منهنجو پيارو پيءُ ۽ منهنجون شرارتون
هڪ اهڙي دؤر ۾ جتي اڄ جا اڪثر والدين پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪوتاهي ڪن ٿا، اهي الله تعاليٰ جون وڏيون مهربانيون آهن جو اسان کي اهڙا والدين عطا ڪيائين، جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي.
اسان جو بابا پنهنجي دوستن، مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ واسين ۾ هڪ اعليٰ مقام رکي ٿو. اهو ان ڪري نه ته هُو ڪو پئسي وارو آهي، بلڪه پنهنجي اخلاق جي دولت سان مالامال آهي.
اسان جي تعليم ۽ تربيت ۾ تِر برابر به ڪا ڪوتاهي ڪو نه ڪيائين. اسان کي هر حال ۾ سپورٽ ڪئي اٿائين. اڄ جيڪو ڪجھه به آهيون سچ ته سندس اڻٿڪ محنت ۽ محبت جو نتيجو آهي.
تعليم سان گڏ بابا اسان جي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان جڏهن ننڍا هئاسين تڏهن کان نماز، قرآن طرف لاڙو وٺرايائين، ته جيئن اسين بڇڙن ڪمن ۾ جڪڙجي نه وڃون. اها اخلاقي سنوارَ اڄ جا هر والدين جيڪڏهن پنهنجي اولاد جي ڪن ته سندن اولاد کين معاشري ۾ هڪ مثالي فرد طور پنهنجو پاڻ مڃرائي ڏيندو.
بابا اسان جو وڏو محسن آهي، اسين سندس جا ٿورا، پوري زندگي نه لاهي سگهنداسين. پنهنجي ڊيوٽيءَ کي بهترين نموني سان سرانجام ڏيندي وڏو مثال قائم ڪيو اٿس ته، ڪيئن نه فرض شناسي سان ئي ماڻهپو ملي ٿو، انهيءَ عمل سان معاشري ۾ ڪيتري نه عزت ملي ٿي. بابا اسان کي پڻ پاڻ وانگر پنهجي ڊيوٽيءَ سان سچائي ۽ فرض شناسي جي لاءِ تلقين ڪندو رهندو آهي.
اسان جو والد محترم اسان جي هر ڏک سک جو ساٿي آهي. هُو ڪڏهن به اسان کي ڏکين حالتن ۾ ڏسي اَرهو نه ٿيو، پر هڪ ذميوار والد بڻجي ڏک ۾ ڀرجھلو بڻجي اسان جو سچو مددگار رهيو آهي. گهرڀاتين سان سندس روَيو نهايت شفيق ۽ حليم آهي. هُن ڪڏهن به بيجا ڇڙٻ نه ڏني آهي. ها پر غلطيءَ تي هُو اسان کي صفا سِڌو ڪندو آهي.
ننڍپڻ کان هيل تائين ڪيتريون ئي يادگيريون آهن پر اُهي جي بيان ڪجن ته سارو ڪتاب لکجي وڃي. پر انهن مان ڪجھه شيئر ڪجن ٿيون.
1. آءٌ اسڪول کان پنهنجي بُري سنگت جي ڪري اڪثر گُسائيندو هوس، بابا مون کي گِهلي، ٽنگو ٽالي ڪري استاد تائين پهچائيندو هو. آءٌ پڙهڻ لکڻ ۾ ٿورو ڏَڏ هيس، تڏهن بابا گهر ۾ مون کي پاڻ پڙهائيندو هو. ايتري تائين جو قرآن پاڪ جو به ڀيرو ڏياريندو هو.
2. ننڍي هوندي مون کي ڪالرا ٿي وئي. بابا ڏاڍو پريشان ٿي ويو. ڳوٺ ۾ گهڻو علاج ڪرايائين جڏهن ڦڪين فرق نه ڪيو تڏهن ميان جي ڳوٺ مان علاج ڪرايو. جڏهن ڊاڪٽرن اتان به جواب ڏنو تڏهن بابا مون کي جيڪب آباد کان علاج ڪرايو ۽ مان چاڪ چڱو ٿيس.
3. منهنجي ننڍپڻ ۾ بابا اڪثر شام جي نماز پڙهي بازار ۾ شبير سومري (جنهن کي خبر ناهي ته “ماڪوڙي” ڇو چوندا آهن) جي دڪان تي ويهندو هو. پوءِ اويس صاحب ۽ مان کانئس خرچي وٺڻ لاءِ اتي ويندا هئاسين. بابا اتي اسان کي بنانا بسڪوٽ کارائي چانهه پيئاري خرچي ڏئي ڪڏهن ڪڏهن ڪو گهر جو سامان وٺي ڏئي پوءِ روانو ڪندو هو. بابا جو شبير سومري سان اوڌر جو کاتو به کليل هو. ڪڏهن بابا کي پئسا نه هوندا هُئا ته چٺي لکي صحيح ڪري شبير کان شيءِ وٺڻ لاءِ موڪليندو هو.
مان وري اهڙي اٽڪل ڪندو رهيس جو جڏهن به مون کي شيءِ يا خرچيءَ جي ضرورت پوي شبير جي نالي پاڻ چٺي لکي بابا جي صحيح به مان پاڻ ڪري ان ڏانهن کڻي ويندو هوس. اهو به ويچارو چِٺي ڪڏهن پڙهندو هو ته ڪڏهن بلڪل نه! ۽ شيءِ ڏيندو هو. ۽ ان ڳالهه جي خبر بابا کي بلڪل به نه هئي!
هڪ ڏينهن ٿيو ائين جو مهيني ۾ کنيل اوڌر جا پئسا جڏهن بابا ان کي ڏنا پئي ته ايڏي اوڌر ڏسي بابا حيران ٿي ويو، ۽ شبير کان پڇيائين ته منهنجي چِٺيءَ کان سواءِ تون سودو يا شيءِ وغيره ڏني آهي ڇا؟ ان ويچاري چيو ته نه سائين.....!! مان ته توهان جي چٺيءَ کان سواءِ ڪنهن کي به ائين سودو يا شيءِ نه ڏيندو آهيان. توهان جون سڀ چٺيون مون وٽ پيون آهن. هي وٺو، ڏسو!
بابا جڏهن اهي چٺيون ڏٺيون ته ٻيڻو حيران ٿي ويو، ڏٺائين ته اهي سندس هٿ اکرين نه هيون، بلڪه منهنجون لکيل هُيون، اهو ڏسي بابا پوءِ گهر ۾ منهنجي اهڙي ڇَنڊَ پٽي جو بعد ۾ مون توبه ڪئي.
بهرحال بابا اسان جي لاءِ ڇپر ڇانوَ آهي. هُن تعليم کاتي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي کاتي ۾ هڪ سَچي، بااصول، فرض شناس ۽ ايماندار شخص طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي. هُن کي پنهنجي زندگيءَ مان ڪا به شڪايت ناهي. هُو پاڻ مان گهڻو مطمئن آهي.
اسان جي بابا سائين لاءِ ڌڻيءَ کان دُعا آهي ته شال الله تعاليٰ کيس سُٺي صحت، خوشيون، وڏي ڄمار ۽ گهڻي عزت عطا فرمائي. (آمين)
جاويد احمد ڀٽو
(سنڌ پوليس ڊپارٽمينٽ)
مبارڪپور، ٺل، جيڪب آباد