41. کنگهه
آٽوميٽڪ کنگهه پنهنجو پاڻ ايندي آهي ۽ ايندي ئي هلي ويندي آ- هن کنگهه جو واسطو ڪنهن بيماريءَ سان يا سماجي ضرورت سان نه ٿيندو آهي هي نڙي جي هڪ اهڙي فطري ۽ لاشعوري چرپر هوندي آهي جو کنگهه واري جي ڳلي مان خود بخود ادا ٿيندي آهي مثال طور:- اسان جي مارڪيٽ ۾ هڪ سبزي وڪڻندڙ آهي هو سبزي وڪڻڻ سان گڏوگڏ مسلسل کنگهندو به رهندو آهي. اهو سمجهه ۾ نه ايندو آ ته سبزي گهڻي ٿو وڪڻي يا کنگهه؟ مگر سندس سبزي ايتري سائي سڄر ۽ تازي هوندي آ جو شڪ ٿيندو آ ته کنگهه ڀاڻ طور ته استعمال نٿو ڪري؟ نتيجي ۾ سندس سبزي سڀني کان پهريائين وڪامي ويندي آهي آخر ۾ باقي کنگهه وڃي بچندي اٿس جنهن کي شايد هو ڏينهن ٻن جي لاءِ رکي ڇڏيندو آهي.
ساڳي ماريڪٽ ۾ هڪ مڇيءَ وارو به آهي هي به آٽوميٽڪ کنگهه جو شوقين آهي پر اهريءَ طرح آهستي آهستي کنگهندو آهي ۽ چپن ۾ ڀڻڪندو آهي جو ان جي زبان مان مڇيءَ جو قسم، بها ۽ تازگي جو پتوئي نه پوندو آهي گراهڪ اندازي مان سمجهي ويندا آهن. اٽڪل تي بها طئي ڪري توڪل ڪري مڇي وٺي ويندا آهن. مڇيءَ وارو به نه ضد ڪندو آهي نه انڪار ڪندو آهي. جيڪي گراهڪ ڏيئي ويندس اهوئي وٺي کڻي رکندو نتيجي ۾ سندس ساري مڇي ڳريل سڙيل ۽ بدبوءِ واري جهڙي تهڙي سڀ وڪرو ٿي ويندي آهي، گهڻن ماڻهن جو رايو آهي ته هي حضرت پاڻ نه کنگهندو آهي پر سندس مڇيون کگهنديون آهن ممڪن آهي ماڻهو ان کي عجيب شيءِ سمجهي خريد ڪندا هجن بهرحال سندس دڪان سٺو هلندو آهي. انهن ٻنهي همراهن کي ڏسي ٻين دڪاندارن به مارڪيٽ ۾ کنگهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي مگر ڪامياب نه ٿي سگهيا. ڀلا جا ڳالهه فطري شيءِ ٿيندي آهي سان هٿرادو ۾ ڪٿي. هڪ همراهه کي ته نقلي کنگهه کنگهندي کنگهندي نڙيءَ جو ڪينسر ٿي پيو. جيڪي ٻيا سبزي وڪڻندڙ هئا، انهن کنگهي کنگهي گراهڪ جي خريد ڪيل ڪريلن تي کانگهارا اڇلايا هئا پاڻ ئي سوچيو، هڪ ڪوڙا ڪريلا ٻيو بلغم ۾ ٿڦيل ٻن مهينن ۾ ڏيوالو نڪري پين، هاڻي گهر ۾ سمهي، حقو ڇڪيندا، ۽ کنگهندا آهن. اسڪرو وائلڊ واقعي ئي سچ چيو آهي ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بي ايماني هلي سگهي ٿي جيڪڏهن نه ٿي هلي ته کنگهه ۾ (شايد کنگهندي چيو اٿس.)
کنگهه برائي کنگهه جو قائل منهنجو دوست لڌارام به آهي، جنهن جون اکيون اداس، چهرو ڊگهڙو، لهجو مرثيه پڙهندڙن جهڙو، سندس کنگهڻ ٻڪريءَ جي ٻيڪاٽن جهڙو اٿس. انهيءَ کي ڏسي جلد ئي ڪنهن خطرناڪ مرض يا موت جو خيال ايندو آهي. گهڻو ڪري انهيءَ ڪري هي انشورنس ايجنٽ ٿيو آهي. ۽ پنهنجي فن ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي لڌارام گفتگو دوران مسلسل کنگهندو رهندو آهي، کنگهه ۽ گفتگو ملائي هڪ اهڙو مڪسچر تيار ڪندو آهي. جنهن جي ڪيفيت ڪجهه هن قسم جي هوندي آهي.
”جناب پاڻ کئون کئون.........................هڪ نئين پاليسي وٺو...... ڊي سيريل ايف کئون کئون.............. نئين پاليسي آئي آهي ان جا فائدا کئون کئون .................. بيمشار کئون کئون............. آهن هڪ ته پريميم کئون کئون...............تمام گهٽ ٻيو ٻارن جي کئون کئون...............مفت يعني تعليم بلڪل مفت وري گهر واريءَ جي طويل کئون کئون.................يعني بيماريءَ جو علاج ............مفت وري خدا نه ڪري توهان مري وڃو هي هي ................کئون کئون................... ته ڪفن دفن جو اتنظام مفت ۽ زال جي ٻي شاديءَ تائين کئون کئون............................... ٻارن ٻچن جو خرچ مفت بس هاڻي جلدي طئي ڪريو ۽ کئون........ کئون........ کئون.
اهڙي انشورنس ايجنٽ کان ڪير ٿو ڪنڌ ڪڍرائي سگهي؟ جلديءَ ۾ پاليسي جو فارم پر ڪرڻو پوندو آهي. ٻي صروت ۾ ان جي کئون کئون کان ساري محلي ۾ هيضه ٿيڻ جو انديشو ٿي سگهي ٿو.
آٽوميٽڪ کنگهه جي ابتڙ ڊپلو ميٽڪ کنگهه آهي. هي تمام سڌريل ۽ تربيت يافته کنگهه هوندي آهي هي. اوچي خاندان جي هوندي آهي تنهن ڪري عام طور تي هن کي غير ملڪي سفير استعمال ڪندا آهن ۽ تمام اهم موقعن تي استعمال ڪندا آهن.
ٻڌو آهي ته هڪ دفعي چيمبرلين کان هٽلر پڇيو، ڪئين جناب! جيڪڏهن مان چيڪو سلواڪيا تي حملو ڪيان ته تون ڇا ڪندين؟“
جواب ۾ چيمبرلين کنگهيو حالانڪ چٽي کولي سگهيو پئي.
هڪ دفعي نادر شاهه محمد شاهه رنگيلي کان پڇيو ”جيڪڏهن مان دهليءَ جي سر سر اکيڙي ڇڏيان ته، تون ڇا ڪندين؟“ جواب ۾ محمد شاهه رنگيلي کنگهيو نه ته هو روئي به سگهيو ٿي.
هڪ دفعي جارج واشنگٽن کان پڇيو ويو، ”جيڪڏهن امريڪا جي اصلي رهاڪو اڇي چمڙيءَ وارن حملي ڪندڙن جي هٿان تلوار هيٺان نه اچن ها ته اڄ امريڪا جو صدر ڪير هجي ها؟“ جواب ۾ واشنگٽن صرف کنگهي ڇڏيو.سندس زندگيءَ ۾ هي پهريون ئي موقعو هو جو هڪ سچ ڳالهائي نٿي سگهيو ۽ صرف کنگهڻ تي مجبور هو. اڄ به وڏا وڏا چوٽي جا سياستدان تاريخي مسئلن جو حل ساڳي طرح کنگهي پيش ڪندا آهن. ايٽمي جنگ بند ڪرڻ جو طريقو ڇا آهي؟ کنگهه.......ڪشمير جي مسئلي جو حل ڇا آهي؟ کنگهه ........ قومي ٻڌي جو حل ڇا آهي؟ کنگهه.....عوام جي غربت جو علاج ڇا آهي؟ کنگهه...... ۽ ان کنگهه جو علاج ڇا آهي؟ اهو جيڪڏهن ڪنهن ڊپلوميٽ کان پڇيو وڃي ته ڪياڙي کنهڻ شروع ڪندو ڇو ته ڊپلوميسي جو واحد مقصد ڳالهه ٽارڻ هوندو آهي ۽ نه ڪنهن مسئلي جو حل پيش ڪرڻ.
مگر عام ماڻهن جي لاءِ کنگهه سياسي علامت طور استعمال نه ٿيندي آهي، پر عام طور سان اها ڪنهن جسماني تڪليف جي طور تي ڄاتي سڃاتي ويندي آهي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن بلڊنگ ۾ رهندا هجو، جنهن ۾ پنجاهه فليٽون هجن ۽ ڀتيون ڏيڍ سريون هجن ته توهان کي منهنجو مطلب سولائي سان سمجهه ۾ اچي ويندو مان بدقسمتي سان هڪ اهڙي بلڊنگ ۾ رهندو آهيان جنهن ۾ صبح جو سوير ڪنهن ڪڪڙ جي ٻانگ يا ڪنهن ٻار جي روئڻ جي آواز کان اڳ ۾ بلڊنگ جي مختلف حصن مان کنگهڻ جا مختلف آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
هڪ ماڻهو آ جيڪو اهڙيءَ طرح کنگهندو آهي ڄڻ ته يڪا هڪ ڊزن ڏيڏر ڳهي ويو آهي....... ٻيو ماڻهو آ جنهن ڄڻ ته پنهنجي نڙيءَ ۾ اٽي پيهڻ جي چڪي لڳرائي آهي.......... هڪ همراهه ته شايد پنهنجي ڳلي ۾ موٽر ڪار جو هارن فٽ ڪرايو آهي..... اهڙو وڏي وڏي آواز سان کنگهندو آهي. هڪ همراهه وري اهڙو آهي جڏهن کلندو آ ته ائين محسوس ٿيندو آ ڄڻ کنگهي ٿو، ۽ کنگهندو آ ته محسوس ٿيندو آهي ته کلي ٿو، اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته ڪڏهن کنگهندو آهي ۽ ڪڏهن کلندو آهي؟ هڪ همراهه آهي جنهن مڇيءَ جو شڪار ڪڏهن نه ڪيو آهي مگر جڏهن کنگهندو آهي ائين محسوس ٿيندو آهي ته نڙيءَ ۾ مڇي ڦاٿل اٿس هڪ همراهه هر روز کنگهندي بلڊنگ کان چهل قدمي ڪرڻ لاءِ ائين نڪرندو آهي ڄڻ ريل پليٽ فارم کان ڇٽي رهي آهي....... هڪ عورتآهي جيڪا اهڙيءَ طرح شرمائي ۽ لڄي ٿي کنگهندي آهي ڄڻ ڪنهن ٻار کي کير پياريندي هجي ............ ڪريما جي ڪراڙي سس ائين کنگهندي آهي ڄڻ پنهنجي ننهن جو گلو گهٽي رهي هجي.... رام ڀروسو هميشه پڪي راڳ جي انداز ۾ کنگهندو آهي مجال آهي جو هڪ سر به هيڏي هوڏي ٿئي. ساڳيو سر،ساڳي تان، ساڳيو مقال، ان جي برعڪس فليٽ نمبر 6 وارو شخص جڏهن کنگهندو آهي ته ان جي نڙيءَ مان هڪ وقت ڇهه ست سر نڪرندا آهن ڄڻ سفنيءَ جو شوقين معلوم ٿيندو آهي.
مطلب ته ان بلڊنگ ۾ جيترا ماڻهو آهن ايترا ئي قسم کنگهه جا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهو به سچ معلوم ٿيندو آهي ته جيترويون بيماريون آهن، اوترائي کنگهه جا قسم هوندا آهن. مان ته هاڻي ڪنهن جي کنگهڻ مان ئي معلوم ڪري سگهندو آهيان ته هن شخص کي نزلو آهي، نڙيءَ ۾ سوڄ اٿس، کيس ڦڦڙن ۾ ڪا تڪليف آهي. يا نڪ جي هڏي وڌي ويئي اٿس، هن کي فلو آهي يا نمونيا، مدي جو بخار آهي يا خسرو. هي دق تپ جي کنگهه آهي يار رڳو دق ڪرڻ جي؟ هي حقي ڇڪڻ واري جي کنگهه آهي يا سگريٽ ڇڪڻ وارن جي کنگهه . حقي ڇڪڻ واري جي کنگهه، سگريٽ ڇڪڻ واري جي کنگهه کان بلڪل مختلف هنودي آهي ۽ شرافت آهي. ان ڪري حقي ڇڪڻ وارا پنهنجي کنگهه ۾ هميشهموضوع جي اهميت تي زور ڏيندا آهن. جيڪا گهڻو ڪري بلغم جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ سگريٽ ڇڪڻ وارو هيئت يعني آزاد شاعريءَ جا شوقين نظر ايندا آهن، ڀل پورو نظم پڙهجي وڃي مگر نتيجو ٻڙي نڪرندو! نڙيءَ مان نڪري ئي نٿو گهڻو ڪري سگريٽ پيئڻ وارن جي کنگهه آهي......... هي پنج سئو پنجونجاهه، ته هي چار سو ويهه،........
جهڙيءَ طرح کنگهه جو به ڪو نمونو ۽ اسٽائيل هوندو آهي اهڙيءَ طرح کنگهه جو ڪو نه ڪو رنگ ڀي هوندو آهي. اوهان ڪاري کنگهه جو نالو ٻڌو هوندو. ظاهر آهي ته جيڪڏهن ڪاري کنگهه آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڀوري کنگهه به ٿيندي هوندي. ڪاري کنگهه تمام خطرناڪ مرض آهي ۽ جڏهن کان آفريڪا آزاد ٿي رهيو آهي ته ڪاري کنگهه ڪيترن ئي گورن قومن کي ٿي رهي آهي. جن کي آفريڪا جي آزادي پسند نٿي اچي. ان لاءِ هيڏانهن گهانا آزاد ٿيو، ته انهيءَ کي ڪاري کنگهه ٿي پيئي، مصر آزاد ٿيو ته ڪاري کنگهه ٿي پيس. گڏوگڏ سوئيز به آزاد ٿيو، ڪانگو آزاد ٿيڻ لڳو ته گورن کي ڪاري کگنهه ٿي هئي. ۽ ڪارن کي ڦاسي آئي (ياد ڪرلومبيا!) الجيريا، يوگنڊا، ڪينيا هڪ هڪ ٿي آفريڪا جا ملڪ هٿن مان نڪرندا وڃن ٿا. ۽ اوڀر جي گورين قومن کي ڪاري کنگهه شروع ٿيندي وڃي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪاري کنگهه صرف ٻارن کي ٿيندي آهي. ان لحاظ کان هي گوريون قومون سياسي ۽ تاريخي بصيرت جي اعتبار کان ننڍپڻ مان گذري رهيون آهن؟ بحرحال تاريخ جو لکيو ته ضرور پورو ٿيندو. چاهي اوهان کي ڪاري کنگهه ٿي، يا ڀوري کنگهه. انساني ترقيءَ جي لاءِ اهڙي قسمن جي کنگهه نقصان واري هوندي آهي.
ڪاري کنگهه هڪ بيماري آهي. هڪ عادت آهي هڪ دوا به آهي. محبت ۽ ڪاري کنگهه جو روز ازل کان پختو ناتو آهي چون ٿا ته بهشت ۾ حضرت آدم اڳ۾ کنگهي بي بي حوا جو پنهنجي طرف ڌيان ڇڪرايو هو. اڄڪلهه ماڻهو خوبصورت محبوب کي ڏسي چپٽي وڄائيندا آهن، ميشون ڏيندا آهن، سينڍ وڄائيندا آهن. فلمي گيت ڳائيندا آهن يا ويجهو اچي زور سان ٽهڪ ڏيندا آهن، اهي سڀ خراب حرڪتون آهن ۽ اهي حرڪتون آوارو ئي اختيار ڪري سگهي ٿو. اڄڪلهه محبوب کي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سهڻو ۽ سڌريل طريقو کنگهه آهي. هڪ هلڪي لچڪندڙ سهڻي ۽ سڌريل کنگهه. اها کنگهه نه پر محبوب جي دروازي تي کڙ ڪندڙ ڪڙو محسوس ٿيندي آهي. جا چوندي هجي ڇا مونکي اجازت آهي؟ مان توسان ڪجهه ڳالهائي سگهان ٿي، هان توکي سمنڊ جي ڪناري جو سير ڪرڻ جي دعوت ڏئي سگهان ٿي؟ سينما ۾ تمام سٺي فلم لڳي آهي جيڪڏهن محبوب سمجهدار هوندو ته ان کنگهه تي ضرور ڪنڌ ورائي ڏسندو ان کان اڳتي جيڪو به ٿيندو اهو وقت حالتن، جڳهه ۽ موقعي،توهان جي کيسي ۽ محبوب جي مزاج مطابق ٿيندو. کنگهه ته هڪ شريفاڻو تعارف آهي. اڄڪلهه هي شريفاڻو تعارف به ڪنهن ڪنهن کي ملندو آهي؟
هڪ دفعي سقراط کان افلاطون پڇيو. زندگيءَ ۾ ڪهڙي شيءِ کان پاڻ بچائڻ اوکو آهي عشق؟ مايوسي؟ خوشامند؟
سقراط سوچي چيو، ”کنگهه“.
واقعي ٿورو سوچيو ته ڪامل استاد جي هن سادي جواب ۾ زندگي جي ڪيتري وڏي حقيقت لڪيل آهي. اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو. توهان حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان عشق نه ڪيو هجي، ڪڏهن ڪنهن کان مايوس نه ٿيا هجو، ڪڏهن به ڪنهن جي خوشامد نه ڪئي هجي. مگر اهو ناممڪن آهي ته توهان کي ڪڏهن به کنگهه نه ٿي هجي! هن سخت دور ۾ زندگي ۽ کنگهه اهڙي طرح لازم وملزم آهن جهڙي طرح گلن سان گڏ ڪنڊا عورت سان گڏ چڙ ۽ حاڪم سان گڏ رشوت جو تصور مگر هي کنگهه ٿيندي ڇو آهي؟ گل پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪنڊا رکندا آهن. عورت حسن جي غرور کان مجبور ٿي چيڙاڪ ٿي پوندي آهي. حاڪم پنهنجي پيٽ گذر لاءِ رشوت وٺندو آهي. مگر زندگي کنگهندي ڇو آهي؟ هي کنگهه ٿيندي ڇو آهي؟ افلاطون جي سيني ۾ جڏهن هي ٻيو سوال چڪر ڪاٽڻ لڳو ته هن پريشان ٿي پنهنجون نظرون کڻي پنهنجي چوگرد ڏسي پوءِ چيو، ”مگر، هي کنگهه ٿيندي ڇو آهي“.
پر سقراط ڏاڍو سياڻو هو، ان کي خبر هئي ته هو افلاطون جي ٻي سوال جو جواب نه ڏيئي سگهندو ان ڪري هن اهو سوال ڪرڻ کان اڳ ۾ زهر جو پيالو پي ڇڏيو هو، سقراط افلاطون جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي سڪرات جي حوالي ٿي ويو.
تاريخدان سقراط جي موت ۾ ڪيئي روايتون بيان ڪندا آهن، مگر اهي سڀ غلط آهن، اصل حقيقت جيڪا مان توهان کي ٻڌائي آهي سا سچي آهي، ڇاڪاڻ ته مون کان وڌيڪ زندگيءَ ۾ ڪير به نه کنگهيو هوندو، مون کان وڌيڪ اڄ تائين ڪنهن جو به کنگهه سان ايترو گهرو واسطو نه پيو ۽ نه وري ڪنهن کنگهه کي سمجهيو هوندو. جنهن عمر ۾ ٻار پنهنجي ماءُ جي سيني سان چهٽي کير پيئندا آهن، مان صرف کنگهندو هيس، ۽ ايتري آواز سان کنگهندو هيس جو منهنجي کنگهه کان تنگ ٿي منهنجي ماءُ روئڻ هارڪي ٿي ويندي هئي، جنهن عمر ۾ ٻار اسڪول ويندا آهن، ان عمر ۾ مان پنهنجي بئنچ تي بيهي ايترو زور سان کنگهندو هيس جو استاد ڪلاس ڇڏي ڀڄي ويندا هئا ۽ ڇوڪرا شاباس چئي مون کي پنهنجي ڊڊيءَ تي ويهاريندا هئا، جنهن عمر ۾ نوجوان محبت جون مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان اک اک ۾ ملائيندا آهن ۽ مان رڳو انهن جي چيلهه ۾ هٿ وجهي کنگهندو هيس، محبوب جيڪڏهن خوش ادا هوندو ته دل جي آرزو زبان تي آڻبي. جيڪڏهن هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ته عرض ڪبو ته خاڪسار کنگهه کان عاجز ٿي اوهان جي چيلهه جو سهارو ورتو آهي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي کنگهه جي صدا ڪهڙا گل هاري ويئي، دشمن ۽ ڳالهين ۾ گلن جي اها خوشبوءِ نه هئي جيڪا اسان جي کنگهه ۾ هئي، مطلب ته منهنجي زندگي لڳاتار رومال رهي آهي، جنهن ۾ زندگي جي هر موڙ تي مسلسل کنگهندو اچان ٿو، ڪيترا ڀيرا منهنجي کنگهه کان مجبور ٿي اقتدار جي مالڪن مون کي زهر جو پيالو پيش ڪيو آهي، پر مان ڪو سقراط آهيان جو ان کي خاموشي پي وڃان، مان جيستائين زندهه رهندس، ساڳي طرح کنگهندو رهندس ۽ ڇرڪائيندو رهندس ۽ جڏهن مان مري ويندس ته ماڻهو مون کي نه پر منهنجي کنگهه کي ياد ڪندا، اهڙي طرح ڳولهيندا جهڙي طرح ڪنهن گم ٿيل ٻار کي يا وسريل شعر کي.........