42. بيوقوف
پر شريف ۽ نازليءَ جي هتي ويهڻ جو سبب اڃا ٻيو هو، نازليءَ جو گهر ان پارڪ جي بلڪل سامهون هيو- هتان کان سامهون واري بالڪني چٽي نظر ايندي هئي- جتي بيهي نازليءَ جي ڀيڻ آسيه نازليءَ کي هر خطري کان آگاهه ڪري سگهندي هئي- نازليءَ جي ماءُ بندره لوڪل ٽرين اسٽيشن جي ڀرسان واري گهٽيءَ ۾ فرش تي ويهي سائي ڀاڄي وڪڻندڙ عورت کان ڀاڄي خريد ڪرڻ ويئي هئي- شام جي وقت سائي ڀاڄي سستي ملندي آهي- ڀاڄيءَ واريون ان وقت هر حال ۾ ٽوڪرو خالي ڪري گهر وڃڻ لاءِ بيتاب هونديون آهن- ڪجهه قيمت ڳالهائڻ ۾ ڪجهه پنهنجي ڏک سک جون ڳالهيون به ٿي وينديون آهن- خريد ڪندڙ عورتن ۽ وڪرو ڪندڙ عورتن جي وچ ۾ وقتي طور تي صلاح مشوري ۽ محبت جو سلسلو قائم ٿي ويندو آهي. ڪجهه گهر جون ڳالهيون، ڪجهه ٻارن ٻچن جون، ڪدو، واڱڻ، ڀينڊين سان گڏ مڙس کي به تارازيءَ ۾ توريو ويندو آهي، پر اهو هميشه هلڪو ثابت ٿيندو آهي- مردن جي خريداري به ڪا خريداري آهي؟ ٿيلهو کولڻ، ڀاڄي ان ۾ وجهڻ، پئسه اڇلڻ ۽ ڀڄڻ- ڀاڄيءَ جي بازار ته هڪ سوشل ڪلب آهي، ۽ نازليءَ جي ماءُ ڀاڄي خريد ڪرڻ ويئي آهي- ۽ ڪلاڪ کان اڳ واپس نه ٿي اچي سگهي- تڏهن به سندس رستي ۾ نازليءَ ۽ شريف جون اکيون آهن- هوءَ کٻي پاسي کان ترپتي لين جي موڙ کان ظاهر ٿيندي ته صاف نظر اچي ويندي.
نازليءَ جو پيءُ هن وقت مولوي خيرالدين وٽ حقو ڇڪڻ ويو آهي- ان کانپوءِ يوپي ريسٽورنٽ جي ڪباب ڪارنر ۾ ويهي ٻيئي دوست ڪجهه کائيندا ۽ اهي ڏينهن ياد ڪندا جڏهن عورتون پردو ڪنديون هيون، ڇوڪرا وڏن جي آڏو سگريٽ نه ڇڪيندا هئا ۽ ڳڙ روپيه ۾ 5 سير ملندو هيو، بابا جي اچڻ جو رستو به مقرر ٿيل آهي- هو کٻي طرف کان تغلق روڊ سان ايندو- هن وقت ساڄي، کاٻي ۽ سامهه ٽيئي طرف نازليءَ جو گهر هنن ٻنهي محبت جي مارين جي نظرن آڏو آهي- ڪوبه خوف خطرو ڪونهي- آسيه بالڪني ۾ ظاهري ڀرت ڀرڻ ۾ مصروف آهي مگر ان جون نظرون هر گهڙي اڳتي، پوئتي کٻي سڄي، ۽ سامهون ڦرڻيءَ وانگر ڦرنديون رهنديون آهن- آسيه يارهن سالن جي آهي- ڪڏهن ته هوءَ به پنڌرهن سالن جي ٿيندي، ڪڏهن ته هن جو وقت به ايندو پوءِ ستن سالن جي فوزيه هن جي لاءِ پهرو ڏيندي.
نازلي مايوس ٿيندي چيو، ”اسان اهڙيءَ طرح ڪيستائين ملندا رهنداسين؟“
شريف ڳالهايو، ”چئه ته تنهنجي گهر پيغام موڪلايان؟“
”ڇا چوندين؟ پر نه ڇا چورائيندين؟“
”هي چيو ويندو ته ڇوڪرو فلمي اداري ۾ هدايتڪاريءَ جو ڪورس ڪري رهيو آهي ۽ ڊپلوما ڪري ڊئريڪٽر ٿيندو.“
”بابا ته فلم جو نالو ٻڌندي ئي ڪنن تي هٿ رکي توبه توبه ڪندو“.
”ها پر فلم ته هو به ڏسندو آهي- هو مولوي خيرالدين ۽ يوپي ريسٽورنٽ جو مالڪ معراج ميان لڪي فلم ڏسڻ ويندا آهن- تو ئي ته مون کي ٻڌايو هو.“
”اهو برابر آهي“ نازليءَ چيو، ”پر اڃان تون ڪمائين ڪجهه نٿو هو ڪيئن رشتو قبول ڪندا.“
”انهيءَ ڪري ته چوندو آهيان ته باقي هڪ سال جي ته ڳالهه آهي- هڪ سال اڃا ترس- هڪ سال کانپوءِ هدايتڪاري ڪورس پورو ڪرڻ سان ئي 25000 هزارن جو ڊئريڪٽر ٿي ويندس.“
”سچ؟“ نازليءَ جون اکيون خوشيءَ مان روشن ٿي ويون- ڄڻ ته هوءَ وڏن وڏن پوسٽرن تي هدايتڪار محمد شريف جو نالو ڏسندي هجي.
اوچتو آسيه سامهون واري بالڪني مان اٿي ڳاڙهو رومال هوا ۾ لوڏيو.
نازلي ڇرڪ ڀري اٿي بيٺي ۽ چيائين ”مان وڃان ٿي، بابا اچي ويو.“
آسيه پري کان پيءُ کي ڏٺو هو، ڳاڙهو رمال پيءُ جي اچڻ تي کلندو هو ۽ نيرو رومال ماءُ جي اچڻ تي- نازليءَ ڊڪ ڀري ۽ اولهه واري گيٽ کان نڪري پنهنجي گهر جي طرف ڊوڙندي هلي ويئي- شريف تڪڙ ۾ کائنس ايترو به نه پڇي سگهيو ته ٻيهر ملڻ ڪڏهن ٿيندو- خير بعد ۾ ڪانه ڪا ترڪيب ڳولهي ڪڍبي- هاڻي اهو سوچي نم جي وڻ هيٺان پيل بينچ تان اٿڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ته هن ڏٺو هڪ سنهڙو سڪڙو هيڊي منهن وارو نوجوان ڊوڙندو ٿاٻڙندو پارڪ ۾ داخل ٿيو، ۽ ڊڪندي ڊڪندي شريف کان چند قدمن جي مفاصلي تي اوچتو چڪرائجي ڪري پيو- هن جو مٿو رائل پام جي پٿرائين ڪونڊيءَ سان زور سان وڃي لڳو.
ڪجهه وقت ته شريف وائڙو ٿي ويو، پوءِ اڳتي وڌي نوڙي انهيءَ نوجوان کي ڏٺو- سندس اکيون بند هيون، ڳل هيڊا ۽ چپ نيرا ٿيندا ٿي ويا- هن جا هٿ پير سڌا ڪندي شريف غور سان ان بي هوش نوجوان جي مٿي کي جاچي ڏٺو.
برابر سندس مٿو پٿر جي ڪونڊيءَ سان لڳو هو. مگر مٿي مان رت ڪونه ٿي وهيس، ۽ نه وري ڪو مٿي تي ڌڪ جو ظاهري نشان ئي هوس- تنهن هوندي به ممڪن آ ته نوجوان کي مٿي ۾ ڳجهو ڌڪ لڳڻ ڪري بي هوش ٿيو.
شريف هيڏي هوڏي نهاريو- اتفاقاً ان وقت پارڪ ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو نه هو- پارڪ جي پويان سڄي کٻي ٻئي رستا وهي رهيا هئا- سامهون واري پڪي سڙڪ مان چار رستا نڪرن ٿا- هڪ رستو بندره اسٽيشن ڏي وڃي ٿو، ٻيو ڪارنر روڊ جي پاسي، ٽيون بندره مسجد ڏي، ۽ چوٿون لڪنگ روڊ ڏي ۽ ها هڪ پنجون رستو به آهي! گهوڙا بندر ڏي ويندڙ رستو- آٽوميٽڪ روشنين وارن ٽريفڪ سنگل جي انتظام کان علاوه هتي ٻه ٽريفڪ جا سپاهي هر وقت هوشيار بيٺا رهندا آهن.
شريف هڪ سپاهي کي وڃي چيو، ”ته هڪ ماڻهو پارڪ ۾ بي هوش ٿي ويو آهي!“ ”پوءِ مان ڇا ڪريان؟“ سپاهيءَ ان کي جواب ڏنو- ”شام جو وقت آهي ٽريفڪ ڏسين ٿو ڪيڏي آهي، هن وقت مان ڊيوٽي ڇڏي ڪاڏي به وڃي نٿو سگهان.“
”پر مان ڇا ڪريان“ شريف مجبور ٿي سپاهيءَ سان مشورو ڪيو. سپاهي کي شريف جي چهري تي عجيب قسم جي معصوميت ۽ همدردي جي ريکا نظر آئي هن همدرديءَ سان چيو ”ان کي ٽيڪسيءَ ۾ ويهاري اسپتال وٺي وڃ.“
شريف هيڏي هوڏي نهاريو، پاڻيءَ جو نل ويجهو ڪٿي به ڪونه هو نه ته بي هوش نوجوان جي منهن تي ٻه چار ڇنڊا هڻي ان کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ها.
سامهون دائود ڀائي فرنيچر واري جي ڀرسان فاروق ميان ميوي واري جو دوڪان هيو- فاروق ۽ شريف ڪنهن وقت اسڪول ۾ گڏ پڙهيا هئا. پر پوءِ شريف ڪاليج ۾ پڙهڻ ويو ۽ فاروق ميوي جو دوڪان کوليو. اڄ ڪلهه فاروق گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سؤ رپيا مهيني ۾ ڪمائيندو آهي. شريف فاروق جي دوڪان تان سنگتڙن ۽ موسمين جي گڏيل رس جو گلاس ڀري کڻي آيو ۽ واپس ساڌو واسواڻي پارڪ ۾ هليو ويو.
بي هوش نوجوان جي جسم ۾ ٿوري چرپر ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي- شريف کيس گهلي نم جي ڇانو ۾ آندو ۽ نوجوان جو مٿو پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي سندس چپن ۾ ميوي جي رس ڦڙو ڦڙو ڪري وجهڻ لڳو- نوجوان آهستي آهستي پهريائين ڏکيائي سان ۽ پوءِ آسانيءَ سان رس پيئندو ويو. جڏهن گلاس ختم ٿي ويو ته هن اکيون کوليون، عجيب گهريون ٻڏل ۽ وحشتناڪ اکيون- پوري چهري تي ڄڻ گهنج هئس. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن ڪيترن ئي ڏينهن کان کاڌو ناهي کاڌو.
”هاڻي طبيعت ڪيئن ٿو محسوس ڪرين“ شريف دلي همدردي مان پڇيو.
”هون“ نوجوان جو آواز آيو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”هان.“
”ڪاٿئون ٿو اچين“
”غان.“
شريف کي پڪ ٿي وئي ته پٿر جي ڪونڊيءَ سان ٽڪرجڻ جي ڪري ڪو ڳجهو ڌڪ لڳو اٿس ۽ ويچارو دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي.
”ڪيڏانهن ويندين؟“ شريف تمام نرميءَ سان پڇيو.
”فرنٽ“ نوجوان جي زبان مان نڪتو.
شايد ويچارو چريو ٿي پيو آهي- شريف سوچيو جيڪڏهن هن کي ڪجهه وقت آرام ۽ دماغي سڪون ملندو ته سندس عقل سالم ٿي ويندو- ائين ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ائين پڙهيو هيو.
اهو سوچي شريف ٽيڪسيءَ تي نوجوان کي بندره کان ڪائونٽ ايوي نيو سانتا ڪرزواخ پنهنجي گهر وٺي آيو، شريف پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ هو، سندس ماءُ ڪنهن ڪاليج ۾ پرنسپال هئي، ۽ شريف جي ٻين سان همدرديءَ سبب مٿس ناراض رهندي هئي. هن کي ڏسندي ماڻس ڳالهايو ”وري ڪنهن کي وٺي آيو آهين؟“ شريف هڪدم ڪاوڙ مان ڳالهايو، ”هن جي حالت نٿي ڏسين، امان ويچارو پٿر جي ڪونڊيءَ سان ٽڪرجڻ سبب پنهنجو عقل ۽ شعور وڃائي چڪو آهي، جلد ڪر هن لاءِ پلنگ تي بسترو وڇاءِ، ٻه ٽي ڪلاڪ آرام ڪندو ته ضرور هوش ۾ اچي ويندو.“
ماڻس ڪڪ ٿيندي ڪاوڙ مان ڪيترا ڀيرا خاموش ٿي مٿو ڌوڻيو پر هوءَ پنهنجي پٽ جي طبيعت کان واقف هئي، هن هڪ پلنگ تي بسترو وڇايو، نوڪر قاسم، ماڻس ۽ شريف ٽنهي گڏجي هن کي کڻي بستري تي سمهاريو. مگر بستري تي سمهڻ کانپوءِ اهو نوجوان اکيون ڦاڙي هيڏي هوڏي نهاريندو رهيو- پوءِ وات مان بلڪل هوريان سرٻاٽ ڪرڻ لڳو. ”انگ......انگ.......انگ....“
”انگ ڇاهي؟“ شريف ان جي مٿي تي هٿ رکي محبت مان پڇيو.
”انگ انگ“ هن نوجوان وڏي مشڪل سان چيو.
”اڱر“ شريف پڇيو.
شريف جي ماءُ ڪاوڙ مان چيو.
”ها ها هن جي مٿي تي اڱر رک ته هو پنهنجو پاڻ هوش ۾ اچي ويندو.“
”امان امان! مذاق ڇوٿي ڪرين؟ انسانيت به ڪاشيءِ ٿيندي آهي؟ آهي يا نه“.شريف ڪاوڙ مان ڳالهايو.
”انگ“ نوجوان وري ڀڻڪڻ لڳو.
”شريف ڳالهايو، هن کي ڪجهه ياد اچي رهيو آهي سندس شعور واپس ٿي رهيو آهي“. وري هن نوجوان ڏي جهڪي چيو.
”انگورڇو؟“
نوجوان انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو.
”انگرڪو؟“
نوجوان وري انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو.
”شايد انگولا جي فرنت وڃڻ چاهيندو هوندو هن کي اوڏانهن موڪل“. شريف جي ماءُ طنزيه انداز ۾ چيو هوءَ اڃا ڪجهه چوڻ واري هئي مگر پٽ جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي چپ ٿي ويئي.
”انگور کائيندين“ هڪدم شريف پڇيو.
نوجوان جي چهري تي مسڪراهٽ آئي هن آهستي مٿو لوڏيو.
”انگور ؟“ شريف تمام نرميءَ سان پڇيو.
نوجوان وري ها ۾ مٿو لوڏيو.
شريف جي ماءُ ڪاوڙ ۾ مان منهن ڦيري ڇڏيو، مگر شريف ڪنهن جي ٻڌڻ وارو نه هو هن فرج کولي انگورن جا ٻه ڇڳا ڪڍي پليٽ ۾ رکي ان نوجوان جي وات ۾ هڪ هڪ داڻو ڪري وجهڻ لڳو.
سيرکن انگورن جو کائي نوجوان پاڻ اٿيو ۽ تعجب مان هيڏي هوڏي نهاري چوڻ لڳو، ”هتي مون کي ڪير وٺي آيو؟“
شريف اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ته هن چرئي جو عقل موٽي آيو آهي، شريف ان نوجوان کي ساري حقيقت ٻڌائي.
نوجوان ٻئي هٿ مٿي ۾ وجهي چيو، ”ان ڪري اڃا تائين منهنجو مٿو ٿو ڦري هاڻي مون کي گهر وڃڻ گهرجي.“
”تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟“
”ڪلياڻ ۾.“
”بمبئي کان ڪلياڻ لوڪل ٽرين ويندي آهي مان توکي ڇڏي اچان ٿو.“
”نه نه مان پاڻهي هليو ويندس.“انهيءَ نوجوان پلنگ تان اٿندي چيو، پوءِ هن پنهنجي چولي جي کيسي ۾ هٿ وجهي چيو، مگر منهنجو ٻٽو ڪٿي آهي؟“
”تنهنجو ٻٽو؟“ شريف پڇيو، ”ڇا تنهنجي کيسي ۾ ڪونهي؟“
نوجوان پنهجي سوٽ جا ٻئي کيسا ڳوليا ۽ شڪي نظرن سان شريف ڏي ڏسڻ لڳو.
”تنهنجي ٻٽوءَ ۾ ڪيترا پئسه هئا؟“ شريف ڪجهه وقت ترسي پڇيو، ”ويهه روپيه“نوجوان چڙ مان جواب ڏنو.
شريف ان نوجوان کي کارا اسٽيشن تائين ڇڏي آيو. هي ڏاڍو خوش هو ڇو ته نوجوان جو بگڙيل دماغ ٺيڪ ٿي ويو هو. هاڻي هو عام انسانن جيان صحيح نموني ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، تڏهن به هن احتياط حميد کي (هي انجو نالو هو) تفصيل سان هدايتون ڏنيون. کاراکان بي بي سي آءِ لوڪل ٽرين تي دادر وڃجانءِ. دادر کان جي آءِ بي لوڪل ٽرين پڪڙي سڌو ڪلياڻ هليو وڃجاءِ. ۽ اهڙي گاڏي تي وڃجاءِ جيڪا سڌي ڪلياڻ ويندي هجي، ۽ ٿاڻي اسٽيشن تي نه بيهي رهي؟“
”مون کي سڀ خبر آهي.“ ان نوجوان مٿو لوڏي چيو، ”هاڻي مون کي سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو آهي.“
اهو نوجوان شريف کان موڪلائي دادر وڃڻ جي بجاءِ رستي ۾ ماهم تي لهي ويو ۽ اسٽيشن کان ٻاهر نڪري مختلف بلڊنگين ۽ رستن مان گذرندو، هو پنهنجي کوليءَ ۾ پهتو جتي سندس ماءُ پريشاني ۾ هن لاءِ انتظار ڪري رهي هئي؟
هن کي ڏسندي ئي ماءُ ڪاوڙ مان چيو، ”اڙي حميد تون هن وقت تائين ڪٿي هئين؟ ڏس ته ڪيڏي رات گذري چڪي آهي!“
حميد چيو امڙ مان ڇاڪيان مون کي هڪ ماڻهوءَ قيد ڪيو هو ۽ جيڪو ڪنهن به طرح ڇڏي ئي نه پيو ڪڏهن رس پئي پياريائين، ڪڏهن انگور ٿي کارايائين، ڪڏهن پنهجي بستر تي سمهڻ لاءِ ٿي چيائين ويندي ويندي مون کي ويهه روپيه به ڏيئي ويو عجيب قسم جو بيوقوف ماڻهو ٿي معلوم ٿيو.“
ايترو چئي حميد ويهه روپيه کيسي مان ڪڍي پنهنجي ماءُ کي ڏنا ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو.