اُستاد جو مانُ ۽ اُستاد ارشاد احمد
چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان قوم جي علم ۽ ڪلچر کي ختم ڪيو وڃي، ته اها قوم خودبخود تباهه ٿي ويندي. اهڙيءَ طرح علم جو شرف اهو آهي جو آءٌ سمجهان ٿو ته علم کي ڦهلائيندڙ يعني استاد جو مان ۽ مرتبو علم کان به وڌيڪ آهي. ڇو جو علم جو سيکاريندڙ ئي استاد آهي.
ڪنهن وقت جي پراڻي ڳالهه آهي ته ڪنهن بادشاهه جي گهر ۾ استاد 6 ڪلوميٽر پنڌ ڪري، ان جي ٻار کي پڙهائڻ ايندو هو، هو گهوڙي تي ايندو هو، شام جو واپس پنهنجي ڳوٺ موٽي ويندو هو. استاد انهن ٻارن مان هڪ 9-10 سالن جي ٻار ڏانهن ڪڙي نظر سان ڏسندو هو، جو اهو ٻار استاد ڏانهن حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسندو هو.
هڪ ڏينهن استاد، ان ٻار کان پڇا ڪئي، ته پٽ تون مون ڏي ائين ڇو ڏسندو آهين؟ انهيءَ تي ان ٻار جواب ڏنو ته استاد آءٌ هڪ غريب ۽ مسڪين جو ٻار آهيان، اوهان مون کي به ڪجهه علم ڏيو، ان ڪري اوهان ڏانهن نهاريندو آهيان. استاد چيو پٽ مون کي ٽائيم ئي ڪونهي جو توکي ڏيان، اهو ممڪن ئي ناهي. ان تي ٻار چيو ته ڀلا سائين هڪ عرض مڃيو، ڀلا جنهن وقت اوهان ڳوٺ ڏانهن واپس ويندا آهيو ته ان وقت آءٌ اوهان کان ڪجهه سوال پڇندس، اوهان صرف ان جا جواب مون کي ٻڌائجو. استاد سوچيو ڪجهه سوال هوندا، ان ۾ ڪو حرج ناهي. ٻه چار سوال ئي ته هوندا.
استاد ان ٻار کي ها ۾ جواب ڏنو، ٻئي ڏينهن تي شاگرد سوال شروع ڪيا. هو سوال ڪندو رهيو، استاد جواب ڏيندو رهيو. مسلسل 6 ڪلو ميٽر پورا ٿيا پر سوال پورا نه ٿيا. وري ٻيو ڏينهن.
آخرڪار 6 سال مسلسل سوال ۽ جواب جو 6 ڪلو ميٽر پنڌ، شاگرد سوال ڪندو رهيو ۽ اهو شاگرد اڳتي هلي امام غزاليرحه جي نالي سان مشهور ٿيو.
استاد جو شان ۽ مان تمام وڏو آهي. اهڙن عظيم استادن مان اسان جي ڳوٺ مبارڪپور جو ڄاتل سڃاتل استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب به هڪ آهي.
استاد هميشه مسڪرائيندو آهي، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو آهي. آءٌ استاد ارشاد احمد وٽ جڏهن به ملڻ ويندو آهيان، ته هو وڏي آڌرڀاءُ سان ملندو آهي ۽ خير عافيت ۽ حال احوال به چڱيءَ طرح وٺندو آهي.
مان استاد ارشاد احمد وٽ چوٿين ڪلاس ۾ پڙهيم، ان کان پهريان مان جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ هوندو هئس، ته استاد جو ڪلاس اسان جي ڪلاس سان گڏوگڏ هوندو هو. آءٌ سندس ڪلاس ڏانهن گهڻو نهاريندو هيس. ڏسڻ ۾ ايندو هيو ته ڪڏهن ڪو شاگرد اٿي بيهي سبق ٻڌائيندو هو ته ڪو شاگرد سبق ياد ڪندو هو.
استاد وقت جو تمام وڏو پابند هو. استاد کي اسيمبليءَ ۾ به ڏسندو هيس، حالانڪ اڪثر استاد اڄ به اسيمبليءَ ۾ ڪونه پهچندا آهن ۽ پڙهائڻ جي وقت وري استاد کي مان پورو جو پورو ٽائيم پڙهائيندي ڏسندو هيس.
هڪ ڏينهن اسان جي ڪلاس جو استاد شايد ڪلاس ۾ ڪونه هو، سو آءٌ سندس ڪلاس ۾ اچي ويٺس.
هڪ ڀيري استاد جي ٻانهن ۾ مون واچ ڏٺي، مون کي اها واچ ڏاڍي پسند آئي، ڇو جو ان واچ ۾ جيڪي انگ لکيل هئا، اهي چٽيءَ طرح لکيل هئا. سو روز وڃي ان واچ تان آءٌ ٽائيم ڏسي ايندو هُيس.
چوٿين ڪلاس ۾ اسان کي استاد واهه جو پڙهايو، اڄ به اسان کي استاد جو اکر اکر ياد آهي.
سبق پڙهڻ ۽ سبق ياد ڪرڻ ۾ اسان جي وڏي مدد ڪيائين. رياضي به استاد سٺي پڙهائي. ستين جو کوڙو استاد کي پڪو ڪري مون ياد ٻڌايو هو.
اڄ استاد جن انهيءَ اسڪول ۾ ڪونه پڙهائيندا آهن، ڇو ته اتان رٽائرمينٽ ورتي اٿائون. اڄ به اسڪول جا اهي ڪلاس ياد ايندا آهن، اڳ ۾ اهي پراڻا هئا، هاڻي اهي ڊهي ٻيا نوان ٺهيا آهن، وقت هليو ويندو آهي پر ياد هميشه گڏ هوندي آهي.
نيڪ تمنائن سان دعا آهي ته شل استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب جن کي الله تعاليٰ وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ دعا آهي ته رب پاڪ جي سدائين ڇانوَ ۾ هجن. (آمين)
سيد سڪندر علي شاهه
مبارڪپور، ٺل
جيڪب آباد