لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

اڻاسيءَ جي اصليت

سڄڻُ ۽ ساڻيهه ، ڪنهن اَڻاسِيءَ وسري
حيفُ تنهين هوءِ ، وطن جن وساريو.

خاص ڌيان ڇڪائيندڙ لطيف سائينءَ جو هي بيت انسان جي شعوري پختگيءَ جو ڇيد ڪري ٿو. شعوري پختگيءَ جو وڏي ۾ وڏو اهڃاڻ انسان جو اخلاقي وجدان (Moral law) آهي ٻين لفظن ۾ ضمير يا ظرف يا حياءُ (Conscience) به چئبو آهي ۽ ان اهڃاڻ جي ڪيميائي بڻياد جو نالو شناسيت يا آگاهي (Perception) آهي. هن ڪائنات جو هر وجود ٻئي وجود جي رشتي ۾ سلهاڙيل آهي. وجودن جي اهڙي قسم جي رشتيداريءَ (Biological Relationship) جي قدرت کي سمجھڻ شناس پرستي آهي.
جيڪو شخص رشتن جي ڪيميا کي اهميت نه ٿو ڏئي اهو هزارين سالن جي انسانيت جي مرحليوار اوسر ۾ سيڙپ ٿيل احساسن ۽ جذبن جي ڪيميائي جوڙجڪ جو منڪر آهي. اهڙي قسم جو ماڻهو معاشري جي آڏو اخلاقي مجرم آهي. گھر جي ڀاتيءَ کان وٺي مٽن مائٽن، پاڙي وارن، ڳوٺ ۽ جُوءِ وارن کا وٺي سڀني رشتن ۽ احساسن جي جوڙ يعني پنهنجي وطن (Mother land) جي بهتريءَ لاءِ پنهنجون توانايون صرف ڪرڻ گھرجن.
سڄڻ ۽ ساڻيهه ٻئي لفظ سنڌي ٻوليءَ جو ڊول رکن ٿا، جيڪي ٻولي جي ماهرن مطابق سنسڪرت مان نڪتل آهن. سڄڻ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي سجن مان ورتل آهي ۽ سجن لفظ جي اصليت ”ست جن“ آهي. هي ٻن لفظن جو مرڪب آهي. هڪ ”ست“ معنا سچو ۽ ٻيو ”جَن“ معنا ماڻهو، مطلب ته اهو ماڻهو جنهن ۾ سچائي ۽ سلڇڻائپ هجي. سڄڻ اهو وطني آهي جيڪو اجتماعي احساسن ۽ ثقافتي قدرن جو پرتو آهي. سڄڻ، وطني ماڻهن جي بهتري واري عمل ۾ اڳڀرو هوندو آهي.
ساڻيهه لفظ پڻ سنسڪرت جي ساڙيهه لفظ مان نڪتل آهي. اهڙيءَ طرح ساڙيهُه اصل ”سوديش“ لفظ جي سڌريل حالت آهي. سوديش ٻن لفظن جو مرڪب آهي هڪ ”سو“ معنا پنهنجو، ٻيو ”ديش“ معنا وطن يا ملڪ. ساڻيهه لفظ جي معنا پنهنجو ديس يا پنهنجو وطن آهي. پنهنجو وطن ڇا آهي؟ پنهنجو وطن اهو آهي جنهن جي مٽيءَ ۾ پِيڙِهيُنِ جون پيڙهيون دفن هجن ۽ جنهن جي مٽيءَ جو ڪيميائي مزاج ۽ ان مٽيءَ تي پلجندڙ نسلن جي طبعي ۽ نفسياتي بڻت جو ڇيد ساڳيو هجي.
خلقڻهار ديس جي مٽيءَ جي ڪيفيتن کي اُتان جي رهندڙ انسانن جي جسماني ضرورتن پٽاندر رکيو آهي، اهڙي نموني کاڌ خوراڪ جي جنسن (Grains) کان وٺي مرضن کان ڇوٽڪاري جا وَکرَ (Herbs) ديس جي مٽيءَ جا پيدا ڪيل آهن. دنيا جي مذهبن جي پوڄا پاٽ جو ذريعو مٽي آهي. خدائن جا بت، مقدس عبادتگاهون؛ سيناگوگ، ڪليسائون، ٽڪاڻا، مندر، مسجدون، مقبرا، روضا سڀ مٽيءَ جا ٺهيل آهن، جيڪڏهن ڪو مٽيءَ جو انڪاري آهي ته اهو خدا جو انڪاري آهي ڇو ته مٽيءَ جي عظمت خدا جي آقائيءَ جو تمام وڏو اهڃاڻ آهي، ان ڪري خلقڻهار پنهنجي آقائي جي مڃتا يعني سجدي جو مرڪز مٽيءَ کي بڻايو، ۽ قرآن شريف ۾ انسان (آدم) جي تخليق کان اڳ سندس ماڳ جو تعين ڪيل آهي ۽ اهو ماڳ مٽي آهي. جيئن سورت بقره جي آيت نمبر 30 ۾ چيو ويو آهي ته ”مان زمين تي پنهنجو نائب مقرر ڪرڻ وارو آهيان.“ خالق عظيم جو آدم کي زمين تي پيدا ڪرڻ وارو اعلان آدم ۽ مٽيءَ جي ڪيميائي تعلق جو پتو ڏئي ٿو.
لطيف سائين سڄڻ ۽ ساڻيهه يعني ديسي ۽ ديس يا وطني ۽ وطن لفط هڪ ئي وقت استعمال ڪيا آهن. ڇو ته هڪڙي جو تصور ٻئي کان سواءِ اڻپورو آهي. ديسيءَ جي هجڻ سان ئي ته ديس جي قدرتي لذت ايندي آهي، ديسي پنهنجي ديس جي هڪ اهڙي مڪمل وصف آهي جنهن جو اثر ديس جي وارثيءَ واري احساس ۾ ڀريل هوندو آهي. لطيف سائين ديسي يعني سڄڻ جي نفسياتي تعارف کان مڪمل آگاهي ڏئي ٿو يعني سڄڻ سچو آهي. اهڙي سچ کي پرکڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ مضبوط ڀروسي ڪرڻ جي سگھه هجـڻ گھرجي. آفيم جي نشي ۾ غرق پوري چيني قوم جو مقدر سنوارڻ واري انقلابي اڳواڻ مائوزي تنگ جو چوڻ آهي ته ”پنهنجي ماڻهن تي بهادريءَ سان اعتماد يعني ڀروسو ڪريو.“
ڏاهن جو چوڻ آهي ته هر ماڻهو مرتبو پنهنجي ادراڪي سگھه جيترو ماڻيندو آهي، تنهنڪري رشتن ۽ ناتن جي قدرتي سگھه ۽ اهميت کان جيڪڏهن ڪو وانجهيل آهي ته اهو مرتبي کان خالي ۽ بي عقل، ڄٽ آهي.
ڌرتي زندگي آهي ۽ هن جا پنهنجا ڪيميائي احساس آهن جيڪي هڪ ئي وقت ديس جي ماڻهن جي جسماني ڊول ۽ ذهني ڍنگ جي اوساري ڪندا آهن، تنهن ڪري لطيف سائين چوي ٿو ته ”سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.“ اڻاسو به سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ اناسڪ مان ورتل آهي جنهن جو اشتقاق ڪبو ته هيئن ٿيندو. اَ معنا نه ۽ ناسا معنا نڪ يعني نڪ کان سواءِ، جنهن کي اسين بي نڪو، بي شرم ۽ بي شُناس چوندا آهيون. رگ ويد ۾ اڻاس لفظ رڳو هڪ ڀيرو ڪم آيل آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نه آهي. يورپي عالمن اڻاسي جو ترجمو (Nose-less) ڪيو آهي يعني جنهن کي نڪ نه هجي.
نڪ بنيادي حِس آهي جيڪا فضا ۾ ماحولياتي ڪثافت کي وائکو ڪندي آهي. حقيقت ۾ انسان کي خالق عظيم ماحولياتي عُمدگي ۽ گندگي کي پرکڻ جو هڪ Radar عطا ڪيو آهي ۽ اهو ريڊار نڪ آهي. نڪ ساهه جي پاڪيزگي جو ذميوار هوندو آهي ڇو ته گدلاڻ ۽ بدبوءِ پوري اعصابي نطام (Nerve System) کي جھنجوڙي ڇڏيندي آهي. اهڙي نموني جڏهن بدبوءِ شديد محسوس ٿيندي آهي ته ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو آهي. ان کان سواءِ نڪ رشتن ۽ ناتن سان گَـهَـري ڳانڍاپي هئڻ يا نه هئڻ جو پيمانو به آهي. جنهن جو لطيف سائين ذڪر ڪري ٿو. اهو نه سمجھڻ گھرجي ته نڪ صرف خوشبوءِ ۽ بدبوءِ محسوس ڪرڻ جو ذريعو آهي، پر نڪ شين ۾ تميز ڪرڻ جي سگھه رکي ٿو ۽ ان سان گڏ نڪ انسانن، جانورن، ماڳن ۽ لقائن جي بُوءِ جَھـٽڻ جي سگھه به رکي ٿو. مان پاڻ ڪُجهه ماڻهن کي ڏٺو آهي ته اهي اڇن ۽ ميرن ڪپڙن کي سِنگھي ڪري هڪ ٻئي کان الڳ ڪندا آهن. اهڙي نموني وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ شخص جي آمد جي بُوءِ به ايندي آهي. ڪنهن جي ياد جو اچڻ ۽ وري مٿان ان ماڻهوءَ جو اوچتو نمودار ٿيڻ اصل ۾ ان شخص جي آمد کان اڳ ئي نڪ ان جي بُوءِ جَھـٽي دماغ تائين پهچائي وٺندو آهي.
حضرت اويس قرنيءَ پنهنجي زندگي ءَ ۾ حضور پاڪ کي نه ڏٺو هو. جيتوڻيڪ هڪڙو دفعو پنهنجي ملڪ يمن کان يثرب يعني مديني ملاقات لاءِ ويو هو پر مالڪ ڪريم جن موجود نه هئا ۽ حضرت اويس ڪرني واپس يمن موٽي هليو ويو. پاڻ ڪريم جن جي هڪ حديث مبارڪ آهي جيڪا حضرت اويس ڪرني جي قربت جو پتو ڏي ٿي. ”اني لأجد نفس الرحمن من جهة اليمن‏“ يا ”إني لأجد نفس الرحمن من قبل اليمن“ يعني مونکي يمن مان رحمان جي سڳند اچي ٿي. مالڪ ڪريم جن جي انهن لفظن مان اها پڌرائي ٿئي ٿي ته ڳانڍاپي جي سگھه کي ڪيئن بوءِ جي ذريعي محسوس ڪيو وڃي ٿو ۽ اها ڏات قدرت نڪ ۾ رکي آهي. لطيف سائينءَ جي خيال جي تناظر ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه جي قربتي احساس کان پري رهڻ وارو بي نڪو يعني نالائق آهي
اندازو ڪريو ته حضرت يوسف جڏهن مصر جو حڪمران ٿيو ته هن وٽ اهي ئي ويڳا ڀائر مالي مدد وٺڻ لاءِ پهتا جن يوسف کي سندن پيءُ حضرت يعقوب کان الڳ ڪرڻ لاءِ کوهه ۾ اڇليو هو. حضرت يوسف هنن کي سڃاتو ۽ پيءُ يعقوب جا احوال پڇيا، تنهن تي ڀائرن چيس ته هو تنهنجي جدائيءَ ۾ روئي روئي اکين جي نظر وڃائي ويٺو آهي. يوسف ڀائرن کي پنهنجي قميص ڏئي هدايت ڪئي ته توهان ڪنعان واپس وڃو ۽ هيءَ قميص ابي جي منهن تي رکندؤ ته هن جي نظر واپس اچي ويندي ۽ پوءِ ابي سميت سڀ واپس موٽي اچجو. حضرت يوسف جي ڀائرن جو قافلو ڪنعان وڃڻ لاءِ مصر ملڪ مان نڪتو. هوڏانهن وري سورت يوسف جي آيت نمبر 94 مطابق حضرت يعقوب جي اها ڪيفيت آهي ته هو ماڻهن ۾ ويهي چوي ٿو ته ”جيڪڏهن توهان ماڻهو هيئن نه چئو ته پوڙهائپ سبب منهنجو عقل کسجي ويو آهي ته مان چئي ڏيندس ته مونکي يوسف جي سڳنڌ اچي رهي آهي.“
نڪ جي ناسن جي چوٽي تي ڦڪيرڙي رنگ جي تاندورن (Tissues) تي ٻڌل تقريبن هڪ انچ جيترو هڪ اهڙو نظام قائم آهي جيڪوخالق عظيم جي هُنر جو عجيب انداز آهي. هر ٽشو يعني تاندوري ۾ تقريبن هڪ ڪروڙ خليا (Cells) سمايل هوندا آهن ۽ هر خليي ۾ ڇهه يا ست پتڪڙا وار موجود هوندا آهن جيڪي ٽي وي جي اينٽينا وانگر ڪنهن به قسم جي بوءِ جي لهرن کي جَھٽي دماغ تائين پهچائن ٿا. بُوءِ کي جھٽڻ وقت پتڪڙن وارن جي خلين ۾ هڪ برقي وهُڪ (Electric Flow) پيدا ٿيندي آهي جيڪا دماغ ۾ ڪاهي پوندي آهي ۽ دماغ ان برقي اشاري (Electric Signal) کي ڊي ڪوڊ (De Code) ڪري يعني پرکي وٺندو آهي، اهڙي نموني اسان کي بوءِ جو احساس ٿيندو آهي.
جيئن لطيف سائين چيو آهي ته ”ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھه اچي بُوءِ بهار جي“ ڪنهن ماڻهوءَ مان بهار يا خزان جي بُوءِ جو اچڻ مفروضو يا قياس نه آهي پر اها هڪ وڏي سائنسي حقيقت آهي. اهڙي قسم جي سائنسي پڌرائي مختلف سائنسدانن 1959 تائين فرومونس (Pheromones) جي نالي سان ڪئي. فرمونس يوناني زبان جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي. فيرو (Phero) معنا کڻڻ يا موڪلڻ ۽ هارمونس (Hormones) معنا حرڪت جي سگهه، ڌڪو، محرڪ، اُڀار. فرومونس جسم جا اهڙا بوءِ رکندڙ ڪيميائي جزا آهن جيڪي هڪڙي جسم مان خارج ٿي ٻئي جسم لاءِ سڌُ ڏيڻ جو ذريعو بڻجندا آهن. فرومونس جو استعمال انسان، جانور، ڪيڙا ماڪوڙا ۽ وڻ ٽڻ به ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح مختلف نسل مختلف نموني سان فرومونس جا اثر ڇڏيندا آهن. مثلن ماڪوڙي يا ماکيءَ جي مک پنهنجن ئي ساٿين کي سڌُ ڏيڻ لاءِ ان وقت بخاراتي مادو (volatile substance) ڪڍندي آهي جڏهن مٿن ٻئي ڪنهن شڪاري جو حملو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ ماڪوڙيون پنهنجي وهنوار (Social activities) کي قائم رکڻ لاءِ رستي تي فرومونس ڇڏينديون آهن ته جيئن ٻين ماڪوڙين کي رستي جي خبر پوي. اهڙي قسم جي فرومونس کي pheromones) (Trail چئبو آهي.
اهڙي نموني شينهن ۽ ڪتا، ٻين شينهن ۽ ڪتن لاءِ علائقائي حد(Territory boundary) جي چتاوني طور پيشاب جي ذريعي فرومونس ڇڏيندا آهن.
انسان ڇاڪاڻ ته شعوري سگھه جو مالڪ آهي ان ڪري انسان جي فرومونس ڇڏڻ جا اهڃاڻ جيتوڻيڪ جسماني مادا ئي آهن پر ميڄالي (Brain) تي ٿيندڙ نت نَوَن تجربن مان انسان جي عقلي سگھه جا ڳُوڙها راز پڌرا ٿيندا پيا وڃن. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته جيڪڏهن انسان جو تخليق ڪيل هڪ ننڍڙو اوزار يعني موبائيل جيڪڏهن هزارين ميلن تائين پنهنجا سگنل فرومونس (Signal pheromones) ڇڏي سگھي ٿي ته ان جو خالق حضرت انسان وڏي آسانيءَ سان پنهنجي خيال جي رسد کي نيوران فرومونس (Neuron Pheromones) جي ذريعي لکين ۽ ڪروڙين ميلن تائين ڇڏي سگھي ٿو.
لطيف سائين سڄڻ ۽ ساڻيهه جي ڪيميائي ڳانڍاپي کي محسوس نه ڪرڻ واري کي اڻاسو يعني بي نڪو چيو آهي. گڏيل طبعي ڊول ۽ گڏيل نفسياتي هڪجهڙاين هجڻ جي باوجود به انهن حقيقتن کان متاثر نه ٿيڻ بيمار ذهن (Mental Disorder) جي علامت آهي. سڳنڌ جي سلسلي ۾ عربي لفظ ”معرفت“ جيڪو گھڻو ڪري االله رسول جي معرفت، پنجتن جي معرفت يا ڪنهن اولياءَ جي معرفت يا ڪنهن ماڻهوءَ يا ماڳ جي معرفت طور استعمال ٿيندو آهي، تنهن جو مادو يعني پاڙ ٽي اکرَ (ع ر ف) آهن. اَلعَرفُ معنيٰ بُوءِ يا مهڪ آهي. عَرَفته معنيٰ مان هن مان سڳنڌ ورتو. ايئن هن لفظ جي معنيٰ سڃاڻڻ ۽ پرکڻ جي ورتي وئي آهي. معرفة يا عرفان ڪنهن شيءِ جي علامتن ۽ آثارن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان ان جو ادراڪ جھٽڻ کي چئبو آهي.
تنهن ڪري لطيف سائين انهن ماڻهن تي ڦٽڪار ڪري ٿو ۽ کين بي نڪو چوي ٿو جيڪي ديسي ۽ ديس جي ڀلائيءَ کان پري Consumerism جا پُرزا يعني ذاتي مفادن کي اجتماعي مفادن مٿان ترجيح ڏئي حيواني علتن جي ڌٻڻ ۾ غرق آهن. جيڪڏهن ڪو به شخص ڀلي علمي، مذهبي، خانداني، فقهي، بزرگي، فقيري، ڪاروباري ۽ ڪامورڪي بلندين تي بيٺل هجي پر ساڳئي وقت هو سڄڻ ۽ ساڻيهه جي احساس ۽ ذميواري کان وانجھيل آهي ته هو بي شُناس يعني ذهني مريض آهي. انگريزي زبان جي مهان ڏاهي شاعر وليم شيڪسپيئر جو چوڻ آهي ته ”شريف ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي مادر وطن ۽ مادري زبان سان پيار ڪري.“
وطن ۽ وطن واسين سان ڳانڍاپو ۽ انهن لاءِ هٿ پير هڻڻ قدرتي عمل آهي. ڪيترائي بي عقل ۽ ڇسا، استحصال ڪندڙن يعني ڦورو گروهن ۽ فردن جي هٿان پنهنجن ئي وطنن جي خلاف مذهبيت، شرافت ۽ نفس جي پوڄا جي آڙ ۾ استعمال ٿيندا آهن. اهڙي نموني هو وطن جي بنيادن کي کوکلو ڪندا آهن.
جرمن مفڪر امانويل ڪانٽ (Immanuel Kant) جا امر لفظ جيڪي هن جي مرڻ کان پوءِ سندس ئي قبر تي به اڪُريا ويا. ڪانٽ جا لفظ آهن ته “Two things awe me most, the starry sky above and the
moral law within me.”
”مونکي ٻن شين تمام وڏي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، هڪ ستارن سان ڀريل آسمان جيڪو منهنجي مٿان آهي ۽ ٻيو اخلاقي وجدان (ضمير) جيڪو منهنجي اندر ۾ آهي.“
ڪانٽ اخلاق جو وجداني نظريو پيش ڪيو آهي. ڪانٽ جي مطابق اخلاقي ڪم اهو آهي جيڪو ماڻهو پنهنجي ذميداري سمجھي ڪري پورو ڪري ۽ اها به اهڙي ذميداري جو ان تي خود پنهنجو وجدان عائد ڪري. ڪانٽ جي نظر ۾ اخلاقي ڪم اهو آهي جنهن کي انسان ڪنهن هدف يا مقصد تائين پهچڻ لاءِ نه، پر رڳو پنهنجي ذميداري سمجھي ڪري پورو ڪندو آهي. پنهنجي وطن ۽ وطن واسين جي بهتريءَ جو الڪو رکڻ يا ڳڻَ ڪرڻ به هڪ اهڙي وجداني ذميواري آهي جيڪا نتيجن جي اثرن جي محتاج نه هوندي آهي.
قرآن شريف ۾ سورت توبه جي آيت نمبر 128 ۾ رسول ڪريم جن جي ڪيفيت جي شدت جو بيان آهي. هن آيت ۾ خواهش جي شدت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لفظ ”حريص“ استعمال ٿيو آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ حِرصُ لفظ لالچ جي زمري ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي پر حرص لفظ جي معنيٰ آهي ڪنهن شئي کي ڦاڙڻ يا ڪنهن شئي ۾ ٻِرڙُ ڪرڻ. اهڙو جُھـڙُ جنهن جي وسڻ سان زمين جو مٿيون تهُه ڦاٽي پوي ته اهڙي جھُـڙَ کي ”الحارصة“ چئبو آهي. ثوبُ حريص، ان ڪپڙي کي چوندا آهن جنهن کي صاف ڪرڻ لاءِ داٻڙي تي گھڻو سٽجڻ ڪري ڦاڙي وجھجي. بهرحال حرص جي بڻيادي معنيٰ اهڙي شديد آرزو آهي جيڪا دل ۽ دماغ ۾ کُتل هجي. آيت جي معنيٰ هي آهي ”توهان وٽ توهان مان ئي رسول آيو آهي، جيڪو توهان جي پيڙائن کي ڏسي ڏکائتو ٿئي ٿو ۽ توهان کي فائدي ملڻ (حالتن جي بهتر ٿيڻ) لاءِ شديد آسوند آهي ۽ مومنن لاءِ مهربان ٻاجھارو آهي.“
قرآن پاڪ جي هن آيت ۾ حضور ڪريم کي پنهنجي وطني ماڻهن جي ڏُتڙيل معاشرتي ۽ معاشي حالتن جي بهتريءَ لاءِ انتهائي فڪرمند ڏيکاريو ويو آهي.
وڏي ڳالهه ته قرآن شريف جي سورت انعام جي آيت نمبر93 ۾ ان حد تائين حضور پاڪ جن کي چيو ويو آهي ته ”هي ڪتاب ( قرآن) جنهن کي اسان نازل ڪيو ۽ برڪت وارو آهي ۽ جيڪو (ڪتاب) اڳي (نازل ڪيو) تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ اهو (قرآن) ان لاءِ اسان نازل ڪيو ته تون مڪي جي ماڻهن کي ۽ انهن کي جي ان جي چوڌاري آباد آهن خبردار ڪرين.“
آيت ۾ استعمال ٿيل لفظ “ام القراي” مڪي جي شهر کي چئبو آهي. عقل جي ڳالهه اها آهي ته قرآن پاڪ جيڪو عالمگيريت جو پرچارڪ آهي سو نبي ڪريم جن جي لاءِ مڪي ۽ ان جي آس پاس وارن کي باخبر يعني سڌارڻ لاءِ پنهنجي نازل ٿيڻ جو مقصد ٻڌائي ٿو. ان جو مطلب آهي ته ڪنهن به عظيم مقصد يا نظريي جو ڦهلاءُ يا پڙاڏو پوري دنيا ۾ ڇو نه هجي پر اهو ياد رکڻ گھرجي ته اهو پنهنجي مرڪز يعني نيوڪلس (Nucleus) جي ڪيميائي پختگيءَ کان سواءِ هڪڙي گھر کان ٻئي گھر تائين پهچي نه ٿو سگھي! هر تهذيب، هر نظريي، هر مذهب جو ڪو نه ڪو ماڳ، ڪڻب يا قوم ان جي نيوڪلس يعني بُڻ بڻياد جو ضروري سبب هوندو آهي. قرآن پاڪ اصل ۾ ان بڻيادي نيوڪلس يعني مڪي ۽ ان جي جُوءِ وارن ۾ ڦٽل ٽٽل نظام ۽ ورهايل وکريل سوچ جي جاءِ تي هڪ نئين سماجي سرشتي تي ٻڌل نظرياتي وحدت ۽ معاشي آسودگي کي چاهيو. ان ڳالهه کان وڌيڪ اڃا ٻيو ڪهڙو دليل ٿي سگھي ٿو ته قرآن پاڪ جو عربي ٻوليءَ ۾ هجڻ جو مقصد دراصل عربن جي سماجي ۽ اخلاقي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو سبب هو، جنهن جي لاءِ قرآن پاڪ جي سورت شعراءَ جي آيت 195 ۾ چيو ويو آهي ته ”(قرآن) چٽائي ڪندڙ عربي زبان ۾ (نازل ڪيو ويو) آهي.“ اهڙي نموني ساڳي سورت جي آيتن 198 ۽ 199 ۾ چيو ويو آهي ته ”جيڪڏهن اسان ڪنهن ڌارئين ماڻهوءَ تي قرآن مجيد نازل ڪيون ها ( يعني ٻي ٻوليءَ واري تي) ۽ اهو ڌاريو ماڻهو ( پنهنجي ٻوليءَ ۾) کين اهو پڙهي ٻڌائي ها ته پوءِ هي (عرب) ان تي ايمان نه آڻين ها.) اندازو ڪريو ته قرآن پاڪ جيڪو عالمگيريت جو بار کڻي ٿو سو به پنهنجي نزول جي نيوڪلس معاشري جو لازمي ثقافتي اثر قبولي ٿو، ان ڪري ئي ته عربي ٻوليءَ ۾ قرآن کي نازل ڪيو ويو. وشواس ۽ وفا جهڙن آفاقي قدرن جي هجڻ جو جينياتي ذريعو فقط مادري ٻولي آهي. ان قسم جي پذيرائي قرآن شريف جي ساڳي سورت جي آيت نمبر 200 ۾ ڪئي وئي آهي. اهڙي نموني عربي ٻولي ءَ ۾ قرآن شريف هجڻ جي ڪري اپاهچ قسم جي سوچ رکڻ وارا به جاڳي پيا. آيت ۾ چيو ويو آهي ته ”اهڙي طرح ( عربيءَ ۾ قرآن نازل ڪرڻ سان) اسان اها (قرآن جي تعليم عرب جي) گنهگارن جي دلين ۾ به ويهاري ڇڏي آهي.“
جيڪو به شخص وطن يا وطن واسين جي ڀلائي ۽ واڌاري لاءِ ڳڻتي نه ٿو ڪري اهو حضور ڪريم جن جي نقطي نظر جي نفي ڪري ٿو. پاڻ ڪريم فرمائي ٿو ته ”جيڪو شهر توهان جي پرورش جو بار کڻي ٿو، ان شهر جو توهان تي حق آهي.“ ان کا سواءِ هجرت ڪرڻ وقت مڪي جي طرف منهن ڪري پاڻ ڪريم جن چوڻ لڳا ته ”اي مڪي جا شهر، تون مون کي پيارن ۾ پيارو آهين.“ هي لفظ انسان ۽ ماڳ جي وچ ۾ قدرتي ڪيميائي رشتي کي ظاهر ڪن ٿا. جن وٿاڻن ۾ پيڙهيون دفن هجن ۽ ٻالڪپڻي کان ڦوهه جواني ۽ ڦوهه جوانيءَ کان ڪرڙ وڍ تائين حياتيءَ جا ڏينهن گذرن ته ان ماڳ سان جذباتي وابستگي يقيني آهي. اها هڪ فطرتي ڳالهه آهي. ابو الانبياء حضرت ابراهيم به پنهنجي شهر يعني مڪي جي لاءِ دعا گھري ته ”اي منهنجا پالڻهار، هن شهر کي امن امان جي جاءِ بڻائجانءِ.“ قرآن پاڪ جيتوڻيڪ پوري دنيا جي انسانن لاءِ رهنمائي جو گس ڏئي ٿو پر هر شخص کي پنهنجي ساڻيهه ۽ سڄڻن جي بنيادي ضرورتن ۽ سندن بهتري ۽ خوشحاليءَ لاءِ لازمي ذميوارين ادا ڪرڻ جو پابند ڪري ٿو، سورت انعام جي آيت نمبر93 ۾ آهي هي ڪتاب (قرآن) آهي جنهن کي اسان (تورات وانگر) نازل ڪيو ۽ برڪت وارو آهي ۽ جيڪو (ڪتاب) اڳي (نازل ٿيو آهي) تنهن جي تصديق ڪندڙآهي ۽ اهو (قرآن) هن لاءِ اسان نازل ڪيو آهي ته تون مڪي جي ماڻهن کي ۽ انهن کي جي ان جي چوڌاري آباد آهن سجاڳ ڪرين. اندازو ڪريو ته قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ جو پهريون ۽ لازمي هدف جيڪو رب العالمين حضور سائين کي ٻڌائي ٿو، اهو سڀ کان پهريائين حضور پاڪ جي وطني ماڻهن جي سجاڳ ٿيڻ ۽ برڪتن حاصل ڪرڻ جو آهي.
بني اسرائيل جي قوم جا ماڻهو مصر جي حڪمران فرعونن جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل هئا. فرعونن هنن کان سندن باغ، چشما ۽ قيمتي ماڳ کسي ورتا ۽ بني اسرائيل تي تشدد ڪري هنن کان سخت بيگار ڪرائيندا هئا. قرآ ن پاڪ جي سورت شعراء جي آيتن نمبر 57 ۽ 58 ۾ فرعون حڪمرانن مڃيو آهي ته هنن ايئن ڪيو آهي. حضرت موسى بني اسرائيل جي قوم مان هو، کيس پنهنجي قوم جو ڏتڙيل حالتن ۾ جابر حڪمرانن جي قبضي ۾ رهڻ بي چين ڪيو. فرعون سان ٽڪراءَ جو بڻيادي ڪارڻ مصر مان بني اسرائيل کي آزاد ڪرائڻ هو. قرآن پاڪ ۾ سورت طھ جي آيت نمبر 47 ۾ خالق عظيم حضرت موسى کي چوي ٿو ته ”توهان وٽس (فرعون وٽ) وڃو ۽ چئو ته اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيون، تنهن ڪري بني اسرائيل کي اسان سان گڏ (مصر مان نڪري وڃڻ جي) موڪل ڏي ۽ هنن تي سختيون نه ڪر.“ بهرحال حضرت موسى جابر ۽ غاصب حڪمران کان پنهنجي قوم جا ماڻهو آزاد ڪرائي ويو.
سنسڪرت ٻولي ۾ مذهبي حڪمت سان ڀريل مقدس ڪتاب رِگ وَيد حضرت عيسى کان تقريبن 1300 سال اڳ جو آهي ۽ هندو ڌرم جو بڻياد هن ڪتاب تي آهي، انهيءَ ئي رگ ويد ۾ چيو ويو آهي ته ”هڪ ذميوار شخص کي پنهنجي ساڻيهه، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي عزت ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اهي فرحت ڏيندڙ آهن.“
1412 عيسوي کان 1431 تائين يعني ڇهه صديون اڳ جان آف آرڪ جي نالي سان مختصر زندگي ماڻيندڙ فرانس جي درويش عورت جنهن کي فرانسيسي ولي بزرگ، هيرو ۽ مسيحا سمجهندا آهن، تمام غريب خاندان ۾ پيدا ٿي. هن لاءِ چوندا آهن ته هن کي غيب مان آواز ايندا هئا ۽ کيس انگريزي قبضي خلاف بشارت ٿي ته اُٿ فرانس کي غلاميءَ مان نجات ڏيار. 1429 کان 1430 تائين ان جدوجهد ۾ رهي ۽ ڪجهه لشڪر وٺي اورينز شهر انگريزن کان آزاد ڪرايو. 1430 ۾ ئي ٻئي محاذ تي بهادري سان وڙهندي زخمي ٿي پئي ۽ انگريزن جي هٿ اچي وئي. 1431 ۾ انگريزن هن تي ڪيس هلائي باهه ۾ ساڙائي ڇڏيو.
لطيف سائين قدرتي احساسن جو وڪيل آهي. لطيف سائينءَ جي نظر ۾ وطنيت جي احساس ۾ انسان جي هزارين سالن جي رولاڪي يعني ڀٽڪڻ ۽ ڌِڪَن ٿاٻَن کائڻ جون پيڙائون شامل آهن، ڇو ته لکين سالن جي انساني لڏپلاڻن تهذيبي طور تي انسان ۾ معاشي ۽ اخلاقي اُڏام ته پيدا نه ڪئي پر ويتر معاشرتي ارتقا ۾ هڪ جمود طاري ڪيو، جنهنجو خاتمو ست هزار سال پهريائين شهرن ٻَڌڻَ جي شڪل ۾ ٿيو.جيڪو خاندان ۽ قبيلي کان اڳتي نه پئي وڌي سگھيو. اهڙي نموني لکين سالن جي انساني لڏپلاڻن جو خاتمو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ انسان جي ٿانيڪي ٿيڻ سان پيداواري عملَ، وهنوار (Transaction) جي شڪل ورتي. وڏي ۾ وڏو خطرناڪ احساس خوف جو احساس آهي ڇو ته خوف جو احساس ذهن ۽ بدن ۾ ڊاهه ڊوهه (Destruction) جو عمل ڪندو آهي ۽ ان خوف جو بڻيادي سبب ماحولياتي اُرهه زوراين جي آڏو پاڻ کي ڪمزور ۽ بي وس سمجھڻ آهي. اهڙي خوف جي نتيجي ۾ تخليقي عمل رڪجي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن انسان لڏ پلاڻ ڇڏي شهري آباديءَ ۾ ٿانيڪو ٿيو ته هن کي خوف کان واندڪائي ملي ۽ هن جو ذهن ٺاهه ٺوهه (Construction) واري عمل ڏانهن وڌيو ۽ هڪ تهذيب کي جنم ڏنو. انسان پنهنجي وطني لاڳاپن ۽ احساسن ۾ ئي ٿانيڪو آهي. تنهن ڪري ئي سنڌ جو سيد عبد اللطيف ڀٽائي چوي ٿو ته:
سڄــڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻـاسـيءَ وسـري،
حـيـف تـنـهـيـن هــوءِ، وطــــن جـن وسـاريـو.