مبارڪپور شهر ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي تاريخ
[/b]سنڌ سراپا سُونهن ۽ سُندرتا سان سرشار آهي. سِنڌ جو هر ڳوٺ، واهڻ، وستي ۽ شهر شانائتو، شعور ڀَريو ۽ ڏاهپ سان ٽُٻٽار آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تي نظر نروار ڪجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هر ڳوٺ ۽ شهر پنهنجي هِڪ تاريخ رکي ٿو. اهي ڳوٺ ۽ شهر ڪي هاڻي جا ٺهيل ناهن، بلڪه تمام گهڻا پُراڻا آهن. مبارڪپور شهر جي پڻ هڪ پنهنجي تاريخ آهي. ان سلسلي ۾ آءٌ سائين گُل حسن ”گل“ ملڪ جي هن ڪتاب لاءِ لکيل مضمون ۾ مبارڪپور جي تاريخ واريون سِٽُون جيئن جو تيئن ڏيان ٿو.
مبارڪپور نالي هڪ تاريخي شهر هندستان ۾ پڻ آهي. پر آءٌ جنهن مبارڪپور جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، سو واديءِ مهراڻ جو هڪ تاريخي ڳوٺڙو آهي. هونءَ ته ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي مبارڪپور نالي هڪ ڳوٺ ضلعي سکر ۾ به آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ان کان علاوه ڪي ٻيا به مبارڪپور نالي ڳوٺ ۽ شهر هجن پر هي زيرِ ذڪر اهو ڳوٺڙو آهي جنهن جو تعلق ٺوٺ گرم ضلعي جيڪب آباد جي ٺل تعلقي سان آهي. هي ڳوٺ ٺل، همايون، جيڪب آباد جي پڪي لنڪ روڊ سان آهي. هي ڳوٺ ڪڏهن وجود ۾ آيو ان بابت به صحيح پتو پئجي نه سگهيو آهي. باقي انگريزن جي دور جا جيڪي پڪا پختا اهڃاڻ ملن ٿا تن مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جي دور ۾ هن ڳوٺ جي وڏي اهميت هُئي. ڳوٺ ۾ انگريزن جي دور جي قائم ٿيل تپيداري، مختيارڪاري ۽ چيئرمين آفيس ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته، انگريزن جي دور ۾ هي ڳوٺ ضلعي جيڪب آباد ۾ وڏي اهميت رکندو هو. انگريزن جي بيٺڪ منزل گاهه ڳوٺ کان ٻاهر اوڀر طرف اڄ به ان پراڻي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڳوٺ مبارڪپور بيهڪ جي لحاظ کان ڄڻ هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي. هن جي چوڌاري پاڻي جا تلاءُ اونهاري سياري ڀريا بيٺا هوندا آهن. ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ بيگاري ڪئنال سڏ پنڌ تي آهي. جيڪا ضلعي جيڪب آباد جي حد کي ختم ڪري ضلعي شڪارپور جي حد کي شروع ڪري ٿي. ڳوٺ جي اولهه طرف تقريباً 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ضلعي هيڊڪوارٽر شهر جيڪب آباد آهي. ۽ ڳوٺ جي اوڀر طرف 17 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي تعلقي هيڊڪوارٽر ٺل شهر آهي ۽ ڳوٺ جي اتر طرف اٽڪل 15 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دلمراد ريلوي اسٽيشن آهي. هن وقت هي ڳوٺ ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ يونين ڪائونسل جي حيثيت رکي ٿو. تعليمي لحاظ کان هن ڳوٺ جي اڄ به وڏي اهميت آهي. مختلف کاتن جا ڪيترائي اوهان کي 17 گريڊ جا آفيسر ملندا. جڏهن ته پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جو ڳڙهه چئجيس ته وڌاءُ نه ٿيندو.
[b]2. اسڪول جي تاريخ تي نظر:
[/b]ڪنهن به معاشري ۾ اسڪول يا درسگاهون اُتان جي حقيقي ترقي، تبديلي ۽ انقلاب جو اُهڃاڻ هونديون آهن. عِلم سان جهالت جو جنازو کڄندو آهي. ڦُرون، ڌاڙا، قتل، خون، چوريون، نفرتون، ساڙ، ڪينو، حَسد، انياءُ ۽ ٻيون هڙئي بڇڙايون عِلم جي اچڻ سان ڀڄي وڃن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو علمي ادارن جو هجڻ ماڻهپي ۽ انسانيت جي هجڻ جو ضامن آهي.
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مبارڪپور ڪو اڄڪلهه ڪو نه ٺهيو آهي، ان موتيءَ جو هارُ ڪو ايئن ڪونه جَڙيو آهي، بلڪه ان جي تاريخ صدين سان سلهاڙيل آهي.
هِي اسڪول انگريزن جي دورِ حڪومت هيٺ 1880ع ۾ ٺهيو. لڳ ڀڳ ڏيڍ صديءَ جي تاريخي قدامت رکندڙ هِي اسڪول ضلعي جيڪب آباد جي قديم ترين اسڪولن واري سِٽاءَ ۾ مٿانهين جاءِ جوڙي ٿو. اٽڪل مُنِي صديءَ پڄاڻان هن اسڪول جي ڪُکِ مان مِڊل اسڪول 1961ع ۾ بڻيو. مِڊل اسڪول پنهنجي جوت جلائي 1986ع ۾ هاءِ اسڪول کي هيڪاندو جنم ڏنو، پر پرائمري اسڪول پوڙهو ٿيڻ باوجود اڄ به جوان آهي ۽ پنهنجي جوڀن جا جلوا پسائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي.
[b]3. جن اُستادن پرائمري اسڪول ۾ پڙهايو تن تي نظر:
[/b]جيئن ته هِي اسڪول آڳاٽي وقت کان مبارڪپور شهر ۽ ڀرپاسي وارن کي علم جي سُهائي سان سندن زندگيون سَنواري رهيو آهي. هِن اسڪول ۾ جتي هزارين بلڪه لکين شاگرد پڙهي پاس پيا، اُتي هزارين استادن به پڙهائي پنهنجي ذميواريءَ ۽ فرض شناسيءَ جو مظاهرو ڪندي اڪيچار ڳوٺ واسين جي سنوارَ ۽ سُڌارَ لاءِ پاڻُ پتوڙيو هوندو. جي 1880ع کان وٺي اُستادن جي لِسٽ تيار ڪجي ته هُوند انهيءَ تي الڳ ڪتاب اچي، پَر ڇاڪاڻ ته هِتي انهن ڪجهه استادن جان نالا ذڪر هيٺ آڻي هن اسڪول جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ آءٌ سائين گل حسن ملڪ ۽ سائين سُهيل ”سوز“ ڀٽو جي لکيل مفحونن مان استادن جا نالا کڻي ڏيان ٿو. ممڪن آهي ته ڪيترن ئي استادن جا نالا ذِڪر کان رهجي وڃن.
جيڪي مانَ وارا استادَ هن تاريخي اسڪول ۾ پڙهائي ويا.
تن ۾:
قادر بخش بشير سومرو، دريا خان سومرو، سيد مظهر علي شاهه، باشو مل، محمّد اسحاق سومرو، ڪمال الدين مڱڻهار، فيض محمّد سيٺار، فيض محمّد فيض ڀٽو، استاد بهاول الدين ڀٽو، عبدالفتاح ڀٽو، محمّد خان چنا، محمّد پناهه ڀٽو، سردار خان ڀٽو، خدا بخش ڀٽو، استاد غلام الرسول مستوئي، رستم علي ڀٽو، غلام النبي ڀٽو، عبدالمجيد ڀٽو، حاڪم علي ڀٽو، الهداد ڀٽو، روشن الدين ڀٽو، استاد نواب علي مهر،
آهن. سچ اهو آهي ته اهڙن جاکوڙي ۽ ڀلوڙ استادن پنهنجي نِت نون تجربن سان، صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندي شاگردن کي پڙهائيءَ، اخلاق ۽ ڪردارَ ۾ ڀَڙُ ڪيو هوندو. انهن استادن جي شاگردن جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو کين تجربيڪار استادن سندن عِلمي مهارتن ۾ اڳ کان اڳرو رکيو. ذڪر ڪيل استادن منجهان ڪيترائي هِن ڪُوڙيءَ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. دُعا آهي ته شالَ اُپائڻهار کين اُتي رحم جي نظر ڪري سندن ٺِڪاڻو جنت ۾ ڏئي. شالَ رب سائين کين پنهنجي هر نيڪ عمل جو اُجورو ڏئين ۽ تن منجهان جيڪي مانائتا استاد حالِ حيات آهن، انهن کي شال الله سائين ڪامل صحت ۽ وڏي ڄمار عطار ڪري (آمين)