40. ڌنڌ
ڦول وتي پنهنجون وڏيون وڏيون ڳوڙهن سان ڀريل اکيون اگهيون ۽ سڏڪندي چيو، ”جيڪڏهن اهو سڀ سچ آهي ته پوءِ مون کي هن ڇو ماريو؟ هي گلڙن جهڙا نازڪ ڳٽڙا ڪنهن چماٽون هڻي ڳاڙها ڪيا آهن؟ ڇا هي سڀ آئيني جو ڌوکو آهي؟“
”مان ڪڏهن ڌوکو نه ڏيندو آهيان،“ آئيني چيو، ”تون ڇا آهين، توتي ڇا گذريو آهي، اهو سڀ منهنجي عڪس ۾ موجود آهي، نه صرف ايترو پر اڃا ڪجهه وڌيڪ به، ڇو ته مان نه رڳو تنهنجو ماضي آهيان پر تنهنجو مستقبل پڻ، جيڪڏهن مون کي غور سان ڏسنديءَ ته توکي اهو سڀ ڪجهه به نظر ايندو، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارو آهي مون کي انهن ماڻهن کان به شڪايت آهي جيڪي نجومين ڏي وڃن ٿا، ۽ مون کان ڪجهه نٿا پڇن، پر هو ڏينهن ۾ صرف هڪ دفعو غور سان ڏسن ته کين ڪنهن نجوميءَ ڏي وڃڻ جي ضرورت نه پوندي“.
”اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟“ ڦول وتي اکيون کولي عجب نگاهن سان آئيني ڏي ڏسڻ لڳي، ”اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ اڄ کان اڳ۾ ته هن ڪڏهن به چماٽون ناهن هنيون، ڪڏهن ڀلي ڀلائي به ڪوڙو منهن ڪري ناهي ڳالهايو، اڃا ته شاديءَ کي ڇهه مهينا مس گذريا آهن اڄ کان ٽي مهينا اڳ ته اسان ڪشمير ۾ هئاسون ۽ هني مون ملهائي رهيا هئاسون توکي ياد نه آهي اسان اتي ڪيڏو نه خوش هئاسون؟“
ڦول وتيءَ غور سان آئيني ۾ ڏٺو اوچتو شيشي جي مٿاڇري تي اهڙو طوفان آيو ڄڻ ته هوا جي جهوٽي سان پاڻيءَ جي سطح تي لهر اچي وئي. ساول واري سائي هيٺائين سان گڏ فيروز پوري ڪسي وهندي هئي جڏهن پاڻي هيٺائين ۾ ڪرندو آهي ته ننڍا ننڍا نيرا پٿر پاڻيءَ سان اڳتي گهلبا رهندا آهن پاڻي ترڪندو آهي ته مڇين جي پڇڙي لڳندي ۽ چيلهه لچڪندي آهي ۽ ڪو ڪنهن جي لچڪندڙ چيلهه ۾ هٿ وجهندو آهي ته ڪو ڪنهن جي سيني سان لڳي خوشيءَ مان تڪڙا ساهه کڻڻ لڳندو آهي خوشيءَ جا ٻه ڳوڙها هوندا آهن ڦول وتيءَ جي غم جي ڳوڙهن مان خوشيءَ جا ڳوڙها ڀرجي آيا هاءِ هاءِ ڪيڏا نه پيارا ڏينهن هئا؟ لاهيءَ تي اخروٽ جي وڻن ۾ ننڍڙا ساوا اخروٽ لٽڪي رهيا هئا ۽ زمين جي مٿاڇري تي نرگس جا ڪيترائي نيرا نيرا گل ٽڙيل هئا ۽ اهي گل پنهنجون اکيون کولي محبت جي ديوانن ڏانهن ڏسي رهيا هئا هر اک حيران آئينو ۽ هر ساهه محبت جي خوشبوءِ سان ڀرپور!
چمڪندڙ چانڊوڪيءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪناري تي ويٺي ويٺي ڪا شرير مڇي ٽپو ڏيندي چمڪي، وري وهندڙ پاڻيءَ مان ترڪندي پاڻيءَ جي تهه ۾ گم ٿي ويئي.ڦول وتي حيران ٿي پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندي رهي ته هي مڇيون ڪيڏانهن وڃن ٿيون؟ ڇا هن دنيا ۾ هر ڪنهن جو ڪو نه ڪو محبوب آهي؟ جنهن وٽ سڀ ڪجهه وساري نظرون جهڪائي وڃڻو پوندو آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ ته هوءَ پنهنجي محبوب کانسواءِ ايترا ڏينهن ڪيئن رهي ٿيون سگهن؟ خاموش غير طوفاني زندگي هئي- هوءَ هٿن جي ڇهاءَ کان اڻ ڄاڻ، اکين جي اشارن کان بي خبر، دل جي حسرت کان اجنبي، ڦول وتيءَ جي دل بيشمار جذبن سان ڀرپور ٿي ويئي ۽ هن سوچيو، هن کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي- هن هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کڻي منهن مڙس جي ڪوٽ ۾ لڪائي ڇڏيو.
۽ گرڌاري هن کي پيار مان چيو ”اسين سڀاڻي گل مرگ هلنداسين-“
ڦول وتي ڪوٽ جي ڪالر مان منهن مٿي ڪري اخروٽ جي وڻن کان پري گل مرگ جي جبلن کي ڏٺو. گل مرگ جو جهنگل چانڊوڪيءَ ۾ ننڊ پيو هو ۽ ان ستل جهنگل جي چوٽيءَ تي جبلن جي وچ ۾ گل مرگ هو.
گل مرگ جو گهيرو ڄڻ ته هنن جي سرهاڻ سان ڀرپور پيالو هو- اهو نه صرف جبلن جو بلڪ محبت جو به گهيرو هو- ۽ اها انهيءَ گهيري ۾ هنن ٻنهي جا روح پنهنجي مرڪز ۾ قابو ڪيا هئا- جڏهن محبت جي ديوي واسو ڪندي آهي ته ٻيو ڪجهه به نه رهندو آهي- ڪوئي مسافر نه رهندو آهي نه ڪوئي مقام رهندو آ، ڪوئي واقف ڪار نه رهندو آ، ۽ نه وري ٻي ڪنهن سان ڪوبه رشتو رهندو آ، محبت، محبت ڪرڻ وارن کي بلڪل اڪيلو ڇڏي ڏيندي آ، هن دنيا ۾ رهندي به هو دنيا کان دور ٿي ويندا آهن- هي ساري وشال ڌرتي ڄڻ ته انهن جي ٿي ويندي آهي- محبت کانپوءِ گل صرف انهن ٻنهي لاءِ ٽڙندا آهن، ماڻهو بازار ۾ صرف انهن ٻنهي لاءِ ايندا آهن- ڪاٺير جهنگ مان ڪاٺيون، اخروٽ، گل ۽ ميوا صرف انهن لاءِ کڻي ايندا آهن. آسمان تي ڪڪر انهن لاءِ ڊوڙندا آهن ۽ زمين تي اڪيلو اجنبي شاعر ان ئي پيچري تي هلندي صرف انهن لاءِ گيت ڳائيندو آهي! الٽيمبر ڍنڍ تي برف جي ڳنڍن تي ويٺي ويٺي ڦول وتي پنهجي چوڌاري نظر ڦيرائي چئني طرفن ڏي برف ڍڪيل جبلن جون چوٽيون پري کان پنهنجو مغرور ڳاٽ کنيون بيٺيون هيون. اهي چوٽيون جيڪي تبت کي ڏسنديون آهن، بوٽان کي ڏسنديون آهن، سڪم کي ڏسنديون آهن، لداخ کي ڏسنديون آهن، هي چوٽيون ڪنهن کي به نه ڏسنديون آهن، صرف محبت ڪندڙ ٻن متوالن کي ڏسنديون آهن الٽيمبر ڍنڍ جي ڪناري تي برف جي ڳنڍن جي وچ۾ هڪ ٻئي سان گڏ ويٺل آهن. ڪيترن هزارن، لکن سالن کانپوءِ هيءَ گهڙي آئي آهي. جڏهن هر پهاڙ جي چوٽيءَ جا سونهري خواب پورا ٿي ويندا آهن . تڏهن انهن چوٽين کي ڪنهن جو اوسيئڙو رهندو.
اچڻ وارا اچي ويا مگر وقت بيهندو ناهي پر محسوس ٿيندو آهي ته بيهي رهيو آ ان ڪري اچڻ وارا ايندا آهن ۽ اچي هليا ويندا آهن هني مون جا ٽي مهينا اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي ويا؟
ڦول وتي مايوس ٿي ٻئي هٿ پنهنجي سيني تي رکي ڇڏيا ۽ آئيني ڏانهن حسرت مان ڏسندي پڇيو، ”اهي ڏينهن ڪيڏانهن ويا؟ ايترو جلدي ڪيئن گذري ويا؟ اهي محبت ۽ اميدن ڀريا جرڪندڙ ڏينهن ڪيڏانهن هليا ويا؟ ۽ انهن جي ويندي ئي هي زوردار چماٽون......!“
ڦول وتي بي اختيار پنهنجو هٿ نازڪ ڳٽڙي تي رکي ڇڏيو. جنهن تي اڃا تائين گرڌاريءَ جي چماٽ جا نشان هئا. اهي ڏينهن ان ڪري ختم ٿي ويا ڇو ته پئسا ختم ٿي چڪا هئا. گرڌاريءَ جي موڪل به پوري ٿي ويئي هئي، گرم علائقي جي سخت محنت هن کي پاڻ ڏي سڏي رهي هئي.“ آئيني جواب ڏنو.
”ڇهن مهين ۾ هيءُ وري مون کان پئسا گهرڻ لڳو آهي- ته پنهنجي پيءُ کان وڃي پئسه وٺي اچ.“
”ته وڃ“
”ڪهڙو منهن کڻي وڃان، شاديءَ تي هن ايترو ته ڏنو هو جو گهر ڀرجي ويو هو.“
آخر وڃڻو ئي پوندءِ نه ته اهي چماٽون کائڻيون پوندءِ.“ ڦول وتي سراپجي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ آئيني کان منهن موڙي ڇڏيائين.
گرڌاري ڪو برو ماڻهو نه هو، هو هڪ خوش اخلاق، حسين ۽ کلڻو ملڻو نوجوان هو، ۽ هڪ ننڍي سرڪاري اداري ۾ ننڍڙو آفيسر هو. پگهار به پوري ساري هيس صرف ساڍا ٽي سئو روپيه ۽ ٻي مٿين آمدني بلڪل ڪانه هيس- گرڌاري نوجوان هو تازو تازو ملازم ٿيو هو، نئين شادي ڪئي هئائين جوانيءَ جون هزارين خواهشون ۽ امنگون اهڙيون به ٿينديون آهن، جيڪي معصوم هوندي به ساڍن ٽن سون ۾ پوريون نه ٿي سگهنديون آهن اهوئي سبب هو جو گرڌاري ڇهن مهينن ۾ هڪ هزار جو قرضي ٿي ويو.
اهو قرض ڪيئن چڙهيو ان جو تفصيل ته هو ٻڌائي نٿو سگهي. هن کي ڪا ٻي خراب عادت نه هئي. هو گڙنگ شرابي به ڪونه هو بس ڪڏهن ڪڏهن چڪڙي چکي وٺندو هو. هو جواري به ڪونه هو ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن رميءَ ۾ هڪ ٻه پئسا داءُ تي هارائيندو هو- هن کي ريس جو چسڪو به ڪونه هو. هو مارفيا جون سيون به ڪونه هڻائيندو هو. ڪوٺيءَ تي وڃڻ جو هيرڪ به ڪونه هو. هو هڪ سنئون سڌو آرام پسند ۽ سڪون طلب نوجوان هو. جنهن کي پنهنجي زال سان محبت هئي. جنهن کي خوش پوشيءَ جو شوق هو. هو هڪ سهڻي ۽ سينگاريل گهر ۾ رهڻ چاهيندو هو. جنهن جي ڊرائنگ روم ۾ پردا جهولندا هجن، نازڪ تصويردار گلدانن مان نرگسي گل جهاتيون پائيندي نظر اچن ۽ سندس گهرواري سونهري چوڙين واري ويڻي وڌائي پنهجي نازڪ آڱرين سان ريڊيو گرام جو سچ کوليندي هجي.
هن جا ڪيڏا نه معصوم خواب هئا؟ ڪيترا اڌورا سپنا ان ڪري پورا ٿي نه ٿي سگهيا ڇاڪاڻ ته سندس زال پيڪي وڃي پنهنجي پيءُ کان پئسن وٺڻ کان انڪار ڪندي هئي. آخر ان ۾ آهي ڇا؟ ڇا هن جو لکاپتي پيءُ ايتري دولت مٿي تي کڻي مسڻ ويندو. هزار ٻه هزار روپيه ڇا ٿيندا آهن؟ گهرڻ سان منٽن ۾ ڏئي ڇڏيندو.
مگر هيءَ بي وقوف ڇوڪري آهي جو مڃي ئي نٿي! ان ڪري چماٽون، ٻه چار مڪون ۽ ٺونشا، هڪ دفعو وارن کان وٺي گهلڻ هي سڀ تمام خراب ڳالهيون آهن. مگر ڪڏهن ڪڏهن ضروري به ٿي وينديون آهن. ڇا مان پئسه ڪنهن بري ڪم لاءِ گهري رهيو آهيان؟ شراب جي لاءِ ، جوا جي لاءِ، سٽي جي لاءِ، ريس بازي يا رنڊي بازيءَ جي لاءِ گهري رهيو آهيان؟ باقي هيءَ پيڪي وڃڻ کان ڇو سختي سان انڪاري ڪري رهي آهي. يڪو روئي ٿي پئي. ڪيڏي نه پياري پر ڪيڏي بيوقوف ڇوڪري آهي! مگر پيڪي ته هن کي وڃڻو ئي پوندو. نه ته قرض ڪيئن لهندو؟ ۽ هي ضروري سامان ڪيئن ايندو؟
ڪجهه ڏينهن جي تون ڇا تون ڇا کانپوءِ ڦول وتي کي پيڪي وڃڻو ئي پيو. هوءَ اتي ٻه مهينا رهي پئي،. سندس پيءُ کيس پنج هزار روپيه ڏنا ۽ هنکي چيائين ته ”هي پئسا آخري ڀيرو ڏيانءِ ٿو، مون کي لالچي ڄاٽو پسند نه آهي.
مون کي خبر نه هئي ته گرڌاري اهڙو هوندو. توهان کي ٽن سون روپين مان گذارو ڪرڻ گهرجي“.
ڦول وتي ٻن مهينن کانپوءِ جڏهن پنج هزار روپيه وٺي واپس گهر آئي ته گرڌاري کيس ڳراٽڙي پائي سيني سان لاتو. منافقيءَ سان نه، نه وري پئسن جي لالچ تي، هو واقعي پنهنجي زال کان گهڻو عرصو پري رهڻ سبب اداس هيو. هن کي زال سان بيحد محبت هئي، ڪڏهن ڪڏهن هو به سوچيندو هو ته مان اجايو زال کي پيڪي موڪليو. ڪجهه بچت ڪريون ها ۽ ڪجهه پنهنجو خرچ گهٽ ڪريون ها، ته ممڪن هو قرض لهي وڃي ها. ڪيترائي ڀيرا هن ائين به سوچيو ته هاڻي هوءَ پئسا وٺي اچي، وري هو زال کي ڪڏهن به پريشان نه ڪندو. واقعي ڪيترو نه خراب آهي ڪنهن کان پئسه وٺڻ، ڇو نه کڻي اهو پنهنجو سهرو ئي هجي.
هن واقعي کانپوءِ ٻه سال مزي جا گزري ويا. گرڌاريءَ پنهنجو قرض لاٿو، ۽ باقي پئسه وڏي سليقي سان آهستي آهستي خرچ ڪيا ڇو ته هن کي ڪا خراب عادت ته هئي ڪانه، پر خراب عادت هجڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟ ڀلا پنج هزار روپيه ٿيندا ڇا آهن؟ ڪجهه غور ڪيو پنجن اڳيان ٽي ٻڙيون ۽ ٿوري وقت کانپوءِ ٻڙي ئي ٻڙي . پئسو ته شعلو آهي. جيڪو جهٽ گهڙي ڀڙڪي سوجهرو ڪندو آهي بعد ۾ خاڪ ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن روپين جو ڪو وڻ هجي ها جيڪو هر سال ميوي جي بدران رپيا ڏي ها ته ڦول وتي جي گهر جو اڱڻ ڏاڍو وڻندڙ هجي ها. خبر نه آهي سائنسدانن کي الائي ڇا ٿيو آهي؟ ڪلراٺي چنڊ تي وڃڻ لاءِ راڪيٽ ٺاهن ٿا پر معمولي گهرن ۾ پئسن جا وڻ نٿا پوکن.
ڦول وتيءَ جي جهوليءَ ۾ هاڻي هڪ خوبصورت ٻار کيڏي ٿو. گرڌاريءَ کي پنهنجي ٻار سان ڏاڍو پيار هو. هن سندس پرورش لاءِ دائي رکي هئي. ٻئي زال مڙس پنهنجي ٻار ۾ مگن هئا. ڦول وتي ڏاڍي سگهڙ زال هئي. هوءَ پنهنجي ننڍڙي گهر کي صاف ۽ سٿرو رکندي هئي. پاڻ هر وقت ٺهيل ٺڪيل رهندي هئي. هن جي ڊرائنگ روم جو شيشو هر وقت چمڪندڙ نظر ايندو، سندس ساڙهي ڪڏهن به ميري نه ٿيندي، ڪڏهن به وار وکريل نظرنه آيا، گلدانن ۾ ڪڏهن به پاروٿا گل نه هوندا هئا.
اهي ٽئين ڏينهن فلم ڏسندا هئا. ۽ هر هفتي ”مائي لارڊ“ هوٽل ۾ کاڌو کائيندا هئا. هنن جي جڳهه مائي لارڊ هوٽل ۾ مخصوص هوندي هئي. اولاهين ڪنڊ ۾ نرم نرم گدن وارو بلو صوفا سيٽ، سهڻن گلن سان سينگاريل گلدان ۽ احترام مان ٻيڻو ٿيل بيرو. زندگي ڪيڏي ته خوبصورت ٿي ويندي آ؟ جڏهن ڪو به انسان انسان اڳيان احترم کان جهڪندو آهي، ڇو نه اهو چند منٽن لاءِ ئي جهڪي يا ڪجهه پئسن لاءِ جهڪي، مگر اهي ماڻهو ائين جهڪن ڇو ٿا؟ شايد ڪنهن به ڪتاب ۾ هن سوال جو جواب نهملي سگهي!
ٻن سالن کانپوءِ گهر ۾ ساڳيو ئي ڪٽيٽو شروع ٿي ويو. آهستي آهستي ڳالهين ۾ تلخي اچڻ لڳي، اهي پنج هزار ته ڪڏوهڪو خرچ ٿي چڪا هئا، هاڻي قرض وڌڻ لڳو هو. ڦول وتي هزار دفعا سگهڙائپ سان خرچ ڪندي رهي مگر قرض وڌندو رهيو. گرڌاري هونءَ ته بيحد شريف بلڪ مثالي مڙس هو. پر زندگيءَ جون چند آسائشون اهڙيون ٿين ٿيون، جن کانسواءِ ڪنهن به شريف جو گذارو مشڪل آهي ۽ ننڍڙي جو خرچ، ننڍڙي جي دائيءَ جو خرچ هو ان کانسواءِ گرڌاريءَ گهر جي لاءِ قسطن تي ريفريجريٽر خريد ڪيو هو. ريفريجريٽر ڪيڏي نه ڪم واري شيءِ آهي! گرمين ۾ برف لڳل بيئر جي بوتل ڪيڏو نه مزو ڏيندي آهي؟ تمام ٿڌو کير ڪيترو لطف ڏيندو آهي؟ ريفريجريٽر ۾ رکيل ڀاڄيون خراب ئي نه ٿين. جڏهن وڻي برف کائجي، جڏهن دل چاهي آئس ڪريم ٺاهجي، شربت پيئجي، برف جي ڳڙين جي مٿان وسڪي وجهي زندگيءَ جو لطف ٻيڻو ڪجي. گرڌاريءَ کي گهڻي وقت کان محسوس ٿي رهيو هو ته سندس گهر فرج کانسواءِ ٻسو ٻسو آهي. تنهن ڪري هو زال جي منع ڪرڻ تي به هڪ ڏينهن فرج قسطن تي خريد ڪري آيو. ڦول وتيءَ کي فرج جي اچڻ سان گهڻو سڪون مليو. گهر ۾ آسائش جي هڪ ڪنڊ جو واڌارو ٿيو ۽ گهر جي خوبصورتي ۾ هڪ رنگ جو وڌيڪ اضافو ٿيو. مگر هڪ وڏي مصيبت ٿي ته پگهار مان هر مهيني قسط ڪٽجي ويندي هئي. ان کانسواءِ ننڍڙي ۽ دائي جو خرچ هو. گذارو تنگ ٿيڻ لڳو ۽ قرض وڌڻ لڳو. هلندي هلندي وچ۾ گرڌاريءَ ريفريجٽر جون چار قسطون ادا ڪري نه سگهيو. هوڏانهن ڪمپني وارن جو نوٽيس آيو. انهن اڄ ڏينهن تائين گهڻي مهرباني ڪئي هئي. هاڻي اهي وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگهيا. جيڪڏهن گرڌاري هڪ مهيني جي اندر رهيل چار قسطيون ادا نه ڪيون ته ڪمپني ريفريجريٽر واپس کڻي ويندي.
”کڻي وڃن“ ڦول وتيءَ ڪاوڙ مان چيو، ”اسان کي نه گهرجي“. ”واهه“گرڌاريءَ جلدي ڳالهايو، ”مان جواٺ قسطيون ادا ڪري چڪو آهيان اهي اجايو ضايع ٿي وينديون؟“
”اسان اٺ مهينا ان کي استعمال به ته ڪيو آهي؟“
”اسان هرٽيئن ڏينهن سينما تي ويندا آهيون، هاڻي هفتي ۾ هڪ ڀيرو هلنداسين. اڳ۾ ٽيڪسي ۾ ويندا هئاسين. هاڻي بس ۾ وينداسين.“
”وڌ ۾ وڌ 15-20 روپيه بچندا، انهن مان ڇا ٿيندو؟“
”مون کي هر مهيني ۾ نئين ساڙهيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مون وٽ اڳ ۾ ئي گهڻيون آهن“.
”تون نٿي سمجهين، هر مهيني فيشن مٽبو رهندو آهي. ماڻهو ڇا چوندا گرڌاريءَ جي زال....................“
”تو وٽ سوٽ ته گهڻا آهن جيڪڏهن تون نئون سوٽ خريد نه ڪندين ته ڏيڍ سئو روپيه بچي پوندو“ ڦول وتي گهٻرائيندي چيو.
”ڇا ننگو گهمان؟“ گرڌاري رڙ ڪري چيو، ”هڪ ننڍي آسائش زندگيءَ ۾ ٿو گهران ڪو عيب ته ڪونهي ڪهڙي برائي آ مون ۾ بس سهڻي نموني رهڻ گهران ٿو ان مان به تون عيب ٿي ڪڍين؟“
”مان ڪاٿي ٿي عيب ڪڍان مان ته صرف ائين ٿي چوان ته انسان کي پنهنجي چادر آهر پير ڊگهيرڻ گهرجن.“
”ٻه هزار سالن کان چادر آهر پير بگهيرڻ واري ڳالهه ٻڌندو اچان ٿو ڀڳوان ڪري ساري دنيا جون چادرون ڦاٽي پون توهان عورتن وٽ ٻي ڳالهه چوڻ لاءِ ڪونهي؟ جڏهن به ڳالهائينديون آهيو اها ساڳي چادر کڻي اينديون آهيو؟ اها چادر ٿي يا انسان جي سمورين حسرتن ۽ اميدن جو ڪفن آهي.“
ڦل وتي چپ ٿي وئي ٿوري دير کان پوءِ ڪنڌ جهڪائي چوڻ لڳي ”مان ايف اي پاس آهيان ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪرايو.“
”گهڻو ٿيو هر مهيني 75 روپيه کڻي ايندي“ ان مان ڇا ٿيندو؟ پوءِ گهر کي ڪير سنڀاليندو؟ الائي ڇا ٿي ڳالهائين؟“
ڦول وتي فيصلي واري انداز ۾ چيو، ته پوءِ هي طئه آهي ”ته فرج واپس ڪئي وڃي، ۽ گهر جو خرچ گهٽ ڪيو وڃي.“
گرڌاري چيو ته، ”ڪجهه به گهٽ نه ٿيندو، فرج به واپس نه ٿيندي! توکي پيڪي وڃڻو پوندو.“
”مان نه ويندس.“
”تنهنجو پيءُ ايترو غريب ته نه آهي جو ٽي هزار روپيه ڏيئي نه سگهي هاڻي ته ٽن هزارن مان ڪم هلي ويندو.“
”توهان کي خبر نه آهي بابا کي ڌنڌي ۾ گذريل سال ڏهه لک روپين جو نقصان ٿيو آهي ان جي مالي حالت تمام ڪمزور آهي هاڻي هو اسان جي ڪا مدد ڪري نه سگهندو.“
”هاٿي مئل به سوا لک لهندو آهي. ٽن هزارن جي رقم ڪهڙي ميراث آ؟“ ”نه مان پيڪي نه ويندس، مان مري ويندس مگر پنهنجي پيءُ کان ڪجهه به نه گهرندس.“
هڪمد گرڌاريءَ کي ڪاوڙ اچي ويئي هو ڪرسي تان اٿي بيٺو ۽ ڦول وتيءَ کي زوردار لت وهائي ڪڍي ۽ ڦول وتي ٿيڙ کائيندي وڃي ڪري.
مهيني کانپوءِ ڦوول وتي جڏهن پيڪن کان موٽي ته ٽي هزار روپيه سندس پرس ۾ هئا مگر هن ڀيري اڳي وانگر کلندي مسڪرائيندي گهر کان نه موٽي هئي هن ڀيري سندس رنگ ڦٽل ۽ نگاهون جهڪيل هيون پڇڻ تي هن ٻڌايو ته پيءُ سندس ڪافي بي عزتي ڪئي پئسه ته کيس مليا پر گهڻي خوشامند کانپوءِ ۽ کيس چيو ويو ته جيڪڏهن ٻيهر پئسن جو مطالبو کڻي آئي ته کيس ڌڪا ڏيئي در کان ٻاهر ڪڍيو ويندو ڦول وتي روئندي چيو، ”هاڻي منهنجو هو گهر ته نه آهي، منهنجو گهر ته هي آهي. منهنجو ان گهر تي ڪو به حق ڪونهي، تون منهنجو جيون ساٿي آهين ڀڳوان کي مڃ مون کي پنهنجي نظرن مان نه ڪيراءِ“
گرڌاريءَ جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. هن پنهنجي زال کي سيني سان لاتو ”ڪيڏا نه ظالم آهن، اهي ماڻهو.، انهن کي پنهنجي نياڻيءَ کان ناڻو پيارو آهي. ”مگر مان ته هاڻي پرائي ٿي چڪي آهيان. منهنجو انهن تي حق به ڪهڙو آهي؟“
”ها ها ٺيڪ ڇڏ انهن ڳالهين کي مان پاڻ توکي هاڻي اوڏانهن ڪڏهن به نه موڪليندس.“
ڳالهه درگذر ٿي ويئي، قصو ختم ٿي ويو، ريفريجريٽر هميشه لاءِ گهر ۾ اچي ويو. زال مڙس ۽ ننڍڙو، گهر ۾ کل خوشيءَ سان رهڻ لڳا.
تقريبا ڏيڍ سال وري به مزي سان گذريو زال مڙس هر ٽين ڏينهن تي سينما ويندا هئا، هر هفتي مائي لارڊ هوٽل ۾ کاڌو کائيندا هئا هر مهيني نئين ساڙهي آئي ٿي ننڍڙي لاءِ سٺا سٺا ڪپڙا. مگر ڦول وتي هاڻي هوشيار ٿي رهي. گهر جو خرچ تمام احتياط سان ڪرڻ لڳي ڪڏهن ڪڏهن سينما جي ٽڪيٽ مان ڪتر ڪري وٺندي هئي. ڪڏهن ٽيڪسيءَ بدران مڙس کي بس ۾ وٺي ايندي هئي. ڪنهن مهيني مڙس جو سوٽ ته ڪنهن مهيني پنهنجي ساڙهي نه خريد ڪندي هئي.گهر خير خوبيءَ سان هلي رهيو هو، مگر گرڌاري ڪجهه بيقرار هيو. هونءَ ته سندس زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه موجود هو. خوبصورت، ۽ پيار ڪندڙ زال، پيارو ٻار، پيارو ننڍڙو گهر صاف سٿرو سليقي سان سينگاريل، ريڊيو گرام، ريفريجريٽر.... بس ڪمي هئي ته هڪ ڪار جي. گهڻي وقت کان هڪ ننڍي گاڏي نظر ۾ هيس سيڪند هينڊ، تيز رفتار ڪاري پنج هزار روپين ۾. اهڙي گاڏي اڄڪلهه اٺن هزارن ۾ به نه ملي سگهندي پنهجي گاڏي هجي ته خرچ ڪيترو نه بچي ٿو پوي؟ بس جو ڪرايو ٽيڪسي جو خرچ گاڏين جي انتظار ۾ بيهي بيهي رت سڪي ويندو آهي. انسان ڪيترين مصيبتن کان بچي ٿو پوي،هڪ گيلن تيل وجهي ۽ 30 ميل سفر ڪر، بس ۾ ڪپڙا به جلدي ميرا ٿي وڃن گاڏي هوندي ته وڏن وڏن آفيسرن کي گهر گهرائي سگهجي ٿو. رات جي دعوت ڍنگ سان ڪري سگهبي، وڏن ماڻهن سان ملڻ لاءِ مناسب طريقي سان وڃي سگهبو گاڏي هوندي ته ترقي به جلدي ٿي ويندي انسان جي ترقي لاءِ گاڏي بيحد ضروري آهي انسان محنتي هجي نه هجي ديانتدار هجي نه هجي جيڪڏهن ان وٽ گاڏي آهي ته سڀ ڪجهه آهي.
گرڌاري ڪيترن ڏينهن کان ڦول وتي کي ليڪچر ڏيندو رهيو ڦول وتي ته سڀ ڪجهه سمجهندي به خاموش رهي آخر هڪ ڏينهن جڏهن وري گرڌاري کيس مارڻ لاءِ هٿ کنيو ته هن وڏي اطمينان سا ڳالهايو، آخر تون اهوئي چاهين ٿو ته مان پيڪي وڃان ۽ تنهنجي گاڏي لاءِ پنهنجي پيءُ کان پنج هزار ريپه وٺي اچان؟“
”ها منهنجو مطلب اهوئي آهي،“ گرڌاري پشيمان ٿيندي چيو، ”جيڪڏهن هو پنج هزار روپيه قرض ڏين ته مان آهستي آهستي ڪري انهن کي ادا ڪندو رهندس. گاڏي خريد ڪرڻ کانپوءِ ڪونه ڪو گاڏي تي قرض ته ڏيندو پر گاڏيءَ کي گروي ڇو رکيو وڃي؟ آخر مان سندس ڄاٽو آهيان، ڇا هو منهنجي لاءِ ايترو به.......؟“
ڦول وتيءَ ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”مون تنهنجو مطلب سمجهيو مارڻ ڪٽڻ جي ضرورت ناهي. ماڻ پاڻ ئي پيڪي هلي ٿي وڃان ۽ بابا کان پئسه وٺي ٿي اچان.“
گرڌاريءَ کي حيرت لڳي، ڪجهه صدمو به ٿيس، ۽ ڪجهه خوشي به ٿيس، منتٽن ۾ مارڪٽ کانسواءِ ڪم ٺهي ويو. ڦول وتي واقعي ئي سٺي ڇوڪري آهي اهڙي زال ڪٿان ٿي ملي؟ ست پيڙهيون ڳولهڻ سان به اهڙو جيون ساٿي ڪو مشڪل ملي سگهندو.
ڦول وتيءَ کي وئي 15 ڏينهن ٿي ويا هئا گرڌاري ڏاڍو اداس هو ان کي پنهنجي زال سان ڏاڍي محبت هئي جيتوڻيڪ هوءَ سندس ئي ڪم سان پيڪي ويندي هئي مگر جڏهن به ويندي هئي ته گرڌاري اداس ٿي ويندو هو اڄ اتفاق سان موسم به پياري هئي آسمان تي ڀورا ڀورا ڪڪر ڇانيل هئا موسم گلابي، فضا شرابي،ويتر آهستي آهستي موسم مزيدار ٿي وئي برسات وسندي جو بيٺي هوا جا مزيدار جهوٽا گهلڻ لڳا ۽ گرڌاريءَ جي دل ۾ بار بار ڦول وتيءَ جي تصوير اڀرڻ لڳي هوءَ هن وقت جيڪڏهن موجود هجي ها ته سمنڊ جي ڪناري تي گهمڻ وڃون ها، ٻيو شو سينما جو ڏسو ها، اڌ رات جي وقت محبت ۾ مخمور ٽيڪسي ۾ ويهي گهر اچون ها. اڄ جيتوڻيڪ گهر ساڳيو آهي مگر ڪيتري قدر ٻسو ٻسو آهي ساڳيوئي سهڻو ڊرائينگ روم آهي ساڳيا ريشمي پردا آهن. ٽمڪندڙ فانوس ۾ ساڳيون هلڪيون هلڪيون روشنيون آهن پر ڦول وتي ڪٿي آهي؟ گرڌاري جو ضمير جهٽ پلڪ لاءِ تڙپڻ لڳو کيس ائين نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کي مٽائڻ گهرجي آخر، ڪار کانسواءِ به ته زندگي گذاري سگهجي ٿي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو اهڙا آهن. جيڪي ريفرجيٽر ۽ گاڏي کانسواءِ به بهترين زندگي گذارن ٿا. پر ڦول وتي ته ڏاڍي پياري ڇوڪري آهي ان سان گڏ ته جهوپڙيءَ ۾ به زندگي گذاري سگهجي ٿي. بيشڪ مان ظالم انسان آهيان مان هاڻي ڪڏهن به ڦول وتيءَ کي پيڪي نه موڪليندس، گهٽ ۾ گهٽ پئسن جي لاءِ ته نه موڪليندس. اڄ هن وقت هوءَ هجي ها. هو اهڙيءَ طرح وڦلندو رهيو ۽ پنهنجي گهري دوست شيام سندر سان پنهنجي دل جو دک بيان ڪندو رهيو.آهستي آهستي ٻيئي دوست وسڪي پيئندا رهيا ۽ اداس ٿيندا ويا. ڇاڪاڻ ته موسم به اهڙي هئي جنهن ۾ اداسي به ڏاڍي سهاني ۽ روماني معلوم ٿيندي آهي.
”اچ دوست ڪيڏانهن ٻاهر هلون.“
”مان ڪيڏانهن ٻاهر نه هلندس، گرڌاريءَ اداس ٿيندي چيو، مون کي هن وقت ڦول وتي جي ياد ستائي رهي آهي.“
”مون سان گڏ هل“ شيام سندر اک ڀڃندي چيو.”مان توکي اهڙي جڳهه تي وٺي ٿو هلان، جتي تنهنجو سارو غم غلط ٿي ويندو.“
”ڪيڏانهن وٺي هلندين؟“
”اڙي يار مون سان هل ته سهي.“
”نه مان نه هلندس، توکي خبر آهي مان اڄ تائين ڪنهن به اهڙي جڳهه تي نه ويو آهيان مون کي پنهنجي زال سان محبت آهي هاءِ منهنجي ڦول وتي.“
شيام سندر کيس رازداري انداز ۾ چيو، ”هڪ ڇوڪريءَ کي مان سڃاڻندو آهيان رڳو تون هڪ دفعو ڏس.“
مگر گرڌاريءَ نه مڃيو، مجبورن شيام سندر اڪيلوئي هليو ويو، ڇو ته موسم ڏاڍي پياري هئي. جڏهن شيام سندر هليو ويو ته گرڌاري ويتر اداس ٿي ويو هاڻي هن کي چوڌاري ڦول وتي نظر ٿي آئي هر ساهه ۾ انجي سرهاڻ محسوس ٿي ڪيائين. جئين پوءِ تيئن هر پل ساريندو اداس ٿيندو ويو ٿي. آخر هن کان رهيو نه ٿيو سندس اداسي گهري ٿي وئي وسڪي ختم ٿي چڪي هئي هاڻي عورت جي آغوش کانسواءِ غم غلط ڪرڻ جو ٻيو ڪو به چارو نه هيو ان ڪري گرڌاري پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي طريقي سان پنهنجي روح جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ گهر کان نڪري پيو. هو گهڻي دير تائين گهٽين ۾ بدنام چوڪن تي، ۽ بازار ۾ ڳوليندو رهيو. کيس هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي تلاش هئي جيڪا نئين هجي، هن لاءِ اجنبي هجي، شرميلي هجي گاريل نه هجي. سنجيده ۽ مهذب هجي، مطلب ته گهريلو عورت به ۽ بازاري به هجي. اهڙي موقعي تي عقل مند به ڪيترو نه بي وقوف ٿي ويندو آهي.
هڪ دلال کيس هيڏي هوڏي گهمائيندو رهيو، هن وقت تائين ٽيڪسي تي 12 روپيه خرچ ٿي چڪا هئا، جيڪڏهن اڄ کيس پنهنجي گاڏي هجي ها ته ايترو خرچ نه ٿي ها چڱو ٿيو جو هن ڦول وتيءَ کي پيڪي موڪلي ڇڏيو گاڏي زندگيءَ لاءِ بيحد ضروري آهي.
ٽيڪسي شهر جي سڙڪن کان گذرندي هڪ خوبصروت باغيچي ۾ اندر ٻه ماڙ جي سامهون اچي بيٺي. هن کي دلال چيو ”بس صاحب! دنيا ۾ هن کان وڌيڪ مال ڪٿي به نه آهي. مان توهان کي جنت جي حد ۾ وٺي آيو آهيان. توهان سڌا اندر هليا وڃو. ڏاڪڻ تان چڙهي گهر جي ٻي منزل تي هليا وڃو دروازي وٽ گهنٽي لڳل آهي بٽڻ دٻائي انتظار ڪريو هوءَ توهان جي لاءِ منتظرآهي مون سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي صاحب سلام!“
گرڌاري گاڏيءَ کي واپس ڪيو هن انتظام ڪندڙ کي پنج روپيا بخشش ڏني. ان کانپوءِ هو پر اميد ۽ خوش خوش پراڻي ٽائيپ بنگلي جي باغيچي ۾ داخل ٿيو.باغيچي ۾ موتئي ۽ رات جي راڻيءَ جي گلن جي خوشبوءِ هن جي ناسن ۾ داخل ٿيڻ لڳي ۽ هو جوان رات جي هن پهرين پراسرار سفر جي لاءِ تازو توانو ٿي ويو.
ڏاڪڻ تان چڙهندي هن پتل جو پراڻو فانوس ڏٺو. ڏاڪڻ جي پاسن سان هڪ هنڌ بيٺل ۽ شاداب گلڙن کي مسڪرائيندي ڏٺو واقعي هي ماڻهو بهترين ذوق رکندڙ آهن هن پنهنجي دل ۾ سوچيو.
هن ڏاڪڻ تان چڙهي جڏهن چورس تختيءَ جي حد ۾ پير رکيو ته هن جي دل مان ڦول وتي جو هر خيال لهي ويو. هو هاڻي هر رات جي اڻڄاتل سفر لاءِ تيار ٿي چڪو هو. هن خوشيءَ سان سينڍ وڄائي نون ارمانن کي دعوت ڏني ۽جلدي ۾ دروازي تي بجليءَ جو بٽڻ دٻايو ٿوريءَ دير ۾ دروازو کليو ۽ هڪ خوبصورت ڇوڪري مسڪرائيندي هن جي استقبال ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي.
هو اڳتي وڌندي وڌندي ٽڪ ٻڌي ڏسي لرزي ويو دروازي تي ”ڦول وتي“ بيٺي هئي.