31. مان باغي آهيان
صبح جو ڌنڌ قيدين جي بيرڪن مٿان ڇانيل هو. ٿڌي هوا ۾ ڪنهن ڪچي گار جهڙي تيزي تکاڻ هئي. وڻن جا پن ڪنڌ جهڪايو ڪنهن جي پڇاڙڪن پلن جي انتظار ۾ هئا ۽ انساني لاشن کي ساڙڻ واريون بٺيون هوريان هوريان دونهون ڪڍي رهيون هيون.
ليون پنهنجي قبر کوٽيندي ڪنڌ کڻي پوپلر جي ڊگهن وڻن جي قطار کي ڏٺو، جن سان يهودي قيدين کي ٻڌي، کين گوليون هنيون وينديون آهن. هڪ پل لاءِ هن جو ساهه بند پکيءَ وانگرهن جي سيني جي پڃري ۾ اٽڪيو ۽ گهٽبو آه بڻجي ٻاهر نڪتو، هن جي ڇاتي لڏي وئي پر گشت ڪندڙ نازي سپاهين جي پيرن کي ٿاٻو نه آيو. هو پابندي ۽ مضبوطيءَ سان يهودي قيدين جي چوڌاري گشت ڪندا رهيا، جن کي اڄ گوليون لڳڻيون هيون ۽ جيڪي هن وقت نازي سپاهين جي نگرانيءَ ۾ پنهنجون پنهنجون قبرون کوٽي رهيا هئا.
ليون جي نظر پوپلر جي وڻن کان به مٿي ڇانيل ڌنڌ کي چيريندي، دونهين جي ان لڪير کي ڏسڻ لڳي جا ڪلهه تائين ڪنهن محبوبه جي مهڪندڙ خوشبوءِ هئي. ڪنهن معصوم ٻار جي مرڪ هئي، ڪنهن محبت ڪندڙ سائنسدان، فلسفي ۽ اديب جو دماغ هئي، اڄ انهن سڀني جي جاءِ تي دونهين جي هڪ لڪير هئي. جا ٻرندڙ بٺيءَ جي چمني مان نڪري هوا ۾ شامل ٿي هئي.
جڏهن قبرون چڱيون ٿي ويون ته نازي سارجنٽ زور سان رڙ ڪئي.
”ڪم بند ڪيو“
سڀني قيدين پنهنجي قبرن سامهون ڪوڏر ۽ بيلچا رکي ڇڏيا.
”فارورڊ مارچ!“ نازي سارجنٽ وري رڙ ڪئي.
ليون جا قدم مشين وانگر پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ لڳا جتي ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ کيس گولي هڻي ماريو ويندو. هو هوريان هوريان پنهنجي موت ڏانهن وڌڻ لڳو. هن جي پويان ٻيا يهودي قيدي هلي رهيا هئا. جيڪي مختلف جاين تان آڻي لودر جي نازي جيل ۾ بند ڪيا ويا هئا. انهن ۾ هن جو دوست ۽ ساٿي ابراهيم به هو. هو سائنسدان هو ۽ سرطان جي مرض تي تحقيق ڪري رهيو هو. سفيد ڏاڙهيءَ وارو پوڙهو ابراهيم اهو سمجهي نه سگهيو هو ته کيس ڪهڙي ڏوه ۾ گولي هنئي پئي وڃي. هن جي پويان هن جون ٻه جوان جماڻ ڌيئون ارڙهن ساله اينٿل ۽ سورهن ساله روزا ڪنڌ مٿي ڪيو بنا ڊپ جي هلي رهيون هيون. انهن جي پويان ٻيا به يهودي هئا جن کي ليون ڪونه ٿي سڃاتو. سڀ کان آخر ۾ هن جي محبوبه جين هئي. ڪاش هي نازي سپاهي ايتري مهرباني ڪن ها جو هن جي محبوبه کي هن سان گڏ گڏ زندگي جي آخري لمحن ۾ موت ڏانهن وڃڻ ڏين ها، پر نازي سپاهين هن جي اها خواهش به پوري نه ڪئي هئي. جين سان گڏ ٽن سالن جو معصوم ٻار هلي رهيو هو، جنهن جي يهودي ماءُ پيءُ کي ٻه ڏينهن اڳ گوليون هڻي ماريو ويو هو. ٻار جو هڪ هٿ جين جي هٿ ۾ هو، ۽ ٻي هٿ جو آڱوٺو وات ۾ چوسيندو هلي رهيو هو، پنهنجي زندگيءَ جي آخري لمحن کان بي خبر.
اوچتو هڪ وڻ جي هيٺان لنگهندي، پري مٿي ڪنهن شاخ ۾ هڪ پن کڙڪيو ۽ تيز هوا جي جهوٽي سان ٽٽي اچي پٽ تي پيو. ننڍڙي ٻار پنهنجو هٿ ڇڏايو ۽ زمين تي رڙهندڙ پن جي پويان ڊوڙڻ لڳو. جين هن کي روڪڻ چاهيو، ٻين قيدين به کيس سڏ ڪيا پر معصوم ٻار قطار ڀڃي سائي پن جي پويان ڊوڙندو ويو. پن اڳيان اڳيان رڙهندو پي ويو ۽ ٻار ان جي پويان پويان........ نيٺ خوشيءَ مان رڙ ڪندي، ٻار ان پن کي هٿ ۾ کڻي ورتو،
ٺيڪ ان وقت هن جي پٺيءَ ۾ گولي لڳي ۽ هو اتي ئي ڪري پيو. هن جي هٿ ۾ اهوئي سائو پن هو ۽ اهوئي آخري پن هو جيڪو ٽن سالن جي ٻار پنهنجي اکين سان ڏٺو.
يهودي قيدين جي قطار ۾ هر چهرو ڏک ۽ ڪاوڙ کان تپي ويو پر نازي سپاهي رائيفلون کڻي هنن جي ويجهو اچي ويا ۽ بيوس قيدي وري پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ لڳا.
ليون جي ويجهو هن جي دوست ابراهيم کي ٻڌو ويو، سڀ کان آخر ۾ جين کي ٻڌو ويو. ڀوري اکين واري بهادر جين، جنهن جي چپن تي ڳاڙهي لپسٽڪ چمڪي پي. اهو ڪنهن نخريلي عورت جو انداز نه هو. اهو موت جي خلاف هڪ معصوم ۽ بهادر ڇوڪري جي بغاوت جو اعلان هو.
جڏهن سڀ يهودي وڻن سان ٻڌا ويا ته نازي سپاهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رائفلون سڌيون ڪري بيٺا. ٺيڪ ان وقت هڪ سپاهي ڊوڙندو آيو ۽ سارجنٽ کي چيائين: ”لاش ساڙڻ وارين بٺين تي هڪ ماڻهو کٽي پيو آهي ۽ نوان قيدي ته سڀاڻي ايندا.“
سارجنٽ هٿ جي اشاري سان سپاهين کي فير ڪرڻ کان جهليو ۽ پاڻ وڻن سان ٻڌل هڪ هڪ قيدي کي ڏسڻ لڳو. هر قيدي هن جي نظر پوڻ تي ڏڪڻ لڳو. هي سارجنٽ ڪنهن هڪ کي هڪ ڏينهن جي زندگي ڏئي سگهي ٿو.
سارجنٽ جي بي رحم نظر سڀني قيدين تان کسڪندي ليون تي اچي بيٺي.
ليون رڙ ڪندي چيو: ”نه سارجنٽ نه مون کي نه اهو ڏينهن تون جين کي ڏي، ابراهيم کي ڏي.“
”هڪ ئي ته ڏينهن آهي.“ نازي سارجنٽ نفرت مان چيو.
”هڪ ئي ڏينهن!“ ليون سوچيو. ”پر هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا ساه کڻي سگهجن ٿا. هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا منٽ، ڪيترا سيڪنڊ، ڪيترا خيال، ڪيترا تصور! هڪ ڏينهن ۾ ڪيتريون خواهشون، ڪيترا گل ۽ ڪليون ٽڙن ٿيون. هڪ ڏينهن هڪ زندگي، هڪ صدي، هڪ تاريخ ٺهي سگهي ٿي، پر انڌي شعور جي پٿريلي ميدان ۾ گشت ڪندڙ سپاهي ڇا ڄاڻي ته هڪ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو آهي.“
پر نازي سارجنٽ هن جي اها خواهش به پوري نه ڪئي. ”جين هڪ ڇوڪري آهي.“ هن چيو: ”۽ ابراهيم پوڙهو...... لاش ساڙڻ واري بٺي تي مضبوط ماڻهو جي ضرورت آهي.“
نازي سارجنٽ رڙ ڪندي هڪ سپاهي کي چيو: ”ليون جون رسيون کولي ڇڏ.“
ڪجهه منٽن کان پوءِ ليون بٺي نمبر ٻه تي ڪم ڪرڻ لڳو.
لاش ساڙڻ واريون بٺيون ڪنسنٽيريشن ڪيمپ جي مٿين ڪنڊ تي هيون ۽ اتان پنجاه وال جي فاصلي تي جيل جي لوهي جنگلي واري ڄاري هئي. ان ڄاري کان ٻاهر به چوڌاري نازي سپاهي گشت ڪندا ۽ پهرو ڏيندا هئا. پر اڄ ڌنڌ ايترو ته گهرو هو جو لوهي ڄاري اڌ کان وڌيڪ ڌنڌ ۾ ٻڏل ٿي نظر آئي ۽ نازي سپاين جا چهرا ڪن لمحن لاءِ ڌنڌ مان اڀريا ٿي ۽ وري ڌنڌ ۾ گم ٿي پي ويا.
”پنجاه والن جي فاصلي تي آزادي آهي.“ ليون بٺيءَ ۾ لاش وجهندي سوچڻ لڳو. ”صرف پنجاه وال جي پنڌ تي!“ ليون سان گڏ ٻه نازي سپاهي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ٽي يهودي قيدي، سائو پن ليون جي اکين اڳيان نچڻ لڳو. ڄڻ اهو هن کي زندگيءَ جو پيغام ڏئي رهيو هجي.
”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ ليون ڪم ڪندي ڪندي سوچيندو به رهيو. پوءِ اوچتو بٺي نمبر 2 ۾ ڪا خرابي ٿي پئي ۽ هڪ نازي سپاهي مدد جي لاءِ اوڏانهن هليو ويو. هاڻي صرف هڪ نازي سپاهي هو ۽ چار يهودي قيدي. سڀني قيدين هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو، ڄڻ هڪ ئي خيال هڪ وقت تي چئني جي ذهن ۾ آيو هجي. اکين ئي اکين ۾ اشارا ٿيا ۽ هو پهرين کان به وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ڪم ڪندي ڪندي نازي سپاهي جي ويجهو ايندا ويا. نازي سپاهيءَ هڪ لمحي لاءِ بٺي جي اندر ليئو پاتو ۽ چيو: ”بس ڪيو، بس ڪيو. هاڻي اندر جڳهه ڪانهي.“
ٺيڪ ان وقت لوهي چنبي وانگر هڪ مضبوط هٿ هن جي منهن کي بند ڪري ڇڏيو. نازي سپاهي رڙ به ڪري نه سگهيو. قيدين هن کي کڻي بٺي ۾ اڇلايو ۽ دروازو بند ڪري چڏيو.
پوءِ هو پنجاه وال جي فاصلي تي لوهي ڄاري ڏانهن ڀڳا. ڌنڌ گهاٽو ۽گهرو هو. لوهي تارن جي ڄار مان قيدي مڇين وانگر ٻاهر نڪرڻ لڳا. هڪ گشت ڪندڙ سپاهي هنن کي ڏسي ورتو. خطري جي سيٽي زور زور سان وڄڻ لڳي. رائفلون سڌيون ڪري سپاهي ڊوڙڻ لڳا.
ليون گهاٽي ڌنڌ ۾ ڊوڙندو ويو. گوليون هن جي ساڄي کاٻي کان سون سون سون ڪنديون نڪري ويون. هو هڪ ئي طرف ڊوڙندو ويو. اولهندي پاسي وڻن جو هڪ گهاٽو جهنگ هو. هو جهنگ ۾ اندر پري تائين ڊوڙندو ويو ۽ سهڪي سهڪي گاه تي ڪري پيو. پوءِ هن کي هوش نه رهيو ته هو ڪٿي آهي؟ هاڻي هن کي صرف ايترو ياد آهي ته بيهوش ٿيڻ کان اڳ هن جي نرڙ تي هڪ سائو پن چمڪيو هو.
هو ڪيترائي مهينا هڪ روسي هاريءَ جي گهر ۾ لڪل رهيو. انهن ڏينهن ۾ نازين جي قبضي هيٺ آيل علاقي ۾ ڪنهن يهوديءَ وڏي دليري سان ان خطري کي منهن ڏنو ۽ ليون کي پنهنجي گهر ۾ پناه ڏني. پوءِ جڏهن لڳاتار روسي حملن سان نازي فوجون يو ڪرين کان ڀڄڻ تي مجبور ٿيون ته واپس ويندي باقي بچيل ڳوٺن ۽انهن جي گهرن کي ساڙيندا، ڦريندا ۽ تباه ڪندا پوئتي هٽڻ لڳا. نازي فوجن جي ڀڄڻ وقت ليون بدقسمتيءَ سان وري پڪڙجي پيو. نازين هن کي پناه ڏيڻ واري هاريءَ کي ٿڏي تي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو ۽ ليون کي وري لودر جي نازي جيل ۾ موڪليو ويو.
پر جيل ۾ ڪنهن به ليون کي نه سڃاتو. هڪ ته هن جي چهري تي ڪيترن مهينن جي ڏاڙهي هئي. ٻي ته ڪيترين مصيبتن ۽ بکن ڪٽڻ ڪري هن جي صحت ڪري پئي هئي. جيل جو ڍنگ به هاڻي بدلجي چڪو هو. يوڪرين کان پوئتي هٽڻ وقت هٽلر حڪم ڏنو هو ته ڪنسٽريشن ڪيمپن جا نشان به مٽايا وڃن، جيئن دنيا کي هٽلر. جي جبر ۽ ظلم جو ثبوت نه ملي سگهي.
سارجنٽ هڪ فهرست کڻي ليون وٽ آيو ۽ چيو: ”جوزف (ليون پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيو هو.)
تنهنجي گروپ ۾ ڏهه قيدي آهن ۽ هن فهرست ۾ 182 يهودي قيدين جا نالا آهن، جن کي سلسليوار 182 قبرن ۾ وڌو ويو آهي. توهان کي هرقبر کوٽڻي آهي ۽ سڃاڻپ لاءِ هر لاش سان گڏ قبر ۾ جيڪو ڪارڊ دفن آهي، ان کي ڪڍي فهرست سان ملائي چيڪ ڪرڻو آهي ۽ لاشن کي ٻاهر ڪڍي بٺي ۾ اڇلائڻو آهي ۽ قبرن کي ائين مٽائڻو آهي جو انهن جو نشان به ڪنهن کي نه ملي ۽ اهو ڪم چئن ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻو آهي.“
”چار ڏينهن ته گهٽ آهن سائين.“ ليون ادب سان چيو.
”هڪ ڏينهن وڌيڪ کڻو.“ سارجنٽ لاپرواهي سان چيو.
”هڪ ڏينهن وڌيڪ!“ ليون سوچيو، پر هو جلدئي قبرن کوٽڻ، لاش ڪڍڻ ۽ انهن کي بٺي ۾ وجهڻ کي لڳي ويا. پهريون ڏينهن ان ڪم ۾گذري ويو، پوءِ ٻيو ڏينهن به گذري ويو ۽ پوءِ ان رات الائجي ڇا ٿيو جو نازي سارجنٽ ليون جي گروپ جي سڀني قيدين کي جاڳائي زمين. ڀرڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هو سڄو ڏينهن ڪم ڪري چڪا هئا ۽ رات جو ڪم ڪرڻو نه هوندو هو پر نازي سارجنٽ ڏاڍو گهٻرايل ۽ ڊنل هو، شايد مورچن کان ڪا وڏي خبر آئي هئي.
هو سڄي رات قبرن تي ڪم ڪندا رهيا. جيڪو قيدي ٿڪيو ٿي ان کي نازي سپاهي ماري ماري وري ڪم ڪرائيندا هئا. ڪم ڪرائيندي ڪرائيندي نازي سپاهي ڊنل اکين سان پوئتي به نهاريندا رهيا. آهستي آهستي سڀ قبرون سڌيون ٿي ويون، هاڻي صرف چار قبرون باقي رهيون.
سارجنٽ فهرست ڏسي پڇيو: ”ابراهيم ايرين برگ؟“
”لاش موجود آهي.“ هڪ قيدي کليل قبر ڏسي چيو.
”اينٿل ايرين برگ؟“ ”لاش موجود آهي.“
”ليون ويلز؟“ سارجنٽ فهرست جو آخري نالو پڙهندي پڇيو.
”قبر خالي آهي“ ليون قبر ڏسي جواب ڏنو.
”قبر خالي آهي؟ ڪيئن خالي آهي“ سارجنٽ حيرت مان پڇيو. نازي سارجنٽ قبر جي چوڌاري ڦريو ۽ مايوسيءَ مان چيائين: ”اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ نازي فهرست ۾ غلطي ٿي نٿي سگهي. سڀني کي اسان ماريو، سڀني کي اسان پوريو لاش هتي هئڻ گهرجي.“
”پر لاش هتي موجود ڪونهي.“ ليون جي آواز ۾ طنز هئي.
”ته پوءِ لاش ڪيڏانهن ويو؟ سارجنٽ سوچڻ لڳو.
”لاش پاڻ هلي نٿو سگهي. لاش ڀڄي نٿو سگهي پوءِ لاش ويو ڪيڏانهن!؟“چيائين. ”جلدي ٻڌايو. نه ته توهان سڀني کي گولين سان اڏائي ڇڏيندس.“
سارجنٽ ڪاوڙ مان رائفل سڌي ڪئي سڀني قيدين جا چهرا هراسجي ويا. سواءِ ليون جي.
ليون هڪ طرف ڏٺو جتان روشني پي نروار ٿي. پر اها صبح جي روشني نه هئي. وڌندڙ روسي فوجين جي روشني جو لائو هو.
”جلدي ٻڌايو. مون کي بيوقوف نه بڻايو.“ نازي سارجنٽ جي آواز مان خوف ظاهر هو. ”ڀلا لاش پنهنجو پاڻ ڪيئن ٿو غائب ٿي سگهي؟“
ليون هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو. ٻئي لمحي سموري فضا باهه ۽ بارود جي ڌماڪن ۾ ويڙهجي وئي. لودر ڪيمپ جي چئني پاسن کان روسي فوجن جو حملو ٿي ويو. نازي سپاهي خوف ۽ هراس کان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. سارجنٽ به هڪ پاسي ڀڄڻ لڳو پر ليون هن کي ڪنڌ کان جهلي ورتو هن جي رائيفل کسي ورتي ۽ هن کي گهلي پنهنجي قبر وٽ آڻي چيو: ”سارجنٽ نازي جي فهرست ۾ هڪ غلطي باقي رهجي وئي. هنن انسان جي آزادي واري جذبي کي وساري ڇڏيو. هنن وساري ڇڏيو ته لاش به هلي واپس اچي سگهن ٿا ۽ هڪ ڏينهن ۾ تاريخ به بدلجي سگهي ٿي. سارجنٽ مان جوزف ناهيان. مان ليون ويلز آهيان. هن خالي قبر کي غور سان ڏس جيڪا منهنجي لاءِ کوٽي وئي هئي. ڄاڻين ٿو سارجنٽ هي قبر خالي ڇو آهي؟“
”نه“ سارجنٽ چيو.
”هاڻي هن خالي قبر ۾ نازي دفن ڪيو ويندو.“