30. ماسي ايسري
ماسي ايسري اسانجي سڳي ماسي ته ڪانه هئي مگر هن جي شخصيت اهڙي ته پياري هئي جو هن کي ڏسي هر هڪ جي دل هن کي ماسي چوڻ لاءِ لڳي بيقرار ٿي پوندي هئي. در جي ٻاهران جڏهن هن جي بکي بيٺي ته ڪنهن ڏاڍيان رڙ ڪري چيو ته ”ماسي ايسري اچي وئي “ ته ڪيترائي ٻڍاتوڙي جوان ا۽ عورتون به هن کي ملڻ لاءِ ڊوڙيون ، ٻن ٽن ، ڄڻن ٽيڪ ڏيئي کيس لاٿو ڇو ته ماسي ڪجهه وڌيڪ ٿلهيري جسم جي مالڪ هئي، ٿوري هلڻ ۽ گهڻي ڳالهائڻ سان هن جو ساهه به منجهڻ ٿي لڳو هن جي ٻن، ٽن، مائٽن ته هڪدم پنهنجن کيسن ۾ هٿ وجهي بگيءَ جي ڀاڙي ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي مگر ماسيءَ سڀني کي کلي چيو ته هوءَ اڳ ۾ ئي ڀاڙو ڏئي چڪي آهي،تنهن تي سندس مائٽن جا منهن ڏک ۾ ئي ڀرجي آيا ۽ پئسا کيسن ۾ واپس وجهندي چيائون ته ”ماسي تو هيءَ ڇا ڪيو “؟ ايتري ننڍڙي خدمت جو موقعو به تو اسان کي ڪونه ڏنو ۽ جڏهن هوءَ پنهنجن سڪهندڙ ساهن سان ڳالهيون ڪندي ڪندي مرڪي، ته مونکي ڏاڍي سٺي لڳي. هوءَ پنهنجي ڀر ۾ويٺل جوان عورت کان وڃڻو وٺي پاڻ کي هڻندي ۽ مسڪرائيندي اڳتي وڌي وئي .
ماسي جي عمر سٺ سالن کان گهٽ ڪانه هئي ، هن جي مٿي جا وار کير جهڙا اڇا هئا، جيڪي هن جي ڀريل ،ڀريل ، گول گول ڪڻڪائين چهري تي ڏاڍاسٺا ٿي لڳا. هن جو سهڪندي ، سهڪندي معصوميت ڀريو ڳالهائڻ ته سڀني کي وڻندو هو پر مون کي هن جي چهري ۾ هن جون اکيون وڏيون غير معمولي نظر آيون، جن کي ڏسي مونکي ڌرتيءَ جو ۽ ان تي ميلن تائين پري ، پري، پکڙيل فصلن ۽ ڪنهن وڏي اونهي درياءَ جي ڪشادي پاڻيءَ جي چادر جو خيال ۽ ان سان گڏو گڏ اهو به خيال پئي آيو ته هن جي اکين ۾ جيڪا معصوميت آهي تنهنجي ڪا به ڪنڌي يا ڪنارو ناهي ۽ جيڪا معصوميت آهي تنهنجي ڪابه حد ناهي ۽ جيڪو درد آهي ان جي ڪوبه دارون ناهي، مون اڄ تائين اهڙيون اکيون ڪنهن به عورت جي چهري تي ناهن ڏٺيون جيڪي ايتريقدر وسيع ۽ بي ڪنار هجن جو زندگيءَ وڏي کان وڏو حادثو به هن اڳيان هڪ معمولي ڪک کان وڌيڪ حيثيت نه رکي !
اهڙيون اکيون جيڪي پنهنجي وهڪري ۾ سڀ ڪجهه لوڙهي کڻي وڃن غير معمولي ۽ عجيب و غريب معاف ڪرڻ واريون شفقت ڀريون اکيون ....!
ماسي ايسريءَ کي ڪاسني رنگ جو گهگرو پاتل هو ،جنهن تي سونهري کوٽي جي ڪني چمڪي رهي هئي، سندس مٿي تي ٻٽي ململ جو قرمزي رئو ۽ هٿن ۾ سونا ڪنگڻ جڏهن هوءَ گهر جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته چئني پاسي چو ٻول پئجي ويو ،چاچيون ، ماسيون، ڀينر، ڀاڄايون ، ڌيئر ننهر سڀ جو سڀ هڪ ئي وقت ماسيءَ کي پيرين پوڻ ۽ ملڻ لاءِ ڊوڙيون .هڪ عورت جلديءَ ۾ هڪ صندلي سوري ماسيءَ کي ويهڻ لاءِ ڏني جنهن تي ماسي ويهي واري ، واري سان سڀني کي ڳلي لڳائي ۽ مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائي سڀني کي دعائون ڏيڻ لڳي ۽ هن جي ڀر ۾” هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتري “ خوشيءَ وچان واڇون ٽيڙي زور زور سان وڃڻو هڻي رهي هئي. تائي ايسري گهر کان هڪ رنگين بجڪي کڻي آئي هئي جيڪا هن جي پيرن ۾ صندليءَ جي ڀر سان پيل هئي، هوءَ نمبر وار هر هڪ کي دعائون ڏيندي پئي وئي تقريبا سو کان وڌيڪ پائليون هن گذريل ويهن منٽن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون. جڏهن سڀ عورتون ۽ مرد، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين هن کي پيرين پئي پنهنجي، پنهنجي پائلي وٺي چڪا تڏهن پنهنجو منهن مٿي ڪري وڃڻي هڻڻ واري ڇوڪريءَ ڏي واجهائي کانئنس پڇيو ته ”تون ڪير آهين “ مان سوتري آهيان ڇوڪريءَ شرمائيندي وراڻيو. اوهان تو جئي ڪشن جي ڇوڪري آهين مان وساري ويٺي هيس، اچ مونکي ڀاڪر پاءَ ماسي ءَ هن کي ڳلي لاتو بلڪه هن جون منهن به چمي ورتو ۽ جڏهن هن پنهنجي بجڪيءَ مان هن کي پائلي ڪڍي ڏني ته گهر ۾ موجود سڀئي عورتون ٽهڪ ڏئي کليون پر ماسي ڪرتارو ته پنهنجي نيلم پوتل منڊيءَ واري آڱر اڀي ڪري چيو ته ماسي هيءَ جئه ڪشن جي ڌيءَ سوتري نه پر هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتري آهي .
هاءِ مان مري ويس !! ماسيءَ هڪدم گهٻرائجي چيو ۽ هن جو دم منجهڻ لڳو، هاڻي ته مونکي وهنجڻو پوندو !
مون ته هن جو منهن به چميو آهي ، هاڻ ڇا ڪريان؟
ماسي ايسريءَ وڏين ، وڏين حيران نگاهن سان هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتريءَ کي ڏٺو جيڪا هاڻ هن ريت ڌڪار جڻ تي روئڻ لڳي هئي، ماسيءَ کي هڪدم هن تي رحم اچي ويو هن وري ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان پڪڙي ڇاتيءَ سان لاتو، نه ، نه تون ڇو ٿي روئين، تون ته بيخبر آهين، تون ته ديوي آهين، تون ته معصوم آهين! تنهنجي ته دل ۾ ڀڳوان ٿو رهي!، تون ڇو ٿي روئين؟ ”مان کي ته پنهنجي مذهب خاطر وهنجڻو پوندو“ پر تون ڇو ٿي روئين؟ هان هيءَ وٺ ٻي به پائلي، ماسيءَ هن کي ٻي به پائلي ڪڍي ڏني، ٻي پائلي وٺي سوتري پنهنجا ڳوڙها اگهي مسڪرائڻ لڳي. ماسي هٿ مٿي کڻي پريان دالي مان گذرندڙ هيرو مهريءَ کي ڏسي وڏي سڏ چيس ته اڙي هيرو منهنجي لاءِ پاڻي رک ته مان غسل ڪريان توکي به هڪ پائلي ڏيندس، تنهن تي هڪ دفعو ٻيهر محفل کل ۾ ويڙهجي وئي.
هن جا ماءُ، پيءُ ڪير هئا؟ اها ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي، خود چندروءَ به ان جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي ۽ سڌو حلوائي به هن کي گاريون ڏيندي اڪثر ائين چوندو هو ته، هو چندروءَ کي سڙڪ تان کڻي آيو هو ۽ ان تي چندروءَ ڪڏهن به حيرت جو اظهار ڪونه ڪيو ۽ نه سڌو لاءِ سندس دل ۾ شڪراني جا ڪي نرم جذباتيءَ ڪڏهن اڀريا، ڇو ته هن کي ٻي ڪا به زندگي ياد ڪونه هئي جيڪا هن اڳ ڪنهن ٻئي هنڌ گذاري هجي، هن کي ته بس ايترو ئي معلوم هو ته ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي ماءُ پيءُ هوندو آهي ۽ ڪن کي نه!! ڪنهن ماڻهو پنهنجن گهرن وارا هودنا آهن ته ڪي وري هن وانگر ڏاڪڻين جي هيٺان سمهي زندگي گذاريندا آهن، ڪي گاريون ڏيندا آهن ته ڪي وري گارين سهڻ تي مجبور هوندا آهن، ڪي ڪم ڪندا آهن، ته ڪي وري ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن، بس ائين ئي آهي هيءَ دنيا ۽ ايئن ئي رهندي، ٻن خانن ۾ ورهايل يعني هڪ اهي جيڪي مٿان وارا آهن ۽ ٻيا هيٺيان وارا! هيئن ڇو آهي؟ هونئن ڇو نه آهي؟ جيڪي آهي اهو ڪڏهن کان؟ ڇو؟ ۽ ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿو؟ هو اهو سڀ ڪين ڄاڻندو هو ۽ نه ئي هو اهڙي قسم جي ڳالهين ۾ ڪا دلچسپي به رکندو هو، پر جڏهن به هو پنهنجي ذهن تي زور ڏئي ڪجهه سوچڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هن کي اهو ئي سمجهه ۾ ايندو هو ته جهڙي طرح هو جوئا جي داءَ لڳائڻ لاءِ ڪڏهن، ڪڏهن هوا ۾ سڪو اڇلي ٽاس ڪندو آهي، تهڙيءَ طرح هن جي پيدا ڪرڻ واري به هن جي ٽاس ڪري کيس انهيءَ خاني ۾ وجهي ڇڏيو هوندو جيڪا هينئر هن جي قسمت آهي.
اهو چوڻ به غلط ٿيندو ته چندروءَ کي پنهنجي قسمت کان ڪا شڪايت هئي، هرگز نه! هو هميشه خوش رهڻ وارو، محنت ڪرڻ وارو، ڊڪي ڊڪي دل و جان سان ڪم ڪرڻ وارو ڇوڪر هو، هو رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مشغول پئي رهيو جو هن کي ڪڏهن بيمار ٿيڻ جي به فرصت ڪانه ملي.
ڪراچيءَ ۾ ته هو هڪ ننڍڙو ڇوڪر هو، مگر بمبئي اچڻ کانپوءِ هن جو جسم ڪافي وڌيو، گندمي رنگ صاف ٿيڻ لڳس، وارن ۾ گهنڊڙيون پوڻ لڳس، اکيون وڌيڪ روشن ۽ وڏيون، هن جي اکين ۽ چپن کي ڏسي محسوس ٿيندو هو ته هن جي ماءُ ضرور ڪنهن وڏ گهراڻي جي سريت رهي چڪي هوندي، وري هن جي ڪشادي سيني، ٻانهن، جي مضبوط ڏورن ۽ سخت هٿن کي ڏسي اهو محسوس ٿيندو هو ته سندس پيءُ انهيءَ خاندان جو ڪوئي جانٺو جوان ۽ همت ڀريو نوڪر رهيو هوندو، ڇو ته اهڙي قسم جي ناجائز پيداوار کي ئي عام طور تي سڙڪن تي اڇلايو ويندو آهي.
چندروءَ جي دنيا ۾ آواز جو انهيءَ حد تائين گذر هو جو هو فقط ٻڌي سگهندو هو پر ڳالهائي نه! هونئن نه ته گهڻو ڪري اڪثر گونگا، ٻوڙا به ٿيندا آهن مگر هيءُ صرف گونگو هو- تنهن ڪري سڌو حلوائي هن کي هڪ ڀيرو ڊاڪٽر وٽ به وٺي ويو، ڊاڪٽر چندروءَ کي چڱي طرح تپاسي حلوائيءَ کي چيو ته ”هن جي نڙي:ءَ ۾ ڪو پيدائشي نقص آهي جيڪو آپريشن ذريعي دور ٿي سگهي ٿو ۽ کيس ڳالهائڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو، مگر سڌوءَ اهڙي ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي، هن سوچيو ته ”اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو جو هن جو نوڪر صرف ٻڌي سگهي، پر جواب ڏئي نه سگهي“ ۽ چندروءَ جو اهو نقص سڌوءَ جي نظر ۾ سڀ کان وڏي خوبي بنجي ويو. هن دنيا ۾ ته مالڪن جي اڌ زندگي انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ گذري ويندي آهي ته ڪهڙيءَ طرح پنهنجن نوڪرن کي گونگو بڻائي رکن، ان لاءِ قانون جوڙيا ويندا آهن، پارليامينٽون سجايون وينديون آهن، اخبارون ڪڍيون وينديون آهن، پوليس ۽ فوج جا پهرا بيهاريا ويندا آهن، ته ”بڌو مگر جواب نه ڏيو“ پر چندرو ته پيدائشي گونگو هو ۽ سڌو به اهڙو بيوقوفو ڪونه هو جو هو چندروءَ جو آپريشن ڪرائي.
سڌو به دل جو خراب ڪين هو، پر پوءِ به پنهنجي مخصوص حالتن، مخصوص حدن اندر پنهنجي مخصوص سوچ رکندو هو، هو چندروءَ کي چاهيندو به هو ۽ ان جي ڳالهه جو فخريه اظاهر به ڪندو هو ته هن چندروءَ جي پرورش سندس اولاد وانگر ڪئي آهي، ڀلا ڪير ٿو ڪنهن يتيم ٻار جي پرورش ڪري پالي نپائي وڏو ڪري روزگار سان لائي. جيستائين چندرو ننڍو هو، سڌو هن کان گهرو ڪم ڪار وٺندو هو پر جڏهن چندرو ٻالپڻي جي وهيءَ کان گذرڻ لڳو ته سڌو هن وسطي هڪ نئون ڌنڌو سوچيو.
مٺائيءَ جي دڪان تي ته هن جا پٽ ويهندا هئا انڪري هن چندروءَ واسطي چاٽ وڪڻڻ جو ڌنڌو سوچيو، هستي آهستي هن چندروءَ کي چاٽ بنائڻ جو هنر سيکاريو، گول گپا، ڏهي پيڙا، تيز مصالحي دار پاپڙيون، چهرا چڻا، سموسا، ڪچوريون، ٻٽالون جون ٽڪيون ۽ مختلف قسم جون چٽڻيون مثلا ٿوم جي، ڳاڙهن مرچن جي، سائي فودني جي، سنڍ جي، بصرن ۽ ڏاڙهون ڪڻ وغيره، وري مختلف قسمن جي چاٽ، ڏهي پيڙن جي چاٽ ٻٽالن جي چاٽ، پاپڙيءَ جي چاٽ وغيره. جيترن سالن ۾ چندروءَ اهو ڪم سکيو اوترن سالن ۾ هڪ ڇوڪرو ايم، اي ڪري وٺندو آهي، مگر سڌوءَ جو گهر بيڪار گريجوئيٽن پيدا ڪرڻ جي يونيورسٽي ڪونه هو، هن جڏهن ڏٺو ته چندرو پنهنجي ڪم ۾ ماهر ٿي ويو آهي تڏهن هن هڪ چئن ڦيٿن واري ريڙهي خريد ڪري ان تي چاٽ جا ٿالهه سينگاري کيس ڏيڍ رپيو روز تي ڪم تي لڳائي ڇڏيو، جتي چندرو چاٽ وڪڻڻ لڳو، اتي ڪوبه هن جو حريف ڪونه هو، سڌو وڏي سوچ ويچار کان پوءِ ان جڳهه جو انتخاب ڪيو هو، گارلنگ روڊ تي پاڻيءَ واري نل جي ڀر ۾ ٽيليفون ايڪسچينج جي سامهون هن پنهنجي ريڙهي آڻي بيهاري، اها جڳهه ڪافي پر رونق هئي، هڪ طرف يونين بينڪ، ٻئي طرف ٽيليفون ايڪسچينج ته وري ٽئين طرف ايراني هوٽل ۽ چوٿين طرف گهوڙ بندر روڊجو ناڪو، وچ تي شام جي وقت خوش لباس نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اتان گذرند اهئا، چندروءَ جي چاٽ چهري، تازي ۽ ... هئي، هو ڳالهائي ڪين سگهندو هو مگر هن جي مسڪراهٽ ڏاڍي دلڪش، سودو هميشه کرو، تور صاف ۽ پوري، ڀلا هڪ گراهڪ کي ٻيو ڇا گهرجي؟
چندروءَ جي چاٽ ذائقيدار هجڻ ڪري شام جي وقت هن جي ريڙهيءَ تي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا هجوم، اچڻ لڳا چندروءَ کي سڌو حلوائيءَ ڏيڍ رپيو روز مزوريءَ تي بيهاريو هو مگر هاڻ هو کيس ٽي رپيا ڏيڻ لڳس چندرو جيڪو اڳي ڏيڍ روپئي روز تي خوش هو ته هاڻي ٽي روپيا ملڻ تي به خوش هو ڇو ته خوش رهڻ هن جي عادت هئي هن کي ڪم ڪرڻ پسند هو ۽ هو پنهنجي ڪم ۾ ماهر به هو هن کي پنهنجي ڪم سان دلچسپي هئي ۽ هن پنهنجي گراهڪن کي خوش رکڻ جو فن به ڄاتو پئي هو سارو ڏينهن چاٽ تيار ڪرڻ ۾ مصروف رهندو هو ۽ شام جو چئين بجي ڌاران پنهجي ريڙهي ڪاهي اچي ناڪي تي بيهندو هو جتي اٺين بجي رات تائين بغير ڪنهن ساهي پٽڻ جي ڪم ڪندو رهندو هو اٺين بجي هن جو مال ختم ٿي ويندو هو ۽ هو ريڙهي واپس ڪاهي اچي مالڪ جي گهر پڄندو هو، ماني کائي فلم تي هليو ويندو هو جتان رات جو ٻارهين وڳي موٽي ڏاڪڻ جي پٺيان تڏو وڇائي سمهي پوندوهو ۽ صبح جو اٿي وري پنهنجي ڪم کي کي لڳي ويندو هو اها هئي هن جي زندگي ۽ اها ئي هئي هن جي مختصر ۽ محدود دنيا. هو بي فڪر ۽ زنده دل هونه ماءُ نه پيءُ، نه ڀاءُ نه ڀيڻ نه ٻار نه ٻچو، ٻين ماڻهن جا گهڻائي خانا هوندا آهن مگر هن جو صرف هڪ ئي خانو هو ٻيا ماڻهو گهڻن ئي حصن ۾ ورهايل هوندو آهن ۽ انهن ئي حصن کي گڏ ڪري انهن جي شخصيت ڏٺي ويندي آهي مگر چندرو هڪ ئي ڪاٺيءَ جو ۽ ڪاٺ جي هڪ ئي ٽڪري جو ٺهيل هو هو جهڙو اندر هو تهڙو ئي ٻاهر هو پنهنجي وجود ۾ بي جوڙ مڪمل هو.
سانوري پاروءَ کي هن کي پريشان ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو ڪنن ۾ چانديءَ جا والا لوڏيندي پيرن ۾ ڇير ڇمڪائي جڏهن هوءَ پنهنجي ساهيڙين سان گڏ جي هن جي ريڙهي تي اچي بيهندي هئي ته چندرو سمجهي ويندو هو ته هاڻ هن جي شامت آئي آهي ڏهي پيڙن جي پليٽ تي ٿورو ٽڪرو پيڙي جو بچائي هن کي ڏيکاري چوندي هئي ته ” اڙي گونگاتون ٻوڙو به آهين ڇا“؟ مان ڏهي پيڙا ڪونه گهريا هئا ڏهي پٽا ڪري گهري هيم هاڻ هن جا پئسا ڪير ڏيندو تنهنجو پيءُ؟
ايترو چئيءَ هوءَ تقريبا اها خالي پليٽ هن کا ڏيکاريندي حقارت سان زمين تي اڇليندي هئي.
هو جلدي هن لاءِ ڏهي پٽا ڪري جي پليٽ ٺاهڻ لڳندو هو پارو اهاپليٽ به اڌ کائي اڌ بچائي کيس ڪاوڙ جي چوندي هي ته ”ايترا مرچ وڌا اٿئي _ هان ! _ ايترا مرچ ؟جي چاٽ ٺاهڻ ڪونه ٿي اچيئي ته پوءِ ريڙهي ڪاهي هيڏي ڇو ٿو اچين؟ کڻ پنهنجي پليٽ واپس ۽ ايتري ۾ هوءَ اوبر ٿيل پليٽ کي پنهنجي آڱرن جي ننهن ۾ ڦاسائي ريڙهي مٿان ڦيرائيندي کيس ٿالهه ۾ واپس وجهڻ جي ڌمڪي ڏيندي هئي ان تي هن جو سهليون کلنديون هيون ۽ پڻ تاڙيون به وڄائينديون هيون چندرو ٻنهي هٿن سان نه نه جو اشارو ڪندي پارو کي پنهنجي اوبر زمين تي هارڻ جو اشارو ڪندو هو. ” اڇا سمجهي ويس ته تنهنجي ڇولن جي ٿالهه ۾ هاريان “ پارو ڄاڻي واڻي هن جو اشارو غلط سمجهندي“ ان بچيل پليٽ کي هرو ڀرو ٿالهه ۾ هارڻ جي اداڪاري ڪندي هئي تنهن تي چندرو جلدي جلدي پريشان انداز ۾ زور زور سان انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي کيس زمين ڏانهن هارڻ لاءِ اشارو ڏيندو هوس ۽ پارو ٽهڪ ڏئي کيس چوندي هي ته“ اڇا زمين تان مٽي کڻي تنهنجي ٿالهه ۾ وجهان؟ ايتري تي چندرو اڃان به وڌيڪ پريشان ٿي ويندو هو ۽ ٻئي هٿ زورسان لوڏي کيس منع ڪندو هو پڇاڙيءَ ۾ پارو هن کي ڌمڪي ڏيندي چوندي هئي ” پوءِ جلدي ڪر آلوءَ جون ڇهه ٽڪيون تري ڏي ۽ خوب گرم مسالي وارا چڻان ڏجانءِ، سنڍ به وجهجانس، نه ته هي اوبر بچيل پليٽ وجهانءَ ٿي چڻن جي ٿالهه ۾ _؟
چندرو خوش ٿي کلي ڏ يندو هو ته سندس ٻٽيهه ئي ڏند ظاهر ٿي پوندا هيس، نرڙ تي سرڪي آيل وارن جي چڳ پوئتي هٽائيندي ٽوال سان هٿ صاف ڪندو جلدي، جلدي پارو ۽ هن جي سهلين لاءِ آلوءَ جي ٽڪيون ترڻ ۾ مصروف ٿي ويندو هو.
پوءِ پارو حساب ۾ ڄاڻي واڻي چندروءَ کي تنگ ڪرڻ خاطر ڦڏو ڪندي هيس، ” سٺ پئسن جو ٽڪيون، ٽيهن پئسن جي پلي، ڏهي پيڙا ته مون گهريائي ڪونه هئا، ڀلاانجا پئسا ڇو ملندئي؟ _ اهي ٿي نوي پئسا ڏهه پئسا ڪلهوڪا رهيل _ وٺ روپيو!! “
گونگو چندرو پئسن وٺڻ کان انڪار ڪندو هو، ڪڏهن پاروءَ جون شوخ چمڪندڙ اکين کي ڏسندو هو ته ڪڏهن هن جي مخروطي آڱرين ڏڪندڙ نوٽ کي _ ۽ ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪندي کيس حساب سمجهائڻ بيهي رهندو هو ۽ اهو وقت قيامت جو هوندو جڏهن هو پاروءَ کي حساب سمجهائڻ لاءِ ڏهي پيڙن جي ٿالهه ڏي اشارو ڪري پنهنجي آڱر وات تي رکي، چٻ، چٻ جو آواز پيدا ڪندي ڄڻ ته هن کي چوندو هجي ” ڏهي پيڙا کاڌا ته اٿئي، انهيءَ جا پئسا ڇو ڪونه ڏيندينءَ_؟
ٽيهه پئسا ڏهي پيڙن جا به هت رک! هو پنهنجي پيتيءَ مان ٽيهه پئسا ڪڍي پاروءَ کي ڏيکاريندي چوندو هو تنهن تي پارو اڃان به شوخ ٿي چوندي هيس ته ” اڇا ٽيهه پئسا مون کي واپس ٿو ڏين؟ ”هيڏي ڪر“ تنهنتي چندرو هڪدم هٿ پوئتي ڪري وٺندو هو ۽ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي کيس چوندو هو ته مونکي نه پر توکي ڏيڻا پوندا هي ٽيهه پئسا، هو پنهنجي ڏسڻي آڱر پاروءَ ڏانهن ڊگهيريندي اشارو ڪندي چوندو هيس ته ”اڙي پنهنجو هٿ پوئتي ڪر نه ته هڻندي سانءِ جتي“ جتي تنهن تي چندرو گهٻرائجي ويندو هو ۽ پاروءَ جي دٻائڻ تي مجبور ۽ هيسيل نگاهن سان پاروءَ کي ڏسڻ لڳندو هو ته پارو کي به مٿس رحم اچي ويندو هو ۽ کيسي مان پورا پئسا ڪڍي کيس ڏئي ڇڏيندي هئي ۽ چوندي هيس ته ” تون حساب ۾ ڏاڍي ٺڳي ٿو ڪرين؟ صبحاڻي کان مان تنهنجي ريڙهيءَ تي ڪو نه ايديس، پرٻئي ڏينهن هوءَ ٻيهر اچي ويندي هئي، هنکي چندروءَ کي تنگ ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، هاڻي ته چندروءَ کي به مزو اچڻ لڳو هو جنهن ڏينهن پارو چاٽ کائڻ ڪونه ايندي هيس ته اهو ڏينهن هن جو ڏاڍو اداس، اداس گذرندو هو.
جنهن هنڌ تي چندرو ءَ جي ريڙهي بيهندي هئي ان جي سامنهن يونين بئنڪ هئي، مگر چندرو آهستي آهستي پنهنجي ريڙهي سوريندو، پاروءَ جي گهٽيءَ جي بلڪل سامنهن اچي بيهڻ لڳو، هاڻ هو پاروءَ کي پري کان ئي گهران نڪرندي آساني سان ڏسي سگهندو هو. پهرئين ڏينهن جڏهن چندرو پنهنجي ريڙهي اتي آڻي بيهاري ۽ پارو ريڙهيءَ جي مٽيل جڳهه تي ٿورو ڇرڪي به هئي ته ٿورڙو ڪاوڙي به هئي.
اڙي تون ناڪي کان هيڏي ڇو آيو آهين؟ گونگي چندرو ءَ ٽيليفون ايڪسچينج جي عمارت طرف اشارو ڪري ڪجهه ڏيکاريائيس، جتي ڪيبل وڇائڻ لاءِ زمين کوٽي وئي هئي ۽گهڻيئي ڪارا، ڪارا پائيپ به اتي رکيل هئا، سبب معقول هو پارو لاجواب ٿي وئي ۽ زمين به هموار ٿي وئي تڏهن به چندرو پنهنجي ريڙهي اتان ڪونه هٽائي، تڏهن وري پارو به کيس ڪجهه ڪين چيو، ها البته هن جي چنچل طبيعت ۾ اڃان به اضافو اچي ويو ان ڪري هوءَ چندوءَ کي اڃان به وڌيڪ ستائڻ لڳيون هيون ۽ پڻ ڪيترائي ننڍڙا ڇوڪرا به ! مگر انهن ڇوڪرن کي چندرو دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڪڍندو هو. هڪ دفعي هن پارو جي سهيلين کي به تنگ اچي تڙي ڏني، تنهن تي پارو ايتري ته ناراض ٿي جو هن ايندڙ ٽن، چئن ڏينهن تائين چندرءَ کي ستائڻ ڇڏي ڏنو! تنهن تي چندرو کي ايئن لڳو ڄڻ ته آسمان مٿائنس ڪري پيو هجيس يازمين هن جي پيرن هيٺان ڦاٽي پئي هجي ته “ پارو مون ستائي ڇو نه ٿي“ هن طرح طرح جا حيلا هلايا ته جيئن پارو هن کي ستائي مگر جڏهن ايئن ڪرڻ جي باوجود به پاروءَ جو رويو نه بدليو۽ هوءَ نهايت مهذب طريقي سان چپ چاپ ٻين عام گراهڪن وانگر ڪجهه فاصلي تي رهي چاٽ کائي هلي ويندي هئي، ته چندرو پنهنجي بيوقوفيءَ تي ڏاڍو پشيمان ٿيو هڪ دفعو هن بجاءِ پاروءَ جي پاڻ ئي حساب ۾ گهپلو ڪيو، سوا روپيو ٿيندو هو مگر هن ڄاڻي واڻي پاروءِ کان پوڻا ٻه روپيا گهريا، خوب جهڳڙو ٿيو آخرڪارا چندروءَ ڪنڌ جهڪائي پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ اها ڄڻ ته هڪ قسم جي سڀني پوين غلطين جي تلافي هئي چندرو ڏاڍو خوش ٿيو، ڇو ته پارو ۽ هن جي سهيلين وري هن کي ستائڻ شروع ڪيو هو، بس هن کي ايتروئي ته کپندو هو هڪ ڇير جو ڇمڪو ۽ هڪ شرير مسڪراهٽ جيڪا هن جي گونگي ۽ ويران دنيا کي پل کن ۾ روشن ڪري ڇڏيندي هئي!! ۽ پوءِ جڏهن پاروءَ جا قدم پنهنجي سهلين سان گڏ جي ويندا هئا ته هوپاروءَ جي ڇير جي ڇمڪي کي ٻين جي ڇمڪي کان الڳ محسوس ڪري سگهندو هو، جيئن ته ٻيون ڇوڪريون به ڇير پائنديون هيو مگر پاروءَ جي ڇير جي ڇمڪار ئي ڪجهه ٻي هئي، ڇو ته هن جي موسيقي جيڪا سندس ڪنن ۽ هن جي دل جي تاريڪ شرميلي ڪنڊ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي . بس ايترو ئي ڪافي هو هن لاءِ ۽ هو انهيءَ ۾ ئي خوش هو.
اوچتو مصيبت نازل ٿي، هڪ ٻي ريڙهيءَ خوبصورت ڊزائين چئني پاسن کان چمڪندڙ شيشا لڳل. پتل جي بجاءَ چينيءَ جون چمڪندڙ پليٽون، ريڙهي واري سان گڏ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪرو به هو ، جنهن گراهڪ کي وڏي ڦرتيءَ سان چمچي سوڌي پليٽ ۽ هڪ هٿن اگهڻ لاءِ رومال به پيش پئي ڪيو ۽ کين پاڻي به ٿي پياريو. چاٽ واري جي گهڙي جي ڳچيءَ ۾رابيل جي گلن جو هار به ويڙهيل هو، هن کان علاوه هن هڪ هار پنهنجي ٻانهن جي ڪرائيءَ ۾ به ٻڌي ڇڏيو هو. جڏهن هر مصالحيدار پاڻي ۾ گول گپا ٻوڙي پليٽ تي رکي گراهڪ جي هٿن ڏي سرڪائيندو هو ته چاٽجي وڻندڙ خوشبو سان گڏوگڏ رابيل جي خوشبو به گراهڪ کلي ڪري اها پليٽ ڪنهن تحفي جيان خوش ٿي وٺندو ۽نئين چاٽ وارو گونگي چندرو کي حقير نگاهن سان ڏسي ٽوڪ واري انداز ۾ وڏي سڏ اهو چوندو هو ته ”چکو“
هاڻ هڪ، هڪ، ٻه ، ٻه ٿيندا چندروءَ جا گهڻائي گراهڪ نئين ريڙهيءَ واري ڏي وڃڻ لڳا تڏهن به چندرو کي ڪا خاص پريشاني ڪا نه ٿي، هو سوچڻ لڳو ته پرواه ناهي، نانءُ وڏو، ديهه ويران،“يا وڏو دڪان ڦڪوطعام“ وارو سلسلو آخر ڪيستائين هلندو ڀلاچندرو جي سٺن ۽ صحيح مصالحن واري چاٽ جو مقابلو ڪير ڪندو ڇو ته هن اهو پهرين ڏينهن ئي محسوس ڪري ورتو هو ته گراهڪن کي نئين چاٽ واري جي چاٽ، چمڪدار پليٽن ۽ هوٽل نما سروس جي باوجود به پسند ڪونه آئي هئي هو اڳي کان به وڌيڪ توجهه سان پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو. ايتري ۾ هن جي ڪنن اوچتو ڇمڪي جو آواز ٻڌو، ان سان گڏو گڏ هن جي دل به زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، هن اکيون کڻي ڏٺو گهٽيءَ مان پارو پنهنجي سهيلين سميت ڇير ڇمڪائيندي اچي رهي هئي جهڙو هو هنن جو ڇمڪو، تهڙو هو سندن ڳالهائڻ هن ڏٺو ته اهي فضا ۾ ابابيلن جيان ترنديون سڙڪ پار ڪري نئين ريڙهي واري ڏانهن وڌڻ لڳيون. مگر پارو نئين ريڙهي واري کي ڏسي بيهي رهي ته ان سان گڏو گڏ هن جون سهيليون به بيهجي ويون هوڏانهن چندرو به کين ساه کڻڻ بغير ڏسندو رهيو، پارو هڪ ترڇي نگاه سان چندرو جي ريڙهي کي ڏسي نخري سان نڪ کي موڙو ڏئ، هڪ ادا سان پنهنجي سهيلين کي وٺي نئين ريڙهي واري وٽ وڃي بيٺي. تون به .......... تون به ......... پارو ....... تون به !!! چندرو جو چهرو شرم ۽ ڪاوڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو سندس شريانين ۾رت ٽهڪڻ لڳس، هو ڪجهه به ڳالهائي ڪونه سگهيو ڄڻ ته هن جي نڙي به رت سان ڀرجي وئي هجي، هن کي ڏسڻ سان ائين محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ هو ڳالهائڻ جي بيحد ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو انهيءَ ڪوٽ جي ڀت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن هن جي روح جو محاصرو ڪيو هو، هن کي ڏسڻ سان ايئن پئي لڳو ته ڄڻ هو ڄاڻ رڙڪري چوندو ته ؟ تون ..... تون به............ پارو تون به .....!!!!!
مگر لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پياهئا ۽ هن جي ڪن ڪنهن ايندڙ طوفان جا آواز ٻڌي رهيا هئا، هن جو سڄو جسم رڦي رهيو هو، سندس ڳالهائڻ جي آخري ڪوشش ڄڻ ته ڪنهن لوهه جي ديوار سان ٽڪرائجي پرزا، پرزا ٿي وئي هجي ۽ هو ڪنڌ جهڪائي پنهنجن گراهڪن ڏي متوجهه ٿي ويو مگر ان ڇير جي ڇمڪار اڃان تائين هن جي بيقرار دل ۾ موجود هئي، پارو ۽ سندس سهيليون نئين ريڙهيءَ واري جي چاٽ کائي واپس وڃي رهيون هيون ۽ ويندي ويندي ان جي ساراهه به ڪنديون پئي ويون انهن سڀني ۾ پاروءَ جو آواز سڀني کان اوچو هو. ”واهه ڪهڙي ذائيقيدار چاٽ اٿس ڪهڙا ته صحيح مصالحا اٿس، هن مئي (چندرو ڏانهن اشارو ڪندي ) پراڻي ريڙهي واري کي ته چاٽ ٺاهڻ جي تميز ئي ڪانهي“ هي ته اسان کي اڄ تائين پتل جي ڪسيل پليٽن ۾ چاٽ کارائيندو رهيو آهي، اڙي هن کي ته ڏسو .......! پارو هٿ لوڏي چندرو طرف اشارو ڪيو ” ڪپڙا ڪهڙا گندا۽ غليظ ..... لڳي ٿو ته هفتي کان وهتوئي ناهي، هڪ به رومال ڪونه اٿس............ جڏهن هٿ اگهڻ لاءِ ڪجهه گهروس ته اهوئي ..... پنهنجو ميرو ٽوال کڻي ڏيندو.“ ”اونهه“ پارو سنهڙا سنهڙا چپ ٽوڪڻ واري انداز ۾ ٻاهر ڪڍي چوڻ لڳي ته مان ته ڪڏهن هن چاٽ واري جي منهن تي به ڪونه ٿڪيان“ ان کان وڌيڪ چندروڪجهه به ٻڌي ڪين سگهيو، هن جي اکين اڳيان اونداه اچي، وئي هن گونگن جيان هڪ خوفناڪ رڙ ڪري نئين ريڙهي واري تي حملو ڪيو، هن نئين ريڙهي ۽ جا سڀ شيشا ڀڃي کيس اونڌو ڪري ڇڏيو ڪجهه دير بعد پوليس آئي چندرو کي گرفتار ڪري وٺي رئي ، هن عدالت ۾ پنهنجو ڏوهه باسيو، عدالت هن کي ٻه مهينا جيل ۽ پنج سو رپيا ڏنڊ وڌو، ڏنڊ نه ڏيڻ جي حالت ۾ چار مهينا وڌيڪ قيد بامشقت ڪٽڻو پوندو.
سڌو حلوائي هن جو ڏنڊ ڪونه ڀريو ................۽ ٻيو ڀلا هو به ڪير جيڪو هن جو ڏنڊ ڀري ها ! تنهنڪري چندرو پورا ڇهه مهينا قيد ڪاٽيو، جيل مان ڇٽڻ بعد هو وري به سڌو حلوائيءَ جي گهر موٽي آيو ڇو ته ٻيو ڪوبه ٺڪاڻو کيس نه هو جتي هو موٽي وڃي سڌو حلوائي اول ته هن کي گارين سان وٺي، سندس بيوقوفين تي دير تائين گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو چندرو به دير تائين ڪنڌ جهڪايو صبر سان سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو” ڀلا جي هو گونگو ن نه به هجي ها ته هو ڪنهن کي ڇا چوي ها؟ هن جو ڏوهه رڳو اهو ڪونه هو ته ڪو هو ريڙهي واري سان وڙهيو هو، پر هن جو اهو به ڏوهه هو ته هن هڪ ڇير جي ڇمڪار ٻڌي هئي!!
جڏهن سڌو حلوائي هن کي خوب گاريون ڏئي پنهنجي دل جي باهه ماري تڏهن هن چندروءَ کي ٻيهر ڪم تي لڳائي ڇڏيو، چندرو بيحدايماندار، محنتي ۽پنهنجي ڪم جو ماهر هو. جيل گهارڻ کان پوءِ ته هن لي هروڀرو به اهو معلوم ٿي ويو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڪيتري نه خراب ڳالهه آهي، سڌو حلوئي وري به هن کي خوب سمجهائي، سيکاري ٻن، ٽن ڏينهن کان پوءِ ان ساڳئي هنڌ ريڙهي سميت روانو ڪري ڇڏيو.
چندروءَ غير موجودگيءَ ۾ مڌو هڪ چڱو ڪم ڪيو هو هن چندوءَ جي ريڙهي کي نئون رنگ چمچا به نوان وٺي ڇڏيا هئا. چندرو ڇهن مهينن کان پوءِ ٻيهر ريڙهي ڪاهي روانو ٿيو، اٺين ڏهين ۽ يارنهين سڙڪ جتي هن جي ريڙهي پهريائين بيهندي هئي اتي هاڻ ان نئين ريڙهي واري قبضو ڄمائي ڇڏيو آهي. اهو ڇوڪرو. اهوئي ساڳيو ريڙهي وارو. ريڙهي واري چندروءَ کي گهوري ڏٺو، چندروءَ پنهنجون نگاهون ڦيرائي ڇڏيون، هن نئين ريڙهي واري کان ٿورڙو پرڀرو ايڪسچينج جي پاسي اچي ريڙهي آڻي بيهاري ۽گراهڪن جو انتظار ڪرڻ لڳو شام جا چار تا پنج ٿي ويا پر ڪوبه گراهڪ هن ڏي ڪونه آيو هڪ گراهڪ آيو به ته اهي نوان هئا ۽ چندروکي سڃاڻيندا ئي نه هئا اهي به چئن، اٺن آنن جي چاٽ کائي رهندا رهيا، اداس دل چندرو ڪنڌ جهڪايو پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهيو ڪڏهن ٽوال کڻي شيشا چمڪائڻ ٿي لڳو ته ڪڏهن ڏوئي وجهي پاري ۾ مسالي واري پاڻي کي گڏائڻ ٿي لڳو ته ڪڏهن چلهي جي باهه ٺيڪ ڪرڻ ٿي لڳو، آخر هو آهستي آهستي ٻٽالن جي ڪاتر، بيسڻ ۽ مصالحي ۾ وجهي ٽڪيون ترڻ لڳو ..
اوچتو هن جي ڪنن ڇير جي ڇمڪار ٻڌي ۽ دل زور، زور سان ڌڙڪڻ لڳس، رت جو دورو تيز ٿي ويس، هن پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻڻ چاهيو مگر کڻي نه سگهيو ......... ڇير جي ڇمڪار هينئر سڙڪ تائين پهچي چڪي هئي.نيٺ هن پنهنجي جسم جو سمورو زور لڳائي جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ته هن جون نگاهون پارو تي وڃي پيون ۽ ڏوئي هن جي هٿ مان ڪري پئي سندس ٽوال به ڪلهي تان ڪري بالٽي ۾ ڀڄي پيو، ان مهل هڪ گراهڪ ڀر ۾ اچي چيس ته” مونکي ٻه سموسا ڏي“ مگر هن ڪجهه به ڪين ٻڌو، هن جي بدن ۾ جيترا به حواس هئا، جيترا به احساس هئا، جذبات هئا سڀ ڇڪجي هن جي اکين ۾ سمائجي ويا هئا، ان وقت هن جو جسم نه پر صرف اکيون ئي اکيون هيون، هيءَ هن جي ريڙهي هئي نه سندس ڀرسان چند وکن تي ٻي ريڙهي به بيٺل هئي، هو صرف اهو سوچي رهيو هو ته پارو ڪاڏي ٿي وڃي؟ڇوڪريون هوريان هوريان سُسُ، پُسُ ڪنديون هنن ٻنهي کي ڏسنديون نزديڪ اچي رهيون هيون سندن وچ ۾ تمام آهستي آهستي بحث به هلي رهيو هو ، اوچتو ڄڻ ته اهو بحث ختم ٿي ويو ڇوڪرين سڙڪ پارڪري نئين ريڙهي کي واري کي گهيري ورتو مگر چندروءَ جون نگاهون نئين ريڙهي واري ڏانهن ڪو نه هيون هو ان مهل خلا ۾گهوري رهيو هو، گهٽي ۽ سڙڪ جي ملاپ تي جتي اڄ ڇهن مهينن کان پوءِ پارو کي ڏٺو، هو ڪنڌ مٿي ڪيو؛ دنيا جهان کان بيخبر اوڏانهن ئي ڏسندو رهيو هو بت بنيو صرف خلا ۾ گهوري رهيو ته اوچتو وڏي تيزيءَ سان پارو پنهنجي سهيلين کان ڀڄي هن جي اڳيان هڪ ڏوهاري جيان چپ چاپ اچي بيهي رهي،انهيءَ وقت گونگو چندرو اوڇنگارون ڏيئي روئي پيو. اهي ڳوڙها ڪين هئا بلڪ الفاظ هئا، شڪراني جا، دفترهئا شڪايتن جا، اٻرندڙ ڳوڙها فصيح ۽ بليغ جملن جيان هن جي ڳلن تان وهي رهيا هئا، پارو ڪنڌ جهڪائي اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي،
اڄ پارو گونگي هئي ۽ چندرو ڳالهائي رهيو هي، اڄ ڀلا هو کيس ڪيئن چوي ته ”اڙي چريان مون به ته پورا ڇهه مهينا انهن ئي ڳوڙهن جو انتظار ڪيو هو !!!