شخصيتون ۽ خاڪا

اَڻ توريو اَگهائيو

ڪتاب ”اڻ توريو اگھايو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب استاد ارشاد احمد ڀٽو جي شخصيت بحيثيت مُعلم ۽ انسان دوست مُنتظم ۽ تعليم جي ذريعي هڪ سماج سُڌارڪ طور سندس ارپيل خدمتن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ اويس ڀٽو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2211
  • 493
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اويس ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اَڻ توريو اَگهائيو

نئين سج نوان تجربا ۽ حقيقي نواڻ سان ڀرپور استاد

نئين سج نوان تجربا ۽ حقيقي نواڻ سان ڀرپور استاد

جڏهن به استاد جو ذڪر ايندو آهي ته مون کي لطيف سرڪار جو اهو بيت ياد اچي ويندو آهي ته،
اڄ آڳڙيا آئيــــا، سائـــو ڪــي سُڄاڻ.
لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو!
(شاهه)
سچ پچ ته استاد ئي اهي عقلمند آڳڙيا ٿيندا آهن جيڪي زماني هٿان زنگجي ويل وجودن تان سموري مَر مورياڻ، پنهنجي ڪمال ڪاريگري سان لاهي ڦٽي ڪندا آهن، نه رڳو ايترو پر اهي مُرده ماحول هٿان مُڏا ٿي ويل ذهن به شعور جي تڦڻي سان، تپائي اهڙا ته تِکا ڪندا آهن جو اهي ذهن قومن جي جمود ۾ ڪنڪر ٿي ڪِرندا آهن ۽ هر طرف هلچل مچائي ڇڏيندا آهن. استاد سماج جا اڏيندڙ ٿيندا آهن، استاد قومن جا امام ٿيندا آهن. استاد نه رڳو سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر يا ٻين شعبن جا ماهر پيدا ڪندا آهن پر ان سان گڏ استاد سماج جا سٺا ۽ ڪارگر فرد به پيدا ڪندا آهن. استاد عظمت جا مينار ٿيندا آهن. استاد انسانيت جا علمبردار ٿيندا آهن. استاد ملازم نه پر بادشاهه ٿيندا آهن ۽ بادشاهه به اهي، جيڪي دلين تي بادشاهي ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن مون کي هڪ استاد جي باري ۾ اظهارِ خيال ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته مان بيحد خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان.
اڄ آئون جنهن استاد جي باري ۾ ڪجهه لکڻ لاءِ ويٺو آهيان سو آهي محترم سائين ارشاد احمد ڀُٽو صاحب. توڙي جو منهنجي سائينجن سان هينئر تائين هڪ به ملاقات ٿي نه سگهي آهي پر تنهن هوندي به هن ڪتاب ۾ موجود مواد پڙهي مون کي سائينجن سان اڻ ڏٺي آشنائي ضرور ٿي وئي آهي. محترم ارشاد احمد ڀٽو صاحب جي خدمتن جو احوال توڙي سندس بابت دوستن، شاگردن ۽ اولاد توڙي آفيسرن جا احوال پڙهي منهنجي ذهن ۾ جيڪو خاڪو جُڙيو آهي سو هڪ فرض شناس استاد، بهترين منظم ۽ ذميوار پيءُ جو آهي. ارشاد صاحب ارڙهن سالن تائين پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو سو سندس ڳوٺ ۾ ڪيڏو مان ۽ مرتبو هوندو ان جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت ان ڳوٺ جا سمورا رهواسي گهڻي ڀاڱي سندس شاگرد ئي هوندا. سائين جا ڪيئي شاگرد تعليم حاصل ڪري سکي زندگي گذاري رهيا هوندا. ۽ اها به اميد اٿم ته جن کي ارشاد صاحب جهڙن فرض شناس استادن پڙهايو هوندو سي سماج جا ذميوار فرد ضرور بڻيا هوندا.
ارشاد احمد ڀٽو صاحب بابت هي ليک لکندي مون کي هر هر اهو خيال اچي رهيو آهي ته ڪجهه ئي عرصو اڳ وارو اهو دور ڪيڏو نه پيارو هو جڏهن ماڻهو پنهنجي پيشي سان ڏاڍا سچا هوندا هئا، اهي پنهنجي پاڻ کي ڪنهن اعلى بالا آفيسر کان وڌيڪ پنهنجي ضمير جي آڏو جوابده سمجهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو تتي ٿڌي ڪڏهن به پير پساري نه ويهندا هئا. هڪ استاد جي حيثيت ۾ ارشاد احمد ڀٽو صاحب به پنهنجي پيشي سان سچو رهيو ۽ پنهنجو فرض سدائين ايمانداري سان نڀائيندو رهيو. ارشاد احمد ڀٽو انهن استادن منجهان هڪ هو جن کي پنهنجي مانُ ۽ مرتبي توڙي اهميت ۽ افاديت جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي. انهن ڪڏهن به پنهنجي ڪم ۾ سستي جو مظاهرو نه ڪيو ۽ نه ئي اسڪول کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ڪم کي اهميت ڏنائون. ارشاد احمد جهڙن استادن ۽ سندن دور کي جيڪڏهن ڌيان سان ڏسجي ته اڄڪلهه تعليمي سڌارن جي حوالي سان حڪومت پاران جيڪي نئين سج نوان تجربا ٿي رهيا آهن تن تي سواءِ افسوس ڪرڻ جي ٻي ڪا ڳالهه نٿي سُجهي. گهڻي سوچ لوچ کان پوءِ نتيجو اهو ئي ٿو نڪري ته جيڪڏهن ايمانداري ۽ سچائي هجي ته پوءِ هروڀرو جي اجائي اوک ڊوک جي ضرورت ئي ناهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اڳي رڳو استاد ۽ سپروائزرس ئي تعليمي سڌاري جي لاءِ ڪافي هئا. پر هاڻي بائيو ميٽرڪ سسٽم، ججز، مختيار ڪار توڙي ٻيا ڪيترائي آفيسر اسڪولن جي پُٺيان پيل آهن پر تنهن هوندي به ڪو کڙتيل نڪري نه سگهيو آهي. حقيقت هي آهي ته هن دور ۾ تعليم جو سُٽ رڳو اجاين ڪاغذن جي ور چاڙهي منجهايو ويو آهي نه ته بهتري جي نيت سان جيڪڏهن پُراڻو سادو نظام ئي فعال بڻايو وڃي ته به گهڻو ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو. ارشاد احمد صاحب جهڙن استادن جي ڪردار تي نهار ٿي ڪجي ته محسوس ٿو ٿئي ته اهڙا استاد اسان جي قوم جو حقيقي سرمايو آهن. ڪجهه ئي عرصي جي ڳالهه آهي جو ڪاپي ڪلچر ۽ ناقص ڀرتين جيڪري استاد جي عظمت سان هٿ وٺي کيڏاڙ ڪيو ويو آهي نه ته سنڌ ۾ اهڙن استادن جي به ڪا ڪمي نه هئي جن قوم جي امامت جو هنر ڄاتو ٿي. اڄ جو هر بهتر استاد، جيڪو استاد جي لاءِ سماج ۾ رائج لفظ ‘گوسڙو’ توڙي ‘آڱوٺي ڇاپ’ جهڙا لفظ ٻڌي ٻڌي پريشان آهي تنهن کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي ته جيئن کيس استاد جي شاندار ماضي جي به سُڌ پئجي سگهي.
ارشاد احمد صاحب، هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ پُڻ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي جو پنهنجي اولاد کي بهتر تعليم جي زيور سان نوازيو اٿس. اهو قدرت واري جو قانون آهي ته محنت ڪنهن جي به رائگان نه ويندي آهي سو خدا ارشاد صاحب جي محنت به سجائي ڪئي ۽ اڄ سندس اولاد ٿڌي ڇانوَ ۾ سُٺن عهدن تي ويٺل آهي. اهو سمورو ارشاد صاحب جو احسان ئي آهي هن پنهنجي ٻچن کي اهڙو تعليمي ماحول مهيا ڪيائين جو اڄ سندس سمورو اولاد علم سان چاهه رکندڙ آهي. ارشاد صاحب جي ٻن پُٽن سان منهنجو واسطو رهيو آهي. اياز کي اڻسڌو ۽ اويس کي سڌو سُڃاڻان. اياز تمام سُٺو ترجمي نگار آهي ۽ ترجمي ڪرڻ ۾ سندس چونڊ به متاثر ڪندڙ آهي. ان کان پوءِ اويس احمد کي آئون گهڻي عرصي کان سڃاڻان. اويس علم سان چاهه رکندڙ هڪ محنتي ۽ مثبت سوچ رکندڙ نوجوان آهي جنهن جي دوستي منهنجي لاءِ لطف به آهي ته ضرورت پڻ. هن ڪتاب ۾ مون جڏهن ارشاد احمد ڀٽو صاحب پاران لکيل ليک جڏهن پڙهيو ته مون کي ائين ٿو لڳي ته اويس پنهنجي پيءُ جو آئينو ئي آهي. اهڙي طرح اهو چوڻ به غلط نه ٿيندو ته مون ارشاد احمد صاحب کي روبرو نه سهي پر سندس آئيني ۾ ضرور ڏٺو آهي.
اويس احمد جڏهن مون کي هن ڪتاب بابت ٻڌايو ته سچ پچ مون کي بيحد خوشي ٿي. ڇاڪاڻ جو هي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي نه رڳو هو هڪ سپوت پُٽ هجڻ جو ثبوت ڏئي رهيو آهي پر ان سان گڏوگڏ هُو هڪ استاد جي عظمت کي به خراج پيش ڪري رهيو آهي جيڪو آئون سمجهان ٿو ته هر معتبر استاد جو حق به هوندو آهي. ذاتي طور تي آئون ان حق ۾ آهيان ته هر فرض شناس استاد جي زندگي تي ڪتاب ڇپجڻ گهرجي ته جيئن سماج ۾ استاد جي عظمت جو پرچار ٿي سگهي ۽ اها هن وقت جي اهم ضرورت پڻ آهي. اميد آهي ته اويس جي هي محنت، باشعور دلين ۾ ضرور پنهنجي جاءِ جوڙيندي.
آخري ڳالهه هي ته، سنڌ کي ارشاد احمد ڀٽو صاحب جهڙن استادن جي اشد ضرورت آهي.





حسيب ڪانهيو
سنڌڙي، ميرپورخاص