سرڪاري ملازم هو ۽ جيئن ته منهنجو مامو ڊاڪو هو، ان ڪري مان ڪڏهن به چمن ڪوٽ ۾ پنهنجي مامي وٽ رهڻ ٺيڪ نه سمجهندو هوس. جيتوڻيڪ ڏينهن جلد ختم ٿي رهيو هو، تنهن هوندي به مون بهتر ائين سمجهيو ته ڪهڙي به نموني هي سفر طئي ڪري رنگپور پهچي وڃان.
مون وٽ هڪ وڏو ۽ وزندار ٻٽون هو، جنهن ۾ وصول ڪيل سرڪاري ڍل جي چڱي چوکي رقم هئي. ڪلهي تي بندوق رکيل هئي ۽ پيتيءَ ۾ ٿورا ڪارتوس به پيا هئا. منهنجو نشان چڱو پري ويندو آهي ۽ ڪڏهن به گسندو ناهي، تنهن هوندي به اهڙيءَ خوفناڪ جڳهه تي رات ڪاٽڻ تي منهنجي دل نه ٿي. بس صرف خچر ٿوري ساهي پٽي ته مان کيس گهليندو ويندس. مون ماني کائي خچر ڏانهن نهاريو. هن به داڻو کائي ختم ڪيو هو. وڻ مان ڇوڙي، هڙ سندس ڪلهي تي رکي کيس چشمي ڏانهن اشارو ڪيم، ۽ مان گوڏا کوڙي چشمي جي اڳيان جهڪي ٻڪ جهلي پاڻي پيئڻ لڳس منهنجا چپ چشمي جي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ کي ڇهي رهيا هئا. اهڙي نموني پاڻي پيئڻ ۾ لطف ئي ٻئي قسم جو آهي. خچر به منهنجي ڀرسان پاڻي پي رهيو هو. اوچتو پنهنجو ٻوٿ پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي منهنجي ويجهو آندائين. جيئن ئي خچر جا گرم پساهه، جن ۾ گاهه ۽ مٽرن جي خوشبوءِ گڏيل هئي، مون پنهنجي ڳلن تي لڳندا محسوس ڪيا، ته يڪدم سندس ٻوٿ کي هٿ سان پري ڪري ڇڏيم. اهو به ڪو پيار ڪرڻ جو طريقو ٿيندو آهي؟
”هي چشمو جانورن کي پاڻي پيئارڻ لاءِ ناهي.“
اوچتو پٺيان ڪنهن رڙ ڪئي. مڙي ڏسڻ سان پتو پيم ته ٻه ڇوڪريون مٿن تي دلا کنيو بيٺيون هيون. ٻنهي مان ضرور ڪنهن هڪ اهي اکر چيا هئا. ٻئي جوان هيون، حسين هيون، مست هيون. ٻنهي جي وڏين وڏين ۽ ڪارين اکين ۾ نشو ڀريل هو. ها هڪ فرق هو....... هڪ جي کاڏي نوڪدار هئي ۽ ٻيءَ جي گول ۽ ملايم، ناسپاتيءَ جيان. ٻئي پيرين اگهاڙيون هيون. کين ڪاريون گهگهريون پهريل هيون ۽ گهگهرين جي مٿان ڪاري رنگ جون قميصون هئن. سندن هٿ پير محنت ۽ تڪليفن تي هريل پئي معلوم ٿيا. سندن منهن زيتون رنگ تي هوا، پر باقي بدن ڀورو هون.
اڄ حسن آهي، سڀاڻي اهو نه رهندو. جڏهن جواني گذري ويندي ته هٿ پير ٻيئ ڪارا ٿي ويندا ۽ ناسپاتيءَ وانگر پڪل ۽ زيتوني رنگ ۾ وقت پنهنجي تيز چاقونءَ سان چير ۽ گهنج پيدا ڪري ڇڏيندو ۽ ڳلن تان اهو سونو پاڻي لهي ويندو. افسوس! پر اڙي انڌا فيلسوف! هينئر ته ڏس......... اکين ۾ جواني ناچ ڪري رهي آهي. مستيءَ ڀريل لبن ۾ ڪنهن سان لڳڻ لاءِ، ڪنهن کي چمڻ لاءِ، ڪنهن کان چمجڻ لاءِ ڇڪ ٿي رهي آهي. ڳل صوفن جيان چمڪي رهيا آهن گويا شفق جون ٽاريون جهڪي ويون هجن. گلابن جي سڄي لالائي سندس سيني، لبن ۽ ڳچيءَ ۾ سمائجي ويئي آهي. مان حيرت وچان انهن ڏانهن نهارڻ لڳس، انهن مان هڪ جنهن جي کاڏي ڊگهي ۽ نوڪدار هئي، چوڻ لڳي:
”هي چشمو جانورن لاءِ ناهي.“
مون جواب ڏنو، ”هر ڪو انسان جانور ٿيندو آهي جو پاڻي پيئي ٿو سو جانور آهي. جهڙو انسان تهڙو جانور، پيءُ پٽ پيءُ،“ ائين چئي مان پنهنجي خچر کي، جو پڻ مون جيان، انهن ڇوڪرين ڏانهن، عجب وچان نهاري رهيو هو ٻوٿ کان جهلي زبردستيءَ پاڻي پيئارڻ لڳس. ڊگهيءَ کاڏي واريءَ جون اکيون غصي ۾ لعل ٿي ويون، ۽ جلدي خچر کي نوڙيءَ کان پڪڙي، کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيائين. خچر ٽپو ڏيئي واپس وڻ ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ ٽپڻ وقت اهڙيون ته ٻه اِٽون هنيائين جو حسينا جو دلو مٿي تان ڪري چور چور ٿي ويو. مان وات تي هٿ رکي کلڻ لڳس ٻي ڇوڪري جنهن کي کاڏيءَ جي لحاظ کان ناسپاتي چوڻ مناسب ٿيندو، اها زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي. ”انهيءَ ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ڙي، مرجانه؟“ پهرينءَ ڇوڪريءَ غصي وچان چيو ۽ جهٽ مرجانه کان دلو کسي نديءَ ۾ ڦٽو ڪيائين. لهرن جي آنچل ۾ دلو چڱو سفر طئي ڪري ويو. اسين بت بڻجي دلي جو سفر ڏسي رهيا هئاسين، پر ٿوريءَ دير ۾ هڪ وڏيءَ لهر دلي کي هڪ ڇپ سان ٽڪرائي ڇڏيو ۽ ويچارو دلو!........
”هاءِ!........ هاءِ!........“ منهنجي واتان نڪري ويو.
”کلين ڇو ٿي ڙي“ پهرين ڇوڪريءَ جوش وچان چيو.
مون چيو، ”جڏهن ٻه جانور وڙهندا آهن ته دلا ڀڄي پوندا آهن.“
هن چيو ”جانور تون آهين، سوئر......... هڪ ته خچر کي پاڻي پياري چشمو خراب ڪري ڇڏيئه، ٻيو اسان جا دلا....... ۽ هينئر وري ڳالهيون ٿو بنائين، پئسا ڪڍ نه ته.........“
”نه ته ڇا ڪندينءَ؟“ مون پڇيو.
”مان تنهنجو خچر ڀڄائي وينديس،“ ائين چئي هوءَ خچر ڏانهن وڌي، مون اڃان کيس روڪڻ جي مس ڪئي جو هوءَ خچر جي پٺيءَ تي چڙهي ڀڄي ويئي. مرجان خچر سان گڏ ڀڄڻ لڳي ۽ مان بندوق هٿ ۾ جهلي ٻنهي جي پٺيان ڊوڙڻ لڳس. مون کي ايڏو ته جوش لڳو جو هڪ وار دل ٿي ته فائر ڪريان، پر ڇا ڪيان عورت ذات تي هٿ ڪيئن کڻان..............؟“
”اڙي ٻڌو ته سهين..... ٻڌو........ پرماتما جو قسم اٿو......... چڱو ڀلا هي اٿو پئسا.......... وٺو..... ڀڳوان جو قسم اٿو بيهو....... مون کي اڄ رنگپور وڃڻو آهي.“
پر حرامزادين ڪجهه نه ٻڌو. خچر به، جيڪو پهرين هڪ قدم به نه ٿي وڌي سگهيو، سو هينئر گهاٽيءَ تان لهندي طوفان جيان تيز وڃي رهيو هو.
مرجان هرڻيءَ جيان نازڪ پر هلڪي بدن جي هئي. ٻي ڇوڪري مون ڏانهن نهاريندي مشڪندي ٿي ويئي.
”بيهه ته سهين......... سوئر جي ڌيءَ....... اڄ رات جو ئي توسان شادي نه ڪيم ته........ منهنجو نالو شاهه زمان ناهي. مان ٻوٽن تان ٽپندو، نديءَ جو ڪنارو ڏيئي ڊوڙندو پئي ويس. جي بندوق ۽ ڪارتوسن جو بار نه هجي ها ته ڪڏهن جو وڃي کين پڪڙيان ها. آخر ڊوڙندي ڊوڙندي سهڪڻ لڳس ۽ هڪ هنڌ بيهي رڙ ڪري چوڻ لڳس، ”بيهه....او ڊاڪوءَ جي ڌيءُ........ رهزن..... نه ته هينئر ئي ٿو فاير ڪيانءِ.“
اهڙي ڌمڪي ٻڌي هن مڙي ڪري پٺيان نه نهاريو ساڳئي نموني خچر کي اڙي هڻندي ڀڄندي پئي ويئي ۽ مان اتي ئي پٿر ٿي بيهي کيس ڏسندو رهيس ..... هوءَ گهاٽيءُ تان لهندي پئي ويئي.
هيٺ جتي ندي هڪ ننڍيءِ ماٿري ۾ وهي رهي هئي، اتي ننڍو چراگاهه هو ۽ سبز زمين تي ٽي چار تنبو کوڙيل هئا. اهي تنبو ته خانه بدوشن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جا به نٿي ٿي سگهيا. تنبن ۾ باهه ٻري رهي هئي؛ ۽ باهه جو دونهون سبز زمين جي سطح تان چڙهندو آسمان طرف وڌي رهيو هو. آڪاش جو رنگ گلابي مان ڪارو ۽ ڪاري مان نيرو ٿي چڪو هو تارن روپي ڪنول گل آڪاس روپي سمنڊ ۾ تري رهيا هئا....... مرجان ۽ خچر تي ويٺل ڇوڪري کي مون انهن تنبن وٽ لهندو ڏٺو ۽ پوءِ ٻئي تنبن ۾ اندر هلي ويون. خچر ٻاهر چرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ هڪ ماڻهو تنبوءَ مان ٻاهر نڪتو. هو پنهنجا هٿ ڇپرن تي رکي پريان ئي مون کي ڏسڻ لڳو ۽ خچر کي هڪ تنبوءَ سان ٻڌي اندر هليو ويو. مون سوچيو ته هينئر هنن خانه بدوشن کان خچر واپس وٺڻ لاءِ گڙٻڙ ڪرڻي پوندي. ٻيهر خيال آيو ته ڇو نه پنهنجي مامي الهداد خان کي مدد لاءِ چوان پر اهو ڌيان تي اينديئي ته مون وٽ سرڪاري ڍڪ جا پئسا آهن، اهو خيال لاهي ڇڏيم. هو ڊاڪو ماڻهو ته آهيئي، جي کيس پئسن جي خبر پئجي ويئي ته مون کي به ڦرڻ کان نه رهندو. هينئر ته اڪيلو ئي خانه بدوشن سان وڙهڻو پوندو، فيصلو ڪرڻو پوندو. خير........ هيءَ بندوق کين ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي آهي. اهو سوچي مان جلدي جلدي هيٺ لهڻ لڳس.
چوڌاري انڌيرو ڇانئجي چڪو هو. شفق جي گم ٿيڻ سان ئي اونداهي پهاڙن جي چوٽين تان لهندي سڀني ميدانن ۾ ڦهلجندي ويئي. جڏهن مان هيٺ لٿس ته ڏٺم ته، چئني طرفن کان انڌيرو ڇانئجي چڪو هو. تنبن ۾ باهه ٻري رهي هئي ۽ پويان هڪ وڻ سان منهنجو خچر ٻڌو بيٺو هو. هو مون ڏانهن ڏاڍي نماڻيءَ وچان نهاري رهيو هو. گهٻراءِ نه منهنجا يار، اجهو ٿو مان توکي هنن ظالمن جي چنبي مان آزاد ڪريان.
ائين سوچي اڳيان وڌيس مس ته ڪنهن رڙ ڪئي،
”ڪير آهين؟“
”مان آهيان هڪ راهي.“
”راهي يا جانور؟“ ڪمبخت ساڳئي نوڪدار کاڏيءَ واري ڇوڪري چيلهه تي ڏاڍي رعب سان هٿ رکي واڪو ڪري چئي رهي هئي.
تنبوءَ جو پردو هوا ۾ لڏي رهيو هو ۽ باهه جي اُلن جي روشني سندس ڳلن تي پئجي هن جي حسن کي وڌيڪ حسين بڻائي رهي هئي.
”شمع تون اندر هل.“ هڪ شخص چيو، ”“مان هن سان پاڻ ئي سمجهان ٿو.“
مون چيو، ”مان ڪو جهڳڙو ڪرڻ ڪونه آيو آهيان، تنهنجي زال منهنجو خچر چورائي ويئي آهي؛ اهو مون کي واپس ڪر.“۾
”راهي، منهنجيءَ ڀيڻ کي منهنجي زال نه چئه.....“ هن ٿورو ناراضپو ڏيکاريندي جواب ڏنو.
مون چيو، ”هوءَ ڪير به هجي، تنهنجي ڀيڻ، زال يا ماءُ ان سان منهنجو ڪو واسطو ڪونهي، مون کي پنهنجو خچر کپي.“
”سوئر جا پٽ! مان تنهنجي ماءُ آهيان؟“ هوءَ چيخندي تنبو کان ٻاهر اچي بيهي رهي.
”تون چپ رهه شمع، مون کي هن سان ڳالهائڻ ڏي.“
چوڻ لڳو، ”تون ڪٿي رهندو آهين؟“
”رنگپور“
”تنهنجو نالو؟“
”شاهه زمان.“
”ڇا ڪندو آهين؟“
”مان؟.... مان صوبيدار جو پٽ آهيان.“
”مان پڇان ٿو ته ڇا ڪندو آهين؟“
مون چيو، ”مان شڪار ڪندو آهيان، پيار ڪندو آهيان، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پيءُ جي پاران ڳوٺن مان ڍل وصول ڪندو آهيان. چڱو هاڻي مون کي پنهنجو خچر واپس ڪر.....“ ائين چئي مان پنهنجي خچر ڏانهن وڌيس.
هن پڇيو، ”اسين ٻن ٽن ڏينهن ۾ رنگپور اينداسين، اتي ٻنين ۾ مزوري ملندي؟“
مون چيو، ”توهان خانه بدوش ڪم کان ڏاڍو نٽائيندا آهيو. سڄو ڏينهن پيا لوفرن وانگر رلندا پنندا آهيو يا هارين جون ٻڪريون چورائيندا آهيو، ۽ جڏهن ڳوٺ مان هلي ويندا آهيو، تڏهن خبر پوندي آهي ته فلاڻي هاريءَ وٽان هر چوري ٿي ويو، فلاڻي جي گهران ڪڪڙيون گم آهن. ڪنهن جي ٻڪري نه هوندي ته ڪنهنجو گڏهه؛ توهان کي ڪير ڪم.....“
هن منهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو، ”اهي خسيس ڳالهيون آهن. توهين ماڻهو ڌرتيءَ جا بادشاهه آهيو. اهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين تي ته توهان جو ڌيان نه وڃڻ گهرجي.“ هن جي لهجي ۾ هڪ قسم جي ٺٺوليءَ جو احساس ڀريل هو، ”اسان کي ڪم جي ڏاڍي ضرورت آهي“
”توکي چمن ڪوٽ پسند ڪونهي؟“
”ائين ته جڳهه ڏاڍي سٺي آهي پر ڊاڪن جي بستي آهي. ڊاڪن جو سردار الهداد خان اسان کي ڏاڍو ڊيڄاريندو ۽ ڌمڪائيندو آهي. جي هتي رهون ته ڪنهن ڏينهن خون خرابي ٿي پوندي. اوچتو هن پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌايو. مون ڏٺو ته هن جي هٿ ۾ هڪ بندوق هئي. هو چوڻ لڳو ”تون پنهنجو خچر کڻي وڃ. منهنجي ڀيڻ بيوقوف آهي. ڀلا مسافرن سان به ڪوئي اٽڪندو آهي؟ هو به ته اسان وانگر خانه بدوش ٿيندا آهن؛ وقتي طور تي ئي سهين.....“ ائين چئي هو کلڻ لڳو. هن جي کلڻ جو نمونو ڏاڍو دلڪش هو.
هڪ ويجهي تنبوءَ ۾ هڪ ٻڍي، هڪ جوان ڇوڪري ٻه ٻار ۽ هڪ پيرسن خانه بدوش پئي ڏسڻ ۾ آيا. سڀ روٽي کائي رهيا هئا. ٻڍي هر گهڙيءَ ديڳ ۾ ڪاٺ جي ڏوئي گهمائي رهي هئي، ان سان گڏ ديڳڙي مان کڙ کڙ جو آواز به پئي ڪڍيائين ۽ ديڳ مان ڪجهه ڪڍي سڀني کي ورهائي ڏيندي پئي وئي. خوشبوءِ چوڌاري پکڙجي مون کي بک لڳائي رهي هئي. شاهه زمان جي نظرن مون ڏانهن نهاريو ۽ منهنجي طبيعت جو اندازو لڳائي چوڻ لڳو، ”اڄ رات کڻي هتيئي ترسي پئه. اڳيان خطرناڪ جهنگل آهي. اڪيلو ڪيئن ويندين؟“
”اڪيلو ڪٿي آهيان، هيءَ بندوق جو مون سان گڏ آهي،“ مون چيو.
”هن بندوق تي توکي گهمنڊ آهي؟ ڇو ته هيءَ توکي هلائڻ به ايندي آهي. راهي توکي اڃا هتي جي رهاڪن جي خبر ڪينهي،“ ائين چئي هو کلڻ لڳو. مان سندس ڳالهه جو ڪجهه به جواب نه ڏيئي سڌو تنبوءَ ۾ هلي ويس.
زمين کوٽي ڪري چلهو ٺاهيو هو. ان تي ديڳ رکيل هئي. مرجان اڳيان ويهي ڏوئي گهمائي رهي هئي ۽ باهه ڪڍندي پئي وئي. شمع ڪنڌ هيٺ ڪري مڪائيءَ جو اٽو ڳوهي رهي هئي. ڏيئي جي روشني سندس ڳلن ۽ وارن تي پئي پيئي. مرجان جون اکيون بيچين هيون ۽ شمع جو ڌيان يڪ ٽڪ ٿالهه ۾ هو. تنبو پراڻن گندن، رنگين ڪپڙن جي ٽڪرن ۽ کجور جي کٻر مان ٺاهيو ويو هو. ڏسڻ ۾ ڪچو پر ڏاڍو مضبوط هو. نوڙين سان سبيل هو. هڪ ڪنڊ ۾ ٻه وڏيون هڙون ٻڌيون پيون هيون. پريان هڪ ٻڪري ٻڌل هئي، جنهنجي ٿڻن تي هڪ ميرو ڪپڙو ويڙهيل هو. هڪ ڊگهن وارن وارو ڪتو مون کي اندر ايندو ڏسي ڀونڪڻ لڳو.
”چپ ڙي ظالم.“ ان ماڻهوءَ جي آواز کيس خاموش ڪري ڇڏيو. ڪتي جي وارن جو رنگ ڪارو هو ۽ اکيون شيريون هيس. نالو ته ڏاڍو سٺو هئس، ”ظالم“
مون ان ماڻهوءَ کان پڇيو، ”۽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”مون کي خداداد چوندا آهن،“ هن جواب ڏنو.
مون کانئس پڇيو، ”تون پنهنجي ڀيڻ جي شادي نٿو ڪرائي ڇڏين؟ جيستائين هيءَ پنهنجي مڙس جي مار نه کائيندي تيستائين سڌي نه ٿيندي.“
هو کلي چوڻ لڳو، ”دوست، ڪو اهڙو مڙس به ته نٿو ملي جو کيس سڌو ڪري.“
مون به کلي چيو مانس، ”هن سوئر کي مون سان شادي ڪرائي ڇڏ. پوءِ ڏسجانءِ ماري ماري کل نه لاٿي مانس ته شاهه زمان.....“
شمع وڄ جيان ٽپو ڏيندي اٿي ۽ پنهنجي ڀاءُ کان بندوق کسي چوڻ لڳي، ”هٿ ته لائي ڏيکار، مسافر آهين ان ڪري جان بخشش ٿي ڪيانءِ، ٻيو ڪو هجي ها ته ڇرو سندس ڇاتيءَ جي پار ڪيان ها.“
خداداد کلڻ لڳو، ”شمع سچ ٿي چوي راهي، هن جو نشان ڪڏهن به گسندو ناهي،“
”اسين به ته سندس ئي آهيون،“ مون ڊگهو ساهه کڻي چيو ۽ هوءَ تيزيءَ سان مڙي، مرجان جي اڳيان وڃي ويٺي. مرجان جون پريشان نظرون منهنجي چهري تي ڄميل هيون. شمع پنهنجا چپ ڏندن جي وچ ۾ ڪٽڻ لڳي. وري اتان اٿي ڪاٺ جي ٿالهه اڳيان وڃي ويٺي ۽ مڪائيءَ جو اٽو ڳوهي ڍوڍا پچائڻ لڳي. نرم ۽ گرم ڍوڍا ڍلهي ۾ سيڪا ٿي ويا ۽ انهن مان تازن مڪائيءَ جي سنگن جي خوشبوءَ اچي رهي هئي. ڀرسان واري تنبوءَ ۾ هڪ ٻار روئي رهيو هو ۽ سندس ماءُ کيس گاريون پئي ڏنيون. هن جو پيءُ چقمق تي ان ڪترڻ جي ڪئنچي تکي ڪري رهيو هو. ”چپ ڪر حرامي جا پٽ، نه ته هيءَ ڪئنچي پيٽ ۾ ٽنبيندو سانءِ.“
ٻار روئندي روئندي چيو، ”حراميءَ جو ئي ته پٽ آهيان بابا!“
پڻس ٿورو مشڪيو ۽ پنهنجي آڱوٺي تي ڪئنچيءَ جو هڪ ڦر رکي تيزيءَ جو اندازو لڳايائين. پوءِ زور سان چرخي هلائڻ لڳو ۽ ڪئنچي جي ڦر کي چقمق تي رکيائين. ڦوهاري وانگر چڻگون اونداهيءَ ۾ پکڙجنديون پئي ويون.
”خداداد؟“
”ڪير آهي؟“ راول!“
”ها.“
”ڇا هي راول؟“
”يار اڄ تنبو کان ٻاهر نه نڪرندين ڇا؟ ڪهڙي نه، مزيدار چانڊوڪي رات آهي.“
اسين تنبو جو پردو بند ڪري نوڙي وٽي رهيا هئاسين. مان ۽ مرجان کجور جا سڪل کٻر نوڙي ۾ پئي وجهندا وياسين. شمع نوڙي جي هڪ پڇڙي پنهنجي آڱوٺي ۾ مضبوط جهلي بيٺي هئي. ٻئي پاسي کان خداداد نوڙي پئي وٽيندو ويو، پر مجال آهي جو شمع جا پير ٿورو به لڏن. ها صرف سندس ڳلن جو رنگ وڌيڪ گلابي ٿي ويو هو ۽ نيڻ هر هر جهڪي ٿي ويس. هن انهن کي سنڀالڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر مٿي ٿي نه سگهيا. سندس ساهه تيزي سان کڄي رهيو هو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجي سنهي ۽ لعل ڄڀ ڪڍي خشڪ چپن تي پئي ڦيريائين. سندس اها ادا مون کي ڏاڍي وڻي رهي هئي.
راول جي سڏڻ تي خداداد اٿيو ۽ تنبو جو پردو پاسي ڪري ٻاهر وڃي بيٺو ۽ زور سان هڪ ڊگهو ساهه کنيائين گويا چانڊوڪي کي سنگهي رهيو هجي. شمع ائين ويٺي هئي جو تنبو جو پردو کڄڻ تي ئي چانڊوڪي جو طوفان بناڊپ جي سندس ڳلن سان ٽڪرجڻ لڳو ۽ پوءِ اتان ڊوڙندو تڏن تان ترڪندو تنبو جي ٻي ڪنڊ تائين هليو ويو. شمع جو زيتوني شفاف جسم چمڪڻ لڳو ۽ هن جون اکيون بند ٿي ويون. سندس بند پلڪن اندر ڪارين پتلين ۾ چانڊوڪي جهلڪا ڏيئي رهي هئي. شمع جي ڳلن ۾ غضب جي لالائي ڀرجي وئي هئي ۽ مان سندس بلوري حسن ڏانهن يڪ ٽڪ نهارڻ لڳس، پر خداداد جي سڏ ان ۾ رخنو وجهي ڇڏيو.
هو چئي رهيو هو، ”شاهه زمان نڪر ٻاهر.... شمع.... مرجان.... توهين به.... شمع پنهنجي ڀاءُ جي بندوق ۽ منهنجي رائفل کڻي ٻاهر نڪري.
جڏهن مون کانئس پڇيو ته بندوق ڇو کنئي هئائين ته جواب ڏنائين، ”تنهنجي گهمنڊ جو امتحان ٿي وٺڻ چاهيان.“
ٻاهر راول بيٺو هو، قد ڇهه فوٽ، پير اُگهاڙا، چڻ چڻ سلوار، جا صرف گوڏن تائين پئي آيس، جنهن ڪري گوڏن جي هيٺان ٽنگون بلڪل اُگهاڙيون هئس ۽ انهن تي زخمن جا نشان صاف ظاهر هئا. مٿي تي ڊگها وار رکايا هئائين ۽ بغداد جي چور جيان هڪ رنگين رومال ٻڌو هئائين. ساڄي ڪن ۾ هڪ لوه جو والو پيل هوس جنهن ڪري خانه بدوش نه پر ڪنهن فلم جو هيرو پئي لڳو. مون ڏانهن نهاري مشڪڻ لڳو ۽ وري سندس نظرون شمع جي چهري تي وڃي اٽڪيون.
راول چيو، ”خداداد چوي ٿو ته تو وٽ انگريزي بندوق آهي!“
”ها هيءَ ڏس راهيءَ جي بندوق.“ شمع جو حسن تجلا ڏيئي چمڪڻ لڳو.
راول بندوق کي ڌيان سان ڏسڻ لڳو. پوءِ چيائين.
”هي وري ڪهڙي بندوق آهي، هن جي هڪ ڇيڙي کي ڏندا آهن ۽ ٻيو ڇيڙو اسان جي بندوق جيان خالي آهي!“
مون چيو، ”ڏندن واري ڇيڙي ۾ وڏي شڪار لاءِ گوليون وجهندو آهيان ۽ خالي ڇيڙي کان تتر جو شڪار ڪندو آهيان، هي گولين وارو ڪارتوس آهي – هي ڇيرن وارو – ڏسو .... هي....
راول چيو، ”انگريزي رائيفل سٺي ٿيندي آهي، پر اسان جي بندوق جو مقابلو ڪري نه سگهندي.“
شمع وچ ۾ چيو، ”بندوق خراب يا سٺي نه ٿيندي آهي سٺو يا خراب ته هلائڻ واري جو هٿ ٿيندو آهي.“
راول کلڻ لڳو. مون کي سندس کلڻ زهري تير جيان زخميندڙ ڀاسيو. مون چيو، چڱو ته جوان جا هٿ به ڏسو، انڪار ڪير ٿو ڪري. راول غصي ۾ اڳيان وڌيو، خداداد جو چهرو تمام ڳنڀير هو آهستي چيائين، ”راول، شاهه زمان اسان جو مهمان آهي.“
راول ٿورو بيهي رهيو ۽ پوءِ پٺتي موٽي ويو.
خداداد چيو، ”سامهون ٻنيءَ ۾ گاهه جو ٻوٽو ڏسين ٿو؟ اهو آهي اسان جو نشان.“
شمع بندوق منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو، ”تون اسان جو مهمان آهين پهرين حق تنهنجو آهي.“
شمع جي ٽوڪ واري نوع ۾ ڳالهائڻ مون کي شرمندو ڪري ڇڏيو. مون همٿ ٻڌي بندوق هلائي. پر جيئن مون سوچيو هو تيئن ئي ٿيو. نشان خالي ويو.
خداداد هڪ دفعو ٻوٽي جو نشان ورتو. پوءِ بندوق سڌي ڪري گولي هلايائين، پر هو به ناڪامياب ويو. راول کلڻ لڳو. هينئر راول جو وارو هو. هن رعبدار ڍنگ سان بندوق پنهنجي هٿ ۾ کنئي ۽ اهڙي نموني بندوق هلايائين جو جيڪر ٻوٽو ته ڇا پهاڙ هجي ها ته اهو به اُڏامي وڃي ها، مگر قسمت هن سان ساٿ نه ڏنو.
شمع جهٽڪو ڏئي بندوق راول جي هٿ مان کسي ورتي ۽ چوڻ لڳي، ”اڄ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟“ ۽ هڪ کن کانپوءِ ٺا...... گوليءَ جو ڀاري ٺڪاءُ ٿيو. اکين اڳيان انڌيرو ڇانئجي ويو. دونهين جي گهاٽن غبارن کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، مگر کن به نه نبري جو دونهين جو گهاٽو غبار هوا جي حوالي ٿي، ٽڙي پکڙي ويو. سڀني سامهون نهاريو ته گاهه جو ٻوٽو غائب هو........ شمع جو نشان ڪامياب ويو.
شمع بندوق جو منهن چپن سان لڳائي ڦوڪ ڏني ۽ بندوق کڻي راول جي هٿ تي رکيائين. راول جا هٿ هڪ پل لاءِ شمع جي آڱرين تي ڄمي ويا. شمع جلدي راول جي هٿ مان پنهنجو هٿ ڇڏايو. بندوق ڌرتيءَ تي ڪري پيئي. راول کلي ڪري چوڻ لڳو، ”چنبا پڪڙڻ ايندا اٿئي جوان؟“
”ڇو نه، آڻ هٿ.“
پوءِ اسين ٻئي چنبا پڪڙڻ لڳاسين. هنن خانه بدوشن کي اها به خبر نه هئي ته چنبن پڪڙڻ ۾ مان ڪيڏو نه هوشيار آهيان. جلدي مون خداداد کي شڪست ڏني. پوءِ راول سان آزمائش شروع ٿي. چنبو ڇڏائيندي مون کيس اهڙو ته جهٽڪو ڏنو جو هو ڏهه وال پري وڃي ڪريو ۽ مرجانه خوشيءَ ۾ ڀرجي تاڙيون وڄائي کلڻ لڳي، شمع جوش ۾ اچي مرجانه کي ٿڦ وهائي ڪڍي، ۽ مرجانه روئڻ لڳي.
مون شمع کي چيو، ”مرجانه کي ڇو ماريئه؟“
هوءَ چوڻ لڳي، ”تون چپ ڪر، ڏاڍو آيو آهي مرجانه جو پاسو کڻندڙ. هڪ رات جو مهمان ۽ هاڻي کان ئي ڳالهيون اهڙيون ٿو ڪري ڄڻ ته خانه بدوشن جو سردار آهي. راول کان چنبا ڇڏايئي ته ڄڻ مير مارئيه.“
خداداد کلڻ لڳو. ايتري ۾ سامهون واري تنبوءَ ۾ جيڪو خانه بدوش ڪئنچي تکي ڪري رهيو هو، تنهن چرخي ۽ چقمق کڻي پاسي ڪري رکيو؛ ۽ کنجري وڄائي راڳ ڳائڻ لڳو. سندس زال ۽ ٻار به ساڻس گڏ ڳائڻ لڳا. اسين سڀ اوڏانهن وڌي وياسين. راول جي تنبوءَ جا ماڻهو به اتي آيا ۽ چوٿين تنبوءَ جا ماڻهو، ٻڍو ۽ ٻڍي به آيا.
ٻه وڏا سڪل بنڊ ٻري رهيا هئا. باهه جي روشني سڀني جي منهن پئي پيئي. وچ ۾ ڌيري ڌيري مٺو رباب وڄي رهيو هو. خانه بدوشن جو مٺو، سنهو ۽ وڻندڙ آواز چانڊوڪي رات ۾ پري پري تائين پئي گونجيو. هڪ چانڊوڪيءَ جو طوفان، ٻيو نشي، مستيءَ ۽ سونهن جو طوفان. تارن روپي سونهري ٻيڙيون آڪاش روپي سمنڊ ۾ لڏي لمي، ٽم ٽمائي رهيون هيون ۽ هينئر........ شمع جا پير نچي رهيا هئا ۽ هن جو جسم سندس روح ۾ پگهرجي ويو. اسان جي تنبوءَ ۾ اسان جي تنبوءَ کان ٻاهر، هتي هتي، زمين تي، آسمان تي هر هنڌ شمع ئي شمع هئي. ڪهڙو نه وڻندڙ، سريلو ۽ مزيدار آلاپ هو! شمع جو رقص ساريءَ ڪائنات جو رقص هو. سندس زلف نچي نچي هن جي ڳلن ۽ ڳچيءَ تي ڪري رهيا هئا ۽ جڏهن رقص جي ٻئي ڦيري تي هن انهن کي جهٽڪو پئي ڏنو ته، گويا وڄ پئي کڄي. اونداهي، روشني، سنگيت ۽ رقص........ گويا ستن ئي آڪاشن جا سج، چنڊ ۽ تارا بيهجي ويا هئا ۽ هڪ مدهوش ڪندڙ صورت زمين تي نچي رهي هئي. ڄڻڪ زندگي ۽ موت، خدا ۽ انسان هڪ ئي ڪٽنب ۾ جنم وٺي گوڙ ۽ شوڙ مچائي رهيا هئا. ڏسو ڏسو...... هيءَ حسينا......... هيءَ شمع....... هيءَ روشنيءَ جي مشعال، جا پنهنجي رحم جي مندر ۾ ديوتائن ۽ انسانن کي پيدا ڪري رهي آهي، کين سڀيتا ۽ ڌرم سيکاري رهي آهي. سندن دلين ۾ علم، اخلاق ۽ سچائيءَ جو ٻج ڇٽي رهي آهي. شروع کان آخر تائين صرف هيءَ حسينا آهي. شمع، حسن، حسينا سڀ نچي رهيا آهن.........
ناچ ۽ راڳ جي هيءَ محفل جيڪر صبح تائين جاري رهي ها، جي منهنجو مامو الهداد خان اچي رنگ ۾ ڀنگ نه وجهي ها. اچانڪ هو محفل ۾ اچي گرجڻ لڳو، ”اڙي حرامزادو خانه بدوشو کڻو هتان پنهنجون ڀنگيون ۽ نڪري وڃو اسان جي ڳوٺ منجهان، هينئر، هن پل نه ته___“
شمع نچندي نچندي يڪدم ويهي رهي ۽ سهڪندي سهڪندي پنهنجي ڀاءُ ڏانهن نهارڻ لڳي. راول ۽ خداداد ٻئي يڪدم الهداد خان ڏانهن وڌيا، پر سندس هٿ ۾ پستول ڏسي بيهي رهيا.
راول چيو، ”اسين خانه بدوش آهيون، اسين ڪنهن جو به رعب پسند نه ڪنداسين. آڪاش جي هيٺان جيتري به زمين آهي اها سڀ اسان جي آهي؛ اسين..... جتي به مرضي پوندي رهنداسين....... جڏهن مرضي پوندي هليا وينداسين.“
الهداد خان ڊگهو ۽ ويڪريءَ ڇاتيءَ واري ڊاڪو هو. ننڍيون ننڍيون اکيون، جي شيطاني نموني ۾ چمڪي رهيون هيون. جيترو سندس همٿ، ڦڙتيءَ ۽ چالاڪيءَ جو اظهار ٿي رهيو هو اوترو ئي بيرحميءَ جو پڻ _
پستول راول جي ڇاتيءَ سان لڳائي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو، ”هي رنگپور جو ڳوٺ ناهي، هتي کدڙا نه رهندا آهن، هي الهداد خان جو ڳوٺ آهي. هڪ جهنگل ۾ ٻه شينهن نه رهي سگهندا. چپ چاپ سڀاڻي هتان هليا وڃو، نه ته سڀ تنبو ساڙائي ڇڏيندو سانو.“
مون جوش ۾ اچي خداداد کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو ۽ الهداد جي سامهون بيهي رهيس.
مون چيو، ”ماما، هنن خانه بدوشن سان ڇو ٿو وڙهين، جي وڙهڻو اٿئي ته مون سان وڙهه. اسين کدڙا آهيون ته اچ مان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
هو مون کي اتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. ”اڙي تون شاهه زمان _ هنن جهنگلين جي گهر ۾ ڇا پيو ڪرين؟ اسان جي گهر ڇو نه آئين؟“
وري شمع ۽ مرجانه کي ڏسي مشڪڻ لڳو، ”هاڻي هي تنبو ضرور ساڙڻا پوندا. ڳوٺ جا سڀ جوان، خانه بدوش ڇورين تي مري چڪا آهن.“
راول اڳيان وڌيو. الهداد پستول اڃان به اڳيان وڌايو. خداداد راول کي روڪي بيهاريو. پوءِ نهايت مٺي آواز ۾ چيائين، الهداد خان سڀاڻي شام جو اسين هتان هليا وينداسين بس صرف اِها مهلت ڏي.
”چڱو، سڀاڻي شام جو هليا وڃجو. جي پرينهن مون توهان کي هتي ڏٺو ته ڪتن کان ڇيڇلائيندو سانو.“ ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ”گهر هلندين ڇا؟“
مون ڪنڌ لوڏي انڪار ڪئي.
”ڪٿان پيو اچين، ڍل اُڳاڙي؟ اڄ ٻٽون ته ڏاڍو ڳرو هوندو.“ الهداد جون تيز اکيون چمڪڻ لڳيون.
مان چپ ڪري بيٺو رهيس. راول ۽ خداداد مون کي تڪڻ لڳا. الهداد خان ٻنهي ڏانهن معنيٰ ڀريل نظرن سان نهاري چيو، ”شاهه زمان ڏاڍو هوشيار ڇوڪر اٿو. چڱو مان هلان ٿو.،“ وري مون ڏانهن نهاري چيائين، ”صبح جو مون سان ملندو وڃج....“ پوءِ ٻئي، راول ۽ خداداد، الهداد خان کي نهر جي ٻئي پار پهچائڻ لاءِ ساڻس گڏجي ويا گهڻي دير کان پوءِ موٽيا. اڃان موٽيا به نه هئا، جو مون پنهنجي پختائي ڪري رکي، پنهنجو ٻٽون شمع جي اڳيان اڇلي، کيس چيم، ”صبح جو وٺندو سانءِ.“ ٻٽون ڏسي هوءَ مشڪڻ لڳي. چيائين، ”مان پاڻ وٽ نه رکندس. هي تنهنجو مال آهي. هن جي حفاظت ڪرڻ به تنهنجو ئي ڪم آهي.“
مون چيو، ”مان تنهنجو مهمان آهيان.“
شمع چيو، ”مون ٿوروئي توکي سڏايو هو.“
”ڊڄين ٿي؟“
اهو ٻڌڻ تي ئي ٻٽون منهنجي هٿ مان کسي، چوڻ لڳي، ”مرد پنهنجي بندوق، تنبوءَ ۽ زال جي پاڻ ئي حفاظت ڪندو آهي، پر تو مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندڙ اُلوءَ کي انهن ڳالهين جي ڪهڙي خبر....“
مون بندوق پنهنجي مٿي کان رکي ڇڏي ۽ تڏي تي ليٽي پيس، ”بڪندي وڃ“ مون چيو، ”مون کي ته ننڊ ٿي اچي.“ ائين چئي مون اکيون ٻوٽيون ڇڏيون. گهڻي دير کان پوءِ راول ۽ خداداد، الهداد خان کي پهچائي موٽيا ۽ ڪيتري دير تائين تنبوءَ جي ٻاهران پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا. مان ظاهريءَ طرح سمهيو پيو هوس، پر حقيقت ۾ سندن هر هڪ ڳالهه ٻڌي رهيو هوس. منهنجو هٿ پنهنجيءَ بندوق ۾ هو. ٻئي شمع کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا؛ ۽ شمع کين چئي رهي هئي ته هوءَ هينئر ڪجهه به نه پئي ڪري سگهي، ڇو ته هوءَ منهنجو ٻٽون سنڀالڻ جو انجام ڏئي چڪي هئي راول شمع کي گاريون ڏيڻ لڳو ۽ شمع راول کي....
پوءِ خداداد چيو، ”ڇو نه اسين هن کي (مون کي) ماري ڇڏيون.“ پر شمع نه مڃيو. هن چيو، ”جي هن کي ماريندا ته الهداد توهان کي ڇڏي ڏيندو؟ ڀلا خانه بدوش به ڪڏهن خون ڪندا آهن؟ چوريون ڪرڻ ۽ ڌاڙا هڻڻ ته کڻي ٻي ڳالهه آهي پر خون ته خانه بدوشن اڄ ڏينهن تائين نه ڪيو آهي. ڇا پننجي خاندان تي داغ لڳائيندءُ؟ آخر راول ۽ خداداد کي شمع جي ڳالهه مڃڻي پئي. شمع مون کي بچائي ورتو خداداد ۽ شمع تنبوءَ ۾ گهڙي باهه وسائي اچي تڏي تي سمهي پيا. مرجانه گهريءَ ننڊ ۾ هئي. شمع سندس اڳيان اچي سمهي پيئي. خداداد به منهنجي اڳيان سمهي پيو. هينئر مان خداداد ۽ شمع جي وچ ۾ هوس. تنبوءَ جو دروازو ڪنهن به بند نه ڪيو هو. پردو هوا جي جهونڪن ۾ ڦرڦر ڪري اڏامي رهيو هو. چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا تڏن تان ترڪندا تنبوءَ ۾ پکڙجي ويا. ”ظالم“ دروازي تي ڪتو بيٺو هو؛ ۽ ناسون مٿي ڪري دشمن جي ڳولها ڪري رهيو هو. ٿورو ئي کڙڪو ٻڌڻ تي ڀونڪڻ ٿي لڳو. مان اندر ۾ ساهه سانڍيندي جاڳي رهيو هوس. خداداد کي جلدي ننڊ اچي وئي ۽ کونگهرا پئي هنيائين. اهي نقلي کونگهرا نه هئا.
مون پاسو بدلائي، شمع ڏانهن نهاريو. چانڊوڪيءَ جي سفيدي هن جي ڳلن تي پکڙيل زلفن تي ميڙ ڪيو بيٺي هئي سندس نوڪدار کاڏي جي هيٺان هن جو ساڄو هٿ رکيل هو. هوءَ منهنجي ايترو ته ويجهو هئي جو مان هٿ وڌائي سندس کاڏي کي ڇهي ٿي سگهيس. منهنجي دل ۾ شمع جي کاڏي کي ڇهڻ لاءِ سندس ڳلن کي چمڻ ۽ سندس سڄي جسم کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري ڇڏڻ جو طوفاني جذبو گونجڻ لڳو. ان وقت مون کي ذرو به آواز پسند نه هو، انهيءَ ڪري مون پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون، پر اها گونج ته دل جي تيز ڌڙڪن ۽ انگ انگ ۾ سمائجي ويئي هئي. جسم جي ذري ذري مان اهوئي آواز اچي رهيو هو. شمع کي ڪچلي ڇڏ، شمع کي ڪچلي ڇڏ.... مان ڌيري ڌيري شمع جي اڳيان رڙهي ويس ۽ پٺيان مڙي ڪري خداداد کي ڏٺم جو گهريءَ ننڊ ۾ غلطان هو.
مون ڌيري ڌيري.... پنهنجو هٿ شمع جي ساڄي هٿ تي رکيو. پر ڪجهه نه ٿيو، ڪائي ڪتڪتالي محسوس نه ڪيم، ڪائي لرزش اتپن نه ٿي، گهڻيءَ دير تائين منهنجو جذبات جي باهه ۾ جلندڙ هٿ سندس برفيلي آڱرين تي رکيو رهيو، پر ڪائي جنبش پيدا نه ٿي. پوءِ آهستي آهستي منهنجا هٿ سندس گلابي ڳلن ڏانهن به وڌيا.... انگ انگ ۾“ نس نس ۾ لکين شعلا ڀڙڪڻ لڳا.... سڄي بدن ۾ آگ لڳي ويئي.... لبن تي اهو ئي راڳ هو .... اهائي ساڳي گونج هئي .... شمع کي ڪچلي ڇڏ .... کيس پنهنجي آغوش ۾ ڀري زور سان ڀڪوڙي ڇڏ .... مون خداد ۽ مرجانه ٻنهي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ شمع ڏانهن وڌيڪ نزديڪ رڙهي ويس. تڏي منجهان هڪ هلڪي سرسراهٽ پيدا ٿي. اها سرسراهٽ هڪ راز وارو نغمو هئي، مستيءَ جي لهر هئي. مان ان وهڪري ۾ ترندو شمع جي بلڪل ويجهو پهچي ويس، ۽ پوءِ .... مون پنهنجو هٿ شمع جي هٿ تي رکيو ۽ ان کي زور سان دٻايو .... اُٿ .... اُٿ.... اي مڌر ميلاپ جي شمع....
پر شمع نه جاڳي.... هن جون اکيون اڳي جيان بند هيون. منهنجي هٿ جي آڱرين اهڙو ته درد محسوس ڪيو جو مان مرد نه هجان ها ته رڙ ڪري اٿان ها. هوءَ آهستي آهستي منهنجون آڱريون موڙيندي پئي ويئي، خاموشيءَ سان.... بنا ڪنهن چرپر جي.... اکيون کولڻ کان سواءِ.... مون سان ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ منهنجي آڱرين کي ڄڻ هڪ لوهي چنبي ۾ ڦاسائي، موڙي رهي هئي ۽ مان اندرئي اندر ۾ سور کان جلي رهيو هوس. خبر ناهي ڇوريءَ کي ايڏي طاقت ڪٿان اچي وئي هئي، گل جهڙي جسم ۾ رڪ جهڙي سختي ڪٿان آئي. مون سندس چنبي مان هٿ ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سڀ اسڦل وئي. آخر جڏهن درد حد کان وڌي ويو ته مان پاسو ورائڻ تي مجبور ٿي ويس. منهنجي پٺي هن ڏانهن هئي ۽ منهنجون آڱريون سندس آڱرين ۾ جڪڙيل هيون.
شمع مڌر آواز ۾ چيو، ”چنبا ڇڏائيندين؟“
مون ڪاوڙجي چيو، تون استري نه، ڏائڻ آهين سوئر.“
هوءَ چوندي رهي، ”ڀلا راڳ ٻڌندين؟“
مون هٿ ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو، ”هٿ ڇڏ.“
”مون کي ماهيا راڳ ڏاڍو وڻندو آهي. جڏه ماٿرين ۾ آواز گونجندو آهي.... ها، ها، ته ڪهڙو نه لطف....“
”پر ماتما جي واسطي چپ ڪر، ڪنهن ٻڌي ورتو ته....“
”مان ڪنهن کان به ڊڄندي ناهيان....“ ۽ هوءَ ڌيري ڌيري مٺي سر ۾ ماهيا ڳائڻ لڳي. سندس گلي ۾ غضب جو تاثير هو.
”حرامزادي، چپ ڪر،“ مون غصي ٿيندي چيو.
هوءَ منهنجي هٿ کي اڃان به وڌيڪ چيڀاٽي چوڻ لڳي.
”شمع خانه بدوشن جي ڌيءَ آهي. هوءَ ڪنهن مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندڙ هارين جي ڌيءَ ناهي جو صوبيدار جي پٽ کي ڏسي مٿس دل هاري ڇڏيندي ۽ حياتيءَ جو سڄو جواني روپي خزانو چپ چاپ هن جي حوالي ڪري ڇڏيندي. توهان ڌرم جي پوڄارين کي جهنگلين جي اخلاقن جي ڪهڙي خبر---!“
ائين چئي هن اڃان به وڌيڪ زور ڏنو. اُف! قهر جو سور ٿي رهيو هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا مان تنبوءَ ۾ نه پر جهنگل ۾ سمهيو پيو هوس ۽ ڪو جهنگلي جانور منهنجي ٻانهن پنهنجي چنبي ۾ جهلي بيٺو هو؛ ۽ جي مان پاڻ کي جلدي ان چنبي مان آزاد نه ڪيو ته ٿوري ئي دير ۾ هن جهنگل ۾ منهنجون هڏيون چمڪنديون نظر اينديون. درد اڃان به وڌي رهيو هو. آخر مون جهٽڪو ڏئي پنهنجا هٿ شمع جي چنبي مان آزاد ڪيا؛ پر ڇڏائڻ وقت منهنجو ڀرپور هٿ شمع جي ڳلن تي وڃي لڳو. سندس چپن مان هڪ دٻيل چيخ نڪتي ۽ ان کان پوءِ جلد هوءَ خاموش ٿي وئي. چيخ ٻڌي خداداد ٽپو ڏئي اٿي ويٺو. شمع به چالاڪي ڪري اٿڻ جو بهانو ڪيو.
”ڇاهي راهي؟“ شمع ائين پڇيو گويا هوءَ بلڪل بيخبر هئي.
”ڪجهه ناهي“ مون کيس جواب ڏنو.
وچ ۾ خداداد به چئي ڏنو، ”ها مون به هڪ رڙ ٻڌي.“
”ويچارو ڊڄي ويو هوندو، ڪو خراب سپنو ڏٺئه ڇا،؟ شمع ٻيو سوال ڪيو.
منهنجو رت ٽهڪي رهيو هو، پر چپ رهڻو پيو.
”ڇا هو؟ اوچتو مرجانه به اٿي کڙي ٿي“.
”ڪجهه ناهي، ويچاري ڀيانڪ خواب ڏٺو آهي،“ شمع ٽوڪ جي نموني ۾ چيو.
”چڱو چڱو، هاڻي سمهي پئو“ خداداد پاسو بدليندي چيو. ڪيترو وقت شانت هئي. پوءِ شمع آهستي پنهنجي جڳهه تان اٿي تنبوءَ جو پردو مٿي ڪري ٻاهر هلي ويئي. مان به پنهنجي بندوق کنئي ۽ ٻاهر هليو ويس. چنڊ ماٿريءَ جي وچ ۾ مشڪي رهيو هو، گويا اسان ٻنهي تي مشڪي رهيو هجي. شمع نديءَ جي ڪناري تي ويٺي منهن ڌوتو. مان سندس اڳيان وڌي ويس ۽ کانئس پڇيم، ”اڌ رات جو منهن ڌوئڻ مان فائدو؟“ شمع پاسو ورائي مون ڏانهن نهاريو. سندس چپ زخميل هئا، ۽ انهن مان رت وهي رهيو هو. شايد سندس چنبي مان هٿ ڇڏائڻ مهل منهنجو هٿ هن جي چپن تي وڃي لڳو هو. مان شمع جي اڳيان ڌرتيءَ تي ويهي رهيس ۽ ٻڪ ۾ پاڻي ڀري سندس چپن جي ويجهو آڻڻ لڳس. ٿوري وقت ۾ رت بند ٿي ويو ۽ زخمي چپن تي ٻه سنها ليڪا رهجي ويا. بلوري شفاف چپ، جن کي چمڻ لاءِ آيو هوس.... منهنجا چپ ڌڏڻ لڳا، پر مون کين ڏندن هيٺان دٻائي ڇڏيو ۽ حيران ٿي ان ٻوٽي ڏانهن ڏسڻ لڳس جو هينئر اتي ڪين هو، جو شمع جي گوليءَ جو نشانو ٿي چڪو هو. هينئر اهي بندوق جا ٺڪاءُ ڪين هئا، اهو گوڙ شور ڪين هو، اهو آواز ڪين هو، کنجريءَ تي راڳ ڪين هو، شمع جو رقص ڪين هو. شمع منهجي اڳيان بلڪل خاموش ويٺي هئي. سندس اکين جي اسرار ڀريل گهراين ۾ چنڊ چمڪي رهيو هو. هينئر ماٿريءَ ۾ سنگيت جو آلاپ ختم ٿي چڪو هو ۽ نئين سر شانت فضا موٽي آئي هئي. اسين ٻئي ان شانت فضا جي وچ ۾ بيهي هڪ ٻئي ڏانهن پريم جي نظرن سان نهاري رهيا هئاسين. ٻه پيالا ڇلڪي رهيا هئا. ٻن نيڻن ۾ شراب ڀرجي آيو هو ۽ مان اکين سان ان شراب کي پيئندو پئي ويس. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا ٻه روح اڳيان وڌي رهيا هجن ۽ انهن اکين انهن پلڪن، انهن ڳلن ۽ ان کاڏيءَ کي سڃاڻي رهيا هجن گويا شمع چئي رهي هجي، ’مان توکي سڃاڻان ٿي، ها مان توکي سڃاڻان ٿي، اسين ٻئي هڪ آهيون؛ هڪ تال آهيون، هڪ ئي لئه جي گونج آهيون؛ لکين ورهين کان پوءِ اسين هڪ ٻئي سان مليا آهيون. ٻه شڪتيون، ٻه روح، ٻه آتمائون، ٻه جسم، ٻه سرير، ٻه دليون، هن ننڍيءَ دنيا مان ڀڄي نڪتا آهن ۽ هڪ وڏيءَ تمام وڏي ۽ خيالي دنيا ۾ وڃي پهتا آهن. گهڻي وقت کان اسين هڪ ٻئي کان پاسو ڪري رهيا هئاسين ۽ هينئر اوچتو ان نموني هلندي هلندي گهمندي گهمندي، هڪ ٻئي سان ٽڪريا آهيون، ۽...... ٻه آواره تارا هڪ پل لاءِ، هڪ کن لاءِ، هڪ ٻئي سان...... جو ڪجهه مون ۾ آهي...... جو ڪجهه هن ۾ آهي...... صرف هڪ پل لاءِ...... جيڪي ڪجهه مون ۾ هو...... هن ۾ هو...... سڀ ڪجهه خلاص ٿي چڪو...... شراب جا پيالا ختم ٿي ويا...... لبن مان امرت رس خلاص ٿي ويو...... ٻه سرير هڪ ٿي ويا...... شمع منهنجي آغوش ۾ هئي...... صرف هڪ پل لاءِ...... منهنجو جسم...... شمع جو جسم ...... صرف هڪ گهڙيءَ لاءِ ۽......۽ ٻيءَ گهڙيءَ ۾ هوءَ مون لاءِ ڌاري هئي...... هوءَ مون لاءِ ڪجهه به نه هئي.
شمع تنبوءَ ۾ هلي ويئي ۽ اها گهڙي، اها مڌر کن...... ختم ٿي چڪي. جوانيءَ جو شباب، مست نيڻن جو شراب گلابي ڳلن جي لالائي، سڀ هڪ پل ۾ ختم ٿي ويا...... جذبات ختم ٿي ويئي...... باهه وسامي ويئي...... خاموشي ڀڄي ويئي ۽ گوڙ موٽي آيو. هوا سرڙاٽ ڪري رهي هئي جهنگلي جانور چيخي رهيا هئا. ندي به زور سان وهي رهي هئي. ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا چنڊ ٺٺولي ڪري رهيو هجي. مون تي...... شمع تي...... پر به ڇو؟
فضا ۾ اشانتي ڦهلجي ويئي هئي. شمع جي پيرن جي آهٽ، خانه بدوشن جي ساهه کڄڻ جو آواز ۽ تنبوءَ جي پردن جي سر سراهٽ به ٻڌڻ پئي آئي. ان کان اڳ هر ڪا شيءِ شانت هئي ۽ هينئر ٻيءَ کن ۾ هر ڪا شيءِ رڙي رهي هئي، ڪيڪي رهي هئي.
ائين ئي ته ٿيندو آهي. ڪڏهن به هڪ گهڙي ٻيءَ گهڙيءَ جهڙي نه ٿيندي آهي، ڪڏهن به نه. هينئر ائين ڇو آهي؟ پهرين ائين ڇو نه هو؟ ڇو؟
شمع تنبوءَ جو پردو هٽائي اندر هلي ويئي. منهنجا قدم تنبوءَ جي ٻاهران رڪجي ويا ۽ مان اتيئي ظالم جي اڳيان ويهي رهيس، تنبوءَ جي ٻاهران...... هڪ پٿر تي...... ظالم پنهنجيءَ گرم گرم ڄڀ سان منهنجي هٿ جي تري چٽڻ لڳو ۽ مان سندس ڊگهن وارن ۾ آڱريون وجهي، هن جي بدن تي پيار ڀريا هٿ ڦيرڻ لڳس. شايد مان کيس نه، پر پاڻ کي پيار ڪري رهيو هوس، پاڻ کي آٿت ڏيئي رهيو هوس ۽ اتيئي تارن جي ٿڌيءَ ڇانو ۾ سمهي پيس. جڏهن جاڳيس ته تارا گم ٿي چڪا هئا ۽ اڇو صبح نڪري چڪو هو. سامهون شمع منهنجي خچر تي ڪاٺين جي ڀري ڍوئي، خچر کي هڪليندي پئي آئي. منهنجي ڀرسان اچي بيهي رهي ۽ ڪاٺين جي ڀري خچر تان لاهي تنبو جي ڀرسان رکي ڇڏيائين. اندر وڃي رهي هئي، جو مون کيس چيو، ”مون کي پنهنجو ٻٽون ڏي. مان وڃان ٿو“ ائين چئي مون خچر جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ جهليون.
”ڪهڙو ٻٽون؟“ شمع سوال اهڙي نموني ڪيو، گويا هوءَ ٻٽون جي نالي کان ئي اڻ واقف هئي.
”جيڪو مون رات جو توکي ڏنو هو.“
”رات جو ڏنو هئه؟......مون کي؟...... ڳالهيون ڪهڙيون پيو ڪرين؟“
”هي مذاق ڪرڻ جو وقت ناهي“ مون غصي ٿيندي چيو، ”ڪڍ ٻٽون، مون کي جلدي وڃڻو آهي.“
سامهون خداداد ۽ راول پئي آيا.
خداداد چيو، ”ڪهڙي ٻٽونءَ جي پيا ڳالهه ڪريو.“
مون رڙ ڪري چيو، ”رات جو مرجانه جي منهن تي شمع کي ڏنو هوم، ڪٿي آهي مرجانه......“
شمع گنڀير نوع ۾ چيو، ”مرجانه هتي ڪونهي، جهنگل ڏانهن ڪاٺيون ڪرڻ ويئي آهي.“
”تو هن کي ٻٽون ڇو ڏنو هو؟“ راول مشڪي پڇيو.
”مون سوچيو ته شمع وٽ محفوظ رهندو.“
”تنهن جي معنيٰ تون اسان کي چور ٿو سمجهين.“
راول غصي ۾ ڀرجي ويو. ”سڄي رات اسان توکي اجهو ڏنو، توکي ڊاڪن جي بستيءَ ۾ ڦرجڻ کان بچايو ۽ هينئر تون اسان کي چور ٿو چوين.“
شمع يڪدم راول کان بندوق کسي چوڻ لڳي، ”هليو وڃ هتان؛ هينئر ئي...... هن گهڙيءَ......نه ته......“
مان شمع، راول ۽ خداداد، ٽنهي ڏانهن نفرت ڀريل نظرن سان نهاري، خچر تي چڙهي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيس.
اڄ رستو اڪيلو هو، مان اڪيلو هوس، منهنجي چوگرد هر ڪا شيءِ اڪيلي هئي. مون کي ٻٽونءَ جي گم ٿيڻ جو غم نه هو. ته پوءِ ڇا جو غم هو؟ دل غمگين هئي، بدن ڀاري بڻجي چڪو هو. دماغ کي هڪ الجهن گهيرو ڪري ويٺي هئي. مون کي شمع تي، خانه بدوشن تي، پنهنجو پاڻ تي ڪنهن تي به غصو نه هو چئني طرفن کان اداسي ڇانيل هئي ۽...... خچر آهستي آهستي وڌي رهيو هو. مان شڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه هوس. اڄ مان پنهنجن خيالن ۾ هوس. هڪ سڪل وڻ وٽان پيچرو پنهنجو رخ بدلي رهيو هو، پر اڄ مون کي اها به خبر نه پئي ته پيچري پنهنجو رخ ڦيرائي ڇيو هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا اهو رستو سڌو ئي سڌو هڪ طرف وڃي رهيو هجي. هي رستو تمام وڏو آهي. هي سفر بي منزل آهي. خچر جي پٺيءَ تي ويٺي ويٺي جهوٽو اچي ويو. اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. ڪنهن سڏ ڪري جاڳايو هو. ”راهي“
”لهه“ شمع خچر جي پٺيءَ تي هٿ رکندي چيو.
مان خچر تان لهي پيس ۽ ٻئي گڏ هلڻ لڳاسين. مون کائنس ائين به نه پڇيو ته هوءَ ڇو آئي هئي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهي هئي. بس صرف ٻئي گڏوگڏ هلندا رهياسين. هڪ کيت جو لوڙهو سامهون اچي ويو ۽ اسين ٻئي بيهي رهياسين. ان لوڙهي تي جهنگلي انگور جون وليون ويڙهيل هيون ۽ ڀرسان ڌرتيءَ تي بنفشوءَ جا گل پکڙيا پيا هئا. هتان ٻنهي ماٿرين جو دلفريب نظارو نظر اچي رهيو هو. هڪ پاسي کان رنگپورج ي بستي هئي ۽ ٻئي پاسي کان چمن ڪوٽ جي. وچ تي ٻئي ماٿريون هڪٻئي سان گڏجي رهيون هيون.
شمع پنهنجيءَ قميس جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ٻٽون ڪڍي مون کي ڏنائين. مان حيرت وچان کيس تڪيندو رهجي ويس. سندس زخمي چپن تي ٻه سنهيون ۽ ڳاڙهيون ڏارون پئجي ويون هيون، گويا گلاب جي پنکڙين ۾ چير ٿيل هجن...... مان ازخود شمع جي چهري ڏانهن جهڪي ويس.
هوءَ منهن ٻئي پاسي ڪري چوڻ لڳي، ”مون سان شادي ڪندين؟“
”شادي؟“ مون سندس لفظ دهرايو ۽ هوءَ شانت منهن سان مون ڏانهن نهارڻ لڳي.
”شادي؟“ مون آهستي آواز ۾ هڪ دفعو ٻيهر پڇيو.
”تون...... تون منهنجي ڳوٺ هل...... اتي هلي...... مان توسان شادي ڪندس.“
”تنهنجي ڳوٺ؟“
”ها، اجهو سامهون رنگپور جو ڳوٺ ناهي......؟“
”پر مان تنهنجي ڳوٺ هلي ڇا ڪنديس؟“ شمع پڇيو.
”مان صوبيدار جو پٽ آهيان، اتي مون کي جڳهه آهي، ٻني ٻارو آهي، نوڪر چاڪر، ڌن دولت، عزت، شهرت ۽ “ مان هٻڪي بيهي رهيس.
شمع چوڻ لڳي، ”منهنجي ڳوٺ ڇو نه ٿو هلين؟“
”توسان، ڪيڏانهن؟“
”ڌرن ڪوٽ، اتي منهنجا مائٽ رهندا آهن. منهنجي ماءُ کي منهنجو پيءُ ڇڏي ويو هو، جنهن ڪري هوءَ به پنهنجي پيڪن سان ڌرن ڪوٽ ۾ رهندي آهي. ڌرن ڪوٽ ۾ هينئر به برف وسندي هوندي، سڀني پاسن کان اڇي اڇي برف---“
شمع جون غضبناڪ اکيون چمڪڻ لڳيون. زور سان منهنجو هٿ پڪڙي چوڻ لڳي، ”اسين ٻئي هڪ ئي تنبوءَ ۾ رهنداسين تنهنجي بندوق سان ڏاڍو سٺو شڪار ٿيندو--- تون اسان جي ڪٽنب جو سردار ٿيندين--- مان رات جو کنجريءَ تي ڳائينديس ۽ ناچ ڪنديس—تو منهنجو ناچ ڏٺو آهي نه---؟“ ائين چئي پنهنجيءَ ٻانهن کي هڪ جهٽڪو ڏنائين.
مون چئني طرفن کان وسندڙ برف کي ڏٺو—ميري تنبو کي ڏٺو--- ان تڏي کي ڏٺو جنهن تي مان سمهيو پيو هوس ۽ شمع سمهي پيئي هئي، ۽ جنهن مان خراب بانس اچي رهي هئي. منهنجي واتان نڪري ويو--- ”پر شمع منهنجو کيت جڳهه، ملڪيت، بگيون، برادري – انهن کانسواءِ مان ڪئين رهي سگهندس؟“
شمع نهايت سادگيءَ سان چيو، ”ڇا جيئڻ لاءِ هيءَ کليل زمين ۽ کليل آڪاش ڪافي نه آهي؟ تنبو هجي، بندوق هجي ۽ ڪنهن جو آغوش هجي---ڇا اهو سڀ ڪافي نه آهي؟“
”تون سمجهين نه ٿي--- تون --- مان توکي ڪيئن سمجهايان --- تون خانه بدوش آهين نه----“
اوچتو شمع جي اکين جي چمڪ غائب ٿي ويئي. اهو نشو، اها مستي، اها ادا ويندي رهي. منهنجو هٿ ڇڏي ڏنائين ۽ چوڻ لڳي، ”مون توکي غلط سمجهيو هو؛ تون اهو ناهين جو......“
”ڪهڙو؟“
”خير، ڇڏانهن ڳالهين کي، تون نه سمجهي سگهندين.“
”شمع مون کي ڏاڍو ڏک آهي جو......“
هن منهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪپيندي چيو، ”هينئر مان ڌرن ڪوٽ نه وينديس...... پنهنجي ڀاءُ سان نه رهنديس. هاڻي راول مون کي نه ڏسي سگهندو، اڄ کان وٺي مرجانه منهنجي لاءِ مري وئي...... پر مون کي لنبو سفر طئي ڪرڻو آهي، تون هي خچر مون کي ڏيندين؟“
”رستو تمام وڏو آهي ۽ سفر بي منزل آهي“ مان سوچڻ لڳس، ’لکين سالن کان پوءِ ٻه ڪنارا هڪ کن لاءِ هڪ ٻئي جي ڀرسان اچن ٿا ۽ ٻيءَ کن ۾ الڳ ٿي وڃن ٿا......‘
”شمع“ مون آهستي چيو، ”ڪڏهن به هڪ پل ٻئي پل جيان نٿو ٿئي.“
شمع پڇيو، ”ڇا؟“ ۽ سندس اکين ۾ آنسو تري آيا.
”ڇڏ ان ڳالهه کي تون نه سمجهي سگهنديئن......“
مون خچر جون واڳون شمع کي ڏيئي ڇڏيون. هن پنهنجي زخميل چپن تي، سنهڙي ۽ ڳاڙهي ڄڀ ڦيري هڪ پل لاءِ مون ڏانهن نهاريو ۽ ٽپو ڏيئي خچر تي سوار ٿي وئي. پوءِ آنسن سان تر اکين سان مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳي، ”چڱو، خدا حافظ.“ ۽ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ خچر کي اڙي هڻندي، ڌرن ڪوٽ جي رستي تان ڊوڙندي ويئي.
مان گهڻيءَ دير تائين ان ٻه واٽي تي بيٺو رهيس. اهو ٻه واٽو جو ڌرن ڪوٽ ڏانهن پئي ويو. اهو ٻه واٽو جو منهنجي ڳوٺ ڏانهن به وڃي رهيو هو. منهنجا قدم ازخود ڌرن ڪوٽ جي رستي ڏانهن وڌي ويا، پر پوءِ پاڻ کي سنڀالي، واپس وري آهستي آهستي پنهنجي ڳوٺ وڌڻ لڳس.