15. نئون ڪشمير
انهي پهلگام جي سهڻيءَ واديءَ ۾، اهوئي خوبصورت لدر درياءُ، ان جو چمڪندڙ شفاف پاڻي، هنڌان هنڌان ائين نيرو هو، ڄڻ ان ۾ ڪنهن آسمان کي ملايو هجي. ڪڏهن ائين ڳاڙهو ٿي ويندو هو، ڄڻ ڪنهن ٻٻر جو سڄو رس ان ۾ اوتيو هجي. ڀانت ڀانت جون لهرون، ننڍڙيون، چلوليون ۽ وڻندڙ ساون پٿرن جي اوسي پاسي کان گهمندڙ لهرون – جيئن داسيون ڪٿڪ ناچ وقت ڪرشن جي اردگرد ناچ ڪنديون آهن. اوڀر جي پهاڙن تي وڻن جون قطارون صدين کان اوچا ڳاٽ ڪيو، سج ڏانهن شان سان ڏسن ٿيون، انهن جي پکڙيل ٻانهن مان ڇڙندڙ روشني چئني طرفان کان اچي هڪ ٿي هنج ۾ آئي هئي، ڄڻ روشنيءَ جي انهن گهرن ۾ عورتن جيان ڪم ڪري رهيون هيون. هر پن تي ڪرڻو هو. روشنيءَ جو راڄ هو ۽ سڄي جهنگ ۾ ماٺ هئي. ڪٿان جهنگ مان آسمان نظر ٿي آيو ته، اتان سج جي روشني لکين ڪرڻن جي صورت ۾ وڻن جي وٿين مان ڀڄندي زمين ڏانهن اچي رهي هئي ڄڻ روشنين جو آبشار هجي. پهلگام ڪيڏو نه خوبصورت آهي. ننڊاکڙي ۾ ڄڻ خواب، هر ساعت سرهن گلن وانگر ٻهڪندڙ، هر ساهه محبوب جي اکڙندڙ ساهه جي رفتار جيان. هي ته منهنجي گذريل پراڻن سالن وارو نئون پهلگام آهي. انهن پنجويهن سالن ۾ دنيا ڪيترو نه بدلجي وئي آهي ۽ هو پاڻ ڪيڏو نه بدليو آهي، پر هي پهلگام هرگز ڪونه بدليو آهي – ساڳيو سندس حسن آهي، ساڳيو سندس انداز، ساڳيوئي سندس اوج، اهائي دلڪشي ۽ اهوئي سندس ڪنوارپڻو. جڳموهن سوچيو، ”اهو ڪيڏو نه سٺو آهي، جو انسان ته بدليو وڃي، پر هي پهلگام بدلجي ئي ڪونه ٿو!ٰ هي ته پنهنجي خوبصورتيءَ سان قائم دائم آهي.“
جڳموهن پنهنجي ذهن جي ڪنواس تي گذريل پنجويهه سالن جون يادون گڏ ڪيون. کيس نظر آيون: ٻي مهاڀاري لڙائي – ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جون قبرون، صليبون، قبرون ۽ صليبون اڀرنديون نظر آيون، انهن قبرن جي پٺيان ڪارخانن جي چمنين مان دونهو نڪري رهيو هو. اڳ ڪپڙي جي هڪ مل هئي، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ٻه ٿيون ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چار ٿيون. ڪيترن لکن قبرن ٺهڻ کانپوءِ رڳو هڪ چمني ٻري ٿي. کيس پنهنجو روپ جو سفر ياد آيو. پئرس جا شرابخانا، روم جي گهٽين ۾ ڦرندڙ لاطيني ڇوڪريون، برلن جي اها ريسٽورنٽ، جنهن جي هر ميز تي هڪ ٽيليفون، هر ٽيليفون جو ڪنيڪشن هڪ رنڊيءَ سان، ٽيليفون ڪري، رنڊيءَ کي گهرائي وٺو.
جڳموهن سڄي دنيا ڏٺي هئي، شنگهائيءَ جا ڪيبري، رايوڊي جينرد ۽ بونس ايرز جي بندرن ماڻهن جي وادين ۾ ناريل جهڙين ڊگهيون ۽ ڳر جهڙيون، اسپيني گيتن جيان مست ڪندڙ عورتون، سٺو شراب، خوبصورت ناچ ۽ ناريل جي وڻن مٿان اٽڪيل چنڊ، ڄڻ موري جي حسين ڇوڪريءَ جي وارن ۾ نٽيلا! هي دنيا ڪيڏي نه حسين هئي. ان ۾ جڳموهن دل لاهي عيش ڪيا – پنجويهن سالن ۾ هو پنهنجي جسم ۽ روپين کي خرچ ڪندو ويو هو، پر ان ۾ سندس جسم گسي ويو هو. ان وڌندڙ مزوريءَ ۽ وڌندڙ انڪم ٽئڪس هوندي به هن هزارين بي ايمانيون ڪيون ۽ بئنڪ بيلنس کي برقرار رکيو – ڪڏهن ضرب ونڊ سان ۽ ڪڏهن وري جوڙ ڪٽ سان، پنهنجي روپين کي گسڻ نه ڏنو، پر هينئر سندس جسم گسي ويو هو! ان کي به هو انجيڪشن ۽ ٽانڪ جي گورين ۽ هزارين حيلن وسيلن جي مصنوعي ڪوششن سان برقرار رکندو آيو هو، اهي ڪوششون به هن جي جسم جيان بي ايمانيءَ کان گهٽ نه هيون، ان جو هن کي اهڙو احساس هو، جيئن هن مزورن سان بي ايماني ڪندي پنهنجي قوت ختم ڪري ڇڏي هئي، جيسين هو جيئرو آهي ته پوءِ ڇو نه پنهنجي رپئي مان ۽ هن جسم مان دل کولي لذت وٺي. مرڻ کان پوءِ بهشت هونءَ به غريبن کي ملندو.
جڳموهن اٿي کڙو ٿيو، هو چيل جي ڏار کي ٽيڪ ڏئي ويٺو ۽ ان جي سهاري اٿي بيٺو، ڇو ته پٿريلي ٽڪر کان هيٺ ويندڙ پيچري تان ميون جو ٽوڪرو کنيو هڪ ڪشميري ڇوڪري اچي رهي هئي. هن دنيا ۾ هر طرح جون عورتون ڏٺيون هيون، هر طرح جون، لاطيني ڪوارٽرز ۾ برف جهڙا تراشيل جسم، استنبول جي قهوي خانن ۾ ناچ ڪندڙ ترڪي حورون، شمپيئن کي ڇلڪائيندڙ ۽ صندل جي گلن ۾ پوش ٿيل اڌ اگهاڙيون، ڇوڪريون پنهنجي رنگ ۽ رت ۾ ٻن وڏن رڻ پٽن جي سونهن سموئي. سپ مان ڄڻ موتيءَ جهڙو مول... هن هر طرح جي خوبصورتي ڏاڍي هئي، پر هن ڪشمير جي حسن جو ڪو ثاني نه هو. اهڙو حسن جيڪو ڪنول جيان کڙندڙ، گلاب جو کل، چانڊوڪيءَ جهڙو گل ۽ سج جي ڪرڻن جيان کلندڙ! ڪشميرڻ جون اکيون ڍنڍ جيان ڪڏهن چپ چاپ، پرسڪون ۽ پراسرار ۽ ڪڏهن وري تلا:ءَ جي چلولي، دل جو سڄو راز کولي ڇڏي. ڪشميرڻ جو سينو ڪڏهن ته برف جيان سرد ۽ خاموش جيئن اڃا ابهم هجي ۽ ڪڏهن ائين دکندڙ جيئن جهنگ کي باهه لڳي. اهڙي سونهن ۽ سوڀيا وارو ڪشميري حسن ٻي هنڌ اڻ لڀ آهي، ان ڪري کي پهلگام جي ڪشش کيس ٻيهر سالن کان پوءِ هتي آندو هو. ميوي جو ٽوڪرو کنيو، چاڙهيءَ کان هيٺ سڙڪ تي ويندڙ ڪشميري ڇوڪريءَ کي ڏسي کيس اڄ کان پنجويهه سال اڳ وارو واقعو ياد آيو:
هڪ ڏينهن هو چندن واڙي سڙڪ تي پسار ڪري رهيو، ائين هو پري نڪري آيو. ٻنپهرن جي اس وڻندڙ هئي، پر اس جي تک کان سندس ڳل سڙڻ لڳا ٿي ته ڪٿان ايندڙ سرد هوا جو جهوٽو، گرميءَ کي سندس ڳل تان ائين کڻي ويندو هو. جيئن چترڪار جو برش وڌيڪ پکڙين رنگ کي – هو هوريان هوريان جهونگاريندو ٿي ويو، اوچتو هن کي هڪ ڇوڪري نظر آئي، جيڪا ميوي جو ٽوڪرو مٿي تي کنيو پهلگام ڏانهن اچي رهي هئي. ڇوڪري هن جي ويجهو اچي کلي پئي ۽ هو به جواب ۾ کلي پيو. ڇوڪريءَ ميوي جي ٽوڪريءَ کي جهڪايو ۽ هو به جهڪي پيو.
”آلو بخارا مٺا آهن، نه؟“ هن پڇيس.
”ها- ڏس!“
- هو ان ڇوڪري جي ويڪرين اکين ۾ لهي ويو. ڇوڪريءَ هڪ آلو بخارو ٽوڪري مان کڻي کيس ڏيکاريندي چيو.
”پڪل ۽ صفا تيار، سندن رنگت ڳاڙهي ۽ روپي جهڙي آهي، بي داغ!“
- هي ڇوڪريءَ جي گلابي هٿ جي رنگت واري نرميءَ تي غور ڪرڻ لڳو.
”ڏاڍا سٺا اٿئي، ٻن روپين ۾ ٽوڪري، ٽوڪري وٺ!“
هن کيسي مان ريشمي رومال ڪڍيو، ان کي زمين تي وڇائي، ٽوڪري مان ٻه ڊزن کن آلوبخارا چونڊي رکيا ۽ ڇوڪريءَ کي اٺ آنا ڏنا. ڇوڪريءَ حيرت ۽ خوشيءَ مان هن ڏانهن ڏسندي چيو،
”هي اٺ آنا ته گهڻا آهن -۽ ٻيا به کڻي وٺ-“ هن ٽوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيس –
”ٻيهر وٺندس... تون ڪٿي رهندي آهين؟“
ڇوڪريءَ پٺ ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”سڙڪ جي هن موڙ کان اڳتي اسان جو گهر آهي. هي آلو بخارا به اسان جي گهر جا آهن. اسان جي گهر ۾ انهن جا چار وڻ آهن، ڪڏهن تون منهنجي گهر اچجانءِ ته آلو بخارا پٽي، توکي هٿ سان کارائيندس.“
- هو چپ رهيو.
”ايندين – نه!“ ڇوڪريءَ ڪنواري مرڪ مرڪي پڇيس.
ڇوڪري ٽوڪري کڻڻ لاءِ جهڪي ئي مس ته جڳموهن هٿ وڌائي، ٽوڪري کڻي سندس مٿي تي رکي. ٻنهي جا هٿ هڪٻئي سان ٽڪريا. ان هڪ ساعت ۾ صدين جي جواني ڪر کڻي اٿي، جڏهن دنيا ٺهي، جڏهن باهه ڀڙڪي، جڏهن دل ڌڙڪي، جڏهن اک ڦڙڪي ۽ جڏهن کان ڳوڙها وهيا لکن ڪروڙن سالن جي تخليق صرف هڪ ساعت ۾ تڙپي پئي هئي. جڳ موهن جي ساهه جي رفتار وڌي ويئي، هو سڀ ڪجهه برداشت ڪري ويو. مڙي پيو ۽ اڳتي هلڻ لڳو، چندن واڙي ڏانهن، پهلگام. اڳئين موڙ تي پهچي هن ان ڇوڪريءَ جو چئن وڻن وارو گهر ڏٺو. گهر جي هڪ طرف نرگس جي گلن جا انبار هئا، هو اهو گهر ڪيئن ٿي وساري سگهيو، ان کان پوءِ هو اڪثر ڇوڪريءَ سان ملندو رهيو. کانس آلو بخارا خريد ڪندو رهيو، هر دفعي کانئس گهٽ آلو بخارا وٺي، گهڻا پئسا ڏيندو هو.
تنهن سمي هن پهلگام جي بازار مان هڪ خوبصورت ڪشميري رومال ورتو، ان ۾ ڪشمش، اخروٽ، بادام وجهي ان جي مٿان ڏهين جو نوٽ رکي رومال کي چڱيءَ طرح ٻڌي، هن هاتو کي وٺي سڙڪ جي هڪ پاسي آلوپ بخارن جي چئن وڻڻ وارو گهر ڏيکاريندي چيو:
”هوءَ ڇوڪري جڏهن به هن گهر مان ٻاهرنڪري ته کيس رومال هٿ ۾ ڏج، هو توکي ڇا به چوي، اهو اچي مون کي ٻڌاءِ....“
هو واپس مڙيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو – گهڻي دير کان پوءِ هن جي هٿ ۾ ريشمي رومال هو، اهڙيءَ ڀريل ۽ ٻڌل، جڳموهن جي دل وياڪل ٿي وئي. هاتو لوڏ سان اچي رهيو هو، ڪو گيت به ڳائي رهيو هو.... جڏهن خزان ايندي آهي ته، چنار جا پن محبوب جي ڳلن جيان ڳاڙها ٿي ويندا آهن.....
”ذليل!“ جڳموهن دل ۾ چيو: ”هن رومال واپس ڪيو آهي ۽ هي حرامي ڳائيندو پيو اچي.“
هاتو خيمي جي اندر اچي، اهو ڀريل رومال جڳموهن جي سامهون رکيو، جڳموهن ڪبندڙ هٿن سان رومال جو ڳنڍيون کولڻ لڳو. رومال جي اندر نه ڏهين جو نوٽ هو، نه اخروٽ، نه بادام... بس نرگس جا گل... رڳو نرگس جا گل ئي هئا....
هاتو کلي چيو: ”صاحب! بخشيش.“
آلوبخارن جي ان چئن وڻن واري گهر ۾ اڄوڪي رات خوبصورت هوندي، ڪيڏي سندر ۽ سهڻي، مٺي ۽ مهربان رات، جڳموهن جي دل جي هر ڪنڊ مستي ۾ ويڙهجي ويئي ۽ پوءِ تيز تيز وکون کڻندو، سڙڪ تي و يندڙ، ميوي وڪڻندڙ عورت ڏانهن آيو.
عورت ميوي جي ٽوڪريءَ کي هيٺ ڪيو ۽ ان سان گڏ جڳموهن به جهڪي پيو.
ٽوڪريءَ ۾ مصري زردالو هئا.
”مٺا آهن؟“ جڳموهن پڇيو.
”چکي ڏس.“
”چکي وٺان؟“ جڳموهن سندس اکين ۾ گهوريندي چيو. ڪشميري عورت جاڳل تازن پڪل صوفن جيان ڳاڙها ٿي ويا، ڪنن ۾ پيل چانديءَ جهومڪ لڏڻ لڳس.
”ها“ ڪمزور آواز ۾ چيائينس- ان سان گڏ هڪ اٺن سالن جو ڇوڪرو به هوس. ان کي چوڻ لڳي، ”صاحب کي زردالو کڻي ڏي.“
”هيءُ ٻار تنهنجو آهي؟“
”هائو.“ عورت جو هٿ بي اختيار ٻار جي مٿي تي ڦري ويو.
”ڇا نالو اٿس؟“
”قادر“ هن ڦونڊجي ٻڌايو.
قادر، جڳموهن کي ڏسي بي ڊپو کلي رهيو هو، جڳموهن هڪ زردالو کڻي چکيو، پوءِ هن هڪ کيسي مان ريشمي روملا ڪڍيو. ان ۾ ٿورا زردالو چونڊي وڌا ۽ هڪ روپيو عورت کي ڏنو.
”اٺ آنا هن ٻار جا.“
”پر پوءِ؟“
”ٻار مٺائي وٺي کائيندو.“
”ها“ قادر خوش ٿي چيو، ”مان مٺائي کائيندس“ پوءِ هن اٺ آنا کيسي ۾ وڌا.
ڪڪائين وارن جي چڳ اڏري عورت جي ڳل تي وکري ويئي، هن چڳ کي ورائيندي چيو، ”هيءَ ٽوڪري ته کڻائجو، صاحب!“
جڳموهن جو هٿ ان عورت جي هٿ سان ٽڪريو. جڳموهن کي اڄ کان پنجويهه سال اڳ وارو، آلوبخارن جي چئن وڻن وارو گهر ياد اچي ويو. ان جي ياد ايندي به هن جي رڳن ۾ گرمي نه آئي، ڪو گيت نه گونجيو، ڪا لهر نه اٿي. جيڪا اڄ کان پنجويهه سال اڳ هن جي رڳ ۾ جوڳ بڻي هئي. ان ٽڪراءَ ۽ هن ٽڪراءَ جي وچ ۾ سوين عورتن جون آڱريون اڀيون ٿي ويون. کنيل هٿ ۾: پائونڊ، ڊالر، سرا، ين، فرانڪ ۽ دينار هئا ۽ غلام جي بازار ۾ پنهجنجو سڀ ڪجهه وڪرو ڪري رهيون هيون، واڪ لڳرائي رهيون هيون. واڪ لڳڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ٻوليءَ جي مور ۾ ئي رهندو هو، ڪڏهن ڪلام بڻجي پولار ۾ نه پکڙبو هو.
جڳموهن واپاري انداز ۾ ان عورت کي هيٺ کان مٿي ڏٺو، جانچيو، اندازو لڳايو، هيءَ ڪيتري ۾ وڪرو ٿي سگهندي؟ پوءِ هو هوريان مرڪي پيو ۽ زردالو کائيندو سڙڪ تي هلڻ لڳو.
هو قدم ٻه قدم ان عورت کان پري رهيو هو، پر کيس چور نظرن سان تڪي به رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن عورت هلندي هلندي کيس ڏسي به رهي هئي ته، هو سندس پويان ته نه آهي! پر ڪنهن نه ڪنهن سان ڪجه نه ڪڇيو.
ان شام جو ئي عورت مصري زردالو وڪڻي، گهر واپس آئي. ڪاٺ جي پل جي هن ڀر، پٿر جي گهاٽ وٽ هن جو ڪاٺ مان ٺهيل خوبصورت گهر هو. گهر ننڍو هو، جنهن جي چوگرد ول زمين کان اٿي ڇت تائين پهتي هئي. جڳموهن ڪا دير ان ول جي گلن کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ واپس آيو.
ان کان پوءِ جڳموهن ڪيترا ڀيرا ان عورت کان زردالو خريد ڪيا، ساڻس مليو، زردالن جي قيمت ادا ڪيائين، قادر کي مٺائيءَ لاءِ پئسا ڏنائين، اهڙيءَ طرح قادر به جڳموهن سان ريجهي ويو.
هڪ ڏينهن جڳموهن بازار مان هڪ ڪشميري روملا ورتو، ان ۾ ڪشمش، بادام ۽ اخروٽ وجهي، ان جي مٿان ڏهن روپين وارو نوٽ رکيائين ۽ رومال جون ڳنڍيون ٻڌي قادر کي ڏنائين ۽ کيس چيائين: ”هي پنهنجي ماءُ کي وڃي ڏي. اها جو ڪجهه به چوي، اهو مون کي اچي ٻڌائج.“
”چڱو“ قادر خوش ٿي پيو.
سج لدو جي ٻي پار پهاڙين ۾ ٻڌي رهيو هو، جو قادر واپس هن جي خيمي ۾ آيو. ان وچ ۾ جڳموهن شيو ڪري ورتيه ئي. هن پنهنجي جسم تي خوشبوءِ لڳائي ۽ پنهنجو پاڻ ئي ٻانهن ۾ انجيڪشن ڪئي ۽ هينئر پنهنجي طرفان بلڪ تيار ۽ خوش ويٺو هو. قادر رومال کي لوڏيندي ٿي آيو، رومال ڀريل هو!
جڳموهن جي نظرن ۾ نرگس جي گلن جا ڍير لڳي ويا. کيس ائين لڳو ته ڪشميري ڪنوارين جون سوين اکيون شرم مان کيس تڪي رهيون آهن. قادر خيمي جي اندر آيو ۽ ڀريل رومال جڳموهن جي سامهون رکيائين. جڳموهن ڪنبدڙ هٿهن سان رومال جون ڳنڍيون کوليون.
رومال ۾ نه ڪشمش هئي، نه اخروٽ هئا ۽ نه وري بادام هئا! ان ۾ هڪ پراڻو ڇنل جوتو رکيل هو. جڳموهن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنهن اهو ڇنل ۽ پراڻو جوتو سندس منهن ۾ زور سان هنيو هجي – ڪاوڙ ۽ احساس شرم کان سندس منهن ڪاراٽجي ويو.
”هي ڇا هي؟“ هن شرمساريءَ مان پڇيو.
- جواب ۾ قادر کلڻ لڳو. قادر کلي پيو – کلندو رهيو – پوءِ ٽهڪ ڏيڻ لڳو - ۽ پوءِ ڀڄڻ لڳو – هو ٽهڪ ڏيندو لاهيءَ کان هيٺ ڀڄندو رهيو – پري پري تائين جڳموهن جي ڪنن ۾ سندس ٽهڪن ۽ ان جي کل جو آواز ايندو رهيو- نئين ڪشمير جا نوان ٽهڪ-!
(سنڌيڪار: ممتاز عباسي)