علم ۽ روشنيءَ جو علمبردار
ماڻهو پنهنجي ارگرد جي ماحول مان سڃاتو وڃي ٿو. هن جا خيال، خواب، آسپاس ۾ رهندڙ انسان، آبهوا ۽ ماحول انسان جي مٿان اثرانداز ٿئي ٿو ۽ انسان انهن اسمن جو اثر قبول ڪندي پنهنجي زندگي جا رُخ ۽ ترجيحات طئي ڪري ٿو، اسان جي علم ۽ روشنيءَ جي قافلي جو سرواڻ سائين ارشاد علي ڀٽو صاحب، گُهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ خوشبوءَ جو جھوٽو آهي، جنهن جي سرهاڻ ڪوهين ڏور پسي سگهجي ٿي. شاهه لطيف اهڙن انسانن لاءِ شايد هي سٽون چيون آهن:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھه، اچي بوءِ بهار جي.
(شاهه)
علم، ادب ۽ روشنيءَ جي علمبردار سائين ارشاد احمد ڀٽو، جيڪب آباد ضلعي جي هڪ روشن شهر مبارڪپور ڀٽو ۾ جنم ورتو، بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرايائين. مئٽرڪ کان پوءِ پاڻ گريجوئيشن ڪيائون. پروفيشنل ڊگرين ۾ پي.ٽي.سي ۽ بي.ايڊ به ڪيائون. ان کان سواءِ ڪيتريون ئي ايجوڪيشنل ٽريننگس ڪيائون، هُو ازل کان روشني ۽ خوشبوءَ جو خريدار هو. ڪڏهن به وقت کي پٺي نه ڏنائين، وقت جو صحيح استعمال ڪيائين، ڇو ته هو چڱي ريت ڄاڻي پيو ته وقت جي وير ڪنهن جو انتظار نه ڪندي آهي. پاڻ پنهنجي اولاد کي دل و جان سان تعليم ڏياري. ڪشالا ڪڍيا، اولاد جي تعليم لاءِ پاڻ کي ڏکيائين ۾ رکي اولاد جي روشن مستقبل لاءِ قرباني ڏني، ڏيئي وانگر پاڻ کي جلائي ٻين کي سهائي ڏني.
دل مان اُٿي دعا،
منهنجا مولا سائين
چوڏسُ ٿئي هُڳاءُ،
ماڻهو مڻيادار ٿين ٿا، جن جي شان ۾ ڳالهائڻ به ايڏو ڏکيو آهي، جيڏو آسمان تي ڪمند وجھڻ، ليڪن اهي انسان سمنڊ مان موتي لعل ۽ سِپون ڳولي لهندا آهن، اُهي انسان جيڪي زمانن کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيندا، سائين ارشاد احمد ڀٽو به انهن منجھان هڪ آهي، پاڻ معلمي جهڙي مقدس پيشي سان لاڳاپيل رهيو، استاد جيڪو ٻار کي فرش کان کڻي عرش تي پهچائي ٿو. استاد پيغمبري پيشو آهي. سائين جن پنهنجي پوري حياتي انسان ذات جي روشن مستقبل لاءِ جاکوڙيو آهي.
تتي ٿڌي ڪاهه، ناهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
(شاهه)
شاهه لطيف جا هيروز پورهيت، ڪمي ۽ ڪاسبي آهن، استاد (معلم) به هڪ اهڙو پورهيت انسان آهي جيڪو انساني دل و دماغ ۽ انساني روحن کي جوڙي ٿو، هونئن ته استاد/مستري ۽ ڪاريگر واڍا، بجلي جا مڪينڪ، لوهار ۽ ٻيا به ٿين ٿا جيڪي ٽٽل کي جوڙين ۽ سينگارين ٿا، ليڪن استاد انساني انجنيئر آهي، روس جو عظيم اڳواڻ جوزف اسٽالن چوي ٿو ته: “اديب انسان جا روحاني انجنيئر آهن”. اسان جي روشنيءَ جي سفير سائين ارشاد احمد ڀٽو صاحب ۾ ادب واريون صفتون به عام آهن،جيڪي استاد ۾ اولين طور موجود رهن ٿيون، ليڪن ان جو عڪس هن جي اولاد سائين اياز ڀٽو ۽ سائين اويس ڀٽو صاحب ۾ به اعليٰ قسم جو ادبي ذوق نظر اچي ٿو. جو اهي ٻيئي صاحب درجن ڪتابن جا ليکڪَ آهن. محترم ارشاد احمد ڀٽو تعليم کاتي ۾ هڪ پرائمري استادَ جي حيثيت سان ڊيوٽي ڪئي پر اها ڊيوٽي به ڪا نالي ماتر ڪونه ڪئي آهي. بلڪ سائين انتهائي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا آهن، سندس اهڙي جُرئت ۽ بردباريءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي، پنهنجي ماتحت استادن آڏو ايمانداريءَ جي اها روش سچ ته ساراهه جوڳي آهي، ۽ مان سمجهان ٿو ته سندس ماتحت به اثر قبولي ساڳئي واٽ تي هلندا.
جناب ارشاد صاحب لاءِ کوڙ ساريون محبتون ۽ دعائون آهن، شال سُکيا ستابا هجن.
ڊاڪٽر فهيم نوناري
سينيئر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (انگلش)
ڊائريڪٽر، آڪسفورڊ اڪيڊمي، ڄام شورو