لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  شاهه سائينءَ سان منسوب دعا/بدعا

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي لاءِ گھڻي قدر اهو ٻڌو ۽ پڙهيو ويو آهي ته هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ صرف ٻن موقعن تي دعا گھري آهي ۽ ٻن موقعن تي بددعا يعني پاراتو ڏنو. دعا گھرڻ جا ٻه موقعا جيڪي ٻڌايا وڃن ٿا انهن ۾ هڪ لطيف سائين پنهنجي شادي لاءِ ۽ ٻي گُلان ڳائڻيءَ لاءِ، جنهن جي شادي ان وقت جي ڪلهوڙي حڪمران نور محمد سان ٿي ۽ گلان مان غلام شاهه پيدا ٿيو جيڪو نور محمد ڪلهوڙي جي مرڻ کان پوءِ سنڌ جو حڪمران ٿيو. اهڙي نموني پِٽَ يا پاراتي ڏيڻ جا جيڪي ٻه موقعا ٻڌايا وڃن ٿا انهن ۾ هڪ ڪوٽڙي ڪبير جي مرزا مغل بيگ کي ۽ ٻيو ڪنهن اڻ ڄاتل شخص کي جنهن ڪو رنجائتو ڪم ڪيو هو. لطيف سائين جي حوالي سان دعائن ۽ پاراتن جو اهڙو وچور مرزا قليچ بيگ صاحب جي ڪتاب ” احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ“ جي صفحي نمبر 57 تي ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ ڪيترن کي لکندي پڙهيو ۽ ڳالهائيندي ٻڌو ويو آهي. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن لطيف سائين دعا ڪئي ته اِن فيض کي صرف پاڻ ۽ گلان تائين ڇو محدود رکي ها. ڇا لطيف سائين عام ماڻهوءَ کي دعا ڏيڻ کان ڪيٻائيندو هو؟ ٻيو سوال هيءُ پيدا ٿئي ٿو ته ڇا عالمگير فڪر جو خالق ذاتي رنج پهچڻ تي ڪنهن فرد کان انتقام يا بدلي جي توقع رکي سگھي ٿو ؟ پنهنجي طرفان دليل ڏيڻ بدران لطيف سائين کان پاڻ کان جواب وٺون ٿا.
سُر يمن ڪلياڻ ۾ چوي ٿو ته
صُوفي لا ڪوُفي، ڪو نه ڀانـئِيـنس ڪـيـر
منجھان ئي منجھه وڙهي، پَڌرِ نه آهِـسِ پيـرُ
جنهين سـاڻُسِ ويـرُ ، ٿئـي تنهين جو واهَــرُو.

ٻئي هنڌ به سُر يمن ڪلياڻ ۾ چوي ٿو
هُـو چَـوَنِ ئي، تون مَ چَئو، واتـان ورائــي
اڳُ اڳرائـي جـو ڪـري، خـطا ســو کائـــي
پاندَ ۾ پائي ، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي

ساڳي سُر ۾ لطيف سائين چوي ٿو
اَڻ چَوندِن مَ چَئو، چَوندنِ چيو وِسارِ
اَٺـئي پهـر ادب سين، پَـــرِ اِهـائـي پارِ ...
جـيڪي ڏنائــون، سو سڀوئي صحت
مَ چئو آزار ان کي، مَ ڪي مصـيـبـت ...

هنن بيتن کان سواءِ ٻيا به انيڪ بيت ساڳي سُر ۽ رسالي جي ٻين سُرن ۾ موجود آهن، جيڪي لطيف سائين جي ذات تي ڪيل خسيس بهتان بازيءَ کي رد ڪن ٿا. هڪ گَهِرو مقصد رکڻ وارو انسان جيڪو سونهن ۽ سچ جي بقا جي جدوجهد ۾ رُڌل هجي ۽ ڏيهي ڀاڙيتن ۽ پرڏيهي فورن طرفان وطن واسين سان ٿيندڙ ويساهه گھاتين جي خلاف مُهم ۾ مصروف هجي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ ٻن ڏڦيڙي ماڻهن جي چُرچَ تي ايڏي وڏي رنج ۾ وڪوڙجي وڃي!
هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته قومن يا معاشرن جي تبديليءَ جو ٻوجھه کڻندڙ سرواڻن يا اڳواڻن جي مزاج ۾ پوري قوم ۽ معاشري جون پيڙائون سمايل هونديون آهن، ان ڪري اهو ممڪن نه آهي ته اهو رهبر پنهنجي طبيعت ۾ ايترو هلڪڙو هجي! اهڙي قسم جي ڳالهه عقل جي اُبتڙ آهي. هونئن به هڪ اصول آهي ته شين جي نفاست يا عمدگي ڄاڻڻ لاءِ پاڻ کي نفيس يا اُجرو ڪرڻو پوندو آهي. هڪ لوهار لاءِ ڪوڏر ۽ ڪهاڙي ٺاهڻ ته آسان آهي پر هيرن ۽ موتين جي جَڙت ڏاڍو اوکو ڪم آهي. جيئن ته لوهار جي عضون جو سندس اوزارن سان هڪ خاص رڌم ٺهيل هوندو آهي، تنهن ڪري لوهار جا هٿ ۽ هن جا ڀاري اوزار سَنداڻ ۽ مُترڪا هيرن ۽ موتين جي نفيس ۽ ڪونئرڙي ڪم جا نه آهن. توڙي جو لوهار هيرن ۽ موتين جي جڙت واري ڪم جي ڄاڻ به رکندو هجي، تڏهن به ضروري ناهي ته لوهار اهو ڪم ڪري سگھي، ڇو ته لوهار جو ذهن بڻيادي طرح ڪونئرائپ يا نفاست واري سطح تي نه هوندو آهي، ممڪن آهي ته هو هيرن ۽ موتين جي جڙت واري ڪم جي جيڪا خبر رکندو هوندو تنهن کي به هو نفاست واري انداز ۾ بيان ڪري نه سگھندو، ڇو ته سندس سخت ڪِرت هن ۾ نفاست جي جاءِ تي سختي ۽ ڪڙڪي جو اثر پيدا ڪيو هوندو. تنهن جي ڪري اهو سمجھڻ گھرجي ته ضروري ناهي ته وضاحتون شين جي اصليت کي ظاهر ڪن، ڇو ته ”وضاحتون امڪانن جو رستو روڪي نه سگھنديون آهن.“ هيرن ۽ موتين جي جَڙت جي وضاحت جنهن نموني هڪ جوهري يا صراف ڪري سگھي ٿو، ان نموني لوهار نه ٿو ڪري سگھي ڇو ته جوهري يا صراف جي بيان جي انداز ۽ لوهار جي بيان جي انداز ۾ خاصو فرق هوندو، ان جو سبب اهو آهي ته جوهري يا صراف جو هيرن ۽ موتين جي جڙت سان رشتو قائم آهي، جڏهن ته لوهار جو رشتو نه آهي، تنهن جي ڪري صحيح وضاحتن لاءِ انهن شين يا معاملن سان هڪ مضبوط رشتي Commitment)) جوڙڻ جي ضرورت آهي.
هڪ پارکو انسان لاءِ ضروري آهي ته هو جنهن شيءِ جي باري ۾ ڄاڻڻ گھري ٿو ته ان شيءِ جا اثر قبول ڪري، ڇو ته ان شيءِ جي اثرن جي جاذبيت ئي ان جي باري ۾ ٺوس ۽ نِجُ خصلتون يا حقيقتون ظاهر ڪري سگھي ٿي. علمي حلقن ۾ گھڻي قدر ڏٺو ۽ ٻڌو ويو آهي ته لطيف سائين تي جيڪو ڪم ٿيڻ گھربو هو سو نه ٿي سگھيو آهي. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته لطيف سائين جي ڪلام تائين علمي حلقن جي پهچ نه آهي. اصل مسئلو رڳو ڪلام تائين رسائي جو نه آهي ۽ نه ئي لطيف سائين کي ڀيٽا ڏيڻ جو آهي. مسئلو دراصل لطيف سائينءَ جي مرڪزي خيال جي جھٽڻ جو آهي.
ڪلاسيڪل ڳائڻي استاد منظور علي خان کان هڪ دفعي پڇيو ويو ته ڪا صدا جيڪا رهجي وئي هجي ؟ استاد جواب ۾ چيو ته هڪڙي ئي صدا هئي جيڪا پوري ٿي. پڇڻ واري پڇيو ته اها ڪهڙي صدا هئي؟ استاد منظور علي خان جواب ڏنو ته ”منهنجي صدا هئي ته مان لطيف کي ايئن ڳايان جيئن لطيف سائين پاڻ چاهيو هجي ۽ مان ايئن ئي ڳايو آهي.“ هن کي رشتي قائم ڪرڻ جي ڪيميا چئبو آهي. اهڙي ئي نموني عظيم انسانن جي مزاج يا طبيعت ۽ حياتيءَ جي ذاتي معاملن ڏانهن سندن سڀاءَ جي باري ۾ معلوم ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پنهنجي ذات ۾ عقلي اُڏام (Perception) رکڻ گھرجي. لطيف سائينءَ سنڌ جي ماڻهن سان هڪ پيچيدو يعني ڳوڙهو رشتو جوڙي رکيو آهي، هن سنڌ جي موروثي اهڃاڻن جي حفاظت ۽ ثقافتي قدرن جي بقا جو بار کنيو آهي. سنڌ جو ”مسڪين ڪلچر“ لطيف سائين جو آئيڊيل آهي. جيڪو به ماڻهو، پوءِ اهو علم وارو هجي يا سيد پيرزادو هجي، فقير صوفي هجي، ملو مولائي هجي يا ڪامريڊ جيالو هجي، جيڪڏهن هو لطيف سائين جي آئيڊيل جو استحصال ڪري ٿو ته اهو وڏو دوکيباز ۽ بي ضمير آهي.
لطيف سائين سان رشتو جوڙڻ جو مطلب سندس فڪر سان رشتو قائم ڪرڻ آهي، جيڪو فڪر سندس احساسن، جذبن، ارادن ۽ مقصد جو احاطو ڪري ٿو. لطيف سائين پنهنجي پونئيرن لاءِ فڪري دستاويز ڇڏيو آهي، جيڪو فرد ۽ معاشري جي اخلاقي اڏاوت جو اهڃاڻ آهي. ان ڪري ساڻس اهڙي رشتي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جهڙي رشتي جو سائينءَ پاڻ گَسُ ڏنو يعني ”هجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارين!“
اهو سمجھڻ گھرجي ته لطيف سائين لاءِ مرشد ڪامل، شهنشاه هادي، سيد سردار، صوفي بزرگ، علمدار آقا، مربي پاڪ جهڙا لقب القاب ڏيڻ ۽ سکڻا لفظ اچارڻ سان لطيف سائينءَ جي فڪر جو اڀياس ڪو نه ٿئي ٿو ۽ نه ئي سندس مرتبي جي مڃتا آهي، ڇو ته ”لفظَ عمل جي ڀيٽ ۾ هلڪڙا هوندا آهن.“ جيڪڏهن اسان لطيف سائين جي فڪر سان عملي طرح سلهاڙيل نه آهيون ته پوءِ لفظن کي ڪيڏو به سينگاري سنواري لطيف سائينءَ کي ڀيٽا ڏينداسين ته اها ڀيٽا لطيف سائينءَ جي آدرشي اصولن جي ڀرجھلو نه ٿيندي ۽ نه ئي لطيف سائينءَ جي خيال کي فرحت ملندي. تنهن جي ڪري اسان جي لفظن جا ٽويا (Packages) اسان جي ڪاڻياري عمل جو بار کڻي نه ٿا سگھن. اڄ کان تقريبن 2500 سال اڳ چين ولايت جي ڏاهي لائو زُو (Lao Tzu) جيڪو مشهور ڏاهي ڪنفيوشس جو هم عصر ۽ استاد به هيو . لازو سينگار جو حقيقي اهڃاڻ سچ کي ڄاڻي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته
Truthful words are not beautiful and Beautiful words are not truthful. Good words are not are not good. Persuasive and persuasive words
”مطلب ته سچ سان ٽمٽار لفظن کي سينگار جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ سينگاريل لفظن ۾ سچ نه هوندو آهي. ڀلوڙ لفظن ۾ اثر نه هوندو آهي ۽ اثرائتا لفظ ڀلوڙ نه هوندا آهن.“ اڄ جي پيڙهيءَ جي ضرورت آهي ته اها درگاهي ۽ گادي نشين ڪلچر کان پري رهڻ سان گڏ مذهب جي آڙ ۾ منافعي خور نادري ۽ ابدالي جهالت جي اپٽار جو علمي بلندگيءَ سان مقابلو ڪري.
جيڪي لطيف سائين جي هِن سڏ ”اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار“ کي ورنائن ٿا ته اهي لطيف سائين جي اُڌمن کي سمجھن ٿا. ان ڪري لطيف سائين جي دعا گھرڻ جا جيڪي ٻه واقعا بيان ڪيا ويا آهن، تن ۾ صرف گُلان ڳائڻي ۽ لطيف سائينءَ جي پنهنجي شاديءَ جو حوالو اچي ٿو، سو در اصل لطيف سائينءَ جي فڪر ۾ علمي خيانت آهي. مون کي حيرت آهي ته لطيف سائين سر سارنگ ۾ هڪ عالمگير دعا گھري جيڪا لوڪ جي زبان تي عام جام هوندي آهي، تنهن جي ڪنهن به قصي کڻڻ واري کي خبر نه رهي! افسوس جيترو به ڪجي ته گھٽ آهي. عالمگير دعا هي آهي ”سائينمِ سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.“ ان کان سواءِ وري جڏهن پاراتي جي ڳالهه اچي ٿي ته لطيف سائين قدرتي حُسن جي اپٽار ڪندڙ جيوت يعني ”پکين“ جي دشمن يعني شڪاري کي پاراتو ڏئي ٿو ته ”ماري! مرين شال ڍٻ وڃنئي ڍٻيون، تو اچي ڪال وڌو وچ ورهن ۾.“ جنهن جو مطلب آهي ته پکيڙن کي ڍٻيءَ يعني ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي پنهنجي ڪک ڀريندڙ اي شڪاري! شل تون ۽ تنهنجون ڍٻيون غرق ٿي وڃن ڇو ته تو پريمين (پکيئڙن) ۾ وچُ يعني جدائي وجھي ڇڏي. لطيف جتي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گھري ٿو اتي پوري عالم کي ڪونه ٿو وساري، ڇو ته اهو نفسياتي اصول آهي ته محبت ڪندڙ جي مزاج ۾ نفرت نه هوندي آهي، بلڪه هو نفرت کان نفرت ڪندو آهي. جيئن حضرت عيسيٰ کان چار سئو سال پهريائين يونان (Greece) ملڪ جي ڏاهي يوريپيڊس (Euripides ) جو چوڻ آهي ته ”who does not love forever He is not a lover “ مطلب ته محبتي انسان اهو نه آهي جنهن جي محبت ۾ هميشگي نه آهي.
عظيم ڪائناتي پَرتو يعني ڌرتيءَ جو حُسن؛ وڻن ٽڻن، پکين پکڻن، ڍنڍن ڍورن، ڀِٽُن دڙن ، واهن تلائن، ٽڪرن جبلن، ٻنين ٻارن، گلن ٻوٽن، جنگھلن ٻيلن ۽ چرندن درندن جي هُلَ هُلاچَي سان آهي، جيڪو عقلمندن جي لاءِ تحقيق ۽ تخليق جو سرمايو آهي. عقل وارا قدرتي حُسن جا وارث ليکبا آهن، ان ڪري حُسن جي بقا سندن جنم جي بقا کان گھڻو اهم هوندي آهي.
ان کانسواءِ لطيف سائين رت جي رشتن، نظرياتي ناتن، محبت جي لاڳاپن ۾ ڏڦيڙ وجھندڙ ماڻهن جي حق ۾ الله کان دعا گھري ٿو ته انهن ساڙولن کي ايستائين جيئرو رک جيستائين پرين سان ملڻ جا منظرَ ڏسن ۽ پوءِ ڀلي ان ئي صدمي ۾ مري وڃن، جيئن ”الا! کَرَ جيئن، مدي جن جي من ۾.“ اهڙي نموني االله کان سڄڻن جي آمد جي دعا گھري ٿو ته ”االله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي“ ان کان سواءِ مالڪ کان سندس وڏائيءَ جيڏي دعا گھري ٿو؛ ”جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھه به ا وڏي مڱان“ وري ٻئي هنڌ چوي ٿو ” عدل ڇٽان آءُ نه ، فيرو ڪج فضل جو“. مطلب ته لطيف سائين جي سرن ۾ انيڪ دعائون آهن، جيڪي ڪائناتي شڪتيءَ کي پنهنجي اردان ۾ توانائي طور شامل ڪن ٿيون. ان کان سواءِ پاراتي ڏيڻ ۽ ڪرهت ڪرڻ جي ڪيفيت؛ قدرتي سونهن جي اُجاڙ، اخلاقي قدرن جي ڀڃڪڙي ۽ انساني وصفن جي نفيءَ جي تناظر ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
اصل ڳالهه آهي ته جيڪو صحيح ۽ غلط جي شناس رکي ٿو، جيڪو خدا جي خلق لاءِ سولايون پيدا ڪري ٿو، جيڪو ساهه وارن تي ڪَهَلَ ڪري ٿو ۽ جيڪو عورتن کي مانُ ڏئي ٿو، ان جي لاءِ لطيف سائين جو فڪر هر وقت ۽ هر جڳهه تي دعائن سان ڀرپور آهي پر جيڪڏهن ڪو انهن گُـڻن کان خالي آهي ۽ ڀلي ان جي ڪاڪڙي ۾ لطيف سائين جو پورو ڪلام پيوند ٿيل هجي ته به ان جي لاءِ لطيف جو ڪلام پاراتو آهي.