لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  چائت يا ٻيائي

چائُتِ پائي چِتَ ۾، سنهو ڪَتيو جن
تِن جو صَرافَن ، دُڪو داخل نه ڪيو.

محبت پائي مَـنَ ۾ ، رَنـڍا روڙيا جَـنِ
تن جو صرافن ، اَڻ توريو ئِي اَگھايو.

مٿيان بيت سسئيءَ جي جدوجهد تي قائم سرن مان سر ڪاپائتي جا آهن. ڪاپائتي لفظ جي معنى ڪپهه ڪتيندڙ آهي ۽ ڪاپو معنى ڪتڻ جو پورهيو. ڪپهه جي فصل لهڻ کان پوءِ ڪپهه مان چرخيءَ تي يا هٿ تي سُٽ جا ويڙها يا ڦورا ٺاهي خريدارن کي کپائي ڏبا هئا. ڪپهه جي سُٽ جي ڦورن يا ويڙهن جي سنهي ۽ صفائي سان ڪتڻ جي ڪري اگھه چڱو ملندو هو.
هنن بيتن ۾ لطيف سائين انسان جي نفسياتي لاهن چاڙهن جو بارڪ بينيءَ سان وچور ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته ڪنهن به فعل جي قدرتي اثرن يا نتيجن جي اُبتڙ نتيجا حاصل ڪرڻ جي تانگھه ماڻهوءَ کي ڪيئن بيڪار ڪري ٿي.
اڪثر ڪري جن شخصن وٽ ذهانت ۽ قابليت هوندي آهي ۽ ڪنهن به هنر يا ڪم ڪرڻ ۾ مهارت رکندا آهن ته اهي پنهنجي قابليت يا ذهانت واري ڏانءَ جي ڏَڍَ تي احساس برتري Superiority)) جو شڪار ٿي ويندا آهن. گھڻو اجورو يا نالو ڪمائڻ جي ڪري الڳ رويي جا مالڪ هوندا آهن، سندن الڳ ۽ بيڪار نفسياتي بيهڪ هوندي آهي جنهن ۾ هنن جي توجهه جو مرڪز صرف پنهنجي ذات جي برتري هوندي آهي ڇو ته هي ڄاڻو ۽ شاطر هجڻ جي احساس ۾ ايترو ته غرق هوندا آهن جو سموريون خوبيون هنن کي گھڻي فائدي حاصل ڪرڻ يا نالي ڪمائڻ واري پنهنجي علت ۾ محسوس ٿينديون آهن. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته هنن ماڻهن جي نفسيات رڳو واپاري نفسيات هوندي آهي. ياد رکو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن کي رڳو گھڻي فائدي حاصل ڪرڻ سان ئي ٻَڌي رکن ٿا ته اهڙا ماڻهو لحاظ ۽ مروت جي احساسن کان عاري هوندا آهن. تنهن ڪري پيار ۽ محبت نالي ته ڪا بوءِ ئي نه هوندي اٿن، ڇو ته لحاظ ۽ مروت، محبت جا تعارفي احساس آهن.
مهاتما گانڌيءَ جي زندگيءَ تي جٽادار اثر ڇڏيندڙ آمريڪي لکاري ۽ فلاسافر هينري ڊيوڊ ٿورو Henry David Thoreau)) جو چوڻ آهي ته Do not hire a man who does your work for money but him . who does it for love of it
مطلب ته ”ان ماڻهوءَ کان ڪم نه وٺو جيڪو رڳو ڏوڪڙ جي عيوض توهان جو ڪم ڪري، پر ان کان ڪم وٺو جيڪو ان ڪم کي پنهنجو سمجھي ڪري.“ ٿورو صاحب، لطيف سائينءَ جي موقف جي خوب تائيد ڪري ٿو. اصل ڳالهه اها آهي ته ملازمت يا پورهيو ڪرڻ وارن مان هڪڙا ڪمُ پئسي ملڻ جي تانگھه ۾ ڪندا آهن ۽ ٻيا پئسي کي ڪم ڪرڻ جي تانگهه ۾ ڪمائيندا آهن. اَجَرُ ته ٻنهي کي هڪجهڙو ملڻو آهي، پر فرق صرف ڪردار ادا ڪرڻ جو آهي. ڪردار جي پرک پيشيور صلاحيت ۽ قابليت کي اُجوري جي پابندي کان معتبر سمجھڻ ۾ آهي.
”چائت پائي چِت ۾، سنهو ڪتيو جن“؛ چائت لفظ جي معنى ٻيائي، دوئي يا کوٽِ آهي ۽ چِت لفظ جي معنى منُ يا دل يا جيءُ يا اَندَرُ آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته سُٽُ ڪتڻ وارن ٻيائي يا کوٽ دل ۾ رکي جيتوڻيڪ سنهو ڪتيو آهي پر تنهن هوندي به خريدار صرافن انهن جو پورهيو قبول نه ڪيو. دڪو ئي داخل نه ڪيو، دڪو دراصل تور ڪرڻ وارن وَٽَنِ ۾ ننڍڙو وَٽُ آهي يعني چار دڪا هڪ آني ۾ ٿيندا آهن ۽ چار آنا پاءُ ۾ ٿيندا آهن. اهڙي نموني چار پاءَ هڪ سير ۾ ٿيندا آهن. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته آخر ٻيائي ڪهڙي دل ۾ رکن ٿا جنهن جي ڪري سندن پورهيو قبول نه ٿو پوي، حالانڪ گھربل ڪم ته صحيح ڪيو اٿن باقي ڇا جي ٻيائي؟ اصل ۾ ٻيائي اها ئي آهي ته فني يا علمي قابليت ۽ صلاحيت جي بنياد تي پاڻ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ افضل ۽ اڪمل سمجھي برتر رويو رکڻ ۽ ساڳي وقت ٻين کان پنهنجي لاءِ اهميت ۽ حيثيت جي طلب رکڻ آهي. اهڙي قسم جو احساس صلاحيتن ۽ قابليتن کي نيلام ڪرڻ جي عيوض ضرورت کان گھڻو فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ٿيندو آهي. ان جو مطلب ته هو جيڪي به ڪم ڪندا آهن ظاهري طرح ڀلي اهو بهتر ۽ ڍنگ سان ڪندا آهن پر ان ڪم سان نينهائتو سڀاءُ نه هوندو اٿن، يعني هو جيتوڻيڪ ان ڪم جي تڪميل جا خواهشمند به هوندا آهن پر ان ڪم جي تڪميلي صلاحيت کان ذاتي فائدي حاصل ڪرڻ جي خواهش انتهائي سگھاري هوندي اٿن. اهڙي نموني هو نه ڪم تي پنهنجو روحاني اثر ڇڏيندا آهن ۽ نه هو ان ڪم جو نفسياتي اثر قبول ڪندا آهن. ڪم سان نينهائتي سڀاءُ جو مطلب هڪ اڏاوتي نفسيات جو هجڻ آهي. اڏاوتي نفسيات قدرتي طرح ذاتي فائدي کان وڌيڪ ڪم جي بهتر انداز جي قائل هوندي آهي. فائدي خاطر ڪم ڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ خاطر فائدو حاصل ڪرڻ ۾ فرق آهي. جن جي ارادي ۾ پهريائين فائدو حاصل ڪرڻ هوندو ته ممڪن ئي ناهي ته هو ڪم سان سچا هجن، ڇو ته سائنسي طرح ارادو جسم جي ڪارڪردگيءَ کي پنهنجي زيرِ ڪندڙ آهي. رحمت العالمين جو فرمان آهي ته ”عملن جو دارو مدار نيتن تي هوندو آهي.“
ٻئي بيت ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته ”محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھايو!“ رنڍا لفظ جي معنى ڳنڍ يا ڳوڙو آهي ۽ روڙڻ لفظ هٿن سان سٽُ ٺاهڻ کي چئبو آهي مطلب ته جن سُٽُ ڪتيو پر ان سٽ ۾ ڳنڍيون ڳوڙها هئا، تنهن هوندي به خريدارن انهن جو سٽ بغير تڪ تور جي قبول ڪيو. هاڻي لطيف سائين بڻيادي طور تي محبت يعني نينهائتي سڀاءَ کي ڪنهن به پورهيي يا ڪم ڪرڻ سان لازمي جوڙي ٿو ۽ ڪنهن به ڪم ڪرڻ لاءِ چاهه، اُڪيرَ ۽ محبت کي هڪ اهليت يعني لائقيت جي سَنَدَ سمجھي ٿو، ڇو ته ڪو به ڪم پائيدار اثر تيستائين قطعي نه ڇڏيندو آهي جيستائين ڪم ۽ ڪم ڪندڙ جي وچ ۾ رشتو پيدا نه ٿو ٿئي. رشتي جو مطلب آهي ان ڪم کي اعصابي طور پنهنجو ڪري وٺڻ ۽ ان جي تڪميل ۾ صلاحيتن جو اڻ ڳڻيواستعمال ڪرڻ. لطيف سائين جي خيال جي پوئواري اسانکي فرانس جي انقلاب ۾ ڪردار ادا ڪندڙ تحريرن جي خالق فلاسافر روسو وٽ ملي ٿي. روسو جو چوڻ آهي ته ”اهليت اها نه آهي ته ڪو به فرد ڪنهن ڪم ڪرڻ جي صلاحت رکندو هجي پر اهليت اها آهي ته اهو ڪم ديانتداري سان انجام ڏي.“
محبت کي ايمان جو اهڃاڻ چئجي يا ايمان کي محبت جو اهڃاڻ چئجي! حقيقت اها آهي ته قدرت جي قانون مطابق ايمان جي پذيرائي جو اصل اهڃاڻ محبت ئي آهي. ان ڪري لطيف سائين محبت کي اوليت ڏئي ٻيائي کي ٻَنِ ڏي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ يعني پنهنجو ئي ڪم سمجھي ڪرڻ کي لطيف سائين وڌيڪ اهم سمجھي ٿو بنسبت اهڙي اهليت جي، جيڪا مارڪيٽ جو وکر بڻجي. خواهش ۾ ٻين کي پوئتي ڪري پنهنجي لاءِ مناسب مقام حاصل ڪرڻ جو حرص (Craze) رکڻ ۽ اهڙي قسم جي ترقي جيڪا مختلف چالن ۽ ٽرڪن جي ذريعي ٻين کي پوئتي رکڻ ۾ حاصل ڪئي وڃي، اصل ۾ ترقي ته چئي نه سگھبي ڇو ته ترقي جو تعلق پنهنجي هٻڇ يا حوس جي پورائي سان نه آهي پر ترقي جو تعلق ماحول جي بهتري سان آهي، هاڻي جيڪڏهن ڪو باصلاحيت انسان آهي ته ان جي صلاحيتن جو لاڀ ماحول کي ملڻ گھرجي، ڇو ته صلاحيتن ۾ قدرتي طور گڏيل ورثي جي باقيات Remnant)) هوندي آهي جنهن کي ٻين لفظن ۾ ڏات به چوندا آهيون. ڪيترا ماڻهو صلاحيت ۽ ڏات کي پنهنجي هوشياري ۽ چالاڪي جو نتيجو سمجھندا آهن پر کين قدرت جي رهنمائي نظر نه ايندي آهي. برطانيا جو ارڙهين صديءَ جو فلاسافر شاعر ۽ قوي مصور وليم بليڪ جو چوڻ آهي ته
No bird soars too high if he soars with his own wings يعني ”پکي پنهنجي اوچي اڏام پنهنجي پرن جي زور تي نه ٿو ڪري سگھي.“ مطلب ته جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو ته پکين جي اوچي اڏامڻ ۾ سندن پرن جي سگھه جو ئي ڪمال آهي ته اهو صحيح نه آهي ڇو ته قدرت پکيءَ کي جيڪڏهن هوا جو ذريعو عطا نه ڪري ها ته پکي جي اڏامڻ ۾ سندس ئي پَـرَ بي اثر هجن ها. اهو سمجھڻ گھرجي ته ڏات جي اها افعاليت نه آهي ته جن کي سنهي ڪتڻ جو ڏانءُ هجي ته اهي ٿلهي ڪتڻ وارن جي مٿان نفسياتي برتري ۽ شخصي دٻدٻو برقرار رکڻ جي فوبيا ۾ ورتل رهن ۽ صرافن کان به ساڳئي ورتاءَ رکڻ جي تانگھه ۾ هجن، جڏهن ته محبت جي ڏات رکڻ وارا سادا انسان جيتوڻيڪ سنهو ڪتڻ جو ڏانءُ نه ٿا رکن پر ان جي باوجود سندن بي لوڀ مزاج ۽ عجز ۽ انڪساريءَ وارا رويا هنن جي ڪوتاهين کي ڌُنڌلو ڪري ڇڏيندا آهن.