21. جتي هوا نه هئي
مون هن کان پڇيو، ”اسان جو ٻچڙو ڪٿي آ؟“
”ننڊ پيو آ!“
”ڪٿي؟“
”منهنجي سپنن جي هنج ۾!“
”کيس هنج مان ٻاهر ڪڍ، کيس راند ڪرڻ ڏي. ڏس! هتي ڪيڏي ساوڪ آ، ڪيڏا سهڻا گل ۽ ميوا آهن!“
”ها، هي هنڌ بيحد خوبصورت آ،“ منهنجيءَ محبوبا چئني پاسي ڏسندي چيو، ”ساوڪ آ، سهڻا گل ۽ ميوا به آهن، پر هوا ڪانهي!“
”ها-“ مون اداسيءَ منجهان چيو، ”هتي هوا ڪانهي...“
”۽ ٻار هوا کان سواءِ جيئرو رهي نه سگهندو.“ هن چيو.
”ها – تون صحيح ٿي چوين!“ مون هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”۽ هتي ٻيو ڪو ٻار به ڪونهي، جنهن سان هو کيڏي سگهي.“
”ها-“ مون خوبصورت پرسنسان واديءَ ڏانهن ڏسندي چيو، ”واقعي، هتي ته ڪوئي ٻار ڪونهي.... اسان جو ٻار ڪنهن سان راند ڪندو!!...“
ڪي پل سانت رهي – سنسان واديءَ ۾ ڄڻ اس جون لهرون اٿلي رهوين هيون، ۽ ساوڪ ڄڻ ننڊ پئجي وئي هئي – وڻن جا پن به ڄڻ هڪ ٻئي جي ٻانهن تي مٿو رکي ستا پيا هئا. اُس، آرام، ننڊاکڙي ڪيفيت، مون آهستگيءَ سان پنهنجي محبوبا کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ سندس مٿان جهڪي، اکيون پوري ڇڏيم. وقت ۽ زندگيءَ جا سمورا فاصلا ختم ٿي ويا. چوڏس سانت هئي، دل جي ڌڙڪڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. بس، ڪڏهن ڪڏهن منهنجون پنبڻيون هن جي ڊگهين پنبڻين ۾ وچڙي ڏڪڻ ٿي لڳيون.
صدين کان پوءِ اسين جاڳياسين. مون پريشانيءَ منجهان هن کان پڇيو، ”اسان جو ٻار ڪٿي آ!؟“
”ميلي تي ويو آ!“
”ڪاڏي؟“
هن پهاڙن جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هوڏانهن! سڀ کان مٿاهين چوٽي تي، جتي برف آ ۽ ٻارن جو ميلو آ!“
”ها-“
”اتي ڇا پيا ڪن؟“
”اهي هوا کي وٺڻ ويا آهن!“
”ڏاڍو سٺو- هتي سڀ ڪجهه آهي، پر هوا ڪانهي!“ مون ادائيءَمنجهان ڪنڌ لوڏيندي چيو - ۽ هن جو هٿ زور سان مهٽيندي پڇيم، ”ڇا، ڪڏهن هوا ايندي هتي؟“
”چئي نٿي سگهان!“ منهنجي محبوبا سنجيدگيءَ سان چيو، ۽ پنهنجي وارن جي هڪ آواره چڳ ۾ هٿ وجهندي چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن هن واديءَ ۾ هوا ايندي آ، ۽ سڄي وادي برف سان ڍڪجي ويندي آ- وڻن جا پن ڇڻي پوندا آهن، ٻارڙن جا اگهاڙا پير ڦاٽي پوندا آهن ۽ اهي ڪنهن اونداهي کوهه ۾ لڪي برف جي بي رحم طوفان جي گجگوڙ ٻڌي ڏڪندا آهن...
”- مان انهيءَ هوا جي ڳالهه نٿو ڪيان-“ مون چيو.
”تون جنهن هوا لاءِ چئين ٿو-“ منهنجي محبوبا مون کان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو، ”اهابه ڪڏهن ڪڏهن هتي ايندي آ، ۽ اسان جي وادي گرم واريءَ سان لٽجي ويندي آ. ساوڪ پاڙئون سڙي ويندي آ، پاڻي ٽهڪڻ لڳندو آ، ۽ ٻارن جون ڄڀون وات کان ٻاهر لڙڪڻ لڳنديون آهن ۽ هو ٿڌي پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي لاءِ پنهنجن ننڍڙن هٿڙن سان ڌرتيءَ جي ڇاتي کوٽڻ جي ڪوشش ڪندا آهن!“
”نه – مان انهيءَ هوا لاءِ به نٿو چوان!“
”پوءِ تون جنهن هوا لاءِ چوين ٿو، انهيءَ کي وٺڻ ئي ته ٻار مٿي ويا آهن.“
”ته ڇا هوا ايندي؟“ مون محبوبا کان پڇيو، سندس چپن کان پڇيو، سندس وارن کان پڇيو، سندس ڌڙڪندڙ دل کان پڇيو، پر جواب ٻڌي مان ڪنبي ويس،.
”تون به ڊڄي وئين!“ هن منهنجو هٿ جهليندي چيو.
”ها-“
”هن واديءَ ۾ هر شخص ڊيڄڙي ۾ ورتل آ ته اها هوا ايندي يا ڪائي ٻي!“
”ٻي ڪائي هوا!؟“
”ها- منهنجي محبوبا چيو، ”ڪي ماڻهو چون ٿا، هاڻي جيڪا هوا ايندي، اها ڏاڍي سخت، وحشي ۽ ظالم هوندي، ۽ اها هوا نه هوندي، جنهن کي ٻار وٺڻ ويا آهن – اها هوا واديءَ جي ڇاتي ڦاڙي وجهندي، سندس پهاڙن کي سرمون ڪري ڇڏيندي. جتي وڻ آهن، اتي ٻرندڙ پٿر هوندا، جتي انسان آهن اتي ٽڙڪندڙ هڏا هوندا-!!“
”۽ مان توکي چمي نه سگندس، تنهنجي وارن سان راند ڪري نه سگهندس، ۽ تنهنجي اکڙين ۾ پنهنجا سپنا ڏسي نه سگهندس!؟“
”منهنجو ساهه ٿو ٻوساٽجي!“مون تڪليف منجهان چيو، گهڻي دير تائين اسين خاموش رهياسين – دير تائين اسين هڪ بي نانءِ پڙاڏو ٻڌندا رهياسين - ۽ پوءِ هن اوچتو پريشانيءَ منجهان چيو، ”منهنجو ٻچڙو! منهنجو ٻچڙو!“
”اچي ويو ڇا؟“
”نه – هو مون کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“
”اڳ ڏسڻ ۾ آيو ٿي ڇا؟“
”ها- پر هاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي – هاڻي ته مون کي چوٽي به نظر نٿي اچي!“ هن جي اکڙين ۾ لڙڪي ڀرجي آيا.
مون سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو، ”هي دڙو بنهه ننڍڙو آ، هتان ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿو اچي، اچ، هن وڏي دڙي تي هلون، شايد اتان توکي ٻار نظر اچي وڃي!“
اهو دڙو ڏاڍو مٿاهون هو، ۽ رستو به ڏاڍو ڏکيو هو – تڏهن به اسين هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا مٿي پهچي وياسين، ساڻا ٿي ويهي رهياسين. اسان کي مايوسي وڪوڙي وئي، ڇو ته هتان به اها چوٽي نظر نٿي آئي، جتي ٻارن جو ميلو هو – هتان سچي وادي ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي.... هيٺ ور وڪڙ ڏيندڙ ندي، ڪلهن تي فصل جو بار کڻي سهڻين ڇوڪرين جيان مرڪندڙ ٻنيون، بڙ جا وڏا وڻ ۽ انهن جي مٿان وڏي چوٽي- پر چوٽيءَ تي ڪڪر وري آيا هئا، ۽ اها ڪڪرن سان ڍڪجي وئي هئي.
”منهنجو ٻچڙو!“ هوءَ روئڻهارڪي ٿي پنهنجا خالي هٿ مهٽڻ لڳي. ”مون کيس اجايو اوڏانهن موڪليو!!“
”ڳڻتي نه ڪر، اسان جو ٻار اتي اڪيلو ناهي. انهي ميلي ۾ ٻيابه گهڻا ٻار هوندا، اسان جي سپنن جا ٻار ڏاڍا بهادر آهن!“
پر منهنجي محبوبا منهنجين ڳالهين تي يقين نه ڪيو، هوءَ منهن هيٺ ڪري، آهستي آهستي سڏڪي روئڻ لڳي. اوچتو مون چوٽيءَ تي ڪجهه ڏٺو، ۽ مون خوشيءَ منجهان رڙ ڪئي، ”ڏس... هو ڏس....!!“
هڪدم ڇرڪي، منهن مٿي کڻي جو منهنجي محبوبا چوٽيءَ ڏانهن ڏٺو ته سندس ڳوڙهڻ هاڻين اکڙين ۾ خوشي جي جوت جرڪي پئي.
”ڏس...هو ڏس...“ مون خوشيءَ منجهان چيو، ”هوءَ ستن رنگن واري انڊلٺ...“
”اوهه...“
”۽ هي گوڙ تون ٻڌين ٿي، جيڪو ڪڪرن جي پٺيان، چوٽيءَ تان پيو اچي؟“
”اهو گوڙ ناهي-“ هن خوشي منجهان چيو، ”اهو اسان جي ٻارن جو گيت آ-“
”ڇا اهي هوا کي وٺي ايندا؟“ مون پنهنجي محبوبا جي نيڻن ۾ ڏسندي چيو.
هن ڪوبه جواب نه ڏنو – پر اسان ٻئي چوٽيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳاسين، ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي انهيءَ واديءَ ۾ بيهي انتظار ڪرڻ لڳاسين، جتي هوا نه هئي!