شخصيتون ۽ خاڪا

اَڻ توريو اَگهائيو

ڪتاب ”اڻ توريو اگھايو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب استاد ارشاد احمد ڀٽو جي شخصيت بحيثيت مُعلم ۽ انسان دوست مُنتظم ۽ تعليم جي ذريعي هڪ سماج سُڌارڪ طور سندس ارپيل خدمتن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ اويس ڀٽو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2211
  • 493
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اويس ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَڻ توريو اَگهائيو

استاد ڇا کي چئبو آهي؟ ۽ هڪ مثالي استاد جون ڪيل خدمتون

استاد ڇا کي چئبو آهي؟ ۽ هڪ مثالي استاد جون ڪيل خدمتون

‘اُستاد’ لفظ فارسي ٻوليءَ جي ٻن لفظن ‘اُستا’ ۽ ‘ود’ جو مرڪب آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ‘دانائيءَ جو ڪتاب’. استاد جي ٻي معنيٰ شاگرد لفظ جي اشتقاق ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿي. شاگرد به فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي. سندس اشتقاق ڪرڻ سان خبر پئي ٿي ته شاگرد لفظ ٻن لفظن ‘شاهه’ ۽ ‘گرد’ جي ميلاپ سان جڙيو آهي. شاهه جي معنيٰ بادشاهه آهي ۽ گرد جي معنيٰ بادشاهه جي چوڌاري ويهڻ وارو. يعني استاد بادشاهه آهي ۽ سندس راڄ شاگرد آهن. اسلام ۾ استاد جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي. رب العزت پنهنجي پاڪ ڪتاب فرقان مجيد جي الرحمان سورت ۾ فرمائي ٿو ته:
اَلرَّحْمٰنُ۝ۙ عَلَّمَ الْقُرْاٰنَ۝ۭ خَلَقَ الْاِنْسَانَ۝ۙ عَلَّمَهُ الْبَيَانَ۝
ترجمو: “رحمان قرآن جي تعليم ڏني، انسان کي خلقيو ۽ کيس بيان ڪرڻ سيکاريو”.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته استاد جو ڪيڏو نه مان ۽ مرتبو آهي جو رب تعاليٰ پاڻ کي استاد ۽ آدم عليھ السّلام کي شاگرد بڻايو آهي.
استاد جي عظمت جو هن حديث شريف مان به پتو پئي ٿو ته، ٻنهي جهانن جي سردار ۽ پاڪ پيغمبر حضرت محمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو پاڪ فرمان آهي ته: “مان ته معلم (استاد) ڪري موڪليو ويو آهيان”.
معلوم ٿيو ته استاد پيغمبري پيشي سان واڳيل آهي. اهو مان ۽ مرتبو تمام وڏو آهي، استاد، نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي ورثي کي وٺي پنهنجي شاگردن کي علم جي زيور سان آراسته ڪري ٿو.
حضرت سهيل بن سعد رضي الله تعاليٰ عنھ چيو ته، رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم، حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنھ کي فرمايو: “خدا جو قسم (اي علي) تنهنجي ڪري الله تعاليٰ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي هدايت نصيب ڪري ته اها تنهنجي لاءِ ڳاڙهن اٺن کان ڀلي آهي”.
هي آهي استاد جي عظمت جنهن جو ڪم ئي آهي مرده دلين کي زندهه ڪرڻ، غير آباد سينن کي آباد ڪرڻ.
حضرت علي سائين رضي الله تعاليٰ عنھ جو قول آهي ته: “جنهن مون کي هڪ حرف سيکاريو، اهو منهنجو سائين آهي، وڻيس ته مون کي وڪڻي ڇڏي ۽ وڻيس ته آزاد ڪري”.
ڪيڏو نه استاد جو مان ۽ شان آهي جو حضرت علي سائين رضي الله تعاليٰ عنھ جهڙي هستي به پاڻ کي استاد جي حوالي ڪري آقا ٿو سڏي ۽ استاد جي هٿان وڪڻڻ تي فخر ٿو محسوس ڪري. پر هاڻي آءٌ پنهنجي موضوع جي طرف ايندي ان استاد جو ذڪر ڪندس جيڪو پنهنجي پيشي سان سچو، فرض شناس، بردبار، باڪردار، بااخلاق، صوم ۽ صلوات جو پابند، سلڇڻو استاد ارشاد احمد ڀٽو جيڪو پنهنجي عمر جا 60 سال پورا ڪري 09 مارچ 2017ع تي رٽائر ٿيو آهي. سندس والد جو نالو پير بخش هو. هو ٺيڪيداري جو ڪم ڪندو هو. هن ۾ ٻه خوبيون مشهور هيون هڪ ته ٺيڪو وٺڻ لاءِ ڪنهن به ڪاموري کي رشوت نه ڏيندو هو ۽ ٺيڪيدارن جي يونين جو سنڌ جو صدر به رهي چڪو هو. ٻي خوبي هن جي سخاوت جي هُئي. هن جي لاءِ مشهور هو ته ڪاسائيءَ کان سڄو ٻڪرو خريد ڪري ۽ ان جو گوشت پاڙي جي بيوهه ۽ يتيمن ۾ تقسيم ڪندو هو. استاد ارشاد احمد لاءِ اهو به اعزاز آهي ته هن جو والد مرحوم نيڪ نمازي ۽ سخي مڙس هو. استاد ارشاد احمّد جو جنم 1957ع تي ڳوٺ مبارڪپور ۾ ٿيو. مبارڪپور نالي هڪ تاريخي شهر هندستان ۾ پڻ آهي. پر آءٌ جنهن مبارڪپور جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، سو واديءِ مهراڻ جو هڪ تاريخي ڳوٺڙو آهي. هونءَ ته ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي مبارڪپور نالي هڪ ڳوٺ ضلعي سکر ۾ به آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ان کان علاوه ڪي ٻيا به مبارڪپور نالي ڳوٺ ۽ شهر هجن پر هي زيرِ ذڪر اهو ڳوٺڙو آهي جنهن جو تعلق ٺوٺ گرم ضلعي جيڪب آباد جي ٺل تعلقي سان آهي. هي ڳوٺ ٺل، همايون، جيڪب آباد جي پڪي لنڪ روڊ سان آهي. هي ڳوٺ ڪڏهن وجود ۾ آيو ان بابت به صحيح پتو پئجي نه سگهيو آهي. باقي انگريزن جي دور جا جيڪي پڪا پختا اهڃاڻ ملن ٿا تن مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جي دور ۾ هن ڳوٺ جي وڏي اهميت هُئي. ڳوٺ ۾ انگريزن جي دور جي قائم ٿيل تپيداري، مختيارڪاري ۽ چيئرمين آفيس ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته، انگريزن جي دور ۾ هي ڳوٺ ضلعي جيڪب آباد ۾ وڏي اهميت رکندو هو. انگريزن جي بيٺڪ منزل گاهه ڳوٺ کان ٻاهر اوڀر طرف اڄ به ان پراڻي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڳوٺ مبارڪپور بيهڪ جي لحاظ کان ڄڻ هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي. هن جي چوڌاري پاڻي جا تلاءُ اونهاري سياري ڀريا بيٺا هوندا آهن. ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ بيگاري ڪئنال سڏ پنڌ تي آهي. جيڪا ضلعي جيڪب آباد جي حد کي ختم ڪري ضلعي شڪارپور جي حد کي شروع ڪري ٿي. ڳوٺ جي اولهه طرف تقريباً 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ضلعي هيڊڪوارٽر شهر جيڪب آباد آهي. ۽ ڳوٺ جي اوڀر طرف 17 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي تعلقي هيڊڪوارٽر ٺل شهر آهي ۽ ڳوٺ جي اتر طرف اٽڪل 15 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دلمراد ريلوي اسٽيشن آهي. هن وقت هي ڳوٺ ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ يونين ڪائونسل جي حيثيت رکي ٿو. تعليمي لحاظ کان هن ڳوٺ جي اڄ به وڏي اهميت آهي. مختلف کاتن جا ڪيترائي اوهان کي 17 گريڊ جا آفيسر ملندا. جڏهن ته پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جو ڳڙهه چئجيس ته وڌاءُ نه ٿيندو. تنظيم فڪر و نظر سنڌ جي باني ملڪ جي وڏي اسلامي اسڪالر ۽ سنڌي ادب جي ڄاتل سڃاتل شخصت مرحوم پروفيسر اسدالله ڀٽو صاحب جو به هن ڳوٺ سان تعلق هو. ان کان علاوه هن ڳوٺ جي نئين ٽهي جون ادبي شخصيتون اڄ به سنڌي ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيون آهن. هي ته مختصر تعارف ارشاد احمّد جي جنم ڀوميءَ جو هو. سندس چوڻ آهي ته پرائمري ۽ مڊل جي تعليم به ان تاريخي ڳوٺ جي تاريخي اسڪول ۾ ٿي. سرڪاري پراڻي رڪارڊ مان معلوم ٿيو آهي ته ڳوٺ جو مين پرائمري اسڪول 1880ع کان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ 1961ع ۾ مڊل اسڪول بڻيو. جڏهن ته 1986ع ۾ هن اسڪول کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو.
گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد جي پراڻن، سٺن ۽ تاريخي اسڪولن منجھان هڪ آهي. سٺو اسڪول ان کي نه چيو ويندو آهي جنهن اسڪول جي عاليشان بلڊنگ هجي پر سٺو اسڪول ان کي چيو ويندو آهي جنهن اسڪول جا استاد سٺا هجن.
استاد ارشاد احمد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ٻرڙو ۾ ۽ B.A جي ڊگري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ حاصل ڪئي.
هي محترم ۽ مان وارو مهان استاد 1982-04-17 ۾ تعلقي ۽ ضلعي جيڪب آباد جي پرائمري اسڪول دين محمد بروهي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. هڪ مهينو رهڻ کان پوءِ تعلقي ٺل جي پرائمري اسڪول مددپور کوسو ۾ 9 مهينا ۽ ساڳئي ئي تعلقي ٺل جي هڪ ٻئي پرائمري اسڪول جلال پور ۾ هڪ سال تعليمي گل نڇاور ڪري 1984ع کان 2017ع تائين 33 سال مبارڪپور جي مين پرائمري اسڪول ۾ علم جي لاٽ ٻاريندڙ جاکوڙي استادن جي صف ۾ پاڻُ ڳڻايائين. هن اسڪول ۾ استاد ارشاد احمّد کان اڳ ۾ جيڪي به نائب ۽ هيڊماستر رهي چڪا هُئا سي فائينل پاس سڏبا هئا. هي پهريون گريجوئيٽ هيڊماستر هو جنهن فائينل پاس هيڊماستر کان 25 فيبروري 1999ع تي گورنمينٽ بوائر پرائمري اسڪول مبارڪپور جي هيڊماستري جي چارج ورتي. هن کان اڳ ۾ جيڪي فائينل پاس مهان استاد علم ۽ ادب جي کيڙِي کيڙي خوبصورت کيت اُپايون هليا ويا تن موتين جي مالها هن ريت قلم بند ڪئي آهي. سنڌ جي بلندپايه اديب ۽ باڪمال شاعر شمس العلماء حضرت مرزا قليچ بيگ جو شاگرد سنڌ جو نالي وارو استاد، اديب ۽ شاعر قادر بخش بشير سومرو، درياءُ خان سومرو، سيد مظهر علي شاهه، باشومل، محمد اسحاق سومرو، ڪمال الدين مڱڻهار، فيض محمد سيٺار، محمد خان چنه، نظام الدين ڀٽو، استاد فيض محمد ڀٽو، عبدالغفور چنه، محمد پناهه ڀٽو، سردار خان ڀٽو، خدا بخش ڀٽو، استاد غلام الرسول مستوئي، رستم علي ڀٽو، غلام النبي ڀٽو، عبدالمجيد ڀٽو، حاڪم علي ڀٽو، الهداد ڀٽو، روشن الدين ڀٽو، استاد نواب علي مهر وغيره. گورنمينٽ بوائر پرائمري اسڪول مبارڪپور کي هميشه بهترين ۽ جاکوڙي استاد مليا آهن.انهن سٺن استادن منجھان استاد ارشاد احمّد ڀٽو به پڻ هڪ آهي. استاد ارشاد احمّد جيڪو پاڻ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ پڙهيو ۽ ان ئي اسڪول ۾ نائب ۽ بعد ۾ هيڊماستري جا فرائض احسن طريقي سان سرانجام ڏنا.
سائينءَ کي جيڪو به ڪلاس حوالي ڪيو ويندو هو ان ڪلاس کي صاف سٿرو ۽ دلڪش بڻائي ڇڏيندو هو. هن جي مثالي شاگردن مان معلوم ٿيندو هو ته واقعي هو هڪ بهترين، محنت ڪش ۽ مثالي استاد آهي. هن پنهنجي هيڊماستري واري دؤر ۾ به انتظامي ذميواري سهڻي نموني سرانجام ڏني. هن ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن نائب کي قلم جي مار نه ڏني، جيڪڏهن ڪنهن نائب ۾ سستي، ڪاهلي ڏسندو هو ته دوستاڻي ماحول ۾ ان کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو هو. شاهه سائين اهڙن انسانن لاءِ ئي ته چيو آهي:
ڀلائي آهين، پرين ڀلائيءَ پانهنجي،
سٻاجھا سر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين،
مان ڏي مديون ٿين، سڄڻ سڄاين ۾.
(شاهه)
هو هميشه اسڪول ۾ سڀني استادن کان پهريان پهچڻ جو عادي ۽ وقت جو پابند هوندو هو. جهڙ، مينهن يا ڪيڏي به گپ هجي هو اسڪول پهچي اسيمبلي ضرور ڪرائيندو هو. ڪنهن مجبوري سبب ضروري سرڪاري آفيس جي ڪم کان سواءِ ريزڪي موڪلون به بچائڻ جو عادي هو.
هن جي آفيس بلڪل آفيس لڳندي هُئي. هن جي آفيس ۾ رکيل ڪرسي ۽ ٽيبل جي سامهون واري ديوار تي هڪ وڏو خوبصورت بورڊ ٺهيل هوندو هو. جنهن تي اسڪول جي سڀني استادن جي بايو ڊيٽا اُڪريل هوندي هُئي. ڪنهن به اسڪول جي استاد جو فارم فِل ڪرڻو پوندو هئس ته بورڊ مان ئي معلومات وٺي فارم فِل ڪري ڇڏيندو هو. ان مان ئي هڪ قابل استاد جي ڏاهپ جو ڏس ملي ٿو.
ڪاش! اهڙو کاهوڙي استاد اڃان به علم جي اُڃ اُجھائيندو رهي ها. پر ڇا ڪجي جو وقت تيزيءَ سان گذري ويو ۽ لطيف سائين جو هي بيت موقعي جي مناسبت سان چوڻو پيو ته:
کاهوڙين کڻي، ساجهر ٻَڌا سندرا،
ڏوريندي ڏونگرين، ڪيائون پاڻُ پڻي،
ڏکن ڏيک هَڻي، ڇيهه لڌائون ڇپرين.
(شاهه)





گل حسن “گل” مَلڪ
گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور
مرڪزي صدر
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)