سنڌ سلامت پاران
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي . لطيف سائين زمانن جو انسان آهي ۽ سندس ڪلام مختلف زمانن جي انسانن لاءِ اصلاحي ضرورت آهي. لطيف سائين جو ڪلام ڪن خاص فردن يا خاندانن يا طبقي يا خاص پيڙهيءَ لاءِ وقف ناهي ۽ نه ئي ڪن جي فِرقن، مسلڪن، گادين ۽ تعبيرن جي نمائندگي ڪري ٿو. لطيف سائين نِجُ نواڻ پرست ۽ انساني آدرشن، سماجي قدرن ۽ اخلاقي ڪردارن ۽ ذميوارين جو نمائندو آهي.“
هي ڪتاب عمار پبلشنگ، ڪراچي پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مانواري محمد اسلم ڀٽو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com