10. گيت ۽ آئون
دراصل غلطي منهنجي هئي. مون کي ٻڌائڻ ئي نه گهربو هو ته آئون ايتري قدر غريب آهيان. آئون هن جي مٺڙين مٺڙين ڳالهين کان دوکو کائي ويس ته عورت سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿي. مرد جي بدصورتي، ان جي بدتميزي ۽ جهالت تائين هن کي گوارا آهي، پر ان جي غريبي برداشت نٿي ڪري سگهي. شاديءَ کان پهرين ته ڪنهن به حالت ۾ برداشت نٿي ڪري سگهي.
هاڻ آئون هن خط کي ڇا ڪريان؟ هي ميز ايتري قدر گندي ڇو آهي؟ هي گلاس اڃا تائين اتي ڇو پيو آهي؟ ڪلينڊر جو پنو ڪنهن اٿلايو آهي؟ مس چٽي تي هي ڪارا داغ ڇا جا آهن؟ آسمان ميرو ڇو آهي؟ فضا ۾ گهٽ ۽ ٻُوسٽ ڇو آهي؟ مون خط کي مُٺ ۾ مهٽي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ڪلينڊر کي ابتو ڪري زمين تي اڇلايم. گلاس کي دريءَ مان ٻاهر اڇلايم. مس چٽي کي ڦاڙي ڇڏيم ۽ ڪتابن کي ٻنهي هٿن سان کڻي فرش تي اڇلائي ۽ پاڻ دريءَ وٽ بيهي خودڪشيءَ جي طريقن تي غور ڪرڻ لڳس. سامهون ڪناري بنا سمنڊ پکڙيل هو. اوچتو مون سوچيو، وڏي خطرناڪ ڳالهه آهي، مون کي پنهنجي ذهن جي پٽڙيءَ کي بدلائڻ گهرجي. منهنجي مرڻ سان ته هوءَ ماڳهين وڌيڪ خوش ٿيندي. پاڻ جيڏين ۾ ويهي منهنجو خوشيءَ منجهان ذڪر ڪندي ۽ پنهنجي غريب، مجبور ۽ لاچار مڙس تي رعب ڄمائيندي.
نه آئون کيس ان جو موقعو نه ڏيندس، هرگز نه ڏيندس. آئون دريءَ مان موٽي انهيءَ ڪُنڊ ۾ آيس، جتي گرامو فون پيو هو. تڪڙ ۾ جيڪو به رڪارڊ سڀ کان پهرين منهنجي هٿ ۾ آيو، مون ان کي گرامون فون تي چاڙهي ڇڏيو. رڪارڊ تي سُئي رکي واپس دريءَ وٽ اچي سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳس. آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو.
آهستي آهستي گيت مون وٽ آيو:
”هيلو؟“ گيت خاص ادا سان مون کي مخطاب ڪيو.
”تون ڪير آهين؟“ گيت پڇيو.
”آئون غريب اديب آهيان“. مون جواب ڏنو ۽ کانئس پڇيم ”تون ڪير آهين؟“
”تون مون کي نٿو سڃاڻين ڇا؟“ گيت وڏيءَ حيرت مان مون کي چيو، ”آئون لتا منگيشڪرجو مشهور گيت آهيان.“
”آجا ري بلموا“ اهو چوندي گيت جي لئي ۾ غرور اچي ويو.
”آهين ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟“ مون هن جي غرور سان ڪاوڙجي چيو.
گيت فخر مان چيو ”توکي خبر ناهي؟ آئون دنيا جو سڀ کان وڏو گيت آهيان، منهنجا ڏهه لک رڪارڊ وڪامجي چڪا آهن. گذريل ڇهن مهينن ۾ تنهنجا ڪيترا ڪتاب وڪاميا آهن. گذريل ڇهن مهينن ۾.....!“
”فقط....... ٽي“.
گيت حقارت مان کِليو ۽ هن جا سُر بُلند ٿيندا ويا، ڄڻ اهي آاسمان کي ڇهي رهيا هجن ۽ سمنڊ وانگر پکڙجي رهيا هئا ۽ هن خاص ادا سان فخر مان چيو:
”مون کان وڌيڪ خوبصورت گيت هن دنيا ۾ ڪٿي به نه هوندو. منهنجي سونهن جو مقابلو ڪير به نٿو ڪري سگهي. آئون ايترو وڪرو ٿيو آهيان، ايترو وڪيو ٿيو آهيان، جو منهنجي رائيلٽيءَ مان گيت ڳائڻ واريءَ هڪ بنگلو ورتو آهي. گيت لکڻ واري هڪ گاڏي خريد ڪئي آهي ۽ موسيقار پنهنجي ٽين زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي آهي.....!“
مون رڪارڊ تان سئي هٽائي ڇڏي. ڪمري ۾ ماٺار ڇائنجي ويئي. هاڻ ته اتي ڪوبه نه هو. ڪو آواز نه هو. ڪو گيت نه هو، ڪو نغمو نه هو.
چند گهڙين جي خاموشي کان پوءِ ٻيهر رڪارڊ تي سئي رکي ڇڏيم، آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو. آهستي آهستي گيت مون وٽ آيو. مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ هو منڊڪائي هلي رهيو آهي.
”هيلو؟“ هن ٿڌن سرن ۾ چيو.
”هيلو؟“ آئون جواب ڏيئي دريءَ ڏانهن منهن ڪري سمنڊ کي ڏسڻ لڳس.
”تو مون کي ڇو بند ڪري ڇڏيو هو.“ هن فخر مان چيو.
مون چيو ”هي سمنڊ جو گيت تون ٻڌوندو آهين؟ ڇا تون انهي وانگر لازوال آهين؟“
”نه آئون ته فقط ٽن منٽن تائين وڄي سگهان ٿو.“ گيت افسوس مان وراڻيو. مون گيت کي چيو ”جيڪڏهن پهرين ڏينهن ڪائنات اک کولي، تڏهن به اهو گيت هتي موجود هو، باهه ۾، پاڻيءَ ۾ ۽ گردش ۾. ٽن منٽن کان پوءِ جڏهن تون اکيون بند ڪندين، تڏهنبه اهو گيت ٻيهر اهڙيءَ ريت موجود هوندو.... پر تون هوندين ۽ ڪجهه سالن ۾ اهو بنگلو به نه هوندو، اها ڪار به نه هوندي. فقط محبت جون آهون باقي رهدنيون.... ٿورو سوچ ته سهي ڪنهن ڳالهه تي ايڏو فخر ڪرين ٿو.“
”ته ڇاسمنڊ جي عظيم هستيءَ جي سامهون هڪ ذري کي چمڪڻ جو ڪوبه حق ناهي.“ گيت دلبرداشته ٿي پڇيو ۽ اوچتو ئي اوچتو هن جي آواز ۾ ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ کنوڻ جي چمڪ شامل ٿي وئي.
”ڇو ڪونهي! منهنجا دوست! پر ايتري قدر پاڻ پڏائڻ مان ڪهڙو فائدو. تون ڏهه لک دفعا وڪرو ٿيو آهين، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ گيت اهڙو به ايندو آهي، جيڪو هڪ دفعو به نٿو وڪامجي، پر تو کان گهڻو خوبصورت هوندو آهي.“
”اهو ڪوڙ آهي، ڇا تو اهو گيت ڏٺو يا ٻڌو آهي؟“
”ها مون هڪ دفعي هڪ عورت جي چپن تي اهو گيت ٻڌو هو. هوءَ هڪ ماءُ هئي، هڪ فقيرياڻي هئي، هوءَ رستي جي ڀر ۾ ويٺي هئي، هن جو ٻار بُکايل هو، ۽ رات گهري ٿي چڪي هئي، ۽ مانيءَ جو هڪ ٽڪر به هن کي نه ملي سگهيو هو. هوءَ پنهنجي ٻار کي لوليءَ سان سمهارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ان لوليءَ ۾ ڇا نه هو، ڪائنات جو سڄو درد، ماءُ جي ممتا ۽ انساني زندگيءَ جي چاهت، انهي آواز ۾ تبديل ٿي رهي هئي. ڇا تو ڪڏهن ڪنهن گيت کي ڪنهن ٻار لاءِ کير ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو آهي؟“
”نه.....!“
”مون ان رات ڏٺو هو ۽ سمنڊ جي ڪناري ڏٺو هو..... ۽ اوچتو ئياوچتو هوا جو طوفان رڪجي ويو هو ۽ سمنڊ شرم وچان خاموش ٿي ويو هو ۽ ناريل جا ڦڙها گوڙ ڪندڙ مور جي کنڀن جهڙا ڪنڌ جهڪائي، ان بيوس ۽ بيڪس ماءُ جي قدمن هيٺا هئا، جنهن پنهنجي ٻار کي کير جي هڪ بوند پيارڻ کان سواءِ هڪ لولي ٻڌائي سمهاري ڇڏيو. مون اهو معجزو پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، ان لوليءَ جا ڏکايل سُر اڃا تائين منهنجن ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن ۽ تون مون سان ڪار جي، بنگلي جي ۽ ٽين زال جي طلاق جي ڳالهه ٿو ڪرين“.
دريءَ مان پوئتي مڙيس ته گيت خاموش ٿي چڪو هو. ٽي منٽ گذري چڪا هئا. مون ٻيهر رڪارڊ تي سئي رکي ڇڏي. آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو. اهو ئي گيت مون وٽ آيو. پر ان ۾ غرور ۽ فخر نالي ڪاڻ به نه هو. هاڻ اهو هڪ ننڍڙو مٺڙو گيت هو. دل جو هڪ درد کڻي، رومان جي هلڪي چڻنگ کڻي، محبت جي روشني کڻي، آهستي آهستي منهنجي دل ۾ لهڻ لڳو. جيئن زلف ڳل تي لهندا آهن، جيئن چانڊوڪي ساحل تي لهندي آهي، جيئن سپي سمنڊ جي تهه ۾ لهي ويندي آهي ۽ وات کولي محبت جي پهرين موتيءَ جو انتظار ڪندي آهي. آئون ڪنڌ جهڪائي ميز وٽ ويس. هٿ وڌائي رديءَ جي ٽوڪريءَ مان ان خط کي ڪچڍي، ان کي صافڪ ري، پنهنجيءَ دل سان لڳائي ڇڏيم.
(سنڌيڪار: جمن گاڏهي)