32. ڏهين جو نوٽ
”مان ڏهين جو نوٽ آهيان.“
ڪيترن مهينن تائين مان مشهورفلم اسٽار شهزاديءَ جي ڊرائنگ روم ۾ فقيربابا جي فريم ۾ رکيل تصوير مٿان پيل هار ۾ ٽنگيل هوس. شهزادي، فقير بابا کي تمام گهڻو مڃيندي هئي. هن ڏهين، ڏهين رپين جي نوٽن سان پنجن سون رپين جو هار فقيربابا جي فريم ٿيل تصوير تي وڌو. شهزاديءَ جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ (جو دراصل هن جو ڀاءُ نه پر پٽ هو.) گهر جو لاڏلو هو، گهر جا ڀاتي هن کي پيار مان منو چوندا هئا.
ائين ته منو کي سندس ماءُ ۽ شهزادي کيسي جي خرچي ڏينديون هيون؛ ليڪن منو دادلن ٻارن جيان تمام گهڻو خرچائو هو. هن پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کان سواءِ، فقير بابا کان به پئسن وٺڻ جو طريقو ايجاد ڪري ورتو، هو بلڪل ذهين ڇوڪر هو. جڏهن ماڻس ۽ ڀيڻس کيس کيسي جي خرچي نه ڏينديون هيون، يا سندس خرچي ختم ٿي ويندي هئي، تڏهن هو سڀني کان لڪي هڪ ڪرسيءَ تي اسٽول رکي فقير بابا جي تصوير تائين پهچي ويندو هو. ۽ هٿ جوڙ ڪري چوندو هو: فقير بابا! اڄ پوري کائڻ تي دل ٿي آهي. جيڪڏهن ناراض نه ٿين ته تنهنجي هار مان هڪ رپيو کڻان.“
”کڻان نه؟“
”بس، هڪ رپيو کڻندس صرف هڪ رپيو، وري ڪڏهن به ڪونه کڻندس.“ ان کان پوءِ منو کي ائين محسوس ٿيندو هو، ته فقير بابا تصوير مان گهوري کيس نهاري رهيو آهي ۽ کيس رپيي ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي رهيو آهي. ان کان پوءِ هو تصوير کي چمي ڏيئي هار مان نوٽ ڪڍي هليو ويندو هو.
ڪافي عرصي تائين ائين ٿيندو رهيو. ڪڏهن پوري لاءِ، ڪڏهن آئسڪريم لاءِ، ڪڏهن ڦوڪڻن لاءِ، ڪڏهن دوستن کي قرض ڏيڻ لاءِ هار مان نوٽ نڪرندا رهيا. شروع شروع ۾ ته خبر ڪانه ٿي پيئي، آهستي آهستي هار خالي ٿيندو رهيو، وچ وچ مان گنجو ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن عين انهيءَ وقت هو پڪڙيو ويو، جنهن وقت ڪرسيءَ تي اسٽول رکي هو مون کي هار مان ڪڍي رهيو هو. شهزاديءَ کي ان کان اڳ نوڪرن تي شڪ هو. جڏهن هڪڙو نوڪر شهزاديءَ کي سڏي آيو. تڏهن شهزادي نوٽ هٿن مان ڦري پنهنجي پرس ۾ وڌو، پر سڄو هار لاهي هن پرس ۾ رکيو، ۽ منو کي ٻه ٽي چماٽون هڻي ڪڍيائين. منو شهزاديءَ جي گود ۾ ڦٿڪڻ لڳو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو، ته شهزادي هن کي وري مارڻ لڳي، تنهن تي ماڻس ڊوڙندي ڊرائنگ روم ۾ لنگهي آئي، منوءَ کي کڻندي غضبناڪ آواز ۾ چيو:
”اي، هي ڇا ٿي ڪرين. پنهنجي جگر جي ٽڪر تي ايترو ظلم ٿي ڪرين: صرف ڏهن رپين جي ڪري پنهنجي پٽ تي ائين هٿ لائيندي توکي شرم نٿو اچي!“
چوڻ لاءِ ته ماڻس غصي ۾ چئي ويئي. مگر ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن پنهنجي غلطي محسوس ڪئي. ماڻس ڏندين آڱريون ڏيئي ۽ شهزادي وات تي هٿ ڏيئي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳيون. اتفاق سان ان وقت ڊرائنگ روم ۾ ماءُ، ڌيءَ ۽ پٽ کان سواءِ ٻيو ڪوبه موجود ڪونه هو. شهزاديءَ جي بدن ۾ ساهه پيو، ماڻس شرمندي ٿي. منو هن جي ڇاتيءَ ۾ منهن هنيو پيو هو، ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي. اوچتو منو مٿو مٿي کڻي شهزاديءَ طرف ڏٺو ۽ سڏڪا ڀريندي چيو:
”مون کي ڏهه رپيا ڏي، نه ته مان سڀني کي ٻڌائيندس ته آءٌ امان جو پٽ نه آهيان، بلڪ شهزاديءَ جو پٽ آهيان.“
پنهنجي ماءُ کان ڏهه رپيا وٺڻ کان پوءِ هن ۾ نئين تازگي اچي ويئي.هو پنهنجي ناني جي گود مان اُٿيو ۽ ٻاهر آئسڪريم کائڻ لاءِ روانو ٿي ويو. مان هن جي زندگيءَ ۾ پهريون بليڪ ميل ٿيو هوس ته ڇا ٿيو، اڃا ته هن جي عمر ست سال آهي.
آئسڪريم ۽ ملڪ بار جي ڪائونٽر کان پوءِ مان فيروز ۽ خانم وٽ پهتس، جيڪي ملڪ بار مان آئسڪريم کائي نڪتا هئا، دڪان کان نڪرڻ شرط خانم کي يادگيري آئي ته هنن جي ڳوٺ ۾ گيهه به بليڪ ۾ هلي رهيو آهي. انهيءَ ڪري هن ڀرواري واڻيي جي دڪان تان گيهه جو هڪڙو دٻو خريد ڪيو هو. مون کي مسز ايڊال جي حوالي ڪيو ويو. مسز ايڊال مون کي هڪڙي دڪاندار جي حوالي ڪيو، جنهن کان هن پنهنجي نئين ڊرائنگ روم لاءِ پردن جو ڪپڙو خريد ڪيو هو. انهيءَ دڪان تي منظور ڪلارڪ پنهنجي زال بتول سان بيٺو، گهر ۾ ننڍڙي ٻار جي پيدا ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه ضروري ڪپڙو خريد ڪري رهيو هو. هن ٻار جي پوتڙن، فراڪن، چڍين ۽ ننڍين ننڍين رنگدار ٽوپين لاءِ ڪپڙو خريد ڪيو. انهن سان، مان شربت واري جي دڪان تي آيس، ڇاڪاڻ ته بتول کي اُڃ لڳي هئي. پوءِ شربت واري مون کي هڪڙي اڌڙوٽ عمر واري جي حوالي ڪيو، جنهن هڪ ٻئي جي پٺيان شربت جا چار گلاس پيتا هئا. انهيءَ اڌڙوٽ عمر وارري ٻاهر اچي هڪڙي اسٽور واري کان مٿي جي سور جي گورين جو يڪو دٻو خريد ڪيو. انهيءَ کي ڏسڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو، ته هن کي سدائين مٿي جو سور رهندو آهي. پر هو خود به دنيا لاءِ مٿي جو سور هو. گورين خريد ڪرڻ کان پوءِ، هو هڪ ٽئڪسيءَ ۾ سوار ٿيو، پنهنجي گهر پهچي هن مون کي ٽئڪسيءَ واري جي حوالي ڪيو. جنهن وري پيٽرول پمپ واري کي ڏنو، پيٽرول پمپ واري وري هڪ اهڙي جوڙي کي ڏنو، جن تازو موٽر خريد ڪئي هئي ۽ ان ۾ چڙهي فلم ڏسڻ پئي ويا، فلم ڏسي مان هنن سان موٽي رهيو هوس ته وري هڪ ٻئي پيٽرول پمپ تي پهچي ويس. جتان مان غلام علي موٽر مڪينڪ جي کيسي ۾ پهتس. غلام علي مون کي کڻي حمام واري جي حوالي ڪيو، حمام واري حجام جي حوالي ڪيو، جنهن وري ڪباب واري جي حوالي ڪيو. ڪباب واري مون کي مسواڙ ۾ ڪيفي دلپسند جي مالڪ جي حوالي ڪيو، جنهن جي هوٽل جي ٻاهران هو ڪباب وڪڻندو هو. ڪيفي دلپسند وٽان وري هڪ درزيءَ جي حوالي ڪيو ويس. جنهن ٻئي ڏينهن مون کي سيٺ منگها رام جي حوالي ڪيو. جنهن درزيءَ کان هڪ سوٽ سبرايو هو. منگهارام جي ڪلب ۾هڪ دڪان هو، جتان امير ماڻهو ۽ غير ملڪي سياح اچي عمديون ۽ ناياب شيون خريد ڪندا هئا. هانگ ڪانگ کان وٺي نيويارڪ تائين هن جي مال جي گهرج هئي. شهر کان ٻاهر ڪيترين ئي جاين تي هن ننڍيون ننڍيون فئڪٽريون قائم ڪيون هيون. جتي تمام رازداريءَ سان پراڻي طرز جو مال تيار ٿيندو هو. هڪڙي فئڪٽري ۾ ستين صدي عيسوي جي ”ٻڌ“ جا بت تيار ٿيندا هئا. هڪڙي فئڪٽري ۾ ٻه صديون قبل مسيح، جي ”شيو مهاراج“ جا بت ٺاهيا ويندا هئا. هڪڙي فئڪٽريءَ ۾ صرف اهو مال تيار ٿيندو هو، جيڪو ”موهن جي دڙي“ ۽ ”هڙاپا“ جي کوٽائيءَ مان نڪتو هو. هڪڙي فئڪٽريءَ ۾ ”مغل“ جي زماني جون شيون تيار ٿينديون هيون. مثلاً نور جهان جو عطر، بابر جي تلوار، جهانگير جو خنجر، جوڌاٻائيءَ جي پوڄا واري ٿالهي، اڪبر جي منڊي، اورنگزيب جو ٿڪدان ۽ ممتاز محل جو پاندان سڀئي شيون سيٺ منگهارام وٽان ملنديون هيون.
هڪڙي فئڪٽري وري پراڻي ڪاٺ جو تاريخي سامان تيار ڪندي هئي. اشوڪ جي خوابگاه جو دروازو، چندر گپت جي پلنگ جا پاوا، مهاراڻي پدمڻيءَ جي آرسيءَ جو فريم وغيره.
هڪ دفعي سيٺ منگهارام جو هڪ سيلز مين، هڪ يورپي سياح کي ”چانڪيا رشيءَ“ جي عينڪ ٻارهن سو رپين ۾ وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سيٺ منگهارام پنهنجي ملازم جي ڪارڪردگيءَ تي خوش ٿي کيس هڪ سئو رپيا انعام ڏنو.
ڪالهه رات سيٺ دڪان مان ڪجهه رقم کنئي، حساب پوري ڪرڻ لاءِ هن پنهنجو ٻٽون کوليو، رقم برابر ڪري هن مون کي به نوٽن سان ملائي سموري رقم هڪڙي ملازم کي ڏني ته بئنڪ ۾ جمع ڪرائي اچي. سيٺ جي نوڪر رقم کڻي احتياط سان ڳڻڻ شروع ڪيو ۽ مون کي ڏسي وائڙو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته مان هڪڙن وٽان ٻين وٽ، ٻين کان ٽين وٽ، ايترو ته ميرو، لڳڙو ۽ ڦاٽل ٿيو هوس،جو سڀني جي نگاهن ۾ چڀڻ لڳو هوس. ملازم مون کي غور سان ڏسڻ لڳو. هي اهوئي ملازم هو جيڪو گروچانڪيا جو چشمو وڪڻي چڪو هو. ڏسڻ ۾ آءٌ ايترو ته پراڻو ٿي ويو هوس، جو جيڪڏهن مون تي لکيل انگريزيءَ وارا لفظ نه هجن ها ته اهو ملازم مون کي ”محمدتغلق“ جي زماني جو نوٽ سمجهي وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها. پوءِ به هو مون کي اٿلائي پٿلائي ڏسندو رهيو. مان سمجهي نه سگهيس ته آخر مون ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو مون کي ايترو گهوري گهوري ڏسي رهيو آهي. فقط ڏهين جو نوٽ آهيان، نيٺ اهو ملازم مون کي کڻي سيٺ وٽ پهتو. مون کي سيٺ جي اڳيان رکي هن چيو:
”سيٺ صاحب! ٿورو غور سان ڏسو.“
سيٺ مون تي سرسري نظر وجهي چيو:
”ڇا ڏسان، ڏهين جو نوٽ آهي. ڇا توکي سئو جو نوٽ لڳي رهيو آهي؟“
سيٺ ملازم ڏانهن ٽوڪ واري انداز سان نهاريندي چيو.
”ڪجهه غور سان ڏسو، انڊيا جي ڊي ابتي ڇپجي ويئي آهي.“
سيٺ ڇرڪ ڀري ڏٺو: واقعي منهنجي مٿي تي جتي:
Reserve Bank of India
لکيل هو اتي انڊيا جو لفظ هيئن ڇپيل هو INDIA واقعي D جي جاءِ تي D يعني ابتي ڊي هئي. پوءِ ملازم مون کي سيٺ جي اڳيان سرڪائيندي چيو: ”ڏسو جتي to pay bearer on demand I Promis اتي Promise جي اي (E) غائب آهي“.
”واقعي“ سيٺ مون کي غور سان ڏسندي چيو: ”هي ته.... هي ته، هڪ ناياب نوٽ آهي.“ منگهارام جي دل خوشيءَ مان ڌڙڪڻ لڳي.
”هن جي ”ڊي“ ابتي آهي. ۽ ”اِي“ بلڪل غائب آهي.“
اوچتو سيٺ جي دل ۾ هڪ خيال آيو، هن ملازم جي طرف نهاريندي چيو:
”جعلي ته نه آهي.“
ملازم خاموش رهيو، سيٺ سوچ بعد چيو:
”تون هي نوٽ هتي ڇڏي وڃ، مان سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو.“
منهنجي جاءِ تي هن ملازم کي ڏهين جو ٻيو نوٽ ڏيئي بئنڪ روانو ڪيو، ۽ پاڻ ڪرنسي آفيس ۾ فون ڪري. مون کي پنهنجي کيسي ۾ رکي هليو ويو. آءٌ پنج، ڇهه ڏينهن سيٺ مينگهارام وٽ رهيس. هو مون کي بلڪل حفاظت سان ٽجوڙيءَ ۾ بند ڪري رکندو هو. پڇاڳاڇا ڪرڻ بعد جڏهن سيٺ کي اطمينان ٿيو، تڏهن هن منهنجي لاءِ چانديءَ جو هڪ فريم ٺهرايو، مون کي ان ۾ رکي ملازم کي چيو.
”مون سڀ ڪجهه معلوم ڪيو آهي، هي نوٽ بلڪل اصلي آهي. ناسڪ مان جاري ٿيو آهي. مگر اکر غلطيءَ کان ڇپجي ويا آهن. سيريل نمبر جا سڀ نوٽ غلط ڇپجڻ ڪري ناس ڪيا ويا هئا. مگر ڪنهن ڪارڪن جي غلطيءَ کان هي نوٽ ڪرنسيءَ ۾ اچي ويو. هي پنهنجي طرز جو واحد نوٽ آهي. هي سڄي هندستان ۾ بلڪل ناياب نوٽ آهي. مان اخبارن ۾ هن جو اشتهار ڏيان ٿو ۽ ايندڙ مهيني جي نيلام ۾ هن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن جي جيڪا قيمت وصول ٿي، ان جو پنج سيڪڙو توکي ڏيندس، ڇاڪاڻ ته سڀ کان پهرين هن نوٽ کي تو سڃاتو آهي.
ملازم هٻڪندي شڪريو ادا ڪيو. ايتري ۾ سيٺ جي نئين اسٽينو چند ڪاغذ ٽائپ ڪري حاضر ٿي. سيٺ منگهارام پهريون خط پڙهندي ئي غصي ۾ لال ٿي ويو. ٽائيپ جون ايتريون غلطيون!
هن طرح لکيو ويندو آهي؟ Promise جي اِي غائب آهي. ۽ ڊالر جي اي ڪيڏانهن ويئي. گهران ناشتو ڪري نه ايندي آهين ڇا؟ جو هتي اکر کائڻ لڳي آهين. اسان جي فرم نيويارڪ تائين بزنس ڪري ٿي، اهڙيون هجي جون غلطيون هتي هلي نه سگهنديون، اڪائوٽنٽ کان پنهنجو حساب چڪتو ڪري وڃ. سيٺ نئين اسٽينو جي ڏڪندڙ هٿن ۾ ٽائيپ ٿيل ليٽر بنا صحيح جي ڏيندي چيو.
انهيءَ ڏينهن نيلام ۾ تمام رش هئي. جنهن ڏينهن منهنجي ٻولي لڳائي ويئي هئي. پري پري کان نادر شيون خريد ڪرڻ وارا آيا. تمام حيرت، ۽ ڪجهه شڪ ۽ شوق سان مون کي ڏسي رهيا هئا. ليڪن سيٺ منگهارام شڪ جي ڪابه گنجائش نه ڇڏي هئي. مان چانديءَ جي چمڪندڙ فريم ۾ سڀني جي اڳيان موجود هوس. چانديءَ جي فريم هيٺان ناسڪ پرنٽريءَ جو هڪ سرڪاري ڪاغذ هوا ۾ جهومي رهيو هو، جنهن تي صاف اکرن ۾ لکيل هو.
”مان ڪو جعلي نوٽ نه آهيان، اصلي نوٽ آهيان.“ منهنجي تاريخ اشاعت به درج ٿيل هئي. شڪ جو ڪوبه سبب ڪونه هو.
سيٺ منگهارام رڙ ڪري چيو:
”ڏهين جي نوٽ جي قيمت هڪ هزار رپيا!“
”ٻه هزار رپيا.“
”ٽي هزار رپيا.“
”ٽي هزار ست سئو.“
”ٽي هزار ست سئو، ٽي هزار ست سئو.“
”ساڍا چار هزار“
”پنج هزار.“
منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، ڪهڙي نه عجيب و غريب دنيا آهي. ڪالهه تائين آءٌ محض ڏهن رپين جو نوٽ هوس. اڄ منهنجي قيمت پنج هزار رپيا آهي. مون کي اهي هزارين اکيون ياد آيون جن مون کي ڏٺو ۽ منهنجي مٿي تي لکيل لفظن Is to pay the bearer on demand the sum of rupees ten at any office of issue تي ڀروسو ڪيو.
”ڇهه هزار رپيا.“
”ست هزار رپيا.“
”ست هزار اٺ سئو رپيا.“
”ست هزار اٺ سئو، ست هزار اٺ سئو....هڪ.“
”اٺ هزار“، ”نو هزار“، ”ڏهه هزار.“
”ڏهه هزار“ مان حيرت مان ڇرڪي ويس، ڇا منهنجي قيمت واقعي ڏهه هزار آهي. ڪالهه تائين مان فقط ڏهن رپين جو نوٽ هوس. اڄ قيمت ڏهه هزار ڪيئن ٿي. اهوئي ساڳيو ڪاغذ جو ٽڪر آهيان، اهو ڪيئن ٿيو!
”ٻارهن هزار.....؟“ ٻارهن هزارن ۾ هڪڙي ڇوڪري جي شادي ٿي سگهي ٿي. مگر واڪ وڌندو ويو.
”تيرهن هزار، ڇهه سئو رپيا.
”تيرهن هزار، نو سئو رپيا.“
”چوڏهن هزار.“
”ارڙهن هزار رپيا“ هڪڙي چشمي واري سنهڙي نوجوان چيو.
”ارڙهن هزار....! هڪ زرد چهري، نٻل جسم، واري مون طرف ڏٺو. هاڻي منهنجي قيمت ارڙهن هزار رپيا آهي. ڪالهه تائين مان بناسپتي گيهه جو هڪڙو دٻو به خريد ڪري نٿي سگهيس ۽ اڄ هڪ موٽر خريد ڪري سگهان ٿو.
”ارڙهن هزار... ارڙهن هزار....“ سيٺ منگهارام نوجوان کي ڏسي زور سان چيو. هو هن کي سڃاڻندو هو، اهو زرد چهري وارو نوجوان ملڪ جي مشهور ڪروڙپتي سيٺ چمن لال جو پٽ مگن لال هو. مگن لال کي ناياب شين گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هوندو هو ۽ هن پنهنجي عاليشان محل ۾ هڪ ”عجائب گهر“ بنايو هو، جنهن ۾ هن دنيا جون ناياب شيون گڏ ڪيون هيون.
هينئر سڀئي ماڻهو پوئتي هٽي ويا هئا، مگن لال جو مقابلو هڪ آمريڪي سياح سان هو. چارلس ڊولٽل نيويارڪ ۾ بئريسٽر هو. دينا جي عظيم تر شاهوڪار ملڪ جو شهري هو. هو پوئتي نه هٽندو...!
”ويهه هزار رپيا.“
”ٻاويهه هزار رپيا“ مگن لال چيو.
”پنجويهه هزار!“ ڊولٽل سگريٽ دکائيندي بي پرواهي سان چيو.
”ستاويهه هزار،“ مگن لال پنهنجي سنهڙي آواز ۾ ايترو زور سان چيو. جو مجموعي ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
”ٽيهه هزار رپيا.“
منهنجا هوش و حواس جواب ڏيڻ لڳا، آخر مون ڇا ڪيو هو، ڪهڙي تلوار هنئي هئي. ڪهڙي محنت ڪئي هئي، ۽ ڪنهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڏينهن-رات ڪم ڪيم. جنهن جي انعام ۾ منهنجي قيمت ايتري وڌي ويئي، مگر هي هڪ عجيب ۽ غريب نامعلوم سماج آهي. هتي هر خوبي خامي آهي. جيڪڏهن اوهان هتي سڌا، سچار ۽ کهرا آهيو ته اوهان جي قيمت ڏهين جي نوٽ کان وڌيڪ ٿي نٿي سگهي، جيڪڏهن اوهان جي ”ڊي“ ابتي آهي ۽ غائب آهي ته اوهان جي قيمت ٽيهه هزار به ٿي سگهي ٿي.
نوٽ جي اسپتل (هجي) غلط هجي ته اهو سڀ کان قيمتي آهي. ماڻهو جي هجي غلط هوندي ته آفيس کان ٻاهر ڪڍيو ويندو.
”ٻٽيهه هزار“ مگن لال غصي مان چيو.
چارلس مرڪيو، هن جو مقابلو هڪ چريي سان هو.
اوچتو ئي اوچتو، انهيءَ نيلام مان هن جي دلچسپي غائب ٿي وئي. هو مڙي هڪڙو پراڻو بت ڏسڻ لڳو. چند منٽن تائين سيٺ منگهارام هن کي متوجه ڪرڻ لاءِ زور زور سان واڪ ڏيڻ لڳو. ۽ منهنجون خوبيون وڌائي وڌائي بيان ڪرڻ لڳو. مگر هن آمريڪي سياح تي ذرو به اثر نه ٿيو. آخر هن مون کي ٻٽيهه هزار رپين جي عيوض مگن لال جي حوالي ڪري ڇڏيو.
سيٺ چمن لال جو ڪانپور ۾ هڪڙو وڏو ڪارخانو هو، هاڻي هو گواليار ۾ هڪ ٻئي وڏي ڪارخاني کولڻ ۾ مصروف هو. هن کي هڪڙو ئي غم هو هن جي پٽ مگن لال کي ڪوبه اولاد ڪونه هو، مگن لال اڃا تائين بي اولاد هو ۽ هو سيٺ چمن لال جو اڪيلو پٽ هو.
مگن لال اولاد پيدا ڪرڻ جي قابل نه هو، هو نامرد هو،. هن جا جذبا ته مردن جهڙا هئا، مگر هن جي جسم جي عضون هن جو ساٿ نٿي ڏنو. هن محسوس ٿي ڪيو ته تخليق جو شعلو هن جي روح ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو، مگر هن جي روح ۽ هن جي احساسات جي چوڌاري جسم برف جيان سرد هو ۽ اها ٿڌاڻ هن جي خوبصورت جذبات کي ناڪام بنائي ڇڏيندي هئي هو هڪ زخمي جانور جيان تڙپندو رهندو هو. هن جي مرداني جسم سان گڏ سرد روح هجي ها ته پوءِ ڪو مسئلو ئي ڪونه هو. مگر هو پاڻ ته زنده دل هو، مگر هن جي جسم جي چوطرف ڄڻ قدرت برف جو تهه چاڙهي ڇڏيو هو. اها هن سان سراسر بي انصافي هئي. ڇاڪاڻ ته مگن لال جي حسن پرستي انتها تي پهچي چڪي هئي. ڪاخوبصورت عورت ڏسي هن جو ذهني ردعمل اهوئي ٿيندو هو، جيڪو ڪنهن مڪمل مرد جو هوندو آهي. هن کي عورت جي جسماني خدوخال، عورت جي نهارڻي، جسماني چرپر. اهڙو ئي متاثر ڪندا هئا جهڙي طرح ڪو صحتمند ۽ تندرست مرد متاثر ٿيندو آهي. مگر جڏهن هو ڪنهن عورت جي قريب ويندو هو ۽ ان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته نه صرف عورت کي بلڪل خود هن کي به ائين محسوس ٿيڻ لڳندو هو ڄڻ اهي آڱريون ڪنهن مرد جون ناهن، جيڪي عورت کي ڇهي رهيون آهن. بلڪ برف جا قلم آهن جن جي ڇهاءُ سان عورت جي جسم ۾ بيزاري ۽ نفرت جون لهرون ڊوڙي رهيون آهن ۽ پوءِ هو ڊڄي هٽي ويندو هو. ديوارن سان ٽڪر لڳائيندو هو. ٻه دفعا ته هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ناڪام رهيو.
هڪ ٻئي پٺيان ناڪامين بعد هن پنهنجي روح کي ريجهائڻ لاءِ ٻيو طريقو استعمال ڪيو. هن پنهنجي شديد جنسي حس کي هڪ شديد جمالياتي حس ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي عورت جو جسم هن جو ٿي نٿي سگهيو. مگر خوبصورت تصويرون ته هن جون ٿي سگهيون ٿي. ۽ سنگ مرمر جا پراڻا بت جن تي وينس جو شڪ پيدا ٿيندو هو. اهي شمعدان، جي مغلن جي حرم ۾ حسن ۽ عشق کي تيز ڪندا هئا ۽ اهڙين ٻين شين کي قبضي ۾ آڻي سگهيو ٿي، جيڪي هن جي سرد آڱرين جي ڇهاءُ ڪري بيزار نٿي ٿيون. هو هڪ ڪروڙ پتي جو پٽ هو ۽ هن جي سموري جائيداد جو اڪيلو وارث هو. هينئر جيڪڏهن هو خوبصورت عورتن جو حرم سينگاري نٿي سگهيو، ته به خوبصورت شين جو هڪ عجائب گهر ٺاهي سگهيو ٿي، هن ائين ڪيو. هن پنهنجي محل ماگهر جو گهڻو حصو اهڙين شين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. جي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان خريد ڪري گڏ ڪندو هو. هينئر به هن جي روح ۾ ساڳئي بيقراري هئي. مگر ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪنهن هن جي زخم تي پهو رکي ڇڏيو هجي.
هن جو پيءُ هڪ عملي ماڻهو هو. هن لاءِ ايترو ڪافي نه هو، هن جي پٽ جي مرڻ بعد هن جي ڪروڙن جي ملڪيت ٻين ماڻهن ۾ ورهائبي. اهو خيال ئي هن لاءِ وڏو عذاب هو. هن پنهنجي پٽ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا جتن ڪيا، طرح طرح جا علاج ڪيا. چار دفعا پٽ کي يورپ وٺي ويو. جديد کان جديد طريقن سان علاج ڪرائيندي هن لکين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، انهن مان هڪڙو طريقو هي به هو ته مگن لال جي شادي ڪنهن حسين ڇوڪريءَ سان ڪرائي وڃي. مگن لال جي بار بار منع ڪرڻ جي باوجود، چمن لال پنهنجي پٽ جي شادي هڪ غريب گهراڻي جي انتهائي خوبصورت ڇوڪريءَ سان ڪرائي.
رسنا هن جو نالو هو. شباب جو رس، هن جي رڳن مان ڦاٽي رهيو هو. هن جي جسم ۾ سمنڊ جهڙي موج ۽ مستي هئي، هن جي نگاهن ۾ بجلي هئي آڱرين ۾ باه جا شعلا هئا. مگن لال هن کي ڏسي ديوانو ٿي ويو. هن کي يقين هو ته هو رسنا سان شادي ڪري مڪمل مرد بنجي ويندو.
پوءِ هو وسامي ويو، رسنا ڪجهه مهينا ته پنهنجي جذبات ۾ ٻڏندي ترندي رهي. پوءِ اوچتو هو پاڳل بنجي پيئي ٻه سال پاڳل رهي. جڏهن ٺيڪ ٿي ته هوءَ به وسامي ويئي. هن جي سهري هن جي محل نماگهر ۾ هن لاءِ هڪ مندر ٺهرائي ڏنو، جتي هو اڪثر ڪري تنهائيءَ ۾ پوڄا ڪري پنهنجي دل وندرائيندي هئي. هن جي آواز ۾ عجيب سوز ڀرئي سنگيت جو رس ڀرجي آيو، ڪلاڪن تائين هوءَ راڌا ڪرشن جي مورتين جي اڳيان ويهي پنهنجي ننڍڙي مندر ۾ ڀڄن ڳائيندي هئي. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. مگر هن کي هتي زندگيءَ جي هر آرائش ميسر هئي. ٻه عورتون هن کي بهتر تعليم ڏيڻ ۽ مغربي تهذيب سيکارڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون. تنهن کان سواءِ نوڪر چاڪر هر وقت سندس حڪم جي انتظار ۾ حاضر رهندا هئا. ان هوندي به ڪيترائي دفعا رسنا جي دل هتان ڀڄي وڃڻ لاءِ بيتاب هئي. پر سون جون زنجيرون خوبصورت هيون.
رسنا کي گهڻو پيار ڪرڻ جي باوجود، مگن لال هن کان پري پري رهڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته گڏ رهڻ ڪري هن کي انهتائي ڪوفت محسوس ٿيندي هئي. ائين لڳندو هو ته ڄڻ سندس جسم ۽ جان ڦاٽي پرزا پرزا ٿيڻ تي آهن. هو پنهنجو وقت اڪثر ڪري ”عجائب گهر“ جي انهن شين تي صرف ڪندو هو. انهن سان هن جو ميل ميلاپ ايترو ته وڌي ويو، جو اڪثر ڪري تنهائيءَ ۾ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو. هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته تصويرون به ڳالهائين ٿيون. ۽ سنگ مرمر جا يوناني مجسما به هن سان ڳالهائي سگهن ٿا. هينئر هو محل جي انهيءَ حصي ۾ بلڪل گهٽ ويندو هو. جتي رسنا رهندي هئي. صرف ٻنپهرن ۽ رات جي مانيءَ تي هو پاڻ ۾ ملندا هئا.
جنهن ڏينهن مگن لال مون کي خريد ڪيو هو، هو پنهنجي غير متوقع ڪاميابيءَ تي ايترو خوش هو، جو اها خبر رسنا کي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. مون کي نئين ڄاول ٻار جيان پنهنجن هٿن ۾ کڻي رسنا جي بيڊروم ۾ ويو. ان وقت رسنا پنهنجن واسينگ جهڙن وارن کي ڦڻي ڏيڻ ۾ مصروف هئي سندس وار ور کائيندا سندس ڪمر تائين پئي پهتا. رسنا هن کي ائين اوچتو ايندو ڏسي ڇرڪي وئي، مگن لال بيحد خوش ٿيندي هن کي چيو:
”ڏس ڏس! مون ڇا خريد ڪيو آهي...........؟“ هن ٻارن جيان خوش ٿيندي چيو.
”هي ته ڏهين جو نوٽ آهي.“ رسنا مون کي ڏسندي چيو.
”ها، آهي ته برابر ڏهين جو نوٽ، مگر مون هي ٻٽيهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو آهي.“
”اهڙيون چريائيءَ واريون ڳالهيون تون هميشه ڪندو آهين.“
”هي چريائي نه آهي. هي ڪو معمولي عام ڏهين جو بازاري نوٽ نه آهي. هي هڪ خاص نوٽ آهي، ناياب نوٽ آهي، اڄ ٻنپهرن جو مون نيويارڪ ۾هڪ ڊيلر کي ٽيليفون تي ٻڌايو. هو نوٽ جي عيوض هڪ لک ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“
”آخر هن نوٽ ۾ ڇا آهي.“ رسنا ڏاڍي بيزاريءَ سان چانديءَ جو فريم ڏسڻ لڳي. ۽ ڪائي تي هٿ ڦيريندي مون تي هڪ سرسري نظر وڌي. پوءِ منهن مٿي ڪري مڙس ڏي سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳي.
”ٿورو غور سان ڏس. انڊيا جي ”ڊي“ ابتي ڇپجي وئي آهي. ۽ هن جي ”اي“ غائب آهي.“ مگن لال هن کي ٻڌايو.
هنيئر رسنا غور سان ڏسڻ لڳي. پوءِ پنهنجي مڙس ڏانهن ڏسندي چيو:
”جيڪڏهن نوٽ جي ڊي ابتي آهي ۽ اي غائب آهي ته ڇا ٿيو؟“
هن جون نگاهون چئي رهيون هيون ته تنهنجي جسم جي اي غائب آهي. ۽ ڊي ابتي آهي، پوءِ مان ڇا ڪريان.
”هي ڏهين جو نوٽ، جنهن کي مون ٻٽيهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو- اڄ هن جا هڪ لک ڊالر ملي رهيا آهن- هي دنيا جو سڀ کان قيمتي نوٽ آهي. جيئن ته اڄ منهنجي سالگره آهي ۽ هن موقعي تي مان هي نوٽ توکي تحفي طور ڏيان ٿو.“
رسنا مون کي ڏٺو، سينگار ميز جي آدم قدم آئيني ۾ پنهنجا وار ڏٺا، جيڪي چهبڪ جهڙي چيلهه تائين لهرائيندا رهيا. ڪمري جي وچ ۾ خوبصورت ريشمي چادرن سان سينگاريل ڊبل بيڊ ڏانهن ڏٺو. پوءِ سندس سڙيل دل جي هڪ آه، سيني کي جلائيندي نڪتي ۽ اها باهه هن جي اکين ۾ چمڪڻ لڳي ۽ هن مون کي کڻي فرش تي سٽيو، چانديءَ جو فريم ته ڪونه ڀڳو ليڪن ڪائي جا ٽڪر ٽڪر ٿي ويا.
هوءَ ٻرندڙ اکين سان مگن لال کي ڏسندي رهي، هن جي نگاهن جي نفرت جو تير مگن لال جي سيني ۾ کپي ويو. هڪ گهڙيءَ لاءِ کيس ڪاوڙ آئي، پر پوءِ هن آهستي آهستي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. گوڏا کوڙي چانديءَ جو فريم ۽ مون کي کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
رسنا دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو. هن پنهنجا سڀ ڪپڙا ڇڪي ڦاڙي ڇڏيا. هو ماهي بي آب جيان ڦٿڪڻ لڳي. هن جو سڄو جسم پڄرڻ لڳو. رکي رکي هن جي چپن مان چيخون نڪرڻ لڳيون اهي چيخون هن جي اڻ ڇهيل جسم جون آهون هيون. پوءِ هن سينگار ميز تان يو ڊي ڪلون جي هڪ بوتل کنئي جنهن جي منهن تي ريشمي ڏورين سان بند رٻڙ جو ڦوهارو لڳل هو. رٻڙ کي زور ڏيئي هوءَ يو ڊي ڪلون جو ڦوهارو پنهنجي منهن تي ڳچي تي، ڇاتي تي، ۽ جسم جي ٻين عضون تي هڻڻ لڳي. جتي جتي يو ڊي ڪلون جو ڦوهارو لڳو، اتي جسم ٺرڻ لڳو، ۽ ٿڌاڻ محسوس ٿيڻ لڳي.
انهن ڏينهن ۾ هڪ انگريز ڊاڪٽر وليم رشر شهر ۾ آيل هو. هو نفسياتي طريقي سان علاج ڪندو هو. سڄي يورپ ۾ هن جي علاج جي جديد طريقي جي پچار هئي. هو هتي ٽن مهينن لاءِ آيو هو. چمن لال کيس پنهنجي پٽ ۽ ننهن جي علاج لاءِ چيو. وليم رشر وٽ ڊاڪٽري جي ڪابه رسمي ڊگري ڪانه هئي. هن جي علاج جو طريقو پڻ نئون ۽ عجيب و غريب هو ليڪن هن جي علاج سان ڪيترائي پراڻا مريض حيرت انگيز طريقي سان ٺيڪ ٿيا هو صرف وڏن لکاپتي گهراڻن جو علاج ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي پهرين في به پنجاهه هزار رپيا هئي يقين آهي ته ايتري وڏي رقم اسان ۽ اوهان جهڙا ته ادا ڪري ڪونه سگهندا.
مگن لال ۽ رسنا جي طبي معائني کان پوءِ سيٺ چمن لال ۽ وليم رشر جون ڪافي دير تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون اها خبر ڪنهن کي به نه هئي ڳالهين بعد وليم رشر وري مگن لال جي عجائب گهر ۾ ويو، ۽ عجائب گهر ڏسڻ جي فرمائش ڪئي. دير تائين مگن لال هن کي عجائب گهر جون شيون ڏيکاريندو رهيو ڪويت جي کوٽائيءَ مان دستياب ٿيل نامعلوم بت تراش جا ٺهيل عجيب مجسما، زهره جو مجسمو، اهرام، مصر مان چورايل فرعون جي زماني جون مميون ۽ انهن جا زير وغيره ۽ چانديءَ جي فريم ۾ جڙيل هڪ ”نوٽ“، جنهن جي قيمت هڪ لک ڊالرن تائين پهچي چڪي هئي...... مگن لال جو خيال هو ته ڊاڪٽر رشر کي اهڙن شين جي ڪابه خبر ڪانه هوندي مگر قداور چست مضبوط ۽ بي داغ جسم واري ڊاڪٽر جي معلومات تمام وسيع هئي ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ آثار قديمه بابت هو ڪيترائي سال تحقيقات ڪندو رهيو مگن لال کي هن جي معلومات تي حيرت لڳي- ڪلاڪ ڏيڍ عجائب گهر ۾ گهمڻ بعد مگن لال ٿڪجي پيو، هو جلدئي ٿڪجي پوندو هو ٻين موقعن تي هو اهڙن ڪمن لاءِ ٻن ڦيٿن واري ڪرسي استعمال ڪندو هو مگر اڄ هن مغربي ڊاڪٽر جي اڳيان اهڙي ڪرسيءَ تي ويهي هن کي عجائب گهر ڏيکارڻ مناسب نه سمجهيو.
عجائب گهر ڏسڻ بعد ٻيئي هڪ ڪنڊ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ، ڪئبن ۾ آيا، جيڪو مضبوط ڪاٺ جو ٺهيل هو جنهن جي هڪ ديوار تي مان چانديءَ جي فريم ۾ ٽنگيل هوس. هي ڪئبن مگن لال جي آفيس به هئي، هن جي سوچ ويچار جو ڪمرو به اهو هو. جتي هو ليٽي آرام به ڪندو هو. هن ڪمري ۾ پهچي هن سگريٽ دکايو، ۽ ڊاڪٽر پنهنجو سگار دکايو ۽ چند گهڙين لاءِ خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ ڊاڪٽر چيو:
”منهنجو خيال آهي ته توکي ڪابه بيماري ڪانه آهي“
”ها........!“ مگن لال ڇرڪ ڀري ذري گهٽ اٿي بيٺو.
”ويهه، ويهه.......“ وليم رشر جي نيرين اکين ۾ همدردي جي هڪ جهلڪ نمودار ٿي.
”مگر...........!“ ايترو چئي مگن لال حيرت مان ڊاڪٽر جي طرف ڏسي سوچڻ لڳو. مگر ڇا؟
هي ڊاڪٽر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به ڊاڪٽر کيس ائين نه چيو. هر ڪو ڊاڪٽر کيس ذميوار ٺهرائيندو هو...... مگر هي ڪيئن ٿي سگهي ٿو. مگن لال حيرت مان ڊاڪٽر جي چهري طرف گهوري رهيو هو.
ڊاڪٽر رشر مسڪرائيندي چيو: (هن جي مسڪراهٽ ڪيتري قدر نه صحتمند ۽ دل آويز هئي. ڄڻ خوشي هن جي اندر مان جهاتيون پائي رهي آهي. سندس عمر به پنجٽيهه- ڇٽيهه ورهن کان مٿي نه هوندي، مگن لال هن کي ڏسندي اندازو لڳايو.) ”مگن! منهنجو خيال آهي ته تنهنجي جسم ۾ ڪوبه نقص ڪونه آهي. نقص رسنا جي جسم ۾ آهي.“
”رسنا ۾!؟“ هن جو آواز اوچتوئي اوچتو بلند ٿيو.
”ها، ها........! رسنا ۾، رڙيون نه، ڪر، اطمينان سان منهنجي ڳالهه ٻڌ- مان ٽيڪنيڪل تفصيلات ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، ائين تون سمجهي نه سگهندين- بهرحال، توکي مختصر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس- تنهنجو اعصابي نظام بيحد ذڪي الحس آهي- توکي اهڙي عورت جي ضرورت نه آهي جيڪا گرم مزاج جي هجي- اهڙي عورت جو ٽمپريچر تنهنجي اعصابي نظام کي پهگاري ڇڏيندو- بدقسمتيءَ سان رسنا جي عمر جهڙين نوجوان عورتن جو ٽمپريچر اهڙو ئي هوندو آهي- انهيءَ کان سواءِ جسم جي اندرين حصن ۾ مرد ۽ عورت درميان اليڪٽرڪ چارج گذرندا رهن ٿا ۽ اهي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ هڪ مخصوص جنسي توازن برقرار رکن ٿا. جيڪڏهن اها اليڪٽرڪ چارج هڪ طرف مٿي ٻئي طرف هيٺ يا هڪ طرف وڌ ۽ ٻئي طرف گهٽ هوندي ته توازن صحيح نه بيهندو- تنهنجو حساس اعصابي نظام ٻئي طرف کان ايندڙ بجلي برداشت ڪري نٿو سگهي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي“
”مگر ٻيون عورتون..........؟“ مگن لال جملو اڌ ۾ ڇڏيندي چيو.
”بدقسمتيءَ سان توکي جيڪي به عورتون مليون اهي هاءِ وولٽيج واريون هيون، ورنه تنهنجي جسم ۾ ڪابه خرابي نه آهي ۽ اهو هڪ حساس ۽ ذهين اعصابي نظام جو مڪمل نمونو آهي. مان تنهنجي اعصابي نظام ۾ ڪابه تبديلي ڪرڻ پسند نه ڪندس. مگر مان رسنا جو علاج ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ هن جي جسماني گرميءَ جو درجو بدلڻ چاهيان ٿو. هن جي اندرين عضون جي تيزي گهٽ ڪرڻ چاهيان ٿو. مگر اهو سڀ ڪجهه تنهنجي اجازت ۽ تنهنجي تحريري اجازت کان سواءِ ٿي نه سگهندو.“
مگن لال جي دل خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳي، هن تمام مشڪل سان چيو: ”ڊاڪٽر! توکي واقعي يقين آهي ته مون ۾ ڪوبه نقص نه آهي؟“
”بلڪل يقين آهي.“
”۽ رسنا تنهنجي علاج سان ٺيڪ ٿيندي.“
”مون کي اميد نه پر يقين آهي ته رسنا منهنجي علاج سان ٺيڪ ٿيندي. ليڪن انهيءَ ۾ ڪجهه وقت لڳندو ۽ ڪجهه دوائون به ڪم ۾ اينديون. پر مان تو کي يقين سان چوان ٿو ته مان رسنا جي اعصابي نظام جي توازن کي درست ڪندس.“
مگن لال پرجوش نموني سان ڊاڪٽر وليم رشر سان هٿ ملايو. ڏڪندڙ ۽ پراميد آواز ۾ چيو:
”ڊاڪٽر، تون علاج شروع ڪري سگهين ٿو.“
وليم رشر رسنا کي ڪيترائي دفعا فلم تي وٺي ويو. هن جو اندازو بلڪل صحيح نڪتو. رسنا رومالوي تصويرون پسند ڪندي هئي؛ جن ۾ مجنونانه مار ڌاڙ هجي يا پراسرار هيبتناڪ ماحول هجي، يا خوفناڪ جسماني عذاب جا نظارا هجن. اهڙين تصويرن مان هن کي عجيب قسم جو ذهني سڪون ملندو هو. وليم رشر ڪيترائي دفعا هن کي سمنڊ جي ڪناري تي گهمائڻ وٺي ويو. پوءِ هن جو اندازو صحيح نڪتو، رسنا کي خاموش ۽ ماٺيڻو سمنڊ پسند نه هو. بلڪ سمنڊ جو طوفان، ڇوليون ۽ موج کيس پسند هئي.
”دل چوي ٿي، ڊوڙي انهن ڇولين ۾ ٽپو ڏيان“ رسنا ڊاڪٽر طرف نهاريندي چيو. هو ٻئي ان وقت سمنڊ جي هڪ سنسان جاءِ تي بيٺل هئا، پري پري تائين ڪوبه ماڻهو نظر نٿي آيو.
”نه ڏي ڇلانگ...........“ ڊاڪٽر چيو.
”مون کي ترڻ نٿو اچي.“
”ڪوبه ڊپ نه ڪر، چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ وڃي وهنج. اڳتي نه وڃجانءِ.“
”مان ٻڏي وينديس.“ رسنا ڊپ مان چيو.
سڀ ڪپڙا لاهي، پاڻي ۾گهڙي پئو. مون کي ترڻ اچي ٿو. مان توکي بچائي وٺندس.“
”هاءِ.........!“ هوءَ هڪدم ڊپ گاڏڙ خوشيءَ مان چوڻ لڳي: ”مون وٽ ته وهنجڻ جي ڊريس به ڪانهي........!“
”پرواهه نه ڪر، مان ٻئي طرف ڏسان ٿو........ تون ڪپڙا لاهي سمنڊ ۾ گهڙي پئو، ۽ پوءِ سڏ ڪجانءِ.“
”نه.......نه.......!“ رسنا شرمائيندي چيو: هن جي ڳلن جو رنگ سرخ ٿي ويو ۽ تيزهوا جي ڪري سندس وار ٽڙي پکڙي سندس چهري تي پئجي رهيا هئا.
وليم رشر، هن جي ڪلهي تي هٿ رکي تمام نرمي مگر مضبوط ارادي سان چيو:
”جيئن مان چوان ٿو. تيئن ڪر.“
”ته تون پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪر“
”چڱو، آءٌ ٻئي طرف نهاريان ٿو.“
آهستي آهستي ڊڄندي ڊڄندي رسنا پنهنجا سڀئي ڪپڙا لاهي ڇڏيا- صرف هڪ چڊي ۽ باڊي سان سمنڊ ۾ گهڙي پئي، پاڻي ۾ گهڙي هوءَ لهرن سان کيڏڻ لڳي. اوچتو کلندي کلندي هن ٻارن جيان چنچل آواز ۾ چيو:
”تون به اچ، پاڻي تمام مزيدار آهي.“
پاڻي رسنا جي جسم ۾ ڪتڪتائي ڪري رهيو هو. گجي ۽ ڇوليون هن جي جسم کي چمي رهيون هيون چوطرف پاڻي ئي پاڻي جون ٻانهون کيس گلي لڳائي رهيون هيون، هوءَ اڃا به اندر ويئي.
”هلي اچ، سمنڊ ۾ ڏاڍو مزو آهي.“
”اڳتي نه وڃجان“، رشر کيس روڪيندي چيو.
مان ته وينديس رسنا ٻارن جيان نخرو ۽ ضد ڪندي چيو. هوءَ اڃا به ٻه قدم اڳتي ويئي، سمنڊ جي هڪ وڏي ڇولي سندس جسم سان ٽڪرائجي ٽٽي ويئي. پاڻي وهندڙ جذبن جيان هن جي جسم مان گذري رهيو هو. گجي ۽ ڇوليون هن جي جسم تي رقص ڪري رهيون هيون. رسنا خوشي مان مرڪڻ لڳي.
کليل آسمان، رشر جي اکين جيان صاف ۽ بي داغ هو. پري پري ناريل جا وڻ رشر جي جوان ۽ مضبوط جسم جيان اڪيلا هئا سمنڊ ۾ شور سنگيت جيان لڳي رهيو هو ۽ لهرون ٻانهون ڦهلائي رسنا کي پنهنجي آغوش ۾ وڪوڙي رهيون هيون. رسنا اڃا به ٻه قدم اڳتي وڌي، هينئر هوءَ ڳچي جيڏي پاڻيءَ ۾ پيئي هئي.
”اڳتي نه وڃ.“ رشر کيس مشڪندي چيو، رسنا هن کي ڪپڙا لاهيندي ڏسي رهي هئي. رشر قميص لاٿي،، هن جي سيني جا ڀورا وار هوا ۾ رقص ڪرڻ لڳا: ”پنهنجون اکيون بند ڪر“ رشر چيو.
رسنا زور سان کلڻ لڳي ۽ هن پنهنجو اکيون بند ڪيون. اوچتو هڪ ڇولي رسنا جي مٿان هلي ويئي، جڏهن ڇولي گذري ويئي. تڏهن رسنا جو ڪٿي وجود به نه هو. صرف ڇولين جي اندر ٿاڦوڙا لڳي رهيا هئا. چند گهڙين بعد رسنا جو جسم، رشر کي نزديڪ پاڻي ۾ نظر آيو هو اڇل ڏيئي وٽس پهتو.
”مان ٻڏي رهي آهيان..........“ رسنا هڪ دفعو زور سان رڙ ڪري وري گم ٿي ويئي. وري ٻئي دفعي ظاهر ٿي ته رشر جي ٻانهن هڪدم کيس کڻي بچائي ورتو. ۽ هينئر هو رسنا کي ٻانهن تي کڻي ڪناري طرف اچي رهيوهو.
رسنا خوف ۽ ڊپ مان رشر کي سوڙهي پوندي، چنبڙندي ۽ سندس ٻانهن ۾ جڪڙبي ويئي. کيس بچڻ جي خوشي هئي رشر جون ٻانهون نهايت آرام ڏيندڙ هيون، تنهن ڪري کيس ڪجهه شرم محسوس ٿيڻ لڳو. رشر هن کي آڻي الڳ ليٽايو.
”اٽ واز.......اٽ واز.......ٽچ.........ائنڊ گو...........“ رسنا انگريزي ۾ چيو.
”شيور“ رشر مضبوط لهجي ۾ جواب ڏنو. تون منهنجي نزديڪ هئينءَ تنهن ڪري مون توکي ايترو پري وڃڻ جي اجازت ڏني.
”جيڪڏهن مان ٻڏي وڃان ها ته تون ڇا ڪرين ها؟“
”مان سمنڊ کي سڏ ڪريان ها ۽ تنهنجو جسم وينس جيان اڀري اچي ها.“
”ڊاڪٽر!“ رسنا چيو.
”مون کي ول چئو.“
”ول؟“
”ها.“
”ڄاڻين ٿو ته اڄ تو منهنجي جان بچائي آهي.“
مگر ول ٿوري دير خاموش رهيو. هن پنهنجا هٿ پنهنجي ويڪري ڇاتيءَ تي ٻڌي ڇڏيا هئا، ۽ اکيون پوري ڇڏيون هيون. رسنا وري نه ڳالهايو صرف سمنڊ جي ڇولين جو شور هو. اڌ مني ڪلاڪ بعد جڏهن اس هنن جو جسم خشڪ ڪري ڇڏيو. رسنا ڇرڪ ڀري ڊاڪٽر کي ٻانهن کان جهنجهوڙيندي چيو:
”اٿ، گهر نه هلبو ڇا؟“
ڪپڙا پائي هو ٻيئي گاڏيءَ طرف روانا ٿيا. اوچتو گاڏي ۾ ويهڻ شرط رسنا پنهنجي ڪن کي هٿ لائي چيو.
”منهنجي ڪنن جو هڪڙو جهومڪ پاڻيءَ ۾ ڪري پيو.“
”قيمتي هو.“
”هيرن جو هو.“
”پرواهه نه آهي، ڪا مڇي انهيءَ کي ڳڙڪائي ويندي. ڪو ميربحر هن کي ڄار ۾ ڦاسائي وٺندو. ڪنهن دڪان تان ڪا غريب عورت اها مڇي خريد ڪري وٺندي ۽ جڏهن هن کي چيريندي ته هيري وارو جهومڪ معجزي جيان ظاهر ٿيندو.“
رسنا کلي چوڻ لڳي:
”ول! تون به ڪيتريون نه عجيب ۽ دلچسپ ڳالهيون ڪرين ٿو. اهڙيون ڳالهيون منهنجي مڙس اڄ تائين مون سان نه ڪيون.
”مڙس اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهن.“ هن بٽڻ دٻائي گاڏي اسٽارٽ ڪئي. جڏهن گاڏي اسٽارٽ ٿي رواني ٿي، تڏهن پري پهاڙين جي اوٽ ۾ لڪل مگن لال دير تائين مڙي، ڦرندڙ گاڏي ڏسندو رهيو. پوءِ جڏهن گاڏي نظرن کان غائب ٿي ويئي ته هن پنهنجون نظرون سمنڊ طرف کپائي ڇڏيون، جتي هن جي مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڏورپيئي هئي. ڪافي دير تائين ڏور کي هلائڻ کان سواءِ هو سمنڊ کي تڪيندو رهيو.
ڪافي رات گذرڻ تائين مگن لال پنهنجي غائب گهر ۾ ڦرندو رهيو. اڄ هن شديد مصروفيت جو بهانو بنايو هو ۽ رات جو مانيءَ تي به نه آيو، پنهنجي ماني هن عجائب گهر ۾ گهرائي ورتي. ماني کائڻ کان پوءِ هن ٻه جام پيتا ۽ پوءِ ”شيني“ جو مجسمو هن جي پيتي مان ڪڍڻ لڳو. اها پيتي هوائي جهاز جي رستي آئي هئي. باڪس ۾ شينيءَ جو مشهور مجسمو بند ٿيل هو، هن مجسمي جو نالو هو ”انگڙائي“ هڪ عورت ڪر موڙي رهي هئي. مگن لال ڏاڍي بيقراري سان مجسمو پيتيءَ مان ڪڍڻ لڳو.
رات جو ماني کائڻ بعد ڪافي دير تائين رسنا ۽ وليم ڳالهيون ڪندا رهيا، پهرين کاڌي واري ڪمري ۾ پوءِ ڊاڪٽر جي ڪمري ۾، جو رسنا جي ڪمري سان گڏ هو. ول جي هٿن سان پهريون دفعو رسنا پيگ پيتو، هوءَ پيئندي نه هئي. مگر ول کيس مجبور ڪيو ته اهو به علاج ۾ شامل آهي. ڌيمي ڌيمي موسيقيءَ جو رڪارڊ وڄي رهيو هو. رسنا جي اکين ۾ کيپ چڙهڻ لڳا، نيم مستيءَ ۾ هن چيو:
”مون کي ننڊ ٿي اچي.“
”تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃ، مان اچان ٿو.“
”تون ڇو ايندين؟“ رسنا ڇرڪ ڀري چيو.
”تنهنجي جسم تي مالش ڪندس.“
رسنا پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي، شينيءَ جو سياهه عورت جو مجسمو قيامت خيز انگڙائيءَ جي پوز ۾ هو. مگن لال هن کي ڪنڊ ۾ بيهاري هن کي چوطرف غور سان ڏٺو؛ بلڪل بي عيب، بي نقص، حد درجي جي هيجان انگيز، هو هڪ بخمل جي ٽڪر سان سياهه بت جا عضوا چمڪائڻ لڳو، ۽ ان سان گڏ هن هڪ اداس روماني ڌن جو رڪارڊ چاڙهيو. پٿر جي بت تي ٻردار (بخمل) ڪپڙي لڳڻ ڪري سندس پالش خراب ٿيڻ لڳي. مگن لال ڪپڙو ڇڏي ڏنو، ۽ پنهنجو هٿ هن جي ٻانهن تي ڦيرڻ لڳو:
”هن جو ۽ منهنجو ٽمپريچر ڪيترو نه ملي ٿو. هي پٿر جو آهي ۽ ما برف جو آهيان، گرمي نه هن ۾ آهي، نه مون ۾ آهي.“
ڊاڪٽر رشر رسنا جي بيڊروم ۾ ٻه ايئر ڪنڊيشنر لڳرايا هئا. ان وقت هن، هن جو ٽمپريچر درست ڪيو هو. بتيون بلڪل ڌيمي رشنيءَ واريون لڳايون ۽ هينئر هو انتهائي سنجيدگيءَ سان پنهنجي قميص جون ٻانهون کنجي رسنا جي پٺيءَ تي بادامي رنگ جي هڪ مرهم سان مالش ڪندو رهيو. هن جا هٿ پيرن کان رانن تائين، رانن کان چيلهه جي خم تائين ڦرندا رهيا. رشر رسنا کي ٻڌايو ته هن مالش جو اثر جلد ئي اندرين عضون تائين پهچي، رسنا جو اعصابي نظام ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.
ڊاڪٽر رشر ڪمر کان ڪلهن تائين پهتو. هاڻي هو ڊبل بيڊ جي ڪناري رسنا جي مٿان جهڪي هن جي ڪنڌ ڳچي ۽ ڪلهن تي مالش ڪري رهيو هو. رسنا جي اعصابي نظام ۾ ٿڌاڻ جي بجاءِ بجلي جي ڪرنٽ هلي رهي هئي، پيرن کان ڪلهن تائين مالش ڪندو رهيو. رسنا پنهنجي جسم ۾ بجلي ڊوڙندي محسوس ڪري رهي هئي. پوءِ هوءَ ڏند ڀڪوڙي ساهه روڪي پئجي رهي.
اي ڀڳوان! هي ڏاڍو مشڪل آهي......... تمام مشڪل..... هوءَ هڪدم وارن جي هڪ چڳ پنهنجي چڪ ۾ جهلي ويٺي. هن جو ساهه زور زور سان کڄي رهيو هو، رسنا پنهنجو منهن ٻنهي هٿن سان لڪائي ڇڏيو هو:
”سڀاڻي هوءَ اها مالش نه ڪرائيندي، صاف صاف انڪاري ڪندي.“
آهستي آهستي ڊاڪٽر رشر هن جي وارن جي چڳ سندس ڏندن مان ڪڍي. هاڻي ملم سان ڀريل سڻڀا هٿ هن جي وارن ۾ هئا.......
نه........ نه...........!؟ منهنجا وار خراب نه ڪر، منهنجن وارن کي هٿ نه لاءِ، رسنا پنهنجي دل ۾ چيو، مگر زور سان ڪجهه به چئي نه سگهي. هن جو ساهه گهٽجڻ لڳو. ليڪن رشر جا هٿ هن جي وارن ۾ ڦرندا رهيا. آهستي آهستي ڳچيءَ وٽ وارن جي اندر هو هٿڙا ڦيرائيندو، وارن جون چڳون سنواريندو رهيو، رشر کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو شعلن ۾ هٿ ڦيرائي رهيو آهي.
اوچتوئي اوچتو ڪر موڙي رسنا اٿي، هن جي اکين ۾ شعلا ٻري رهيا هئا، ۽ چپ ڪجهه کليل هئا. هن غضب جي هڪ نگاهه رشر تي وڌي ۽ پنهنجون ٻئي ٻانهون رشر جي گلي ۾ وجهي ڇڏيون، ۽ ديوانه وار هن جو منهن ۽ چپ چمڻ لڳي:
”ول.........! منهنجا ول...... منهنجا........ منهنجا........ منهنجا....... ول.......“
عجائب گهر ۾ مگن ٻنهي هٿن سان هن ڪاري عورت جي مجسمي جا پير پڪڙي روئي رهيو هو. ڪنڊ ۾ آهستي رڪارڊ وڄي رهيو هو.
ڏينهن گذرندا ويا، مگن زياده کان زياده پنهنجي عجائب گهر ۾ مشغول ٿيندو ويو. ۽ محل نما گهر جو زنانو حصو رسنا جي مسرت آميز ٽهڪن سان گونجندو رهيو. هن جي چال ۾ زياده لچڪ اچي ويئي. هوءَ هر وقت جهونگاريندي رهندي هئي. هن تي بيهوشيءَ جا دورا به ڪونه پوندا هئا. ڪيترن ڏينهن گذرڻ بعد به هوءَ مندر ۾ نه ويندي هئي.
ٽن مهينن بعد ڊاڪٽر رشر انگلينڊ هليو ويو. هن جي وڃڻ کان ڇهه مهينا پوءِ رسنا کي پٽ ڄائو، ڪروڙپتي خاندان جو وارث پيدا ٿي ويو. ڏاڏي جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه هئي. خيرات لاءِ هن پنهنجون ٿيلهيون کولي ڇڏيون.
پهريون دفعو مگن لال پنهنجي پٽ کي ڏٺو، ۽ ڪافي دير تائين خاموشيءَ سان ڏسندو رهجي ويو رسنا اکيون بند ڪري ڇڏيون.
هن جو چهرو هڪ مڪمل نقاب هو، ڊاڪٽر ۽ ٻه نرسون پريان بيٺيون هيون ۽ اهي به بيهي هن کي ڏسي رهيا هئا. ٻار نهايت خوبصورت هو، گلابي گلابي مٽولا ڳٽا، ۽ انهن جي مٿان نيريون اکيون.
مگن جهڪي پٽ کي نهايت سنجيدگيءَ سان پنهنجن ٻانهن ۾ کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو، هن جي مٿي تي ائين چمي ڏني، ڄڻ هو هڪ صليب کي چمي ڏيئي رهيو آهي. پوءِ هن نهايت احتياط سان ٻار کي ساڳيءَ جاءِ تي سمهاري ڇڏيو. ۽ چپ چاپ ڪجهه چوڻ کان سواءِ ڪمري مان نڪري ويو.
ٻئي سال ڊاڪٽر رشر وري علاج لاءِ آيو. هو صرف ٻن مهينن لاءِ آيو هو پر رسنا جي چوڻ تي هو ٻه ٽي مهينا وڌيڪ ترسي پيو، هن جي وڃڻ کان ستن مهينن بعد رسنا کي ٻيو پٽ ڄائو. پهرين کان زياده خوبصورت ۽ تندرست هو. ٻئي پٽ ڄمڻ بعد رسنا آبهوا تبديل ڪرڻ لاءِ سئزرلينڊ هلي ويئي؛ پنهنجن ٻن پٽن سان. هن جو ارادو چند مهينن تائين يورپ جي سير ڪرڻ جو هو. ڪروڙپتي سيٺ اهو فيصلو ڪيو، ته ڊاڪٽر رشر سمورو وقت سفر ۾ رسنا سان گڏ هوندو ۽ هر وقت هن جي صحت جو خيال رکندو.
جڏهن رسنا يورپ هلي ويئي، ان کان ٿورا ڏينهن پوءِ هڪ رات مگن لال پنهنجي پيءُ جي خوابگاهه ۾ ويو ۽ کيس چيو:
”هاڻي جڏهن ته اوهان جي خاندان جا ٻه وارث پيدا ٿي ويا آهن، ممڪن آهي ته ٽيون به پيدا ٿي وڃي. مان هتان وڃڻ چاهيان ٿو.“
جتي وڻئي، وڃين سگهين ٿو. مون اڄ تائين تنهنجي ڪهڙي خواهش پوري نه ڪئي آهي. مون چاهيو ٿي ته تون به يورپ جي سير تي رسنا سان گڏ وڃين. پر تو پاڻ انڪار ڪيو، ”هاڻي ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿو؟“ سيٺ چمن لال پڇيو.
”اوهان سمجهو نٿا. مون هي گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ مگن لال چيو.
”ڪنهن ٻئي گهر ۾ رهڻ چاهين ٿو؟“
”نه، مون کي.....“ مگن چوندي رڪجي ويو. ”مان دراصل هي گهر هميشه لاءِ ڇڏڻ چاهيان ٿو. مان اوهان کان هڪ پئسو به وٺڻ نٿو چاهيان. صرف چند شيون هتان کڻي ويندس. ۽ وري ڪڏهن به اوهان کي پنهنجي صورت نه ڏيکاريندس.“
”ڇو؟“
”سبب اوهين ڄاڻو ٿا.“
سيٺ چمن لال ڪافي دير تائين خاموش رهيو، پوءِ سخت لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”احمق، نه ٿيءُ، تون به جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي هجين ها ته ائين ئي ڪرين ها. خبر اٿئي، اسان جو خاندان هندستان جي پهرين ٽيهن خاندانن مان آهي ۽ طاقت جي لحاظ کان اهي ئي ٽيهه خاندان هندستان تي حڪومت ڪن ٿا. وزيرن جا نالا ۽ عهدا بيشڪ بدلبا رهن ٿا. مگر حقيقت ۾ حڪومت اسان جي آهي. تون ڇا ٿو سمجهين، ڇا؟ مان پنهنجي انهيءَ طاقت ۽ دولت کي لاوارث ڇڏي ڏيان ۽ منهنجي دولت دشمنن جي هٿن ۾ هلي وڃي.“
”هي ٻار منهنجا نه آهن ۽ اها زال منهنجي زال نه آهي.“
”اهڙي طرح هي دولت جا اسان گذريل سئو سالن ۾ گڏ ڪئي آهي. حقيقت ۾ اسان جي نه آهي. اخلاق جا اهڙا ٺلها اصول صرف اسٽيج تي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ انهن جا وڏا اعلان ٿين ٿا، مگر عملي زندگيءَ ۾ انهن ڳالهين جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجو ڏاڏو، پڙڏاڏو، جيڪڏهن انهن اصولن تي هلن ها ته اڄ پاڻ ٻيئي فوٽ پاٿ تي هجون ها. احمق نه ٿيءُ.“
مگن لال سخت ناراض هو، پڻس کيس جهلي ويهاريو. هو پاڻ پلنگ تي ويٺو هو. ڪرسي ۽ پلنگ جي وچ ۾ هڪڙي ٽپائي هئي، جنهن تي سندس ٻنهي پوٽن جون تصويرون فريم ۾ رکيل هيون. سيٺ چمن لال جو هٿ ڪافي دير تائين تصويرن جي فريم تي ڦرندو رهيو، هن جون بيقرار آڱريون ڪڏهن هڪ فريم تي ڪڏهن ٻئي فريم تي ڦرڻ لڳيون. آخر هن نظرون مٿي ڪري پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو ۽ تصويرن ڏانهن، تيز نشتر جي انداز ۾ چيو:
”هڪ ڏينهن آءٌ به اهڙيءَ طرح پيدا ٿيو هوس.“
مگن لال اها دنيا ڇڏي ڏني، هينئر هو اڪيلو شهر جي رستن تي گهمندو رهيو. هلندي وقت هن پاڻ سان ڪجهه به نه کنيو هو، صرف چانديءَ جو اهو فريم جنهن۾ آءٌ بند ٿيل هوس کڻي پنهنجي سوٽ جي کيسي ۾ وڌو. هن جي کيسي ۾ صرف ٻه ٽي آنا هئا. انهيءَ حالت ۾ گهران نڪري آيو هو. چورن جيان پيءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ، چٺي وغيره لکڻ کان سواءِ. هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو وري گهر ۾ واپس نه ويندو، هو ڪيئن پنهنجي زندگي گذاريندو، هن کي ڪجهه به معلوم نه هو ته هو ڪهڙو ڪم ڪري سگهي ٿو. هن کي اهو به معلوم نه هو. دراصل ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين هن ڪوبه ڪم نه ڪيو. هن جو سڄو جسم اڄ تائين بلڪل بيڪار هو، هٿ، پير دل دماغ، سڀ بيڪار هئا. هن کي پنهنجي جسم ٺيڪ ڪرڻ جو به ڪڏهن وقت نه مليو.
ڇا به ٿي پوي، هو وري ڪڏهن به واپس نه ويندو. دير تائين هو رستن تي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهيو. هن بي مقصد آواره گهمڻ ٿي چاهيو. هن هلڻ چاهيو ٿي. هن کي ڊپ هو ته جيڏهن هو بيٺو ته متان کيس گهر جو خيال نه اچي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ايترو نه هليو.
رات جو يارهين بجي هو ٿڪجي سدانند روڊ تي نلڪي جي ڀرسان هڪ ٻارهن ماڙ، مگر نامڪمل بلڊنگ جي ٻاهران ريتيءَ ۽ بجريءَ جي مٿان سمهي رهيو. سمنڊ جي خوشگوار هوا لڳي رهي هئي. هو چيلهه سڌي ڪري پير ڊگها ڪري سمهي رهيو. هن کي ڪابه خبر ڪانه هئي. اوچتو ڪنهن هن کي جهنجهوڙيندي اٿاريو. وائڙو ٿي هن اکيون کوليون، سج جي تيز روشني هن جي اکين ۾ ڀالي جيان چڀي ويئي. هو اکيون مهٽيندي اٿي ويٺو. هڪڙي وٽيل سٽيل جسم واري صحت مند سانوري عورت ريتيءَ جي تغاري کڻي، هن جي مٿي کان بيٺي هئي. مگن لال صرف هن جون اگهاڙيون ٽنگيون ڏٺيون ۽ هن ڇرڪ ڀريو. ”شينيءَ جو بت“ هن جي نگاهه مٿي کڄي ويئي.
”اي بابو، اُٿ ڪيستائين سُتو پيو هوندين؟ رات جو دارون زياده پي وئين ڇا؟“ هن جا موتين جهڙا ڏند چمڪي رهيا هئا.
ايترو چئي هوءَ ريتيءَ جي تغاري ڀري، هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ، تغاري کڻي بلڊنگ ڏانهن هلي ويئي. مگن ڪيتري دير تائين هن جي ڪمر جي لچڪ ڇلڪندڙ ڇاتين، اگهاڙين ٽنگن ڏانهن حيرت مان ڏسندو رهيو.
”ڇا شينيءَ هيءَ عورت ڏسي پوءِ ڪارو بت بنايو هو!“ هو اٿي ويهي رهيو. پنهنجون ٻئي ٻانهون ٽنگن تي ٻڌي ڇڏيون ۽ وري هن عورت کي ڏسڻ لڳو، جيڪا وري تغاري کڻي ريتيءَ لاءِ اچي رهي هئي. هن اچي کيس چيو:
”هاڻي پنهنجي گهر وڃ،“
”گهر ته ڇڏي ڏنو اٿم.“
”ته ڪم تي وڃ.“
”مان ڪوبه ڪم ڪرڻ نٿو ڄاڻان.“ مگن چيو.
”ته پوءِ هيستائين ڪيئن زنده رهئين؟“
”زنده هوس يا نه ان ۾ به شڪ آهي.“
”عجيب ماڻهو آهي،“ عورت چيو، هن جي وارن جي هڪڙي چڳ ڪري سندس ڳٽي تي لٽڪي رهي هئي. هن جلديءَ مان انهيءَ کي ڇڪي چوٽي ۾ ملائي ڇڏيو. پگهر ۾ هن جو جسم چمڪي رهيو هو.
”مون کي اڃ لڳي آهي.“ مگن لال پنهنجي خشڪ چپن تي خشڪ زبان ڦيرائيندي چيو.
”او، هتي، سيمنٽ ۽ ريتي ملائڻ واري جاءِ تي نلڪو لڳل آهي. وڃ، پاڻي پي جلدي اچ.“ عورت هٿ جي اشاري سان کيس چئي رهي هئي.
مگن پاڻي پي وري اچي ساڳي جاءِ تي ويهي رهيو.
”تون ڇو نٿو وڃين؟“ عورت تغاري ڀريندي چيو.
”بک لڳي آهي.“
”بک لڳي اٿئي ته ڪو ڪم ڪر.“ هوءَ تغاري کڻي هلي ويئي. جڏهن موٽي آئي ته مگن لال کيس چيو.
”مون کي ڪو ڪم وٺرائي ڏي.“
”ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“
”جيڪو تون ڪري سگهين ٿي.“
”مان تغاري کڻي سگهان ٿي.“
”مان به کڻندس.“
عورت هن جو زرد چهرو، هن جو سنهڙو جسم ڏسي کلڻ لڳي ۽ پوءِ هو تغاري کڻي هلي ويئي. وري واپس آئي ته هڪ سفيد مڇن واري پوڙهي کي ساڻ وٺي آئي. مگن لال کي ڏسي سفيد مڇن واري جي چپن تي مرڪ تري آئي.
”اُٿي سڌو ٿي بيهه.“
مگن لال اُٿي بيٺو، پوڙهي هن کي ننهن کان چوٽي تائين ڏٺو ۽ پوءِ چيائين.
”ڪم ڪندين؟“
”ها، ڪندس.“
هتي مردن کي ڏيڍ رپيو روز ملي ٿو ۽ عورتن کي هڪ رپيو ملي ٿو. تنهنجو جسم بلڪل ڏٻرو آهي، زناني جسم جهڙو. توکي صرف هڪ رپيو ملندو. هو کليو.
”هلندس.“
”ته پوءِ کڻ تغاري.“
سڄو ڏينهن هو تغاري کڻندو رهيو. پهرين ويهه پنجويهه تغارين ته هن کي ڪابه تڪليف ڪانه ڏني، پوءِ آهستي آهستي تغاري ڳري ٿيندي وئي ۽ جسم مان پگهر نڪرندو رهيو. سج جا ڪرڻا هن جي جسم ۾ سين جيان چڀڻ لڳا. هن کي بار بار اُڃ پئي لڳي. هٿ پير ڳرا محسوس ٿيڻ لڳس. ڄڻ هن جي جسم ۾ رت جي بدران پگهاريل شيهو هلي رهيو هو. پوءِ به ڏند ڀڪوڙي سڄو ڏينهن تغاري کڻندو رهيو. ڏينهن ۾ ڏهه دفعا کيس خيال آيو ته هو تغاري ڇڏي هليو وڃي ۽ رستي تي هلندڙ ٽيڪسين مان ڪنهن کي روڪي. سڌو پنهنجي عيش و آرام واري محل ۾ وڃي. پر پوءِ به هو ڪم ڪندو رهيو. شام جو جڏهن هن کي موڪل ملي ته هو تغاري ريتيءَ جي ڍڳ تي رکي اتيئي سمهي رهيو. شام جي سامونڊي هوا آهستي آهستي سندس پگهر سڪائي ڇڏيو. هن کي ننڊ اچڻ لڳي. هن کي خبر ڪانه پيئي ته ڪيڏي مهل سندس اک لڳي. اوچتو، رات جو ڪنهن هن کي اٿاريو. سانوري عورت هن جي ڀرسان بيٺي هئي ۽ کيس چئي رهي هئي:
”اُٿ، ماني کاءُ، بکيو ئي سمهندين ڇا؟“
هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. سمنڊ اونداهو ٿيندو ويو. ٻارهن ماڙ، نامڪمل بلڊنگ هڪ خوفناڪ ديوي جيان وات ڦاڙي بيٺي هئي. هن جي قدمن ۾ مزدورن جون ننڍيون ٽوليون باهه ٻاري ماني پچائڻ ۽ کائڻ ۾ مصروف هيون. ٽهڪڙا، ڳالهيون ۽ گاريون وغيره.
هڪ ٿلهي مانيءَ تي سانوري عورت ٿورو ساڳ رکي کيس ڏنو. پهريائين ته مگن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪيئن کائي. ڇاڪاڻ ته هو ڇرين ۽ ڪانٽن سان کائيندو هو. ٻيو ڪوبه طريقو هن جي سمجهه ۾ نه آيو. مگر هن کي ڏاڍي بک لڳي هئي. هو ماني ڀڃي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان کائڻ لڳو. سانوري عورت مسڪرائيندي کيس ڏسي رهي هئي. کائڻ کان پوءِ هن چيو:
”ٻي ماني به ڏي.“
”اڄڪلهه راشن مهانگو آهي، پهريائين اسين به ٻه مانيون کائيندا هئاسين، پر هاڻي اسين سڀ هڪ هڪ ماني کائيندا آهيون.
”مگر مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي.“
”ته نل مان گهڻو پاڻي پي سمهي رهه، ٻي ماني نه ملندي.“
نل مان پاڻي پيئڻ بعد هو وري اچي سمهي رهيو. مگر هاڻي هن کي ننڊ نٿي آئي. آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا ۽ هو دير تائين انهن کي ڏسندو رهيو. پوءِ هو پاسو ورائي پنهنجي ڀر ۾ ليٽيل عورت کي غور سان ڏسڻ لڳو. هوءَ به جاڳي رهي هئي ۽ آسمان طرف ڏسي رهي هئي.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ مگن لال هن کان پڇيو.
”تلسي“. هن چيو.
”تنهنجو گهر وارو ڪٿي آهي؟“
”مون پنهنجي گهر واري کي ڇڏي ڏنو آهي.........“
”ڇو؟“
”هو دارو پيئندو هو.“
”ٻار ٻچو؟“
”هڪ ڇوڪري هئي، تاني اها به مري ويئي.“
هو دير تائين خاموش رهيو. ڪافي دير تائين هوءَ به ماٺ هئي. هوا جون لهرون اينديون ويون، ۽ مگن لال جي جسم ۾ به لهرون اٿنديون رهيون.
تلسيءَ پنهنجون ٻيئي ٻانهون پنهنجي ڇاتيءَ تي ٻڌي ڇڏيون هيون. هوءَ ڄڻ آسمان کي تڪي رهي هئي. پوءِ اوچتو هن پڇيو.
”تنهنجو نالو؟“
”مگن“
”گهر واري؟“
”اها مون کي ڇڏي هلي ويئي.“
”ڪو اولاد؟“
”ڪوبه ڪونه.“
پوءِ سڄي رات تلسي ڪونه ڳالهايو ۽ مگن به تارا ڳڻيندي سمهي رهيو. جڏهن صبح جو اٿيو تڏهن هن جو سارو جسم ٻري رهيو هو، ۽ سڄي بدن ۾ سور هوس. پر هن تلسيءَ کي ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ تغاري کڻي سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو. ڪنهن ڪنهن مهل هن کي ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪم ڪندي ڪندي هن جو ساهه نڪري ويندو. پوءِ به هو ڪم ڪندو رهي ٿو. شام جو هو بلڪل بيستو ۽ بيجان ٿي زمين تي پئجي رهيو، رات جو تلسي هن کي جاڳايو. هوءَ هٿ ۾ ٿالهي کڻي هن جي ڀرسان بيٺي هئي، ۽ هن ڏانهن همدرديءَ وارين نگاهن سان ڏسي رهي هئي.
”توکي ته بخار آهي؟“
”ائين ئي هوندو.“
”ڪا دوا وٺندين؟“
”نه، سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندس.“
”اٿي ماني کاءُ، اڄ توکي ٻه مانيون ملنديون.“ تلسيءَ ٿالهي هن جي اڳيان رکي ۽ پنهنجي ماني انهي ٿالهي مان کڻي ورتي، ۽ مگن کي چيائين تون ٿالهي ۾ کاءُ. مگن ٿالهي ۾ ماني کاڌي. ۽ ماني کائڻ بعد هو سمهي رهيو. ڪجهه بخار هوس، ۽ ڪجهه ٿڪ هوس، پر بلڪل بيخبر سمهي رهيو. رات جو تلسي ٻه ٽي دفعا اٿي، هن مگن کي ريتي جي ڍڳ تي بلڪل ٻارن جيان ستل ڏٺو. گول کينهوڙي وانگر گوڏن ۾ منهن هنيو پيو هو. تلسي پنهنجي پراڻي سوڙ هن تي وڌي. صبح جو جڏهن هن کي اڃ لڳي ته هن سوڙ پنهنجي مٿان ڏٺي. ڀرسان تلسي ستي پيئي هئي. نامڪمل ٻارهن ماڙ جي نامڪمل دروازن ۽ درين مان روشني اندر اچي رهي هئي. هن پنهنجي مٿي تي هٿ رکيو. بخار ڪالهه کان به وڌيڪ هوس، هن جا هٿ ريتي کڻڻ ڪري سڄي پيا هئا. اڄ هن کي ڪم ڪندي بيحد تڪليف ٿي رهي هئي. اڄ هو ڪم ڪندي سهڪندو رهيو. اکين اڳيان انڌاري اچي رهي هوس. ڪڏهن ڪڏهن سڄو آسمان ڳاڙهو ڏسڻ ۾ پئي آيس. مٿي کي چڪر اچي رهيا هئس. تلسي هن کي ڪم ڪرڻ کان منع ڪئي. مگر هن نه مڃيو. ڪرندي، ٿاٻڙندي هو سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو. شام جو خود بخود هن جو بخار گهٽجي ويو. بدن هلڪو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو. ٻئي ڏينهن بخار وڌيڪ گهٽ ٿيو. ۽ ٽئين ڏينهن بخار بلڪل ختم ٿي ويو. دوا کان سواءِ، مگر هٿن جي حالت خراب ٿي چڪي هيس. تغاري کڻي کڻي کل ئي لهي ويئي هيس. ٽئين ڏينهن اهڙو حال ٿيس جو هو پنهنجن هٿن سان ماني به کائي نٿي سگهيو:
”مون وٽ اچ. مان توکي ماني کارايان.“
”نه.“ مگن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. مگر هن جيڪو ماني جو گرهه ڀڳو، سو سندس هٿن مان ڪري پيو.
”هيڏانهن اچ.“ تلسي دڙيندي چيو. هن مگن جي ٿالهي سرڪائي پنهنجي قريب ڪئي.
مگن به سرڪي وٽس ويو. تلسي هڪڙو هڪڙو گرهه ڀڃي هن جي وات ۾ ڏيندي ويئي ۽ ٻيو گرهه ڀڃي پنهنجي وات ۾ وجهندي ويئي. ٻيئي گرهه چٻاڙيندا خوشيءَ مان هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا، تلسيءَ جون اکيون چمڪي رهيون هيون. مگن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سندس ورهين جو ڪٽ آهستي آهستي ڌوپجي رهيو آهي، ۽ هن جي روح جي چوطرف ڄميل برف آهستي آهستي ڳري رهي آهي.
ماني کارائي، ٿالهي صاف ڪرڻ بعد تلسي ڪٿان تيل جي ننڍڙي شيشي ڪڍي آئي، ۽ مگن جي هٿن کي تيل هڻي، هن پنهنجي هڪڙي پراڻي ساڙهيءَ مان ٽڪر ڦاڙي هن جي هٿن تي پٽي ٻڌي.
ٻئي ڏينهن هو انهن پٽي ٻڌل هٿن سان ڪم ڪرڻ لڳو، چئن- پنجن ڏينهن بعد هن جا هٿ ٺيڪ ٿيڻ لڳا، سوڄ ختم ٿي ويئي. هينئر هو بنان تڪليف جي پاڻ ريتي ڀري ٿي سگهيو، هن جي جسم جي زردي آهستي آهستي دور ٿيندي ويئي. کليل هوا، کليل اس، رات جو کليل فضا کان هن جي جسم ۾ هڪ نئين طاقت ڊوڙڻ لڳي. پندرهن- ويهن ڏينهن بعد هو ايترو سٺو ڪمائڻ لڳو، جو اڇن مڇن واري هن کي ترقي ڏيئي، مردن جي گريڊ ۾ رکيو. هنيئر هن کي ڏيڍ رپيو ملڻ لڳو. هو تلسيءَ کي ڏينهن جي مانيءَ لاءِ پنج آنا ۽ رات جي ماني لاءِ ڇهه آنا ڏيندو هو، ٻين آني جي چانهه پيئندو هو، ڪڏهن چئين آني جي، باقي پئسا هو تلسي وٽ رکندو هو. هن جو بوٽ ٽٽي ويو هو. پتلون ڦاٽي ويئي هيس، گوڏن وٽان ڦاٽي ليڙون پيون لڙڪنديون هيس، مگر هو خوش هو.
چند ڏينهن بعد تلسي هن لاءِ ڀوري رنگ جي گوڏ وٺي آئي هن کان اها پتلون لهرائي کيس گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڏني. پهريائين ته هن انڪار ڪيو مگر تلسي جو چهرو ڏسي هو مڃي ويو. اڄ هن چڱيءَ طرح غسل ڪيو، پهريون دفعو تلسي هن جا ڪپڙا ڌوتا. هن جي وارن ۾ تيل وجهي چڱي طرح مالش ڪئي. پنهنجي ڦڻي سان هن جا وار سنواريا، اڄ هوءَ بار بار بي اختيار مشڪي رهي هئي. جڏهن هلندي هئي ته هن جو جسم ڊيل جيان ٽلندو ۽ ترندو پئي ويو.
اهڙي طرح ڪم ڪندي ڪندي هڪ مهينو وڌيڪ گذري ويو. مگن پنهنجي جسم ۾ هڪ نئين طاقت ۽ چستي محسوس ڪرڻ لڳو. سندس ٻانهون مشڪون اڀري آيون. سڄو جسم تازو ٿيندو ويو. پيرن جون تريون سخت ٿينديون ويس. بلڊنگ به تيار ٿي ٿي چڪي هئي. باقي ٿورن ڏينهن ۾ ڪم ختم ٿي رهيو هو، پوءِ هنن کي هي جاءِ ڇڏڻي پوندي.
”پوءِ اسين ڇا ڪنداسين؟“ مگن پريشان ٿي تلسي کان پڇيو.
”هون! ٻي ڪنهن بلڊنگ ۾ هلي تغاري کڻنداسين.“ تلسي بيپرواهيءَ سان چيو. ”گهڻيون ئي بلڊنگون ٺهي رهيون آهن.“
هن جي لهجي ۾ اهڙو ته گهرو اطمينان هو، جو مگن کي به يقين اچي ويو. هو پاسو ورائي سمهي رهيو. اڃا هنن کي ستي گهڻي دير ڪانه ٿي ته هن جي ڪنن تي گوڙ ۽ شور جو آواز اچڻ لڳو. هو آواز تي ڇرڪي اٿيو، اکيون کولي سجاڳ ٿيو. هڪڙو ماڻهو لتن ۽ مڪن سان تلسي کي ماري رهيو هو، تلسي زور زور سان رڙيون ڪري رهي هئي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ٻنهي ۾ جهڳڙو هلي رهيو هو. مگن لال گهٻرائجي اٿيو، ۽ هنن جي ڀرسان وڃي کانئن پڇڻ لڳو:
”ڇا آهي، ڇا آهي؟“
”توکي ڇا آهي؟“ هن بگڙجي چيو.
”هيءَ منهنجي گهر واري آهي، هن کي وٺي وڃي رهيو آهيان.“
”نه تون منهنجو گهر وارو آهين. نه آءٌ تنهنجي گهر واري آهيان. تو مون کي ڇڏي ڏنو.“ تلسي غصي مان چيو.” جڏهن کان تو منهنجي ناني کي ماريو. مون توکي ڇڏي ڏنو. اڄ ٻن سالن بعد توکي منهنجي ياد آئي آهي؟“
”ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، هن کي معاف ڪري ڇڏ، هن جي گهر وڃ.“ هڪ ٻيو ماڻهو تلسيءَ کي سمجهائڻ لڳو.
”نه، مان هن سان گڏ ڪڏهن به نه وينديس. دارون پي هن مون کي بک ماريو. منهنجي سڄي ڪمائي به ڦري ويندو هو. وڃي دارون پيئندو هو.“
”هاڻي ڪونه پيئندو.“ ٻئي ماڻهو چيو.
”ڪيئن ڪونه پيئندو، هيئنر به اوهين ٻئي دارون پي آيا آهيو.“
”هلين ٿي يا هڻانءِ موچڙا.“ کاکر هن کي لت هڻندي چيو.
مگن ڦري کاکر جي اڳيان آيو. ۽ غضبناڪ آواز ۾ چوڻ لڳو:
”هن کي ڇڏي ڏي.“
”ڇو ڇڏيان، ڇا تون هن جو يار آهين؟“
مگن هن جي منهن تي هڪ زوردار ٺونشو هنيو. کاکر جي منهن مان رت وهڻ لڳو. مگن کي ڏاڍي حيرت لڳي. هن کي خبر ڪانه هئي ته هن جي ٺونشي ۾ ايتري طاقت هوندي! کاکر گار ڏيندي مگن سان چنبڙي ويو. جانٺو هڻي هن مگن کي ڪيرائي وڌو ۽ ٻيئي ٻکين پئجي ويا. ڪڏهن هو هيٺ ته ڪڏهن هو هيٺ. نيٺ ٻئي ليٿڙيون پائيندا ريتي جي ڍڳ تان کسڪندا هيٺ وڃي پيا. مگن غصي مان ٻنهي هٿن، پيرن سان ڌڪ هڻي رهيو هو. ڪجهه دير کان پوءِ کاکر سهڪڻ لڳو. هن جو دوست کاکر جي مدد لاءِ پهتو ٻيئي گڏجي مگن جو مقابلو ڪرڻ لڳا. مگن ڏاڍي دليريءَ سان وڙهي رهيو هو. مگر هو ٻه هئا ۽ مگن اڪيلو هو. مگن هيسجڻ لڳو، ٻيئي گڏجي هن کي مارڻ لڳا. تلسي ميدان ۾ اچي ويئي. ڪڏهن هن هڪڙي کي ٺونشو ٿي هنيو. ته وري ڪنهن کيس ٿي ٺونشو هنيو. هن ڪڏهن کين پٿر ٿي هنيا، ڪڏهن جڪ کائڻ لڳي. ٻيو ماڻهو سگهو متارو هو. هن تلسيءَ کي ڪيرائي وڌو. هاڻي لڙائي مگن ۽ هن جي وچ ۾ هئي. مگن هڪ ديواني جيان وڙهي رهيو هو. ائين پئي لڳو ته هو وڙهندي وڙهندي مري ويندو پر هار نه مڃيندو پنهنجي بدن جو سمورو زور لڳائي مگن هن کي ڪيرائي وڌو پوءِ ڀرسان پيل هڪ وڏو پٿر کڻي هن جي مٿان بيهي رهيو.
”هاڻي اٿيو آهين، ته هن پٿر سان تنهنجو مٿو ڦاڙي ڇڏيندس.“ مگن سهڪندي، مگر غضبناڪ لهجي ۾ چيو. مگن کي غصي ۾ ڏسي هن هٿ مٿي ڪيا. ستي ستي چيو:
”مون هينئر دارون پيتو آهي، تنهنڪري وڙهي نٿو سگهان. صبح جو ٽائيم هجي ها ته توکي ڏينهن جا تارا ڏيکاريان ها هينئر معافي ڏي.“
ايتري ۾ گهڻائي مزور مرد، عورتون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا کاکر اتان پنهنجي دوست کي وٺي هليو ويو. مگن آهستي آهستي پٿر هيٺ اچي اڇلي ڇڏيو.
انهيءَ رات اڇين مڇن واري تلسي ۽ مگن کي صلاح ڏني ته هو ٻيئي ٻاهر نه سمهن پر جاءِ ۾ اندر ڪنهن ڪمري ۾ وڃي سمهن. ڪهڙي خبر ته هي وري ڪا بدمعاشي نه ڪن يا ٻين غنڊن کي وٺي اچن.
هڪ ڪمري جي اونداهيءَ فرش تي ٻيئي ستا پيا هئا. چپ چاپ سمنڊ جي ڇولين جو آواز مگن کي پنهنجي دل جي ڌڙڪن جو آواز لڳي رهيو هو.
تلسيءَ تمام آهستگيءَ سان پڇيو.
”مگن!“
”جي“
”تون منهنجي لاءِ ڇو وڙهيو آهين؟“
”ائين ئي.“
”گهڻا ڌڪ کاڌا هوندءِ؟“
”نه-“
”ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا اٿئي- مون کي ٻڌاءِ.“
”چوان پيو ته ڪٿي ڪو خاص ڌڪ ڪونه لڳو.“
”مان پڇان ٿي ته مگن! تون منهنجي لاءِ ڇو وڙهيو آهين؟“
مگن خاموش رهيو- اوچتو هن محسوس ڪيو ته تلسيءَ جو هٿ آهستي آهستي سندس جسم تي ڦري رهيو آهي. نهايت گنڀيرتا سان هوءَ چوندي ويئي.
”هتي ڌڪ لڳو آهي....... هتي ڌڪ لڳو آهي..........“
تلسيءَ جو زنانو هٿ مگن جي جسم تي ڦرڻ لڳو.
”اڙي، هي ڇا ڦري رهيو آهي، هيءَ ڇا ٿي رهيو آهي.“ مگن پنهنجو پاڻ کان پڇي رهيو هو. منهنجو جسم ڇو گرم ٿي رهيو آهي. زمين مان گرمي اٿي رهي آهي. سمنڊ جو شور اوچتو وڌي رهيو آهي. ديوارون ساهه کڻي رهيون آهن ۽ ڪهڙي خوشيءَ ۾ ڏڪي رهيون آهن. مگن پنهنجن هٿن مان چڻنگون نڪرندي محسوس ڪري رهيو هو. رڳن ۾ خون ڊوڙڻ لڳو ۽ سندس اکين ۾ شعلا ڀڙڪڻ لڳا. هن کلندي تلسيءَ کي چيو ته ”تو کي ڇا ٻڌايان، ته مون کي ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا آهن!“
...... ......... .........
هينئر هو انهيءَ بلڊنگ کان پري شهر جي ٻئي حصي مان وڃي رهيا هئا. ڪم جي تلاش ۾........ مگن جي هٿ ۾ تلسيءَ جو هٿ هو. هو ٻيئي نئين شادي ڪيل جوڙي جيان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا اکين ئي اکين ۾ مرڪندا، گڏ هلي رهيا هئا. هڪ وڏي محل نما عمارت ڏسي تلسي حيرت ۾ پئجي ويئي.
”ڪنهن راجا، جو محل آهي شايد.“
مگن پنهنجي گهر جي عاليشان عمارت ڏسي زور سان کليو ۽ کلي چيو:
”ها- مگر هن محل ۾ سڀ نامرد رهن ٿا.“
ائين چئي هو تلسيءَ کي ڇڪي اڳتي وڌي ويو. محل پوئتي رهجي ويو. نظرن کان دور هميشه لاءِ.