بيت ۽ آيت
نِيو مَنُ لاهين، پِريان سَندي پارَ ڏي
بيت ۽ آيت ٻئي لفظ عربي زبان جا آهن. بيت لفظ جيڪڏهن اسم مونث آهي ته ان جي معنيٰ ”گھر“ يا ”حويلي“ ٿيندي، پر جيڪڏهن اسم مذڪر آهي ته ان جي معنٰي ٻن يا وڌيڪ سٽن جو مصرو، بند يا شعر ٿيندي آهي.
لطيف سائين جي فڪري وچور پٽاندر بيتن کي آيتن سمجھڻ جي تلقين ڪرڻ جو مقصد بيتن جي روايتي تعظيم Passive Obedience)) ڪرڻ نه آهي ڇو ته تعظيم اصل ۾ اوپرائپ جو احساس آهي ۽ هڪ وڇوٽي آهي جيڪا خيال جي جُڙت ۽ مزاج جي بُڻت نه هجڻ سبب پيدا ٿيندي آهي. اسان وٽ تعظيم جو مروج انداز فاتحن، جابرن، لٽيرن ۽ ڦورن جي ڪرتوتن جي نتيجي ۾ وطن واسين جي بي بسي (Exhaustion) يعني هيڻائيءَ جي باقيات آهي، اهڙي قسم جي تعظيم معاشري ۾ شين جي هڏ ڪاٺ ڄاڻڻ، معاملن جي حقيقي اُقلاءَ ۽ مسئلن جي فني ڳُوڙهاين کي سمجھڻ ۾ معذوري يعني لاچاري پيدا ڪندي آهي.
هن ڪائنات جي حُسن ۽ وهنوار جي پذيرائيءَ جو ذمو انسان تي آهي. ڪائنات جي وسعت ۽ انسان جي تصور جو گراف هڪٻئي جي ويجھو آهي. ان ڪري شين يا لقائن، معاملن يا مسئلن جو جائزو هميشه انهن جي هيئت جي مطابق وٺڻ گھرجي، ان لاءِ ذهن ۾ قدرت وسعت جا جيترا ذخيرا عطا ڪيا آهن، انهن جي مطابق ذهن استعمال ڪجي ڇو ته انسان جو دماغ عجب دنيا رکي ٿو، اهو ايئن ته هن ڪائنات ۾ هن وقت تائين ٻه سئو ارب ڪهڪشائون موجود آهن ۽ انهن ۾ لکين نوري سالن (Light years) (ايترو فاصلو جتي روشنيءَ جا ڪرڻا هڪ سال جي سفر کان پوءِ پهچن) جو مفاصلو آهي. ساڳيءَ طرح انسان جي دماغ ۾ هڪ سئو عرب دماغي خليا (Nerves Cells) موجود آهن. اهو سمورو نيٽ ورڪ صرف ڏيڊ لٽر کير رکڻ واري ٿانوَ جي برابر کوپڙيءَ ۾ سمايل آهي جيڪو ڏهه لک عرب جوڙن (Connections) ۾ جُـڙيل آهي. سائنسدانن ڪائنات ۾ ڪروڙين ميلن تي وسيع ڪهڪشائي نظام جي مقابلي ۾ انسان جي کوپڙي کي قدرت جو پيچيدو تخيل قرار ڏنو آهي اهڙي طرح خلقڻهار جا سمورا صفاتي ڪردار جيڪي هن ڪائنات جي وضاحت جو سبب آهن تن جي دراصل انسان جي عظيم صلاحيتن ۾ سيڙپ ڪئي وئي آهي، ان ڪري انسان جو سنسار جي سمورن عنصرن، معاملن، لقائن ۽ مسئلن ڏانهن ذميواري وارو رويو هجڻ گهرجي ۽ لاهِي يا معذرت وارو رويو خدا جي صفاتي ڪردارن جي ڀَيلَ ڪرڻ آهي ڇو ته انسان ئي خدا جي هن سنسار جو وارث ( Interpreter) آهي.
”لقد خلقناالانسان في احسن تڪويم“ قرآن شريف جي سورت تين جي هن آيت مطابق انسان جي لکين سالن جي جسماني ۽ عقلي، انفرادي ۽ معاشرتي ارتقائي سفر جي موجودهه سطح کي خلقڻهار ڪائناتي ماحول ۾ هڪ باصلاحيت ۽ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ جي سطح چيو آهي. هيءَ آيت انسان جي مهانڊي (Features) جي بيهڪ تي دنگ نه ٿي ڪري پر انسان ۾ موجود خالق جي وصفن جي رونمائي جي سَنَدَ عطا ڪري ٿي.
تنهن ڪري لطيف سائين جي وصيعت کي عقل جي گـهرائي سان وٺڻو آهي جنهن لاءِ سُر سهڻي جي هن بيت ۾ تگاد ڪري ٿو ته سندس بيتن کي رڳو فن ۽ تخليق جو شاهڪار نه سمجھجو پر انهن کي آيتون سمجھجو.
اڪثر چيو وڃي ٿو ته لطيف سائين سان ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا جن ۾ سنڌي زبان ۾ سندس وڏي ڏاڏي سائين عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، فارسي زبان ۾ مولانا روميءَ جو ڪلام ۽ عربي زبان ۾ قرآن شريف آهي. لطيف سائين ٽنهي ڪتابن جو اثر قبول ڪيو آهي. مولانا رومي صاحب جي باري ۾ تقريبن ڇهه بيت سر يمن ڪلياڻ ۾ ڏنل اٿس. قرآن شريف جون آيتون مختلف سرن ۾ آندل آهن. سائين ڪريم جي ڪجھه بيتن ۽ لطيف سائين جي بيتن ۾ ٿوري گھڻي خيال جي اڏام ۽ فني تبديلي سان استعمال ڪيا ويا آهن. بهرحال اسان جو ڌيان آيتن ڏانهن آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ جيتو ڻيڪ قرآن شريف جون اهڙيون آيتون شامل ڪيون آهن جيڪي قرآن شريف جي فلاسافيءَ کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون، ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته دين اسلام جو موٽو (Motto) بيان ڪيل آهي، ته پوءِ به لطيف سائينءَ کي پنهنجي بيتن کي آيتن چوڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ان سوال جو جواب لهڻ کان پهريان اهو به ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته ٻين شاعرن به پنهنجي ڪلام کي آفاقي ڪلام يا قرآن شريف جو متبادل قرار ڏنو آهي. مثلن مولانا رومي صاحب چوي ٿو ته سندس شاعري پهلوي (فارسي) زبان ۾ قرآن آهي. هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جينيس انسان جي هر لفظ ۾ سندس فڪري بيهڪ جو اهڃاڻ موجود هوندو آهي. لطيف سائين پنهنجي بيتن لاءِ قرآن لفظ جي بدران آيتون لفظ استعمال ڪيو آهي. ممڪن آهي ته لطيف سائين آيت لفظ معنا ۽ وسيع فڪري اهڃاڻ جي تناظر ۾ استعمال ڪيو هجي. ان سلسلي ۾ قران شريف ڏانهن ئي رجوع ٿيڻو پوندو ته آيت آهي ڇا؟
آيت عربي لفظ آهي جنهن جي معنٰي علامت يا نشاني آهي، رستي جي نشانن کي به آيات چئبو آهي. مثال رستي تي لڳل پٿرُ رستي جي آگاهي ڏيندو آهي يعني اهڙي نشاني جيڪا ظاهر ۾ معمول رکي ۽ باطن ۾ حڪمت رکي. آيت جي پروڙ رکڻ واري کي آيت جي معنٰي سان گڏ آيت جي مقصد جي سُڌ هوندي آهي.
حضرت صالح نبيءَ پنهنجي قوم وارن کي ڏنل هدايتن جي پوياري ڪرڻ جي حوالي سان آزمائڻ چاهيو ۽ پنهنجي ڏاچيءَ کي االله جي آيت يعني نشاني ڄاڻائي کولي ڇڏيو ۽ کين چيو ته ”هي ڏاچي توهانجي لاءِ االله جي نشاني آهي ان کي ڇوٽ ڇڏي ڏيو ته االله جي زمين تي چرندي وتي ۽ برائي جي نيت سان انکي هٿ به نه لائجو.“ (اعراف:73)
اهڙي نموني نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ کي به آيت چيو ويو آهي، جيئن ”پر اسان نوح کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچائي ورتو ۽ اسان ان ٻيڙيءَ کي پوري عالم لاءِ نشاني بڻايو.“ (عنڪبوت:15)
ڏينهن ۽ رات کي االله جي تخليق جون نشانيون ڄاڻايو ويو آهي جيئن ”۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون بڻايون آهن، رات واري نشاني اونڌاهي ۽ ڏينهن جي نشاني روشن آهي.“ (بني اسرائيل: 12)
يادگارن کي به آيتون سڏيو ويو آهي، سورت شعراءِ جي آيت 128 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ”ڇا توهان مٿانهين جاءِ تي اجايا يادگار ٿا بڻايو؟“
واقعن جي نتيجن کي به آيت سڏيو ويو آهي، حضرت يونس نبي جو مڇيءَ جي پيٽ مان بچي نڪرڻ جو ذڪر سورت يونس جي آيت نمبر 92 ۾ آهي. ”پوءِ اڄ اسان تنهنجي جسم کي بچائي ٻاهر ڪڍنداسين انهيءَ لاءِ ته انهن ماڻهن جي واسطي جيڪي پوءِ اچڻا آهن هڪ نشاني آهي.“
ان کان سواءِ بِيبي مريم ۽ حضرت عيسى لاءِ به چيو ويو آهي ”۽ اسان مريم جي پٽ ۽ ان جي ماءُ کي هڪ نشاني بڻائي ۽ اسان ان ٻنهي کي هڪ مٿانهين جڳهه تي پناهه ڏني، پرسڪون ۽ چشمن جي جڳهه هئي.“
ڏاهن انسانن جي فهم کي به آيت چيو ويو آهي جيئن سورت شعراءَ جي آيت 197 ۾ عربن جي لاءِ چيو ويو آهي، ”ڇا هنن (عربن) لاءِ هي نشاني ڪافي ناهي ان (قرآن) کي بني اسرائيل جا عالم ڄاڻن ٿا.“
هاڻي اهو سمجھڻ گھرجي ته آيت جو مطلب واقعن، لقائن، معاملن ۽ مسئلن ۽ حالتن جي ڪيميائي سُڌ جو نالوآهي، اهڙي نموني آيت ۾ افعاليت جو اهڃاڻ موجود هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو آيت جي معنا يا مقصد قرآن شريف جي رڳو اکرن يا لفظن کي سمجھي ٿو ته اهو خود قرآن شريف جي زبان جو انحراف ڪري ٿو.
قرآن شريف مان آيت جي مفهوم معلوم ڪرڻ کان پوءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته لطيف سائين پنهنجي بيتن کي قرآن جي آيتن جي سَنَدَ عطا ڪئي آهي، ڇو ته آيت؛ قرآن شريف جي لفظن يا جملن جي معنا رکڻ کان سواءِ ڪن به شين جي اسمن يا صفتن جي معنا سان گڏ قصن، موقعن، نتيجن، لقائن ۽ پروڙ جي به معنا رکي ٿي. هاڻي اندازو ڪريو ته هڪ اوڳو جانور يعني صالح نبي جي ڏاچي االله جي آيت آهي ۽ نوح نبي جي ٻيڙي االله جي آيت آهي، ان کان سوءِ يهودي عالمن جو قرآن شريف کي ڄاڻڻ به االله جي آيت آهي ته پوءِ آيت جي ان افعالي اهڃاڻن جي تناظر ۾ سئو سيڪڙو چئي سگھجي ٿو ته لطيف سائين جا بيت قرآن جون آيتون ئي آهن. آيتن ۾ جيئن فهيم ۽ سلڇڻن انسانن جي وصفن جي قبوليت آهي ۽ سماج دشمن سرڪشن، بدمعاش سردارن، هٺيلن حڪمرانن، جاهل دولت مندن کي ننديو ويو آهي، تيئن لطيف سائين اهڙن ئي گڻن ۽ اوگڻن رکڻ وارن انسانن جي ڪردارن جي نشاندهي ڪري ٿو. ان کان سواءِ آيتن ۾ واقعن لقائن معاملن مسئلن حڪمن نصيحتن هدايتن ۽ پابندين جو ذڪر آهي تيئن لطيف سائين جو ڪلام به اهڙين ئي وصفن سان ٽمٽار آهي.
هاڻي ڏسڻ اهو گھربو آهي ته ڇا لطيف سائين جي ان وصيعت کي هينيي سان هنڊايو وڃي ٿو يا نه يعني سائين جي بيتن کي آيتن جي متبادل طور لاڳو به ڪيو وڃي ٿو يا صرف ڳالهيون ڳاهيون وڃن ٿيون؟ ڪيترا لکيا پڙهيا ۽ نيڪ نمازي لطيف سائين جي بيتن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ قرآن شريف جي آيتن جي تشبيهه ۾ آڻن ٿا ۽ ڪنهن حد تائين پاڻ کي ۽ پنهنجي پوئلڳن کي لطيف سائين جي دعوا جي تناظر ۾ آٿت ڏين ٿا پر قرآن شريف جو متبادل طور عبادتن، رياضتن ۽ دعائن ۾ لاڳو ڪرڻ جي حالت کي هضم نه ٿا ڪري سگھن. ان جو سبب اهو آهي ته لطيف سائينءَ جيئن قرآن شريف جي فلاسافي سمجھي ورتي، نه ٿو لڳي ته اسان جي مذهبي يا نيم مذهبي ماڻهن به ايئن ئي سمجھيو هوندو! جيڪڏهن قرآن شريف ۾ معاشرن جي ثقافتي حق جي ضمانت ڏنل نه هجي ته پوءِ ڪيئن چئي سگھبو ته قرآن شريف عالمگيريت جو پرچارڪ آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اقوام متحدهه، جنهن کي ديانتداريءَ سان پوري دنيا جي قومن يا معاشرن جي حقيقي نمائندگي ڪندڙ نه ٿو چئي سگھجي، پر تنهن هوندي به قومن جي قدرتي حق يعني ”ٻولي“ کي يونيسڪو چارٽر جي فقري نمبر 19 تحت مڃيو ويو آهي ۽ هر انسان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم پرائڻ ۽ اظهار ڪرڻ جو حق ڏنل آهي. ڇا ڀلا پوري عالم جي رحمت جو سبب بڻجندڙ انسان جي هٿان ملندڙ عالمگيريت جي اپٽار ڪرڻ وارو قرآن ايڏي وڏي فطري حق کان لاتعلق هوندو! ناممڪن، ايئن ٿي نه ٿو سگهي. قرآن شريف ۾ ڏنل ثقافتي حق يعني ٻوليءَ جي حق کي لطيف سائين استعمال ڪندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيل بيتن کي قرآن جو آيتون چئي ٿو. ڇو ته اهڙي قسم جي حق جي پڌرائي قرآن شريف جي سورت شعراءَ ۾ ٿئي ٿي. آيت 195 ۾ چيل آهي ته ”(قرآن) چٽائي ڪندڙ عربي زبان ۾ (نازل ڪيو ويوآهي)“ ۽ ساڳي سورت شعراءَ جي آيتن 198 کان 200 تائين ۾ فرمايل آهي ته ”جيڪڏهن اسان ڪنهن ڌارئين ماڻهو تي قرآن نازل ڪيون ها (يعني ٻي ٻوليءَ واري تي)“ ”۽ اهو ڌاريو ماڻهو ( پنهنجي ٻوليءَ ۾) کين اهو پڙهي ٻڌائي ها ته پوءِ هي (عرب) ان تي ايمان نه آڻين ها.“-”اهڙي طرح ( عربي ۾ قرآن نازل ڪرڻ سان) اسان اها (قرآن جي تعليم عرب جي) گنهگارن جي دلين ۾ به ويهاري ڇڏي آهي.“
مطلب ته جيڪڏهن قرآن ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ هجي ها ۽ عربيءَ ۾ نه هجي ها ته عرب ان قرآن کي قبول ئي نه ڪن ها، اهو ئي سبب آهي جو سندن ٻولي ۾ قرآن هجڻ سان گنهگارَ يعني جيڪي ذهني طرح پستيءَ ۾ پيل هئا سي به قرآن جي پيغام مان سيراب ٿي ويا. خدا پنهنجي خلقت کي جيئڻ جا اختيار ۽ اسباب مهيا ڪيا آهن. هر جيوت پنهنجي بقا لاءِ قدرت کان لاڀ حاصل ڪرڻ جو حق رکي ٿي. ان جي ڪري خدا جي رمزن جي پُرجھه پروڙ جو جيڪڏهن عربن کي سندن ٻوليءَ ۾ حق ملي ٿو ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته خدا جي ان فائدي کان ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سيراب ٿيڻ کان محروم رکجي.
مادري ٻوليءَ جو خدائي حق هر معاشري ۽ هر قوم لاءِ ايترو اهم ۽ ضروري آهي جيترو عرب معاشري لاءِ آهي. االله رب العالمين پوري ڪائنات جو رب آهي ۽ ان رب جي ٻولي عربي نه آهي ۽ نه ئي هو ڪنهن ٻوليءَ جو محتاج آهي. هو انسانن، چرندن، پرندن، درندن، جيتن، جيتامڙن، وڻن ٽڻن، ۽ جبلن وغيرهه جي ٻولي ڄاڻيندو ۽ سمجھندو آهي ۽ هر جيوت جا احساس ان جي ئي ٻوليءَ ۾ خدا جي توجهه جو ڪارڻ بڻبا آهن. قرآن شريف انسان جي فطري ارڏاين ۽ هيڻاين کان واقف آهي. ان جي ڪري ڪنهن به معاشري ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان معاشري جي نفسياتي لاڙن ۾ تبديلي پيدا ڪئي وڃي ۽ نفسيات جي تبديلي سندن مادري ٻوليءَ جهڙي ئي مضبوط ترين هٿيار جي ذريعي سان ئي ممڪن آهي ڇو ته مادري ٻولي اسان جي سوچن، جذبن ۽ روحاني دنيا جي ٺهڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ڪندي آهي.
آمريڪا جي شهر نيو جرسي مان نڪرندڙ فائوٽين مئگزين جي جولاءِ ۽ آگسٽ واري پرچي ۾ هريسا گورسن (Hurisa Guvercin) مادري ٻوليءَ کي ”دل ۽ دماغ جي ٻولي“ (Language of Heart and Mind) جي عنوان سان لکي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اسان جي عمر جو اهم ترين حصو يعني ٻاراڻو اهڙن نقشن (Imprints) جھٽڻ ۾ گذريل هوندو آهي. هر ماڻهو احساسن؛ خوشي ۽ خوف جو جيترو پنهنجي ٻولي ۾ اظهار ڪري سگھي ٿو اهو ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نه ڪري سگھندو. جڏهن به ڪو فرد پنهجي مادري ٻوليءَ ۾ ڳا لهائي ٿو ته هنجي زبان، دل، دماغ جو پاڻ ۾ سڌو تعلق ٿي ويندو آهي. اسان جي شخصيت، ڪردار، اخلاق، رويو، شرم، ڪوتاهيون ، مهارت ۽ حڪمت ۽ سموريون ڳجھيون خصوصيتون حقيقت ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ئي وارد ٿين ٿيون. ڇاڪاڻ ته مادري ٻوليءَ جو پڙلاءُ ڪن تي پهچي دل دماغ تي اثر ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ يقين ۽ اعتماد پيدا ٿئي ٿو.
الائيس مئڊو پرووربو ((Alice Mado Proverbio اٽلي ملڪ جي ٻئي وڏي شهر ميلانو جي بيڪوڪا يونيورسٽي جي پروفيسر آهي. الائيس علم نفسيات سميت دماغي ادراڪيت ( Cognitive Neuroscience) ۽ برقياتي علم بدن Electrophysiology)) ۾ وڏو مقام رکي ٿي. دماغ تي يورپ سميت آمريڪا جي ڪيترن تحقيقي ادارن ۽ مئگزينن جي نگراني جا فرض مليل اٿس. هن صاحبه کي ٻين سائنسدانن وانگر دماغ ۾ مادري زبان جي قبوليت جو اندازو ته آهي پر هن هڪ اهڙو انڪشاف ڪيو، جيڪو مٿي بيان ڪيل آيتن ۾ عربن لاءِ عربي ٻوليءَ ۾ قرآن جي نازل ٿيڻ کي سائنسي جواز ملي ٿو. مطلب ته مادري ٻوليءَ جي اهميت کي قدرتي ضرورت جي تناظر ۾ بيان ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته دماغ جي کاٻي پاسي ۾ برقي فڙتيلين لهرن (Electrical activity waves) ۾ ان وقت وسعت يعني واڌ پيدا ٿئي ٿي جڏهن مادري زبان جا لفظ ذهن ۾ ايندا آهن مطلب ته ڀلي ٻي ڪنهن زبان ۾ ڪيڏو به ماڻهو ماهر هجي ۽ اها ٻولي ڳالهائيندو ته سندس دماغي لهرون عام سطح تي ڪم ڪنديون آهن پر جيڪڏهن ان دوران وري پنهنجي مادري زبان جا لفظ استعمال ڪندو ته دماغ جون فڙتيليون لهرون وڌي وڃن ٿيون. هن جو چوڻ آهي ته وڏي هوندي سِکيلَ ٻي ٻولي کي جذب ڪرڻ ۽ سانڍڻ جي مقابلي ۾ دماغ پنجن سالن جي ٻاراڻي تائين سکيل مادري زبان کي جذب ڪرڻ ۽ سانڍڻ جو انوکو ڪم ڪندو آهي.
پراوربيو اهڙي فرق کي ان حقيقت سان جوڙي ٿي ته ٻارڙي جو دماغ تڏهن کان مادري زبان کي جذب ڪرڻ شروع ڪندو آهي جڏهن کان اڃا اهو ٻار جي شروعاتي ڏسڻ، ٻڌڻ، جذباتي ٿيڻ جي ڄاڻ ڪٺا ڪرڻ واري حالت ۾ هوندو آهي. ان مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته مادري ٻولي دماغ ۾ خيالن جي نِسرڻ ۽ اُسرڻ جي هڪ مربوط سلسلي جو محرڪ بڻجي ٿي جيڪو دماغي برقي فڙتيلين لهرن جي غير معمولي واڌ مان ظاهر ٿئي ٿو.
ان جي ڪري لطيف سائين پنهنجي بيتن جي خوبصورت شعري سٽاءَ يعني فني آسودگيءَ ۽ لفظن جي اثرپذيري کان پري رکي بيتن کي آيتن جي نمائندگي ڪندڙ مقصد جو مڪمل دستاويز سمجھي ٿو، ۽ نه رڳو سمجھي ٿو ته پر بيتن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جي آيتن جي متبادل طور لاڳو ڪرڻ جي گھُر ڪري ٿو. لطيف سائين جو فڪر سندس عمل کان پاسيرو نه آهي.
لطيف سائين جيڪا گھُرَ پنهنجي معاشري کان ڪري ٿو ان تي هو پاڻ پابند رهيو آهي. بيتن کي آيتن جي متبادل طور پاڻ سائين پنهنجي دور ۾ استعمال ڪندو رهيو آهي. اهڙي قسم جا واقعا لوڪ جي زبان تي آهن. محترم سيد اظهر گيلاني (پاڻ گھوٽڪي جي گيلاني خاندان مان آهي) پنهجي ڪتاب ”شان نزول“۾ ذڪر ڪري ٿو ته لطيف سائين پنهنجي ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مقبري لاءِ ملتان مان ڪاشيءَ جون سرون کڻائي درياءَ جي رستي واپس ٿيندي ”لوءِ صاحبان“ ( گھوٽڪي جو پراڻو نالو) جي جامع مسجد ۾ منزل ڪيائين. ان وقت جامع مسجد جو روح روان موسا شاهه گيلاني عرف موسن شاهه هيو، جيڪو پاڻ عارف انسان هيو. لوءِ صاحبان يا صاحبن جي لوءِ به سندس ئي وڏن جي نسبت سان نالو رکيل هيو. ليکڪ جي چوڻ مطابق جڏهن لطيف سائين ۽ سندس فقير مسجد ۾ اچي ويٺا ۽ فقير ساز سرود وڄائڻ لڳا ته مولوين ساز کڻائي مسجد جي کهيءَ ۾ اڇلي ڇڏيا. ساز کهيءَ ۾ به وڄڻ لڳا. ڪنهن وڃي موسا شاهه کي تڪڙي خبر ڪئي، سائين پاڻ آيو ۽ لطيف سائين سان مليو. قرب محبت جي ڪچهري کان پوءِ ٽيپهري جي نماز جو وقت ٿيو، موسا شاهه تڪبير چئي امامت لطيف سائين کان ڪرايائين. لطيف سائين چئن رڪعتن جي نماز جي نيت ڪري قرآن شريف جي سورتن جي بدران سر مارئي جا اٺ بيت پڙهيا. جيڪي ”زمر زخرف سومرا“ جي لفظن کان شروع ٿين ٿا.
بيتن يا آيتن جو ادب رسالي يا قرآن کي اکين تي رکي چمين ڏيڻ يا ڇاتي لائڻ سان نه ٿيندو آهي ۽ نه رڳو لئه يا قرئت ٻڌي عارضي سُرور حاصل ڪرڻ سان ٿيندو آهي، پر ادب جي گھرج اها آهي ته شين کي سندن فطري ڪارج ۽ مزاج پٽاندر سمجھيو ۽ ورتو وڃي. حيقيت ۾ بيتن جي مقصديت ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ وڏي ۾ وڏي غير ذميواري آهي. عقلمندي ۽ ذميواري جو لازمي نتيجو اهو هوندو آهي ته جن به شين، نظرين يا خيالن کي عقل جي گـهـرائي سان سمجھيو ويندو آهي ته انهن کي اختيار ڪرڻُ(Adapt) وجداني ضرورت ٿي پوندي آهي،
لطيف سائين فن جي هر سطح کي قدرت جو ورثو سمجھي ٿو ۽ ان کي پيغام رساني جي ذريعي (medium) طور وٺي ٿو، ان ڪري چوي ٿو ته ”جي تو بيت ڀائيان“ يعني فني لحاظ کان جيڪي بيت ڏسو ٿا ”سي آيتون آهين“ جيڪي نئين سرشتي جي اڏاوت جو اهڃاڻ آهن.
اسان جي ماحول ۾ هن بيت جي سلسلي ۾ هن وقت تائين ٻن قسمن جا لاڙا نظر آيا آهن. انهن ۾ هڪڙا ڪنهن حد تائين سمجھو مذهبي ماڻهو ۽ ٻيا ڪنهن حد تائين ترقي پسند آهن. پهريان ماڻهو جيتوڻيڪ مذهب کي عبادتن کان وڌيڪ سماجي بهتري جو ڪارڻ سمجھندا آهن پر تنهن هوندي به علمي ۽ عقلي نواڻ سندن کان هضم نه ٿي سگھندي آهي. اهڙا حلقا لطيف سائين جي رسالي مان بيت چونڊي قرآن شريف جي ڪجھه آيتن جي ڀيٽ ۾ آڻي لطيف سائين کي پاڻ جهڙو مذهبي ماڻهو ڄاڻي پيش ڪن ٿا. ٻيا وري بيت ۾ آيتون لفظ کي قرآن شريف جون آيتون نه ٿا مڃن پر هو آيت لفظ کي ان جي معنا جي تناظر ۾ ”نشاني يا علامت“ سمجھن ٿا. اهڙي نموني هو آيتون لفظ جو مطلب محبت جي علامت يا فڪر جي علامت سمجھن ٿا.
اصل ڳالهه اها آهي ته شاعري ته لطيف سائينءَ کان اڳ به ڪئي وئي ۽ سندس دور ۾ به ۽ بعد ۾ به، ايئن به نه آهي باقي شاعرن جي ڪلام ۾ فن ۽ فڪر جي کوٽ آهي پر نيهائتي سڀاءَ ۽ هڪ فرض شناس انسان جي تناظر ۾ جيڪو وجدان لطيف سائين تي طاري رهيو ان جو مثال اڃا تائين ڪو نه ٿو ملي. لطيف سائين پاڻ تي طاري ڪيل وجدان جو اهڃاڻ پنهنجي مربي ۽ آئيڊيل محمد پاڪ جن جي انقلابي فڪر ۽ عمل کي ڄاتو. جيئن رسول سائين آيتن جو دفاع ڪندي خيال پرست عرب معاشري کي ٻڌايو ته هي آيتون سندن لاءِ روايتي خيال پرست شعر شاعري نه آهن پر ڳوڙي مقصد ۽ حقيقت سان ٽمٽار آهن. لطيف سائين به پنهنجي ڪلام کي آيتون چئي فني ذائقي کان وڌيڪ مقصد جي حقيقت جي حاصلات ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. بيتن کي آيتن جي زمري ۾ آڻڻ جو مقصد آيتن جي فني شاهڪار کان متاثر ٿيڻ نه آهي پر آيتن جي فڪري جوهر ۽ ڪيميائي دائميت واري ڪلچر جو اثر تسليم ڪرڻ آهي ۽ ان اثر جي لازمي لاڀ جو روپ لطيف سائين جا بيت آهن. لطيف سائين شاعري جي روايتي ڪالب کان پاڻ کي الڳ ڪري ٿو ڇو ته روايتي شاعري جو گھڻو تڻو لاڳاپو تصوراتي تخيل تي مبني آهي. لطيف سائين اهڙي تصوراتي تخيل جي آسودگي کي رد ڪري ٿو ۽ حقيقي تخيل جي تانگھه ۾ رهي ٿو، جيئن پاڻ چوي ٿو ته
” معلم ميڙيو خبرون ، اوريائين آڻين،
تان ڪي سڌ نه ڏين، جتي وهه ويڌ ڪري“
حوال ڪرڻ وارا حقيقت تائين رسائي رکن ڪو نه ٿا، رڳو پنهنجي ذهن جا گھڙيل قياسي تصور ٻڌائن ٿا.
حقيقت ۾ ته قياس تي مبني تخيل جي آسودگي عملي طور تي معاشري کي مادي اڻاٺ ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي مان آجو ڪري نه ٿي سگھي. حقيقتن کان وانجھيل تخيل تي مبني اهڙي قسم جي شاعري جي باري ۾ ئي ارڙهين صديءَ ۾ انگلينڊ جي نامور شاعر، نقاد ۽ فلاسافر سموئل ٽيلر ڪولرج Coleridge Samuel Taylor چيو ته
Poetry is not the proper antithesis to prose, but to ”science
مطلب ته شاعري جو ضد نثر نه پر سائنس آهي. اسان گھڻو ڪري شاعري جو ضد نثر يعني بيان سمجھندا آهيون، جيڪو فني لحاظ کان ته ٺيڪ آهي پر ماهيت جي لحاظ کان جهڙي نموني ڪولرج صاحب شاعري جي حقيقت کي ڏسي ٿو ته هن کي شاعري اهڙي تخيلق نظر اچي ٿي جيڪا تصور ۽ قياس سان گڏ فرضي نتيجن تي بيٺل نظر اچي ٿي جڏهن ته سائنس هن کي اهڙي تخليق نظر اچي ٿي جيڪا مشاهدن ۽ تجربن جي نتيجن تي قائم آهي. ان لحاظ کان ڪولرج صاحب جو شاعري کي سائنس جو ضد چوڻ وڏي معنا رکي ٿو، ٻين لفظن ۾ هو شاعري کي حقيقت کان ماڳهين پري سمجھي ٿو.
ان جي ڪري لطيف سائين حقيقي تخيل جي تناظر ۾ عملي طور تي پنهنجي معاشري کي تمام معاشرتي ۽ معاشي بيمارين کان آجو ڪرڻ جي تحريڪ هلائي. لطيف سائين مفروضي ۽ قياس ۽ نکمڻي تصوراتي تخيل کان بلڪل پري آهي. وڏي ڳالهه ته قدرتي طرح اسان جي دماغ ۾ حقيقت ۽ تصور جون واٽون به الڳ آهن اهو ايئن ته سائنسي نقطي نگاهه کان انساني دماغ جي تنتي سرشتي يا اعصابي نظام ۾ حقيقت ۽ تصور جي سوچ جا ريلا هڪ ٻئي جي ابتڙ هلندا آهن. 2014 ۾ آمريڪا جي رياست وسڪونسن (Wisconsin جي شهر ميڊسن (Madison) ۾ قائم يونيورسٽي آف وسڪونسن، ميڊسن جي اليڪٽريڪل ۽ ڪمپيوٽر انجنئيرنگ جي پروفيسر بئري وان وين (BarryVanVeen) جي اڳواڻيءَ ۾ سائنسدانن کي ماڻهن جي دماغن ۾ اليڪٽريڪل ايڪٽوٽي (Electrical Activity) جي مخالف ريلن کي دريافت ڪرڻ جو ابتدائي گس مليو آهي، جيڪي حقيقي ۽ غير حقيقي سوچ ۾ ورهايل آهن. هن دريافت جو تت هيئن آهي
“Imagination and reality flow in opposite directions in the brain”
ان جو مطلب آهي. ”دماغ ۾ تصور ۽ حقيقت جون الڳ الڳ واٽون آهن.“
فني ۽ فڪري هڪجهڙايون هجڻ عام ڳالهه آهي پر مقصد حاصل ڪرڻ جي تانگهه ۾ غرق رهڻ هڪ الڳ ڪيفيت هوندي آهي. اسان هڪ اهڙي نفسياتي اُلجھن ۾ ورتل معاشري سان تعلق رکون ٿا جنهن ۾ عقل جي اوٿل شڪايتن ۾ ۽ عمل جي اوٿل وضاحتن ۾ ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته لطيف سائين جو ڪلام اسان کان تجربن، مشاهدن ۽ نتيجن جي طلب ڪري ٿو.