لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  عادت ۽ جبلت

کوڙَي کَڻُ مَ سُپرِين، کنَيَئِي تان کَوڙِ
عادت جا اکين جي، سا نَيئِي نِڀائِجُ توڙ
مون ۾ عيبن ڪَوڙِ، پاڻَ سُڃاڻج سپرين

هي بيت سُر بَروو سنڌيءَ مان ورتو ويو آهي. بَروو يا بَروا لفظ هندي ٻوليءَ ۾ راڳڻيءَ طور استعمال ٿيندو آهي. ان کان سواءِ وڻ. پکي ۽ ننڍي عمر جي ٻار لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. لغت جا ڄاڻو اصطلاح ۾ انگل يا ماڻا ڪرڻ يا ارڏائيءَ واري انداز جي معنى ڪڍن ٿا. بَروو ڪهڙي به معنى ۾ استعمال ٿيل هجي يعني راڳڻي، وڻ، پکي يا ٻار جي معنى ۾، بڻيادي طرح هي هڪ اهڙي احساس سان سلهاڙيل آهي جيڪو خوف ۽ لالچ کان ڀڳل هوندو آهي. ان کانسواءِ نفعي ۽ نقصان کي به سادگيءَ جي انداز تي وٺندو آهي.
عادت جون ٻه حالتون ٿينديون آهن. هڪ حالت ارادي جي وس ۾ هوندي آهي ۽ ٻي حالت ارادي جي وس کان ٻاهر هوندي آهي. عادت سٺي هجي يا خراب پر هن جي پيدا ٿيڻ جو سبب ڪنهن به عمل جو لڳاتار ورجاءُ ڪرڻ آهي. پائدار عادتون جبلت جو روپ وٺنديون آهن. هتي لطيف سائين جنهن عادت جو ذڪر ڪري ٿو اها عادت جيتوڻيڪ ارادي جي به رکڻي رکندي آهي پر ارادي جي قيد ۾ نه آهي.
اها ظاهري طرح جبلت جي وڪڙ ۾ نظر اچي ٿي پر حقيقت ۾ عقل جي پيغمبر کي خبر آهي ته جيتوڻيڪ ڏسڻ اک جي جبلت آهي پر ڏسڻ جبلت جي قيد ۾ نه آهي ڇو ته جبلت اعصابي نظام (Nerve system) جو حصو آهي ۽ جيئن اعصابي نظام بغير ڪنهن اطلاع جي پنهنجي ليکي Automatically)) سڄي جسم جو ڪار وهنوار هلائي ٿو تيئن جبلت جو استعمال به ٿيندو آهي. ڪن ماڻهن کي اک ڇنڀڻ يا واڇ هڻڻ يا ڪنڌ ڌوڻڻ وغيره جي جبلت ٿيندي آهي. جبلت تي ارادي جو وس نه هلندو آهي. اک ڇينڀڻ يا واڇ هڻڻ واري کي خبر ئي نه پوندي آهي ته هن کان ڇا ٿو ٿئي. اک جو ڏسڻ هڪ قدرتي عمل آهي جنهن کي اک جي جبلت چئجي پر ڪنهن کي ڏِسجي يا ڪنهن کان نظر فيرائجي، اهو وس ارادي جو آهي. ان جي ڪري اک جي جبلت ته ڏسڻ آهي پر ڏسڻ جبلت جي قيد ۾ نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائين اکين جي ڏسڻ کي عادت چيو آهي ڇاڪاڻ ته عادت ارادي جي وس ۾ آهي. ان ڪري لطيف سائين پرين کي چوي ٿو ته ”کوڙي کڻ مَ سپرين، کنيئي تان کوڙ.“ تنهنجي اکين جتي نظر لڳائي، اتان انهن کي هٽاءِ نه، پر جي ڪنهن سبب جي ڪري نظر هٽايئي ته ايئن نه ڪر، انهن اکين کي ڇڏي ڏي ته اهي ڀلي اٽڪاءُ رکن ڇو ته ”عادت جا اکين جي، سا نيئي نڀائج توڙ“ يعني اکين جي قدرتي عادت ته ڏسڻ آهي، ان ڪري پنهنجي ارادي کي به قدرتي وهنوار سان سلهاڙج ۽ اکين جي ڏسڻ جي قدرت کي پورو ڪر، ڇو ته اکين جي افعاليت ۾ تعجب ڏانهن تڪڻ ته آهي ئي آهي.
آخر ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته ”مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سُڃاڻج سپرين.“ ڪنهن به هستيءَ کان وڌيڪ مرتبو ان جي پسند جو هوندو آهي ڇو ته اهو طئي آهي ته شخصيت جو اندازو ان جي پسند مان لڳايو ويندو آهي. لطيف سائين اهڙو اصول اڳ ۾ ئي قبولي ورتو آهي. اهڙي طرح پرين جي مقابلي ۾ هو پنهنجي افعاليت کي اهميت ئي نه ٿو ڏي. ان ڪري چوي ٿو ته مون ۾ عيبن ڪوڙ يعني بيشمار ڪوتاهيون آهن، پر جيڪڏهن اکين کوڙڻ جو جواز آهي ته اهو صرف پسنديدگيءَ جو شاندار معيار آهي، ان ڪري ئي پرين کي سائين چوي ٿو ته تون پاڻ سڃاڻج سپرين يعني پنهنجي اوصافن کي ڏس، جن مون کي ان جي لائق بڻايو ته تون منهنجي پسنديدگيءَ جو معيار آهين.