ڏونگر جنين ڏوريا...
وقت بادشاهه
وقت هڪ اهڙو بادشاهه آهي جو ميار مهڻي کان آجو، هر اميرُ گدا جو محتاج نه ٿو رهي، هن بادشاهه جي وڏي ڳالهه اها جو ڪڏهن ڪنهن وٽ ٽڪي نه ٿو. بس پنهنجي مرضيءَ سان وهندڙ پاڻي جيان هلندو رهي ٿو ۽ يادن جا اهڙا چٽ چٽي ٿو جيڪي عمر ڀر مٽجي نه ٿا مٽجن، بس يادون ان وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي جيان ترنديون رهن ٿيون.
ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي جڏهن والد بزرگ وار ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ مون کي داخلا لاءِ وٺي ويو، جتي اڪثر استاد ۽ هيڊماستر صاحب سندس جا شاگرد هئا. جنهن سان ملاقات بعد بابا سائين مون کي پهريون درجو سائين ارشاد احمّد ڀٽو وٽ پڙهڻ کي ترجيح ڏني ۽ سائين کي مرڪندي چيائين ته “ارشاد احمّد توهان مون وٽ پڙهيا ۽ هاڻي منهنجو پٽ توهان وٽ پڙهندو”. جنهن تي سائين ارشاد احمد وراڻيو ته سائين مون لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي. بس پوءِ ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ ا، ب، ت، پڙهڻ شروع ڪيو جنهن کي اڄ ٽيهه (30) سال گذري ويا ۽ خبر ئي نه پئي.
سائين بحيثيت هڪ استاد
لفظ استاد لکڻ، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ته هڪ ننڍڙو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ مفهوم کان هر ڪوئي چڱي ريت ڄاڻ رکي ٿو، استاد ئي ته آهي جنهن کي پيءُ ماءُ جو درجو مليل آهي، استاد جو مان، مرتبو ۽ اهميت ان حديث مان سمجهي سگهجي ٿي ته، ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو ته، رب پاڪ مون کي هن دنيا ۾ استاد ڪري موڪليو آهي.
اهو استاد ئي ته آهي جيڪو دماغ جي بند پيل ٽئين اک کولي ٿو. اسان جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ ڪنهن استاد جو ذڪر ڪنداسين ته سائين ارشاد احمّد جو نالو به سرفهرست نظر ايندو. جنهن تعليمي ميدان ۾ نه صرف پاڻ ملهايو پر مڃرايو به آهي. سندس پڙهائڻ جو طريقو، هر هڪ ڳالهه پنهنجو مثال پاڻ آهن، هر شاگرد سان پيار ۽ شفقت، کين اولاد جيان ڀانئڻ سندس اعليٰ ظرف ۽ اخلاقيات جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. جي کڻي چئجي ته عام رواجي استاد کان بلڪل مختلف ته وڌاءُ ٿيندو. سندس شخصيت تي لفظ استاد ائين ٺهي ٿو ڄڻ منڊي تي ٽڪ.
نِينهُن نِهائِينء جان، ڍڪيو ڪوهُه نه ڍڪِئين؟
ڄَرَ ڄَيري ڇَڏي، تِه ڪِئين پَچندا ٿانءَ؟
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالَهڙي.
(شاهه)
سائين جي شخصيت
سائين جي شخصيت تي لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه ته ناهي پر هڪ شاگرد ۽ ٻچي جي حيثيت سان ڪجھه لکڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. گهڻ رُخي شخصيت جا مالڪ سائين ارشاد احمّد جي عام زندگي به اتساهه ڏيندڙ ۽ مثالي آهي، پرائي کان پري هر وقت خدا جي سڏ تي حاضر، لاچار جي مدد ائين ڪندا جو ٻي هٿ کي به سڌ نه پوي.
سندس چهري تي خدا ترسي ۽ همدردي عيان هوندي آهي/ هئي. ڳوٺ جي سُکي ستابي خاندان سان تعلق هئڻ ڪري به سندس شخصيت نمايان آهي. اسڪول هجي يا گهر هر وقت صاف سٿرا، تازا توانا، چست ۽ ڀڙ نظر ايندا.
سندس مرڪندڙ چهرو شخصيت کي چار چنڊ لڳائي ٿو. بهار جي مُندَ جهڙو سائين پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
آءٌ تن ڏوٿين جو، پڇان پير، پَهي،
رُڃَ رات رهي، ڏونگر جنين ڏوريا.
(شاهه)
جڏهن آءٌ سائين وٽ پڙهندو هيس
اها ٽيهه سال پهريان جي ڳالهه آهي، جڏهن آءٌ سائين وٽ پهرين ڪلاس جو شاگرد هيس. وري خوش نصيبي اها جو پرائمري جا پنج ئي سال سائين جو لاڏلو رهيس. سندس گهڻا تڻا ڪم ڪار آءٌ ئي ڪندو هيس. ڇاڪاڻ ته سائين مون کي اولاد جيان ڀائيندو هو، سياري جي موسم ۾ گهڻو ڪري سائي چانهه ۽ ڊراءِ فروٽ کائيندا هئا ۽ ٻين استادن ڏانهن به موڪليندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي آمد به ٿيندي هئي، دوستن ۾ اڪثر مرحوم سيف الله مگسي ۽ محرم ڀٽو نمايان رهيا. مون کي ياد ناهي جو سائين ڪڏهن سرڪاري ڪرسي استعمال ڪئي هجي، اڪثر پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪرسي ۽ ميز جو ڪَور خريد ڪندا هئا.
گهنڊ لڳڻ کان پهريان اسڪول اچڻ ۽ ٺيڪ موڪل جي وقت وڃڻ سندس ڊيوٽيءَ جو معمول هوندو هو، فرض شناس ۽ ڊيوٽي جا پابند رهيا.
صاف سٿري پوشاڪ ۾ شخصيت نمايان نظر ايندي هئن. سياري جي موسم ۾ ڪوٽ ۽ ويسٽ ڪوٽ پائڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. سندس پڙهائڻ جو طريقو ٻين استادن کان گهڻو مختلف نظر آيو، وس ويندي ڪنهن شاگرد کي سزا نه ڏيندا هئا. مطلب ته هڪ حقيقي استاد جا سڀ گڻ سائين جن ۾ جهلڪندي نظر ايندا هئا.
ٻه اکر ۽ دعا
شيڪسپيئر چواڻي ته هي دنيا هڪ اسٽيج آهي جتي هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.
اها حقيقت آهي هر ماڻهو پنهنجي ڪردار جي ڪري ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پوءِ اهوڪردار Positive هجي يا Negative، ان جي سڃاڻ ان جا عمل هجن ٿا.
تاريخ هميشه اهڙا ڪردار ساراهيا ۽ پنهنجي ورقن ۾ زندهه رکيا آهن. جن خلق خدا جي ڀلائي ۽ چڱائي لاءِ ڪجھه ڪري ڏيکاريو هجي، اهڙن ڪردارن مان سائين ارشاد احمّد ڀٽو جن جو ڪردار به قابل تعريف آهي. جنهن پنهنجي استاديءَ ۽ هيڊماستريءَ واري دؤر ۾ جنهن نموني ڳوٺ جي تعليم کي هٿي وٺرائي پاڙ پختي ڪئي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. سندس تعليمي ميدان ۾ ڪيل خدمتون تاريخ جو اَملهه حصو آهن.
سندس قيمتي پورهيي مان مون سميت ڪيترائي شاگرد وڃي منزل رَسيا ۽ رسندا، سندس پورهيو صدقه جاريه آهي. سائين جي رٽائرمينٽ سان تعليمي ميدان ۾ ٿيندڙ خال جو ڀرجڻ نهايت مشڪل آهي.
آءُ ڌڻي در سائين جن جي عمر درازي ۽ سدا خوشحالي جي دعا ٿو ڪريان. (آمين)
نورِي ۽ ناري، جوڳيَڙا جهان ۾،
ٻَري جَن ٻاري، آءٌ نه جِئندِي اُن رِي.
آصف فيض ڀٽو
مبارڪپور