ڪي ڪي جِيءَ جيارا ماڻهو....
منهنجي شروعاتي استادن منجهان هڪ لائق ۽ معتبر استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب تازو ئي رٽائرڊ ٿيو آهي.
آءٌ سمجهان ٿو ته اهو سن 1989ع يا 1988ع جو دور هو، جو مون کي والدين پهرين درجي ۾ داخل ڪرايو. منهنجو پهريون يا شروعاتي استاد جنهن مون کي بئنچ تي شاگردن سان ويهڻ، قلم هٿ ۾ پڪڙڻ ۽ لکڻ پڙهڻ سيکاريو، اهو منهنجو مانائتو استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب ئي هو.
پڙهائيءَ جي اوائلي درجن ۾ جيڪڏهن تجربيڪار ۽ ٻاجهارا استاد ملن ته پوءِ اڳتي وڏي آساني پيدا ٿئي ٿي. اهي ٻئي شيون سائين ارشاد احمد منجهه مليون، جنهن جي ڪري اڳتي به آساني ٿي.
سائين محترم جي پڙهائيءَ سان گڏ پوشاڪ پڻ ڏسڻ وٽان هوندي هئي. سائين جن پاڻ قدآور، صاف سٿرا ڪپڙا پهري ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪپڙن تي موسم مطابق وائس ڪوٽ ۽ ڪوٽ به پهري ايندو هو.
روزانو سائين صبح جو اسيمبليءَ ۾ اچي ضرور بيهندو هو. اهڙي عمل مان يقيناً سندس وقت جي پابندي نظر اچي ٿي. اسان به اسيمبليءَ ۾ بيهي پنهنجي پتڪڙن هٿن ۾ سليٽ ۽ ڪتاب پڪڙي وڏي نظم ۽ ضبط سان بيٺا هوندا هئاسين. هڪ استاد جي حيثيت سان سائين اسان کي پڙهڻ ۽ لکڻ سان گڏوگڏ ادب، اخلاق ۽ نظم و ضبط پڻ سيکاريو، اهي ڏينهن ڄڻ ته قدرت واري استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب کي اسان جي سنوارَ لاءِ سونپيا هئا.
استاد صاحب نهايت ڪمٽيڊ ۽ پنهنجي پيشي سان ايترو سچو جو اسان کي ياد ڪونهي ته سائين ڪڏهن ڪا موڪل ڪئي هجي، جيئن شاهه ڀٽائيرحه سُر سامونڊي ۾ فرمايو آهي ته:
سمنڊ ڪين سڪن، ڪوڙين جو ڪائو ٿئي،
پاڻيءَ سين پيک ڪيو، تيلارا وڻجارن،
لاحلُون سي لهن، جنين سودو سچ سين.
محترم استاد صاحب وارو ٻيڙو به مون کي سچ ئي لڳو، جنهن ۾ اسين سفر ڪري رهيا هئاسين.
گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ شروعات کان آخر تائين مون کي استاد ڪنهن تنظيم يا سياست ۾ حصو وٺندي نظر نه آيو، شايد پنهنجي پيشي سان سچو هجڻ جو هڪ پهلو اهو به آهي.
سائين جن اسان جي پڙهائيءَ جي معاملي ۾ ايترا ته سخت هوندا هئا، جو جيڪڏهن سبق ڪچو هجي، ته پوءِ رسيس به بند ۽ پاڻ اسان کي ياد ڪرائي پوءِ موڪل يا رسيس ڪندا هئا. اهڙي سچائيءَ جو مظاهرو جيڪڏهن هر استاد ڪري ته شايد تعليم جو پنهنجو اهو اوج واپس اچي وڃي، جيڪو اڄ کان پهريان هو.
استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب جن جي سنگت جو حلقو به تمام محدود هو، جيڪو اڄ تائين به محدود آهي. سائين پنج وقت نماز پڙهندڙ ۽ دين مذهب جي پابنديءَ سان پوئواري ڪندڙ آهي. نفيس ۽ حليم طبيعت جو مالڪ استاد جڏهن ڪلاس ۾ داخل ٿيندو هو ته هڪ ڪڙڪيدار آواز هوندو هو، جنهن کي ٻڌندي اسان جو سڄو ڌيان سليٽ ۽ ڪتابَ ۾ هليو ويندو هو ته ڪٿي ڪا غلطي نه ٿي پئي، ڇو ته غلطيءَ جي گنجائش نه هوندي هئي.
استاد جي اها هڪ وڏي خوبي ئي چئبي جو سائين ڌڪ ۽ چماٽ جي جاءِ تي هڪ دڙڪي مان ڪم وٺندو هو ۽ اسان ڪلاس ۾ ويٺل سڀ شاگرد خاموشي ۾ وٺجي وسامي ويندا هئاسين، ۽ رڳو پڙهڻ ۾ ڌيان اٽڪجي ويندو هو.
سائين محترم، سيٺ پير بخش ڀٽو صاحب جن جو لائق فرزند، ٻين جي ٻارن جي تعليم جو فڪر ائين ڪندو هو، جيئن پنهنجي ٻارن جو. اهڙا استاد اسان جي معاشري ۾ تمام گهٽ آهن.
استاد محترم، پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ هي مرد مجاهد، هڪ ڏينهن ساڳئي ئي اسڪول ۾ جڏهن هيڊماستر مقرر ٿيو، تڏهن آءٌ ڪراچي، بئنڪ الحبيب ۾ ڊيوٽي ڪندو هئس. سائين جن جي هيڊماستر ٿيڻ جي خبر ٻڌي بيحد خوش ٿيس، نيٺ محنت جو ڦل کيس ائين به مليو.
آءٌ اهو نه ٿو ڄاڻان ته استاد ارشاد صاحب جا استاد ڪهڙا هئا، پر شخصيت منجهان اهو پرکي سگهجي ٿو ته سندن تربيت ۽ تعليم استاد صاحب تي گهرو اثر ضرور ڇڏيو هوندو.
فنونِ لطيفه، محفلن ۽ موسيقيءَ سان گهٽ چاهه رکندڙ، هي استاد گڏجاڻين ۽ تقريبن ۾ به گهٽ. نظر ايندو هو. جي کڻي ڪٿي ڪنهن تقريب ۾ هوندو به ته هڪ پاسي، خاموش، پنهنجي شخصيت ڏانهن متوجهه ڪندڙ.
جيئن ڪنهن شاعر فرمايو:
ڪنهن جي ڳالهه ڪين وڻي، ڪنهن جي ماري خاموشي،
ڪنهن جي هستي موت برابر، ڪي ڪي جيءَ جيارا ماڻهو.
سو سائين ارشاد احمد صاحب به انهن جيءَ جيارن منجهان ئي آهن.
خداوند ڪريم کيس چئن فرزندن سان نوازيو آهي، جيڪي نيڪ ۽ صالح آهن. جن مان ٻه اياز ۽ اويس 17هين گريڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهن. جاويد پوليس ڪانسٽيبل ۽ جونيئر پير بخش اڃان تعليم واري پيچري ۽ والد محترم پاران مليل گس تي آهي. الله تعاليٰ ان کي به سٺو سرڪاري عهدو نوازيندو.
آءٌ وڌيڪ استاد محترم جي صحتيابي ۽ وڏي عمر لاءِ ڌڻيءَ پاڪ جي بارگاهه ۾ دعاگو آهيان، شالَ رب کيس آسائشون عطا ڪري ۽ آسانيون پيدا فرمائي. (آمين)
قمر مهر/مبارڪپور
اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ
سنڌ بئنڪ لميٽيڊ
ڪشمور (سنڌ)