سلطاني سهاڳ
متان ٿئي اونداهه پَيرُ نه لهين پرينءَ جو
سُتا اُٿِـي جاڳُ ، ننـڊ نه ڪجي ايتري
سلطاني سهاڳُ، ننڊون ڪندي نه مِلي
بيت پهريون رسالي جي سُر حسيني مان ۽ بيت ٻيو سر ڏهر مان ورتل آهي. لطيف سائين جي هنن ٻنهي بيتن جو مقصد هڪ ئي آهي. ”تتي ٿدي ڪاهه ۽ سُتا اُٿي جاڳ“ هميشه فعال ۽ سجاڳ حالت ۾ رهڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي.”ڪانهي ويل ويهڻ جي ۽ ننڊ نه ڪج ايتري“ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ساهِي يا گوهِي يا واندڪائي ڪرڻي ئي ناهي. ”متان ٿئي اُونداهه ۽ ننڊون ڪندي نه ملڻ“ جو مطلب آهي ته مقصد جي ڳوڙهائپ جو اثر نه قبولڻ جي نتيجي ۾ دماغ مان مقصد جا نقش مٽجڻ جا امڪان. ”پرينءَ جو پير ۽ سلطاني سهاڳ“ جو مطلب پنهنجو مقصد آهي.
لطيف سائين ٻنهين بيتن ۾ مقصد حاصل ڪرڻ لاء هڪ اهڙي جذبي رکڻ جي تلقين ڪري ٿو جيڪو فڪري صلاحيتن ۽ جاکوڙي قابليتن جي گَـهـرِي خواهش تي مبني هجي. تتي ٿڌي ڪاهه يا ستا اٿي جاڳ جو مطلب آهي: پنهنجي مقصد کي پنهنجي نظرن سان سلهاڙي سامهون رکڻ ته جيئن پنهنجي صلاحيتن جي لاءِ هڪ للڪار هجي. لطيف سائين انسان جي ڳُجھين قوتن (Hidden forces) کان ڀليءَ ڀت واقف آهي. ان کان سواء اهڙين قوتن جي عملي اهڃاڻن جي خبر به رکي ٿو. لطيف سائين اٿاهه مقصد کي حا صل ڪرڻ لاءِ اوندهه يعني نراسائي ۽ سستيءَ کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ڇو ته دماغ جي تيزي انسان جي مقصد سان جوشائتي وابستگيءَ واري جذبي تحت جُڙيل آهي.
هڪ اوندهه ننڊ آهي ۽ ٻي اوندهه رات آهي، يعني هڪ ٿڪاوٽ آهي ۽ ٻي ڪاهلي آهي. ننڊ ٿڪاوٽ جو نتيجو آهي ۽ رات ڪاهليءَ جو سبب آهي. اهي ٻئي اوگڻ يعني خرابيون مقصد جي چِٽائي نه هئڻ جي ڪري ٿين ٿيون، ٻين لفظن ۾ ذميواريءَ کان ڀاڄ جو نتيجو هونديون آهن. سائنسي نڪتي نگاهه کان هر انسان جي دماغ جي ڪم ڪرڻ جي رفتار يعني ڪم کي نتيجن تائين پهچائڻ جي سگهه سندس اختيار ڪيل زندگيءَ جي ڍنگ (Life Style) سان هوندي آهي.محنتي، جفاڪش ۽ ڪمن جي تڪميل ۾ جوشائتو انداز رکندڙ ماڻهو پنهنجي چوگرد ٿيندڙ واقعن، لقائن، معاملن ۽ مسئلن جو اثر تيزي سان قبول ڪندا آهن ڇو ته هو مضبوط رشتي جا عادي ۽ ذهني طور ڏاڍا فعال ۽ متحرڪ هوندا آهن. اهڙن ماڻهن جو حافظو يعني يادگيري پڪي هوندي آهي ڇو ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ سرگرمين جي هڪ تنظيم رکندا آهن ۽ سرگرم زندگي گذارڻ وارن ماڻهن جي اعصابن ۾ ڪاميابي جي ئي ڪيمسٽري ڪارفرما هوندي آهي.
ڪنهن به ماڻهوءَ جي جوشائتي ۽ جاکوڙي زندگيءَ جو دماغ جي غيرمعمولي ڪم ڪرڻ سان ۽ معاملن يا شين ڏانهن نينهائتي (Committed) سڀاءَ رکڻ سان گهرو تعلق آهي. اهڙي تعلق تي جرمنيءَ جي ڊاڪٽر هانس برگر (Hans Berger) کوجنا ڪئي. هي صاحب مئي 1873 کان 1941 جون تائين رهيو. هن نيورولوجي يعني تنتي علم يا اعصابي نظام جي علم ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي. ڊاڪٽر هانس برگر 1924 ۾ انساني دماغ ۾ موجود برقي چُستي (Electrical activity) کي دماغي لهرن ۾ رڪارڊ ڪرڻ ۽ اندازي معلوم ڪرڻ جو هڪ نقشو (Electroencephalography) تيار ڪيو. هن دماغ ۾ الفا ويو رڌم (Alpha Wave Rhythm) کي ڳولي لڌو. هن الفا ويو رڌم کي دماغي لهرن ۾ برقي چرپر يعني گھٽ وڌائي جي خاڪي جي ذريعي ڏيکاريو ته ڪم ڪارڪرڻ سان دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ لهرن ۾ بجلي موجود ٿئي ٿي جيڪا هڪ رڌم جي شڪل ۾ متحرڪ آهي جنهن جي رفتار 8 کان 13 هرٽز جي فريڪوئنسي سان هوندي آهي. دماغي لهرن ۾ بجليءَ جي هن قسم جي رفتار کي معمول واري رفتار چئي سگھجي ٿو. ”الفا“ لفظ يوناني ٻوليءَ جي الفابيٽ جو پهريون اکر آهي، جيڪو تابڪاري ڌاتوءَ (يورينم) مان نڪرندڙ غير مرئي يعني نه ڏسي سگھجندڙ ڪرڻن (Rays) سان واڳيل آهي. اهي ڪرڻا فرانس جي ماهر طبعيات انتوني هينري بيڪرل (Antoine Henri Becquerel) ڳولي لڌا. الفا ريز اصل ۾ پنهنجي سگھه ۾ متقي آهن ڇو ته انهن ڪرڻن کي سج جي روشني به زائل نه ٿي ڪري سگھي. ان سان گڏ هنن ڪرڻن جي داخليت يعني ڪنهن مادي ۾ اندر گھڙڻ (Penetrating) جي طاقت روشنيءَ جي ڪرڻن کان وڌيڪ آهي. ان نسبت سان ڊاڪٽر هانس برگر دماغي لهرن ۾ موجود بجلي جي رڌم کي الفا ويو رڌم جو نالو ڏنو. بجلي جون هي دماغي لهرون انسان جي فعل سان وابسته جذبي سان جُڙيل آهن.
جيڪڏهن ڪو به شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ سگھاري مقصد جي چونڊ نه ٿو ڪري ته هو شين يا لقائن، معاملن يا مسئلن جو اثر قبولڻ جي سگھه وڃائي ويهندو آهي ۽ پنهنجي افعاليت ۾ غير حاضر دماغ هوندو آهي. يادگيريءَ جو سڌو تعلق لاڳاپيل شين لاءِ پنهنجي عمل ۾ سرگرم ۽ ڦڙت هجڻ سان آهي. ڪو به شاگرد سبق کي ياد ڪرڻ لاءِ وري وري ڀيرا ڏيندو آهي ته جيئن سبق ياد ٿئي. ان عمل سان هن جو جذباتي رويو بڻجي ٿو جيڪو سبق سان تمام ويجھو رشتو جوڙي ٿو. اهڙي نموني سبق کي ياد ڪرڻ لاءِ وري وري زباني ڀيرا سندس ڪنن کي به ورجاءَ سانڍڻ تي مجبور ڪري ڇڏن ٿا. سبق کي ياد ڪرڻ لاءِ شاگرد جو جوشيلو ۽ غير معمولي انداز دماغي لهرن ۾ بجليءَ جي رڌم ۾ چاڙهُه پئدا ڪري ٿو. رڌم جي چاڙهه واري حالت ۾ لهرن جي رفتار پنهنجي معمول کان ڇويهه دفعا ويڪ ٿيندي آهي.
ڊاڪٽر هانس برگر جو خيال آهي ته سرگرم ۽ پُرجوش زندگي دماغ جي ڦڙتي ۽ چُستيءَ واري حالت کي جنم ڏيندي آهي. ٽيهن سالن جي جاکوڙ کان پوءِ هانس ٻڌايو ته دماغي خلين يا گهرڙن ۾ بجليءَ جي رفتار سان ٿيندڙ ڪيميائي تبديلين جي ڪري اسان جي يادگيري محفوظ رهندي آهي. هن قسم جون تبديليون پُرجوش زندگيءَ يا جذباتي وابستگيءَ تي مبني سرگرمين جي ڪري بجليءَ جي لهرن وانگر ٿينديون آهن.
لطيف سائين لاءِ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته هن وٽ ساهي پٽڻ لاءِ پل کن جي گنجائش به نه آهي.”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه“ جي چوڻ جو مقصد: پنهنجي سرگرمين ۾ سُستي يا ماٺار ڪرڻي ناهي ڇو ته ”متان ٿئي اونداه!“ يعني سُستي ۽ ڪاهليءَ جي نتيجي ۾ متان توهان جون دماغي برقي لهرون جيڪي توهان کي تازو توانو يعني حاضر دماغ رکڻ لاءِ توهان جي ئي مقصدن جي گهرائيءَ سان سلهاڙجڻ جي رفتار سان جُـڙيل آهن، سي موڳيون نه ٿي وڃن! لطيف سائين عذر کي رد ڪري ٿو: ”پير نه لهين پرينءَ جو“ يعني سُستيءَ ۽ ڪاهليءَ جي ڪري مقصد جا عڪس جيڪي دماغ کي قبول ڪرڻا هوندا آهن سي دماغ وساري ويهندو ڇو ته سرگرميون ئي دماغ ۾ مقصدن جا نقش زنده رکنديون آهن.
آسٽريا ملڪ جي جڳ مشهور نفسيات دان ۽ فرد جي نفسيات Psychology) (Individual تي تحقيقي اسڪول جو بڻياد وجھندڙ الفريڊ ائڊلر (Al-Fred Adler) جو چوڻ آهي ته We can’t think, feel, will or act without the perception of goal. يعني ”اسان پنهنجي مقصد جي ادراڪي سگھه کان سواءِ نه سوچي سگھون ٿا، نه محسوس ڪري سگھون ٿا ۽ نه ئي ارادو يا عمل ڪري سگھون ٿا.“
ائڊلر صاحب جي چوڻ جو مطلب آهي ته مقصد جي تعين کان سواءِ ماڻهو نه سوچي سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪو عمل ڪري سگھي ٿو، ان کاسواءِ ڪو ارادو به ٺهي نه ٿو سگھي ۽ نه ئي ڪجھه محسوس ڪري سگھجي ٿو. معمولي نوعيت جي سرگرمين کان وٺي ڳوڙهن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ پرجوش سرگرمين تائين دماغ ۾ ڪنهن نه ڪنهن مقصد جو ٽائيٽل ضرور هوندو آهي، پوءِ اهو مقصد ڇو نه بي لاڀ ئي هجي. اڪثر ماڻهن سان الميو هوندو آهي ته انهن جي سرگرمين ۾ سندن مقصد ڌنڌلا هوندا آهن ۽ ان جو اظهار به ڪري وٺندا آهن ته هو جيڪو ڪن ٿا ان کان بي خبر آهن ته ڪن ڇو ٿا؟
هانس برگر جي کوجنا (Findings) لطيف سائينءَ جي موقف جي چٽائي آهي. لطيف سائين وٽ مقصد جو عنوان يعني پرين ۽ سلطاني سهاڳ چٽو آهي ۽ مقصد حاصل ڪرڻ تائين ان چٽائي کي پُرجوش سرگرمين جي ذريعي برقرار رکڻ جو تاڪيد ڪري ٿو.”متان ٿئي اونداهه ته پير نه لهين پرينءَ جو“ مطلب ته سرگرم نه هجڻ جي نتيجي ۾ پرينءَ جا پير وڃائجي ويندا يعني مقصد جا نقش ڌنڌلا ٿي ويندا، اهڙي نموني جدوجهد جو مقصد سان ڪو به ربط نه رهندو. ساڳي طرح ”سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي“ جو به ساڳيو ئي انجام آهي. تنهن ڪري اهو سمجھڻ گھرجي ته لطيف سائين وٽ اهڙين سرگرمين جي ڪا به اهميت نه آهي جنهن ۾ مقصد جي بيهڪ نه هجي. يونان جي ڏاهي سقراط اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ ساڳي ڳالهه پنهنجي انداز ۾ بيان ڪئي. سندس چوڻ هو ته Beware the barrenness of busy life يعني ”ٺلهي سرگرم زندگيءَ کان چوڪس رهو.“ مطلب ته اهڙي زندگي جنهن جو مقصد جي تعين سان ڪو واسطو ئي نه هجي.