دل گُهريو دوست ۽ احترام لائق اُستاد
دنيا جي زندگيءَ ۾ جتي نفرتون آڇيون وڃن ٿيون، اُتي محبت جو ملڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. هر طرف اَنا ۽ وڏائيءَ جو ماحول جُڙيو پيو آهي. اهڙي ماحول ۾ جيئڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ نه آهي.
منهنجي زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيا دوست آيا، جن محبت جو وکر وکيريو. جن جي ساٿ سان پنهنجائپ وارو احساس سدائين ٿي رهيو آهي. ها اهڙن ماڻهن هوندي پوءِ جيئڻ جو احساس جاڳي ٿو.
منهنجي اهڙن پيارن دوستن مان اُستاد ارشاد احمّد ڀٽو به هڪ آهي. جنهن جي خلوص جي ڇا ڳالهه ڪجي.
ارشاد احمد سان منهنجو تعلق ڪو اڄ جو ناهي، هو اسان جو دوست ۽ مائٽ پڻ آهي. اهو 1984ع وارو زمانو هو، جڏهن منهنجي والدين منهنجي مڱڻي ڪرڻ لاءِ منهنجي رشتي جي چونڊ ٿي ڪئي، نصيبن ۾ سکر مان منهنجو رشتو ٿيو، منهنجي مڱڻيءَ تي منهنجي مٽن مائٽن کان سواءِ الاهي سارا دوست پڻ آيا، جن انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي گڏ ٿي پنهنجائپ ۽ پيارَ جو ثبوت ڏنو، انهن مان اسان جو سائين ارشاد احمد ڀٽو پڻ مبارڪپور مان ڪهي اچي انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي شريڪ ٿيو. سندس شرڪت منهنجي لاءِ وڏي خوشيءَ جو باعث هئي. اڄ به ان مڱڻيءَ جا فوٽو مون وٽ محفوظ آهن، جن ۾ ارشاد احمد جو ٻهڪندڙ چهرو نظر اچي ٿو.
ارشاد صاحب اسان جو دل گهريو دوست ۽ احترام لائق استاد آهي، پر سندس پهريان دوستي منهنجي وڏي ڀاءُ اَدا عنايت الله سان هئي. هو اسان وٽ هِتي ڪوٽڙيءَ ڏانهن ملاقات، ڪچهريءَ ۽ ڪم ڪار سانگي ايندو رهندو هو. پر اڄڪلهه هو اسان ڏانهن انهيءَ تسلسل سان ڪونه پيو اچي، جيڪا کانئس شڪايت آهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته شايد سندس تسلسل سان نه اچڻ جو سبب زماني جا ڪم ڪار ۽ ذاتي مصروفيتون ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اڄڪلهه هر ماڻهو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ گهڻو مصروف آهي.
ارشاد صاحب جي پنهنجي پيشي سان سچائي به ڪنهن کان ڪونه لڪيل آهي. هُن تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيڻ کان وٺي رٽائيرمينٽ تائين پنهنجي ڊيوٽي کي بهترين طريقي سان سرانجام ڏنو آهي. پاڻ معاشري ۾ هڪ سٺي استاد طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، سٺو استاد صرف نالي جو نه بلڪ عملي طور تي هُن پنهنجي نالو ڪمايو آهي.
پنهنجي ڊيوٽيءَ سان سچائي ۽ وفاداريءَ جو جيڪو مثال ارشاد صاحب قائم ڪيو آهي، اهڙو مثال سندس تَر ۾ ملڻ مشڪل آهي. ڇو ته ٺُل، جيڪب آباد تعليم جي حوالي سان پٺتي پيل علائقو آهي، پر سائين محترم جن جهڙا اُستاد اتي هوندا ته پوءِ نيٺ اهي علائقا هڪ ڏينهن تعليمي ترقيءَ ۾ جتي ڪٿي ساراهبا.
ارشاد صاحب جي سندس کاتي ۾ هڪ سُٺي منتظم طور به سڃاڻپ آهي، جيڪا سندس شخصيت کي پڻ معتبر بڻائي ٿي. هُن بطور هيڊماستر جي، پنهنجي سڀني ذميوارين کي خوش اسلوبيءَ سان نڀايو آهي. جيڪا ڳالهه پڻ تعريف جوڳي آهي.
ارشاد صاحب تعليم ذريعي سماجَ ۾ بهتريءَ جو جيڪو قدم کنيو سو آءٌ ڪامياب ٿو ڏسان، واقعي هو سماج سُڌارڪ آهي.
منهنجون دعائون ۽ محبتون ساڻس گڏ آهن. شالَ ائين ئي اڳ کان اڳرو هجي. (آمين)
شفقت الله قبوليو
سينيئر پبليڪيشن آفيسر
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، ڄام شورو