لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

هنجن سين هيڪار...

هَنجَهنِ سِين هَيڪار ، جَي ڳَڻَ ڪري نِهارئين
ٻَگھَـنِ ساڻُ ٻِيهار ، ٻَيلهه نه ٻَڌِين ڪڏهِين

هي بيت سر ڪارايل مان ورتو ويو آهي. ڪارايل لفظ جي معنى مور پکي ورتي ويندي آهي ۽ هڪ راڳڻيءَ جو نالو به آهي. هنجهه پکي کي لطيف سائين گھڻو ويجھو رکي ٿو، ان جو سبب هنجھه پکيءَ جون وصفون آهن. باڪمال انسان جي جمالياتي(Aesthetic) ادراڪ جي حِـس شين جي ظاهري ڊَولَ (Apparent portrait) کان ٽپي انهن جي افعاليت ۽ اصليت جي پرک رکندي آهي. حضرت عيسى نبي کان 450 سال اڳ يونان ملڪ جي فلسفيءَ انڪساغورث Anaxagoras) جو چوڻ آهي ته ”نظارا اڻ سونهي ڏيک جي جھلڪ هوندا آهن.“ ان جو مطلب آهي ته ڪنهن به اسم جو ظاهرُ يعني ٻاهريون ڏيک ان اسم جي علت ۽ هيئت طئي ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي.
هنجهه کي سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ هنس چئبو آهي. جيتوڻيڪ هنج پکيءَ جي هلڻ جي ڍار به موهيندڙ هوندي آهي پر هتي هنجھه پکي پنهنجي جسماني ڊول يا موهه جي ڪري نه پر عادتن جي نفاست يعني سُلڇڻائپ جي ڪري لطيف سائين وٽ مانُ لهي ٿو. هن جي هڪڙي عادت آهي ته هي اڪثر وڏي ۽ صاف پاڻي جي ڍنڍن ۾ رهائش اختيار ڪندو آهي ننڍن دٻن يا ڍورن ۾ نه ايندو آهي ڇو ته ننڍن ڍورن يا دٻن ۾ موجود ننڍڙيون مڇيون ۽ ڊينڊ کائڻ هن جي عادت نه آهي. پاڻيءَ جي صاف ڍنڍ يا کڏ يا تلاءُ هن جو قدرتي مسڪن آهي، ان جو سبب هي پکي پتڪڙا ريتيلا ذرڙا يا سِپُنِ مان انگوريل موتي چُڻي کائيندو آهي ڇاڪاڻ ته سپون يا پتڪڙا ريتيلا موتي هوندا ئي پاڻيءَ جي تري ۾ آهن، ان ڪري جي صاف پاڻي هوندو ته هنجھُه پاڻيءَ جي تري مان پنهنجي خوراڪ ڳولي لهندو. جيڪڏهن هنجُھه پکي پنهنجي بدن ۾ هيڻو به هجي پر سندس رهڻي ڪرڻي ۽ کاڌي پيتي جو ڍنگ حُسن جو پرتو آهي. لطيف سائين هنجَھه جي جسماني هيڻائپ کي سندس عادت جي تناظر ۾ انتهائي سگھارو ۽ ڏاڍو سمجھي ٿو، ان جي ڪري جو هنجُھه پنهنجي عادت ۾ ماحولياتي گدلاڻ (Pollution) کي ڪڏهن به قبول نٿو ڪري سگھي، اهڙي طرح جياپي جي قدرتي اهڃاڻن يعني صاف شفاف پاڻي جي ڍورن کي ڏاڍن ۽ بدحواس پکين جي لُڙ بکيڙي جي ڪري قربان ته ڪري سگھي ٿو پر پنهنجي نفاست يعني خوبصورت افعاليت جي بقا لاءِ ڪنهن به قسم جي آڻ مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڳالهه جي تصديق لطيف سائين پاڻ ڪري ٿو؛
سُـرهو سَــرُ وڃـايو، ڪوڙن ڪانئـِرَن
رُٺا رَوهه وڃن، هِيڻائيءَ کان هَنجھــڙا.

لغت جي پارکن جي خيال مطابق سَرُ لفظ سنسڪرت جي لفظ ”سرس“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى پاڻيءَ جو ڍورو، تالاب، چشمو يا کڏ آهي. ٻيو سَرُ لفظ آهي جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ ئي جي ”شَرُ“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي ٻُوڙي يا ڪانهَه جو ڊگھو پن. هتي سَرُ لفظ پاڻيءَ جي ڍَوري يا تلاءَ يا کڏ جي معنى ۾ آهي. ڪانئر لفظ به ڪم چور، سست، نڪمو، ڊڄڻو جي معنى ۾ ورتو ويندو آهي پر هتي هي هڪ پکي آهي جيڪو رنگ جو ڪارو ۽ پڇ ڊگھو ٿيندو اٿس. لطيف سائين چوي ٿو ته سُرهو سَرُ وڃايو ڪوڙن ڪانئرن يعني سڳنڌ ڀريو پاڻيءَ جو ڍورو بد افعالن ڪانئرن لُٻي گدلو ڪري ڇڏيو. پاڻيءَ ۾ جنهن سڳنڌ يا هُٻڪار جي لطيف سائين نشاندهي ڪري ٿو، سا اصل ۾ پاڻيءَ جي شفافيت يعني پاڪيزگي آهي، ڇو ته هڪ ته بوءِ جو احساس شين جي نج پڻي يعني اصليت جو ٿيندو آهي ۽ ٻيو انهن جي گاڏڙ يا بگاڙ جو. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته لطيف سائين ڪانئرن پکين کي ڪوڙو چوي ٿو، اهو ان جي ڪري ته ڪانئرن جي فطرت ۾ شفافيت ۽ پاڪيزگي آهي ئي ڪانه، ان ڪري سلڇڻي ۽ شفاف ماحول ۾ انهن جو اچڻ وڏي ۾ وڏو دوکو ۽ ڪوڙ آهي ڇو ته اهي لاڏائو ڪانئر هنجن جي ماڳن کي قبضي ڪرڻ ۽ رزق کي ڳڙڪائڻ لاءِ هنجھن جي عمدي ماحول تي اچي ڪڙڪن ٿا. ان ڪري لطيف سائين کي ڏک ٿو رسي ته ڍوري جي ماحولياتي سُرهاڻ يا قدرتي سونهن ڪانئرن جي ٻَٽيڪي ڪرڻ سان ارهاڻ ۽ گدلاڻ ۾ مٽجي وئي ۽ هنجھَه پکي جيڪي قدرتي طور ان عشاقي ماحول جا ڀاتي آهن سي ويچارا هن ڊوکن جي بدافعاليت جي ڪري روهه يعني جبل ڏانهن رٺا ٿا وڃن، جيتوڻيڪ جبل يا ٽَڪرُ سندن رهڻ جي جاءِ ناهي پر غلاضت ۽ ذلالت کي هضم نه ڪرڻ سندن فطري هيڻائي آهي، جيتوڻيڪ هنجهن جو پنهنجي ماڳ سان لازوال نِيهُن هوندو آهي ۽ کاڌ خوراڪ پوري نه ملڻ جي باوجود به پنهنجي ماڳ کي ڇڏڻ هنجهن لاءِ وڏو مسئلو هوندو آهي. لاڙ جي سامونڊي علائقن جي مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ رهڻ رهڻ کانسواءِ ٿر ۾ ڪارونجهر جي آس پاس ڍنڍن ۽ تلائن ۾ به رهندو آهي. ڏڪار جي وقت جڏهن ڍنڍون سڪي وينديون آهن ته هي پکي ٻين پکين وانگر انهن ڍنڍن کي ڇڏي ٻئي ڪنهن علائقي ڏانهن نه ويندو آهي. ڍنڍن جي سڪڻ جي باوجود بکون ڪاٽي به ويٺو هوندو آهي. سندس انهي عادت کي ٿر يا لاڙ جا ماڻهو پسند ڪندا آهن ۽ هنجھه جي ان عمل کي نيهَن ارپڻ جي تناظر ۾ سمجھندا آهن. ان ڪري پهاڪو وجود ۾ آيو ته ”تلاءُ سڪي ويو، پر هنس نه وڃي.“ هي پهاڪو ٿري ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪري ٿو. ٿر جي ماڻهن هن پهاڪي کي پاڻ سان جوڙي رکيو آهي. ڍنڍن جي سڪڻ جي باوجود هنجهه جي نه ڇڏڻ ۽ بکن ڪاٽڻ واري عمل کي هو پنهنجي ڏڪاري حالتن جي پيڙائن کي سهڻ ۽ ٿر کي نه ڇڏڻ واري عمل سان ڀيٽيندي وڏو خوش ٿيندا آهن.
لطيف سائين پنهنجي وطني ماڻهوءَ کي هنجھه پکي جي نفاست يعني سُلڇڻائپ سان تعبير ڪري ٿو ۽ تاڪيد ٿو ڪري ته پنهنجي وطن واسين کي ”ڳڻ ڪري نهارين.“ ڳَڻَ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي گَڻَ لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى ڳڻڻ آهي يعني اهو ڳاڻيٽو جنهن ۾ الڪي يا سمجھه جي کپت هجي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته لطيف سائين هي خاص تاڪيد ڪنهن کي ڪري ٿو؟ ڇا لطيف سائين ڪنهن خاص طبقي کي مخاطب آهي؟ جواب آهي قطعي نه!
هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته لطيف سائين تهذيبي اهڃاڻن يعني وطني نفاست ۽ وصفن جي ڳالهه ڪري ٿو هر ان وطن دوست جي لاءِ جيڪو پنهنجي دائري ۾ ٿورڙو به سوچڻ يا ڪرڻ جواختيار ۽ سگھه رکي ٿو. هتي لطيف سائين وطني ۽ غير وطني يعني پنهنجي ۽ پرائي ۾ فطري احساسن ۽ اوصاف جي تناظر ۾ پرک رکڻ جو تاڪيد ڪري ٿو ۽ ان تاڪيد جي تڪميل جو لازمي نتيجو جيڪو نڪرندو اهو آهي: “ٻگھن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين” يعني پوءِ ڌارين ڌوتن سان ٻٽ رهڻ يا ياري ڪرڻ جي قطعي گھرج نه پوندي. ٻگهه پکي پرائي يعني ڌارئي جي علامت آهي جنهن جي علت ۾ بدبودار ماحول ۽ خوراڪ ۾ مئل شيون مثلن مڇيون يا ڏيڏر يا ڪو ٻيو ڪِنُ ڦِٿُ کائڻ هوندو آهي، جڏهن ته هنجھه جي اها عادت ئي نه آهي. لطيف سائين وطني ماڻهن ۽ ڌارين جي ثقافتي نفسيات جو ڇيد ڪري ٻڌايو آهي ته پنهنجي وطني سان جيڪڏهن مهر ٻاجھه وارو سلوڪ رکبو ته ڌارين سان ڪُڏي هٿ وڌائڻ جي نوبت ئي نه ايندي، ڇو ته ڌارئي جي نفسيات ۾ ڦٻڻ لاءِ پنهنجي جاءِ پيدا ڪرڻ جي هٻڇ هوندي آهي، ڌارئي ماڻهوءَ جي نفسيات ۾ قناعت پسندي نه هوندي آهي.
برطانيا جو جڳ مشهورليکڪ گلبرٽ ڪيٿ ڪيسٽرٽن Gilbert Keith Chesterton جيڪو پنهنجي پيشي جي لحاظ کان صحافي، ناول نويس، مضمون نگار (1874ع - 1936ع هو، سندس چوڻ آهي ته
“It is a fact of history that the immigrant populations have no soul. They only think of property and possession. They will never have peace till they settle and be committed to the earth—the Soil under their feet”.
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته لاڏائو ماڻهن يعني مهاجرن ۾ روح (روحاني جُڙاءُ يعني زمين سان قدرتي پيوند ڪاري وارو جذبو) نه هوندو آهي، انهن کي رڳو ملڪيت ۽ قبضي جي تانگھه هوندي آهي. جيستائين اهي ڌرتيءَ سان روحاني ناتو نه ٿا ڳنڍن جيڪا سندن ٻوجھه کنيو ويٺي آهي تيستائين اهي ڪڏهن به سڪون سان نه رهندا.“
ڪيٿ وڏي گَـهَـرِي ڳالهه ڪئي آهي. مهاجرن يعني لاڏائُن جي نفسيات ۾ جُڙاءَ وارو عنصر نه هوندو آهي، ڇو ته هو زميني رشتا پهريائين ٽوڙي چڪا هوندا آهن.
قبضي ڪرڻ جي نفسيات يعني پير ڄمائڻ جو ذهن ۽ ملڪيت گڏ ڪرڻ جي هَوَسَ، اهي ٻئي حالتون احساس خوف جو نتيجو هونديون آهن، جيڪي اوپرائپ يعني ڌرتيءَ سان جڙاءُ ‎نه هجڻ جي ردعمل ۾ احساس خوف جي شڪل ۾ پيدا ٿينديون آهن، پر جن انسانن جو زمين سان روحاني رشتو هوندو آهي ته انهن ۾ قبضي ڄمائڻ جي نفسيات قطعي نه هوندي آهي. ان جي ڪري هو نه پوڍاوا هوندا آهن ۽ نه ئي پنهنجي بچاءَ لاءِ فڪرمند يا سرگرم هوندا آهن. ڪچن گھرن، مَنَهَنِ، ڇپرن ۽ پَيهَنِ ۾ رهندڙ بي فڪر هوندا آهن، ڇو ته هنن جو پنهنجي زمين سان روح جو رشتو آهي. ٿوري ٿڪي ضرورت پوري ٿيڻ ۽ رڳو جيئڻ جي لائق هجڻ جيترو کاڌو کائڻ کان پوءِ به ڄڻ پوري حياتي جي سامان ملڻ جيترو شڪر ڪرڻ دراصل پنهنجي ڌرتيءَ سان روحاني رشتي ۾ سلهاڙجڻ جي علامت آهي.
جاپان ۾ اپريل 2011ع ۾ زبردست زلزلو آيو، جنهن جي نتيجي ۾ سونامي Tsunami)) يعني سامونڊي طوفان آيو هو ۽ تقريبن هزار ماڻهو مري ويا. اربين رپين جو نقصان ٿيو هو، آمريڪا ۽ يورپ سميت دنيا جي مختلف ملڪن جاپانين جي مدد لاءِ هٿ وڌائڻ چاهيو ته جاپان جي وزيراعظم سڀني کي منع ڪئي ته ڪنهن جي به مدد نه گھرجي، اسان پنهنجي نقصان کي پورو ڪرڻ جي همت رکون ٿا. جيڪي بي گھر ٿيا تن کي جاپاني سرڪار مقرر ڏينهن جو راشن ڏيندي هئي، انهن بي گھر ٿيل جاپانن مان ڪيترن کي ڏٺو ويو ته انهن مليل راشن مان ڪجهه راشن ايئن چئي واپس ڪيو ته هي اسان جي ضرورت کان وڌيڪ آهي. جاپانين جو اهو رويو ڏيکاري پيو ته هنن جو پنهنجي ڌرتي سان روح جو رشتو آهي ڇو ته پنهنجي ڌرتي سان روح جو رشتو هجڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت ڌرتيءَ وارن يعني هم وطنن جي ڳڻ ڪرڻ آهي.
ٻي جنگ عظيم ۾ آمريڪا جاپان جي ڪارخانن واري شهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽم بم ڪيرايا، شهر تباهه ٿي ويا ۽ جاپان جي چيلهه ڀڄي پئي. اتحادين جاپان جي باشاهه کي هٿيار فٽي ڪرڻ ۽ پنهنجون فوجون داخل ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو . ان چتا ءَ جي باوجود به باشاهه اتحادين سان ٻه شرط رکيا جيڪي شرط فاتح اتحادين مڃيا. اهي هي هئا؛ ”پهريون ته جاپان جي تعليمي نظام سان هٿ چراند نه ڪرڻ ۽ ٻيو جاپانين جي تهذيب کي ڇيهو نه رسائڻ جو پابند هجڻ.“ قرآن پاڪ سورت حج جي آيت نمبر 46 ۾ چوي ٿو ته ”ڇا اهي ماڻهو زمين تي نه گھميا ڦريا آهن جو انهن کي به دل هجي ها جنهن سان غور ڪن ها ۽ انهن کي ڪن هجن ها، جنهن سان ٻڌن ها؟ پر حقيقت هيءَ آهي ته اکيون انڌيون ڪو نه ٿيون ٿين پر اهي دليون انڌيون ٿين ٿيون جيڪي سينن ۾ اندر لڪيل آهن.“
روح جو تعلق دل سان آهي ۽ سمورن عضون جي بهتريءَ جو دارومدار دل جي چستيءَ تي آهي. ڌرتيءَ تي گھمڻ ڦرڻ سان قدرت جا لقاءَ ۽ سندس مخلوق جا اسرار ڏسي ۽ ٻڌي سگھجن ٿا پر سمجھي نه ٿا سگھجن ڇو ته سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ جنهن غور فڪر جي ضرورت آهي، اهو انهن دلين جو ڪم آهي جن دلين ۾ قيام ڪندڙ روح جو جُڙاءُ ڌرتيءَ سان آهي. ڇو ته قرآن پاڪ غور فڪر جي قوت کي ڌرتيءَ تي سفري ڪشالا ڪٽڻ سان يعني ڌرتيءَ جي ڪيميا سان جوڙي ٿو، ان ڪري قرآن پاڪ ٻڌائي ٿو ته غور فڪر جي قوت کان دراصل اهي محروم آهن جن جون اکيون انڌيون نه آهن پر دليون انڌيون آهن، هاڻي جيڪڏهن غور ڪبو ته دل ڏسڻ جو ڪم ته نه ڪندي آهي ۽ اهو ڪم ته قدرت اکين تي رکيو آهي پر قرآن پاڪ، دلين جي انڌي هجڻ جو مطلب يقينن ڌرتيءَ سان روحاني رشتو نه هجڻ ٻدائي ٿو، ڇو ته غور فڪر جي شڪتي ڌرتيءَ تي گھمندڙ انهن انسانن ۾ هوندي آهي جن جو ڌرتيءَ سان روحاني پيچُ هوندو.
حضرت عيسى نبيءَ پنهنجي مشهور خطبي سرمن آن مائونٽ (Sermon on mount) يعني پهاڙيءَ تي خطبو، ۾ چيو آهي ته ”جيڪي زمين جا وارث هوندا آهن اهي عاجز هوندا آهن“ حضرت عيسى جن جي چوڻ جو مطلب آهي ته جن جو زمين سان روحاني رشتو آهي ته اهي انسان عاجز ٿيندا آهن يعني ڦڏئي فسادي ٽيڙا نه ٿيندا آهن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جن جو پنهنجي ڌرتيءَ سان روحاني جڙاءُ آهي ته اهي پنهنجي اڀري سڀري حال تي مطمئن ڇو آهن؟ ٻيو اهو ته حضرت عيسى جو چيو ته ڌرتيءَ جا وارث عاجز هوندا آهن، ته آخر عاجز ڇو هوندا آهن؟ مطمئن ۽ عاجز هجڻ جو راز اصل ۾ ڌرتيءَ سان روحاني رشتي ۾ جڪڙجڻ جو آهي، ڌرتيءَ سان روحاني رشتو يا جُڙاءُ هجڻ جو ڇيد ايئن آهي جيئن ڪنهن کي پنهنجي گھر ڀاتين، ٻچن جي وارث هجڻ جو لازوال احساس هوندو آهي.
جيڪي ڌرتيءَ کي سمجھن ئي پنهنجو گھر ٿا ته اهي ڪيئن مطمئن نه هوندا...! ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ منجھه قدرت جياپي جا سمورا وسيلا مهيا ڪري رکيا آهن ان جي ڪري جيڪي ڌرتي کي Own يعني پنهنجو ڪن ٿا يعني ڌرتي جي قدرتي مالڪيت واري احساس مان واندا ئي نه ٿا ٿين، ان جي ڪري هو عاجز آهن. ڇو ته هو خزانن جا مالڪ آهن، قرآن شريف ۾ خلقڻهار چيو آهي ته ”زمين ۾ االله جا خزانا آهن“