شخصيتون ۽ خاڪا

اَڻ توريو اَگهائيو

ڪتاب ”اڻ توريو اگھايو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب استاد ارشاد احمد ڀٽو جي شخصيت بحيثيت مُعلم ۽ انسان دوست مُنتظم ۽ تعليم جي ذريعي هڪ سماج سُڌارڪ طور سندس ارپيل خدمتن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ اويس ڀٽو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2211
  • 493
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اويس ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَڻ توريو اَگهائيو

بابا، هڪ سَچو سُورمو...

بابا، هڪ سَچو سُورمو...

ڀانيان ٿو ته اهو 1994ع وارو دؤر هو، آءٌ شايد ڇهن سالن جو هئس، جو پرائمري اسڪول جي اترئين پاسي واري پراڻي بلڊنگ جنهن ۾ ٻه ڪمرا (ڪلاس) وِرانڊو ۽ ڪشادو اڱڻ هو. هاڻي ته اها پراڻي بلڊنگ ڊَهي نئين بلڊنگ تيار ٿيل آهي. مون کي ياد آهي ته اها نئين بلڊنگ به اسان جي ڳوٺَ جي ٺيڪيدار مرحوم پير بخش ڀُٽي ٺاهي هئي.
سو ڳالهه پئي ڪيم ته ان پراڻي بلڊنگ ۾ هڪ ڪلاس بابا جو به هو. بابا ان ڪلاس ۾ ٽيون ڪلاس پڙهائيندو هو. آءٌ ڪلاس جي اترئين پاسي کان اڏيل ٻن درين ٻاهران ويهي مٽيءَ جا گهرڙا ٺاهي راند ڪندو هئس. هڪ ڏينهن بابا هٿ کان پڪڙي چيو.
“هل پُٽ آءٌ تو کي اسڪول جي استاد وٽ ڇڏي ٿو اچان. ته جيئن تُون پڙهين ۽ لکين”.
جنهن استاد کي منهنجو هٿ پڪڙايائين سو استاد رشيد احمّد ڀٽو صاحب هو. هاڻي آءٌ ان وٽ پهرئين ڪلاس ۾ داخل ٿيس. استاد رشيد تمام سخت مزاج جو استاد هو/ آهي. اهو ڏهاڙي ڪنهن نه ڪنهن شاگرد کي سَٽڪو چاڙهيندو هو، آءُ ان ڊپ وچان استاد کان ڊڄڻ لڳس، ۽ سندس ڪلاس ۾ ويهڻ کان نابري واري ويٺس. بابا کي انڪار ڪيس ته ان استاد وٽ نه ويهندس نه پڙهندس، اهو مار ڏئي ماري ڇڏيندو. پر بابا جو زور هُيو ته اهو ئي استاد سُٺو آهي اتي پڙهي تون سُڌرندين. آءُ اسڪول کان ڪڏهن ڪڏهن گسايان ته بابا ڪجھه شاگرد موڪلي ٽنگو ٽالي (ڄنگهن ۽ هٿن کان پڪڙي) ڪري کنڀائي اچي استاد جي حوالي ڪندو هيو. بهرحال بابا جي اها سختي ۽ توجھه جو نتيجو اهو نڪتو جو آءُ پهريون ڪلاس استاد رشيد احمد وٽ وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان پڙهيو. استاد رشيد احمد جي ڪرايل محنت به مون کي گهڻو هوشيار بڻائي وڌو.
ائين ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون ڪلاس پڙهيو. پرائمريءَ جي انهيءَ تعليم ۾ بابا هر قسم جي سپورٽ ڪئي. خرچي ڏيڻ، ڪتاب وٺي ڏيڻ، اسڪول جي مليل ڪم کي گهر ۾ سختيءَ سان چيڪ ڪرڻ يا اُهي شيون پڪيون ڪرائڻ ۾ ڪائي ڪَسر ڪا نه ڇڏيائين.
منهنجو بابا منهنجو والد ئي نه پر منهنجو استاد به ٿي گذريو آهي، جو چوٿون ڪلاس آءُ وٽس پڙهيس. مون کي ياد آهي ته چوٿين ڪلاس ۾ بابا مون کي تمام گهڻي محنت ڪرائي ۽ ان ڪلاس ۾ سندس روَيو هڪ پيءُ جو نه پر استاد جو رهيو. ان ڪلاسَ ۾ ڪنهن به شاگرد اهو نه ڀانيو ته آءُ ڪو سندس پٽ آهيان، ۽ بابا ٻين شاگردن جيان مون کي به هڪ شاگرد طور Treat (ورتاءُ) ڪيو. متان شاگردَ اهو سمجھين ته سائين پنهنجي پٽ سان نرمي ۽ پيارَ سان پيش اچي ٿو، جڏهن ته اسان سان سختي ۽ مارَ سان پيش اچي ٿو.
چوٿين ڪلاسَ ۾ منهنجي غلطيءَ تي بابا مون کي گهڻو نِنديو. شايد ان ڪري ئي ته هُو ٻين شاگردن کي به اها نصيحت ڏيڻ پئي چاهي ته اوهان پڻ انهيءَ نوبت کي نه اچڻ ڏيو، بلڪه سُٺا ٿيو، هوشيار ٿيو، ڏاها ٿيو.
مون کي ٻين سبجيڪٽن جي ڀيٽَ ۾ رياضي گهٽ سمجھه ۾ آئي ٿي، بابا جي حتي المقدور اها ئي ڪوشش رهي ته آءٌ ان مضمون ۾ به ڀَڙُ ٿيان. ۽ يقينن سندس ئي محنت جي بدولت مون کي رياضيءَ تي دسترس (Grip) اچي وئي. اڳتي مون کي رياضيءَ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي آئي. تان جو چوٿين ۽ پنجين ڪلاس ۾ آءٌ رياضي جا حساب سڀني شاگردن کان اول حل ڪري اچي استادن کي ڏيکاريا پئي. پنجين ڪلاسَ ۾ استاد زبير احمد ڀٽو صاحب پڻ، مون کي رياضيءَ ۾ ڀَڙُ ڪيو. پر رنگ بابا وارو لڳل هو. ٿوري پالش جي ضرورت پئي، جيڪا استاد زبير ڪري ڇڏي.
پرائمري پاس ڪري جڏهن بابا هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته اُتي به کيس منهنجي (منهنجي ٻين ڀائرن جي پڻ) پڙهائيءَ جو الڪو، اونو رهيو. هُو مسلسل هاءِ اسڪول جي استادن سان رابطي ۾ رهيو ٿي، مون لاءِ سختيءَ سان پڙهائڻ ۽ ضرورت موجب مارَ ڏيڻ لاءِ پڻ کين خاطري ڏئي ڇڏي ۽ اهو برملا چيو، اوهان اهو نه سوچيو ته استاد جو پُٽ آهي، مارَ ڪيئن ڏجيس. غلطي ڪري، گسائي ته پادر وَهائي ڪڍوس.
هاءِ اسڪول ۾ فِي، ڪتابَ، ڪپڙا ۽ ٻيون شيون بابا هر وقت مُهيا ڪندو رهيو ٿي ۽ دل لڳائي پڙهڻ جون نصيحتون ڪندو رهيو ٿي.
مون کي ياد آهي ته ڇهين ڪلاسَ ۾ سختيءَ جي ڪري اسڪول کان ونئون وڃڻ لڳس ان جو سبب ڪُجھه ڪاهل دوست به هئا، جيڪي پڙهڻ بجاءِ رُلڻ جي هُشي ڏيندا رهيا ٿي. پوءِ ائين ٿيو ته صبح جو گهران ٺهي سنڀري اسڪول لاءِ نڪرون، گهر وارن ليکي ته اسڪول ويو هان، هيڏانهن وري اسڪول بجاءِ سڌو بيگاري، ٻنين ۽ تلائن تي اچي رولاڪيون ڪيون. هڪ دفعي بابا کي اها خبر پئي ته آءٌ اسڪول بجاءِ ٻنين جا پاسا وٺي گسايان ٿو، تڏهن هُن لاڳاپيل استاد کي چيو، ان اُستاد اسان ڏانهن اَٺ ڏهه متارا ڇوڪرا موڪليا ته وڃو انهن کي وڃي گِهلي، پڪڙي، کنڀي اچو.
ڇوڪرا به اچي ڪاهي پيا، اسين بيگاريءَ جي ڀَرسان اڏيل واٽر سپلاءِ (افسوس جيڪو هاڻي تباهه ٿي چُڪو آهي) جي وَٽِ ۾ ويٺا هئاسين اچي چيائون “نه ويندؤ ڪاڏي، بيهو اتي” اسين اهو آواز ٻڌي وٺي ڀڳاسون، هاڻي اُهي اسان جي پويان ۽ اسين انهن جي اڳيان، رڳو ڊُڪ ڊُڪان وارو نظارو هُيو...... اسين زمين لتاڙيندي اڳتي ڀڄندا رهياسين، تان جو وڃي وڏي گُجي (هڪ ڳوٺ) پهتاسين. هاڻي اُهي اسان کي گهڻو پري ڏِسي اڳتي نه وڌيا، مورڳو واپس هليا ويا. مطلب اسين کين هٿ نه ڏنوسون.
ان ڏينهن تي آءٌ شامَ جو گهر به چوري چوري آيس، پر بابا مون کي سٺي رنڌڪي ڏني، ۽ ٻئي ڏينهن صُبح جو ناشتي کان اڳ مون کي پڪڙي پاڻَ سان ويهاريو ۽ ناشتو ڪري گڏ اسڪول وٺي، استاد جي حوالي ڪيائين. استاد کي چيائين “سائين! هِي رولُو ڇوڪرن جي صحبت ۾ آيو آهي، مون ان کي سٺي رنڌڪي ڏني آهي، اوهان کان به جيڪو پُڄي اصل سڌو ڪيوس. استاد به مون کي منهنجي انهيءَ ڪِرت تي مون مٿان سُٺو سونٽو هَلايو. اهو ڏينهن، اُهو شينهن، جو آءٌ وري ڪڏهن اسڪول کان گسايان. هڪ دفعو وري ڇهين ڪلاس کان وٺي ڏهين ڪلاس تائين آءٌ محنت سان پڙهندو رهيس.
اڙي!!! اها ڳالهه ته وسري وئي........ جو، بابا ستن سالن جي عُمر ۾ اسان سڀني ڀائرن کي نماز طرف لاڙو وٺرايو. آءٌ به ستن سالن جو هئس جو بابا مون کي به مسجد ڏانهن وٺي ويو، چار وقت پاڻ سان گڏ مسجد وٺي نماز پڙهائي وري واپس آڻيندو هو. فجر جي نماز تي صُبح جو شروعاتي ڏينهن ۾ ڪو نه ٿي اٿايائين جو اسين پتڪڙا هئاسين، سِيءَ جي سَٽ نه سَهي سگهياسون جو بابا فجر تي في الحال ڪو نه ٿي اٿاريو. پر اڳتي هلي پنج ئي وقت مسجد ڏانهن وٺي ٿي هليو.
نماز پڙهڻ واري اها عادت يقينن بابا سائين وڌي، جو اڄ به الله جي ڪرم سان نماز پڙهون پيا. ان کان سواءِ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ پڻ هُن اسان کي حافظ ظهور احمد ڀٽو صاحب جي حوالي ڪيو، جنهن جي جڳ مشهور سختي اسان کي ٻيڪڙ ۾ وِڌو، جو اسين قرآن جي تعليم سان گڏوگڏ اسلامي تعليم پڻ سختيءَ سان ٻڌي، پڙهي، سمجھي، ان تي عمل به سختيءَ سان ڪيوسون، مجالَ آهي جو اسان جا پاڇا ڀيڏيءَ کان هيٺ هجن، اصل بکيا اڊيڙي ڇڏي حافظ ظهور........! بهرحال اهڙيءَ سختيءَ به اسان جي شخصي تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
حافظ ظهور احمد کان پوءِ وري بابا اسان کي استاد رشيد احمد وٽ وڌيڪ ديني تعليم لاءِ ويهاريو.
مئٽرڪ کان پوءِ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ داخلا ته ورتي، پر افسوس جو ان وقت ريگيولر ڪلاس ڪو نه هليا ٿي، جو سڀني سبجيڪٽن کي صحيح نموني سان پڙهجي ها. پر بهرحال يارهين ۽ ٻارهين جو امتحان پنهنجي ٻَل تي پاس ڪيوسون. تن ڏينهن ۾ بابا مون کي شناختي ٺهرائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي هليو. ان کان سواءِ ڊوميسائل وغيره ٺهرائڻ لاءِ ٺُل ڏانهن پڻ پنهنجي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري مون کي وقت بوقت ڊي سي آفيس ڏانهن وٺي ويندو ٿي رهيو.
آءٌ هتي اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته نائين درجي کان اسان جُون معاشي حالتون ايترين سٺيون نه هُيون، ڇو ته اسان جو بابا سائين هڪ ئي وقت پنهنجي گهر کي اڪيلي سر هلائي به رهيو هو ته هوڏانهن اسان ڀائرن جي تعليم تي به خرچ ڪري رهيو هو. اسين ڪڏهن ڪڏهن نوان ڪپڙا، ڪتاب، جوتا به خريد نه ڪري سگهندا هئاسين. پر بابا اسان جي تعليم کي بيهڻ ڪو نه ڏنو، بلڪه ان کي هر ڏکئي حالَ ۾ جاري رکيائين. پئسا پٽي سٽي به اسان کي اسڪول فِي جو پُورائو ۽ ڪتاب وٺي ڏيندو هو. معاشي گذران ايڏو تنگ ٿي ويو، جو بابا سائيڊ ۾ هڪ ننڍڙو ٽيوشن سينٽر کوليو. ان جو بظاهر وڏو مقصد ٻارن کي تعليم ڏيڻ ته هيو، پر حقيقت ۾ اتان ڪجھه ڏوڪڙ ڪَٺا ڪري اسان مٿان خرچ ڪيائين، ته جيئن اسان جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا ڪمي نه اچي. ڀل ته اسين ڪپڙا پراڻا پهرياسين پر ڪتاب نوان ورتاسين، اسڪول ۾ فِي سڀ کان اڳ اسان جمع ڪرائي سين. اڄ اهو ڏک ناهي ته ان ڏکي گهڙيءَ ۾ بابا اسان کي نوان جُوتا ۽ نوان ڪپڙا نه وٺي ڏئي سگهيو، پر تعليم ڏياري هُن سڀ ڪجھه ڏئي ڇڏيو. اڄ الله جو شڪر آهي ته وَڙ وَڙ جا ويسَ وڳا پايون ٿا، اهو سڀ ڪجھه پنهنجي بابا ۽ امڙ جي ڪري ئي آهي. سُٺو ٿيو جو بابا ڪالهه جيڪڏهن رڳو سٺن ڪپڙن پارائڻ تي ئي ترجيح ڏئي ها، ته اڄ اسين واقعي پراڻا ڪپڙا پايون ها. اڄ اسان جي اها حالت نه هجي ها، شايد اسين بيڪار بڻجي ۽ بِگڙجي وڃون ها. اهو سڀ ڪُجھه سندس اولاد سان سچائي ۽ محبت جو ثبوت آهي، جو هُن اسان کي سُٺي تعليم ۽ تربيت ڏني. اڄ بابا جا اسين ٽيئي پُٽ سرڪاري نوڪري ۾ آهيون. آءٌ ۽ اياز صاحب سترهين گريڊ ۾ آهيون، اهو بابا جي محنت ۽ سچائي جو ثمر آهي. نه فقط اسان سان بلڪه پنهنجي پيشي سان سچائيءَ جو صِلو آهي. جو هُن ڪالهه پرايا ٻارَ ٿي پڙهايا، اڄ هُن جو اولاد پڙهي پنهنجي منزل تي رسيو آهي. اها سندس اڻ ٿڪ محنت ئي آهي.
گريجوئيشن ۽ ماسٽر ڪرائڻ ۾ به بابا جو ئي هٿ رهيو. هُن فُل سپورٽ ڪئي. نه فقط اهو بلڪه ايم.ايڊ، بي.ايڊ ۽ ايم فِل جھڙي اعليٰ تعليم ڏياري هُن هڪ فرض شناس استاد، ۽ وفادار والد، جو ثبوت ڏنو آهي.
سرڪاري نوڪريءَ کان اڳ بابا اسان جي نوڪريءَ ۽ روزگار لاءِ ڏاڍو فڪرمند رهيو ٿي. ان وچ ۾ بابا سائين پرائيوٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪم ڪرڻ، مهارتون حاصل ڪرڻ ۽ چار پئسا ڪمائڻ لاءِ اسان جي هر حوالي سان سهائتا ڪئي. ايتري تائين جو ادارن جي مالڪن کي پاڻ پنڌ ڪري وڃي چيائين ته سائين هنن کي پنهنجي اداري ۾ پڙهائڻ جو موقعو ڏيو، هي لائق آهن.
اڳتي هلي هن پنهنجي سپنن جي ساڀيان ڏٺي، جو اسان کي سرڪاري نوڪريون مليون. هُن پنهنجا ٿَڪ لهندي محسوس ڪيا. اڄ اسان کي هڪ سُٺي ۽ ذميوار والد تي فخر آهي. جنهن پنهنجي دؤر ۾ ڪنهن به فرض ۾ڪوتاهي نه ڪئي. پنهنجي ڊيوٽيءَ سان ايترو سچو رهيو، جو اڄ مبارڪپور جو هر فرد کيس ان حوالي سان ڪا به مَيار نه ڏيندو ته هُن ٻارن کي نه پڙهايو، اسڪول ۾ نه پڙهايو، اسڪول ۾ گسايو، وقت وڃايو، هينئن ڪيو، هونئن ڪيو. بلڪه هر ڪوئي عزت ۽ ادب جي نگاهه سان کيس ڏسي پيو ته سائين خوب نڀايو ۽ سٺو ملهايو آهي. هُن جي شخصيت ۾ ڪو به تضاد ناهي. هُو نهايت ذميوار شخص۽ تعليم ذريعي سماج سُڌارڪ طور مبارڪپور جي تاريخ ۾ اُڀريو آهي.
اسان جي ڳوٺ مبارڪپور جي اها تاريخ بابائي جوڙي آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي محنت سان، هڪ پرائمري ٽيچر هوندي، پنهنجي اولاد کي پڙهائي آفيسر بڻائي. ها، اها تاريخ بابا ئي رقم ڪئي آهي. اڄ هر ماڻهو کيس زبردست خراج پيش ڪري پيو ته ڪيئن نه هڪ پرائمري ٽيچر ايڏو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. جيڪڏهن هڪ پرائمري ٽيچر پنهنجي پيشي سان سچو ٿي پنهنجي دنيا، آخرت ۽ اولاد سنواري سگهي ٿو ته ٻيو ڪو ماڻهو ائين ڇو نه ٿو ڪري سگهي؟
آءٌ سمجھان ٿو ته بابا پنهنجي پيشي سان سچو نه رهي ها، ته شايد اڄ ڪهاڻي ٻي ڪا هجي ها. اڄ جيڪو ڪجھه آهي، اهو ائين نه هجي ها، بلڪ ان جي ابتڙ هجي ها.
بابا جتي پنهنجي پروفيشن سان سچائيءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، اُتي هُن هڪ معاشري جي مِثالي فرد طور پڻ پاڻ کي پيش ڪيو آهي. هُن پنهنجي توڙي پرائي سان ڪڏهن ڪو نه ڦِٽايو آهي. هر جنم وٺندڙ جهيڙي کي ٽاريو آهي. ماڻهن کي ٺاريو آهي، نفرت کي ماريو آهي. سِڪ، محبت کي ساريو آهي. ڪڏهن به ڪو بغض، ڪينو، ساڙ دل اندر ڪو نه ڌاريو آهي.
لطيف سائين اهڙي جرئت کي هيئن بيان ڪيو آهي:
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وِهم وِسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍالَ مَ ڍارَ،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿيين.
مون کي ياد آهي ته اسين جڏهن جوان ٿياسين، رت گرم هُيو، ٿوري ٿوري ڳالهه تي اُلرون پئي ڪيوسين، ڪاوڙ جا ڪارتُوس ٻين مٿان تاڻڻ جا تابعدار ٿياسين. تڏهن بابا اسان کي به ٽاريو، چي: “پُٽ! ڪاوڙ ڪني شيءِ آهي. سڀ ڪجھه صحيح ٿي ويندو. جهيڙي جو مُنهن بَر ڏي ڪريو. ڪو هڪ ٻه گار ڏئي ته به ڪنڌ نمائي پنهنجي واٽ وٺي هليا وڃو.
ڪجھه معاملن ۾ اسان سان ماڻهن ٻيائي، ٻه اکيائي ۽ اَنياءُ انتهائي ڪيو، جنهن تي پنهنجو رتُ ڏاڍو ٽَچڪندو هو. پر بابا ڇاڪاڻ ته همت، صبر، سهپ جي صورت هو، تنهن سدائين “جيڪو مُڙيو سو جُڙيو” واري فارميٽ تي هلايو. ان ڏس ۾ ڪجھه ماڻهن وري اسان کي اهو چئي ڄڻ ڦٽن تي لُوڻ ٻُرڪيو ته “توهان جو پيءُ ڪمزور آهي”. پر نه نه!! اهي سڀ غلط ۽ ڪوڙا هئا. بابا صحيح، سچو ۽ سگهارو آهي. بقول لطيف سائينءَ جي ته:
سُور وراهيان سرتيون،
ٻيون ڪوهُه ٻُجهنِ،
جي وراهيا وڃن،
جن سَندا تن سامهان.
بابا جيڪو اکر اکر چيو آهي اُهو جيئن جو تيئن ثابت ٿيو آهي. صوم صلواة، ذڪر، عبادتن جو اهتمام ڪندڙ بابا هِڪ اُجري احساس جيان سُٺي سوچ جو مالڪ آهي، تنهن ڪري الله سائين جي ڀلائيءَ سان کيس اڄ ڏينهن تائين ڪنهن وار به ونگو نه ڪيس. جن ماڻهن کيس تڪليف ڏيڻ پئي چاهي، انهن جي پنهنجي تَرا پٽ ٿي وئي.
گهر ته گهر پر پاڙي ۾ به ڪنهن کي تڪليف ڪو نه ڏني، ۽ سنڌيءَ ۾ انهيءَ مشهور چوڻيءَ جي پَرِ پاري ته “پاڙو نبين کي به پيارو آهي”.
اڄ به ڪنهن اوڙي پاڙي کان پڇا ڪبي ته هُو بابا لاءِ پنهنجي راءِ مثبت ڏيندا. ۽ اهو چوڻ ۾ ڪا به هَٽڪ هٻڪ محسوس نه ڪندا ته هُو سُٺو پاڙيسري آهي. کين بابا پاران پوري حياتيءَ ۾ هيل تائين ڪا تڪليف، ڪو جوکو ڪو نه رَسيو هوندو. بابا سائينءَ ۾ اهي شرافت واريون صفتون اسان جي ڏاڏي مرحوم پير بخش ڀُٽو واريون آهن. جيڪڏهن والدين معاشري ۾ چڱا ليکيا ويندا، ته انهن جو اولاد به ساڳي گَس جو راهي ٿيندو. ان مان به ساڳي چڱائي پلئه پوندي. لطيف سائين به چوي ٿو:
چڱا ڪن چڱايون، مَندايون مَٺن،
جو وَڙ جُڙي جن سين، سو وَڙُ سي ڪن.
اسان جو ڏاڏو مرحوم به ڪنهن تعريف جو محتاج ناهي. سخي مرد، دريا دل ۽ هڏ ڏوکي سيٺ پير بخش ڀُٽو پوري ڳوٺَ جو خيرخواهه هو، ان جي سخاوت ۽ خيرخواهي پري پري تائين مشهور آهي. اهڙين اعليٰ خوبين ۽ سُٺن ڳڻن واري انسان جي اولاد به ته ساڳئي ئي پيرَ تي هلندي نه....... سو بابا سائين پنهنجي والد واريون صِفتون پاڻ منجھه آنديون.
ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمّدﷺ جن فرمايو ته: “والدين جي مٿان اولاد جي حقن مان هِڪ حق اهو به آهي ته اُهي سُٺو نالو رکن، کين تعليم ۽ تربيت ڏين ۽ سندن شادي ڪرائين“. بابا سائين پاران تعليم ۽ تربيت واري ڳالهه آءٌ مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. پر اولاد جي شايءَ جو ذڪر ڪري پاڻ سڳورنﷺ جن جي فرمان جي تڪميل بابت اهو ٻڌائيندس ته بابا هڪ پرائمري استاد ٿي ڪري پنهنجي نياڻين (ڌيئرن) جي شادي پڻ ڪرائي آهي. اهو وڏو خرچ هُن پنهنجي پوري ساري پگهار مان گهر جي خرچ، اسان جي تعليم مان خبر ناهي ڪيئن بچائي، اِهو وڏو عمل پورو ڪندي پنهنجي ذميواريءَ وارو فرض ادا ڪيو آهي. گڏوگڏ منهنجي وڏي ڀاءُ ادل اياز ڀٽو جي ۽ منهنجي به شادي ڪرايائين. اهي سڀئي ذميواريون ۽ فرض هڪ والد جي حيثيت سان هُن خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيا آهن، نه ته هر ڪوئي انهيءَ پوزيشن ۾ هڪ ئي وقت ايڏا سارا ڪم ڪٿي ٿو ڪري سگهي....
ڪنهن به پيءُ ماءُ کي پنهنجي اولاد ڪوڙِي نه هوندي آهي، پوءِ اها چاهي چڱي هجي يا مَٺي....... اسان به پنهنجي والدين جي نظر ۾ کين پيارا، سندن اکين جا تارا، سَڀُ نيارا، سونهن وارا، ۽ دل وارا آهيون. اسان جي امڙ جتي اسان مٿان ڪَکُ به نه سَٺو آهي، اُتي اسان جي پيءُ به اسان جي هر پريشانيءَ کي پروڙيو آهي. هنن پاڻ کي ڏکيو رکي اسان کي سکيو رکڻ جا جَتن ڪيا آهن. جي بابا اسان کي ڌڙڪو ڏيندو ته امڙ کان سَٺو نه ٿيندو. پر جي وري امڙ ناراض ٿي ڪا ڇڙٻ ڏئي ته بابا کان برداشت نه ٿيندو آهي. آءٌ جيئن چيو ته هر پيءُ ماءُ کي سندن اولاد پياري هوندي آهي، ائين اسان جي والدين به اسان جي هر موڙَ تي واهُر ڪري اسان کي اڳ کان اڳرو رکڻ جي دل وچان ڪوشش ڪئي آهي. ۽ آءٌ يقين سان چوان ٿو ته، انهن هڪ والدين جي حيثيت سان اولاد وارن حقن جي پورائي ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي آهي. هُو انهيءَ سِٽاءَ ۾ سَڀ کان مٿانهان نظر اچن ٿا. اُهي پنهنجي پالڻهار آڏو چڱيءَ پَرِ سُرخرو آهن ته انهن انهيءَ حوالي سان پنهنجي مٿان اهو بارُ لاٿو آهي. انهن پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي. الله جي عدالت ۾ هُو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي يا هَٽڪ هٻڪ جي اهو چوندا ته، “اي الله! اسين اولاد جي حقن جو پورائو نيڪ نيتي، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سرانجام ڏنو آهي. اسين تنهنجي حُڪمن کي مڃڻ ۾ ڪائي ڪوتاهي نه ڪئي آهي”.
گهوٽن ۽ گهوڙن، جيئن ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
جيئن آمريڪي ناول نگار ارنيسٽ هيمنگوي چيو ته “سُورمي (Hero) بڻجڻ لاءِ خاموش دعويٰ ڪريو”. آءٌ سمجھان ٿو ته بابا به ڪڏهن ڪا دعويٰ نه ڪئي. هُن اسڪول ۾ پابنديءَ سان ڊيوٽي ڪرڻ دؤران يا هيڊماستريءَ وارن ڏهاڙن ۾ بهترين مئنجمينٽ ذريعي اسڪول جي گِراف کي مٿي کڻي آيو. سندس اها هاڪَ پري پري تائين پکڙيل هئي. سچ ته بابا، هڪ سچو سورمو آهي.
ٻيو ته جيئن مون مٿي به ذڪر ڪيو ته، بابا مبارڪپور جي تاريخ ۾ اهو واحد پرائمري ٽيچر آهي، جنهن ايتري جستجو سان پنهنجي اولاد کي به تعليم جهڙي زيور سان سينگاري، سنواري کين وڏن عهدن تائين پهچائي وڏو ماڻهو بڻايو ان سلسلي ۾ بابا ڪڏهن به ڪٿي به، ڪا پٽاڙ نه هنئي ته ٻيلي منهنجا پُٽ تعليم يافته آهن، منهنجا پٽ آفيسر آهن، منهنجا پُٽ اڪيچار ڪتابن جا ليکڪ آهن. مون وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي وغيره وغيره. بلڪه اڃا ماڻهو کيس چوندا آهن ته “سائين! اوهان کي جَسُ هجي جو اوهان تڪليف سان پنهنجي اولاد کي پڙهايو آهي”. پر ان جي اُبتڙ آءٌ تن ماڻهن کي ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته، نه فقط اُهي بلڪه سندن والدين به هر محفل ۾ پاڻُ پڏائيندا وتن. چي: اسان جي اولاد هيڏي هوشيار آهي، هيئن آهي. هونئن آهي. اسان جي اولاد هيئن ٿيندي هونئن ٿيندي”. انهيءَ ڳالهه ڪرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف اهو هو ته ماڻهوءَ کي ڪڏهن به اجائي پٽاڙ يا دعويٰ نه ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته دنيا حقيقتن ۽ نتيجن جي جاءِ آهي، هتي خوابن ۾ رهڻ وارن کي خوابن جي زندگيءَ ئي پلئه پوندي آهي. ڪو به ڪم، ڪو به ڪارنامو سرانجام ڏيڻ دؤران خاموشيءَ کان ڪم وٺجي ۽ پوءِ جڏهن اهو ڪارنامو سرانجام ڏجي تڏهن به پاڻَ اُن تي واهه واهه نه ڪجي، بلڪه ٻيو ڪوئي اوهان جي اِنهيءَ سوڀ تي ساراهَه جا ڍُڪَ ڀَري، اها ئي حقيقي ڪاميابي آهي. ۽ مان سمجھان ٿو ته بابا اِنهيءَ خيال جو ماڻهو آهي.
گريڊ، عُهدا، ڊگريون، رُتبا، اهي دنيا جي زندگيءَ ۾ اچڻيون وڃڻيون شيون آهن. بابا هيڊماستر هئڻ جي ناتي پاڻ ان عهدي جو ڪڏهن به غلط استعمال ۽ ناجائز فائدو نه ورتو. نه ئي ان عهدي تي رهي پاڻ کي ڪو آفيسر ڀانيو. بلڪه الله پاران ڏنل انهيءَ ذميواريءَ کي بهتر نموني سان نڀائي هڪ سُٺو مثال قائم ڪيو آهي. لڳ ڀڳ اوڻيهه سال انهيءَ عهدي تي رهڻ ڪا مذاق جي ڳالهه ناهي. آءٌ ڀانيان ٿو اها گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور جي تاريخ آهي جو بابا ئي ايڏو وڏو عرصو ان عهدي تي رهيو آهي.
جهڙيءَ طرح ڪمري جي ننڍڙي سوراخ مان، ڏينهن ٿيڻ جو پتو پئجي وڃي ٿو، تهڙيءَ طرح ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين مان، انسان جو ڪردار بي نقاب ٿي وڃي ٿو. بابا ان عرصي دؤران اسڪول جي ڪا به ننڍي شيءِ هيڏي هوڏي ڪرڻ کي پاپُ سَمجھيو. هُن اسڪول جي شين کي هڪ امانت طور ڀانيو. ڪتاب، ڪُرسيون، ميزون، بئنچون وغيره اسڪول جي ئي ملڪيت ٿي سمجھيائين. انهن جي انگ اکر جي مُسلسل جانچ پڙتال ۽ انهن کي محفوظ رکڻ ۾ رُڌل نظر آيو. اسڪول جي دفتري استعمال لاءِ رجسٽرن ۽ رڪارڊن کي به واهه جو محفوظ ڪيائين. جڏهن به، جيڪو به آفيسر آيو، هر شيءِ ٺيڪ ۽ صحيح بخوبي تيار ٿي رکيائين. اسڪول لاءِ ملندڙ فنڊن جو صحيح استعمال ڪيائين. ايس.ايم.سي وارن پئسن مان اسڪول جي ضرورتن کي آڏو رکندي سڀئي پئسا ان ۾ خرچ ڪيائين. ايس.ايم.سِي فنڊ جو صحيح استعمال به پوري تعلقي ٺُل ۾ ورلي ڪٿي ٿيو هجي. پر بابا پنهنجي ايامن ۾ ان جي دُرست استعمال واري وَرجاءَ ۽ وِرد کي جاري رکندو ٿي آيو.
ڏسجي ته انسان ڪجھه به ناهي. هڪ انسان هڪ پاڇي وانگر آهي، جو سڄي زندگي هن دنيا ۾ گذارڻ بعد به، ڪنهن تي واضح نه ٿو ٿئي. پر “اشرف المخلوقات” واري مرتبي ڏانهن نظر ڊوڙائجي ٿي پوءِ انسان سڀ ڪجھه نظر اچي ٿو. ها انهيءَ هڪ لفظ ۾ ئي پورو انسان لِڪل آهي.
روس جي مشهور ناول نگار ليو ٽالسٽاءِ چيو ته، “هر ڪو انسان سڀني کي سُڌارڻ جو خواهشمند ته هوندو آهي، پر پنهنجو پاڻ کي نه”. سنڌيءَ ۾ به پهاڪو آهي ته “جنهن پاڻ کي سُڃاتو، ان پنهنجي الله کي سڃاتو”. سو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي وجود جي ڪارڻ کي پروڙي وٺي ۽ پنهنجي ذميوارين کي قبول ڪري وٺي ته شايد هُو عظيم بڻجي وڃي. پر اسان وٽ ته قصو ڪجھه مختلف آهي، هڪ ته ماڻهو پاڻ چڱو ڪم نه ڪندو، پر جي ٻيو ڪوئي اها ونگار وهي ويندو ته ساراهَه بجاءِ مٿس تنقيد ۽ اجائي واويلا ڪندا آهن. اهڙي عمل سان ظاهر آهي مُعاسري ۾ سڌاري بجاءِ بگاڙ پيدا ٿيندو. بابا مٿان به سندس ڪم سان نيڪ نيتيءَ ۽ دلي لڳاءَ ڪارڻ مٿس ڊڄڻو، ڪمزور وغيره جا لفظ استعمال ٿيا. پر بابا انهيءَ تنقيد کي ترڪ ڪندي پنهنجي ڪم ۾ جنبيل نظر آيو. اها سندس ثابت قدمي هئي، جنهن کيس جڳ ۾ نرالي سڃاڻپ ڏياري. دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، جنهن به چڱائي يا ترقيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، ان مٿان الرون ۽ چِٿرون چاهه وچان ڪيون ويون آهن. خود مُحسنِ انسانيت، ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جڏهن چڱائي، حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ته کيس طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون ويون، پر پاڻ پنهنجي مقصد تي ثابت قدم رهيا.
ان حوالي سان مون کي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي، ڪٿي مون پڙهيو هو ته “اسان سمنڊ ۾ مڇين وانگر ترڻ سکيو، فضائن ۾ پکين وانگر اڏامڻ به سکيو، پر اڄ تائين اسان کي زمين تي انسانن وانگر رهڻ نه آيو”.
مجموعي طور تي بابا جي زندگيءَ جو جائزو وٺجي ٿو ته، هُو تعليم جي ذريعي هڪ سماج سُڌارڪ نظر اچي ٿو. هن پنهنجي صلاحيتن جو صحيح نموني استعمال ڪندي پنهنجي هر گهڙي علم لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي.
نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو ته: “جهالت کان وڌيڪ ٻِي ڪا خراب غربت ڪانهي، ذهانت کان وڌيڪ ٻِي ڪا به دولت ناهي”. واقعي جهالت جي اونداهيءَ ۾ اسان جو ٻيڙو ٻڏي ويندو. اسان مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لڳي ته معاشرو اُجرو ٿي پوندو، پر تعليم واري سلسلي ۾ ته صفا سنجيده ئي ٿيڻو آهي. هاڻي ته هر ماڻهوءَ ۾ شعور آهي، هر ماڻهو پنهنجو فائدو نقصان سمجھي ٿو. ڇو ته تعليم زندگيءَ جي مشڪلاتن لاءِ هڪ نظم و ضبط آهي. مشهور چيني چوڻي به آهي ته “تعليم بابت جيڪڏهن توهان جو منصوبو هڪ سال آهي ته کيتي ڪريو، ڏهن سالن لاءِ آهي ته وڻ پوکيو، اگر دائمي طور آهي ته مناسب افراد پيدا ڪريو”.
بابا سائين تعليم ذريعي سچ پچ ته انساني خدمت ڪئي آهي. انسانن جي خدمت هڪ بهترين شغل آهي ۽ خدمت سان الله ملندو آهي ۽ جنهن کي الله ملي وڃي ته ان کي ٻيو ڇا کپي؟
دُعا آهي ته بابا کي الله تعاليٰ سُٺي صحت ۽ وڏي ڄمارَ عطا ڪري. شال مُرڪندو رهي. رب سائين کيس هِتان کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ به آسانيءَ جو معاملو فرمائي کيس صراطِ مستقيم تي هليل پنهنجي ٻانهن ۾ شمار ڪري ۽ انهيءَ گس تي هلندڙ لاءِ رب سائين جيڪي انعام اڪرام رکيا آهن، انهن ۾ سندس شمار ڪري. (آمين)




اويس ڀٽو
سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)
ڳوٺ مبارڪپور
تعلقو ٺُل، ضلعو جيڪب آباد