اِبر جا اوصاف
ڍڪي اُگھاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ!
ٻيهر ڄاپِي ڄاڻ ، اِبَر جي اوصافَ کي.
هي بيت سيد عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي انتهائي سگھاري سُر ”مارئي“ مان آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين هڪ اهڙي پتڪڙي بي روح وجود يعني ”سُئي“ جي انهيءَ اٿاهه ڪرت جي باري ۾ ٻڌائي ٿو جنهن کي هو ”وصف“ ڪوٺي ٿو. وصف عربي لفظ آهي جنهن جي معنا آهي اهڙي علامت، ڪيفيت يا حالت جيڪا ڪنهن به اسم يا شيءِ سان سدائين لاڳو هجي. ان جو مطلب ته ڪنهن به اسم جي اهڙي علت جيڪا سندس وجود جو سبب هجي ۽ ان اسم جي اها علت ماحولياتي گندگيءَ جي اثرن کان متاثر نه ٿئي ان کي ئي وصف (Virtue) چئبو آهي. اوصاف وصف جو جمع آهي. سُئيءَ جي جيتوڻيڪ ڪرت جي حوالي سان هڪڙي ئي وصف يعني سبڻ آهي پر لطيف سائين جو وصف جي بدران اوصاف (جمع ) استعمال ڪرڻ جو مقصد سُئيءَ جي ٻي وصف ”پاڻ کي ڍڪڻ نه آهي“ توڙي جو سندس ڪم ئي اُگھاڙن کي ڍڪڻ آهي.عربي ۾ سُئي کي ”اِبَـرُ“ چوندا آهن.
انسان جي وجود ۾ قدرت جو هڪ قانون سمايل آهي ته ڏاهپ ۾ جيڏو ماڻهو عُميق هوندو آهي ته اهو اوڏو ئي نفيس يعني ننڍڙين شين جي عمدگيءَ کي پرکڻ ۾ سگهه رکندو آهي يعني جيڪو ماڻهو ڪائنات جي اَٿاهه لقائن ۽ عنصرن جي هيئت کي پنهنجي عظيم فڪري ولوڙ ۽ گـهـري مزاج جي ذريعي پرکي ٿو وٺي ته اهو ئي ماڻهو ڪائنات جي انتهائي ننڍڙن جسمن جي ڪِرت ۾ قدرت جي عجيب بڻت ڏسي وٺندو آهي.
نيوٽن سائنسدان جي حرڪت جي قانون مطابق ”هر عمل جو ردعمل“ هوندو آهي. زمين تي ڀڄڻ سان زمين اسان کي اڇلائي ٿي يعني اٿاھه جسامت رکندڙ ڌرتي تي زور لڳائڻ سان اها اٿاھه جسامت هڪ معمولي جسم کي اُبتڙ قوت فراهم ڪري ٿي ۽ اها ابتڙ قوت زندگيءَ جي تحرڪ جو سبب بڻجي ٿي، اهڙي نموني اٿاھه فڪري ولوڙ سان جڏهن انسان ڪائنات جي اٿاھه جسمن ۽ لقائن جي باري ۾ پروڙي ٿو وٺي ته اها ئي اٿاھ ڪائناتي سوچ اوتري ئي گھرائيءَ سان اُبتڙ يعني توجھه طلب ننڍڙن ننڍڙن جسمن جي عجب بڻت ۽ حيرتناڪ ڪرت ڏانهن واپس ڪري ٿي. قدرت ۽ ڪائنات جي تعلق ۽ اٿاھه مقصد جي پروڙ ۽ پرک رکندڙ انسان پنهنجي سوچ ۾ ڪائنات جي علت يعني وسعت ۽ قدرت جي علت يعني بڻت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته اُن انسان جي نظر قدرتي بڻت جي سمورن لقائن کي پنهنجي فوڪس ۾ آڻي ٿي.
ارڙهين صديءَ جي جرمني جي عظيم شاعر ۽ فلاسافر جي ڊبليو وي گوئٽي (Johann Wolfgang van Goethe) جو چوڻ آهي ته ”اسان پهريائين خداوندي طاقت جو اظهار پاڻ کان مٿانهين شين ۾ پسون ٿا، پوءِ پاڻ جهڙين شين ۾ ۽ آخر ۾ پاڻ کان گھٽ شين ۾ پسون ٿا.“ تمام وڏين شين کي سمجھڻ لاءِ ننڍڙن ذريعن جي ضرورت پوندي آهي. مثال جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ يا اداري جي ڪُل معاشيات (Macro economics) جي اندازي ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ته پهريائين ان جي جزوي معاشيات (Micro economics) يعني هر هڪ يونٽ جو الڳ اندازو ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن ڪُل يعني سموري ملڪ يا اداري جي معاشي سگھه جو پتو پوندو. اهڙيءَ طرح ڪنهن به سماج يا معاشري جي بيهڪ جو اندازو معلوم ڪرڻ لاءِ ان معاشري جي بنيادي يونٽن يعني فردن، خاندانن، ويڙهن، ڳوٺن ۽ شهرن جي اُٿڻي وهڻي جو اندازو ڪرڻو پوندو آهي. ساڳيءَ طرح ڪنهن به فرد جي شخصيت يعني ماڻهپي جو اندازو ڪرڻ لاءِ سندس هيٺين سطح جي لاڙن جو نفسياتي ڇيد ((Psychological Analysis ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ علم نفسيات جي ابي سگمنڊ فرائيڊ (Sigmund Freud) ۽ ان جي ساٿين ائڊلر (Adler) ۽ زونگ (Zong) تي ان سلسلي ۾ اعتراض واريا ويا ته شخصيت يعني ماڻهپي جي مٿين سطح جي لاڙن يعني تخليقي صلاحيتن ۽ فني ڪاميابن جي آڌار تي نفسياتي ڇيد ڪرڻ گھربو آهي. نالي وارو آئرش لکاري جارج برنارڊ شا (Jorge Bernard Shaw)جو خيال هو ته فنڪار جي شخصيت جو اندازو ان جي اعلى سطح يعني فني ڪمال مان ۽ ڏوهي ماڻهو جو اندازو ان جي ڪريل سطح مان لڳايو وڃي. ان سلسلي ۾ نفسيات دانن جو چوڻ آهي ته تخليقي صلاحيتون يا فني آسودگي خواهشن جي علت تي اثر نه ٿيون وجھن، اهوئي سبب آهي جو زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ هاڪاري صلاحيتون رکندڙ ناميارا ماڻهو بيڪار علتن جو شڪار رهيا آهن.
ڪُلَ جا بهرحال اهڙي قسم جا اعتراض سائنس جي باريڪ پڻي واري طريقي تي به آهن ڇو ته سائنس به سائنسي ڇيد ڪرڻ لاءِ ڪُل جا بخيا اُڊيڙي ان کي جزن ۾ ورهائيندي آهي، مثال هڪ گل تي تجربي ڪرڻ وقت گل جو پاڻي، ڪئلشم، ڪلوروفل ۽ ٻين جزن جو مقدار معلوم ڪيو ويندو آهي. حقيقت ۾ جزن جو اندازو ڪرڻ ئي “ڪُل” جي توانائي معلوم ڪرڻ آهي.
اهڙي نموني عظيم هستيءَ جي عظيم تخيل ”ڪائنات“ جي عظمت جو ڪاٿو سندس ڪائنات ۾ موجود وڏن وجودن کان وٺي پتڪڙن وجودن جي سرگرمين کي پرکڻ سان ٿئي ٿو. لکين نوري سالن جي ڏورانهين پنڌ تي وکريل ڪهڪشائون وڏي تيزي سان پنهنجي سرگرمين ۾ جهڙي نموني مصروف آهن تهڙي نموني پيرن جي هيٺان چيڀاٽجي ويندڙ ڍِلڙي رفتار وارن پتڪڙن جيت جڻين جون به سرگرميون جاري آهن. ڳري جسامت رکندڙ وڏن وجودن جو فني سرشتو عظيم هستيءَ جو بهترين هنر آهي پر ساڳئي ئي قسم جا فني سرشتا پتڪڙن جسمن ۾ سموئڻ هستيءَ جو ڪمال هنر آهي، تنهن ڪري اهو ڄاڻڻ گھرجي ته عظيم هستيءَ جي عظمت جا اهڃاڻ سندس تخيل جي انتهائي پتڪڙن جسمن ۾ ڪار وهنوار جا انوکا مظهر آهن.
ڪائنات جي سمورن عنصرن جا ڪيميائي پڙاڏا انسان کي صرف متاثر ئي ڪري سگھن ٿا، پر جيئن ته انسان جي تهذيبي ترقيءَ ۾ سندس پنهنجي شعور ۽ قدرت جي داد جي سيڙپ ٿيل آهي. ان ڪري هن ڪائنات ۾ سمورن عنصرن جي ڪيميائي تعارف جو شرف صرف انسان کي حاصل آهي ۽ عظيم هستيءَ جي شعوري پهلوئن جي اُپٽار جو به شرف انسان کي ئي حاصل آهي. حضرت عيسيٰ نبي کان لڳ ڀڳ پنج سئو سال پهريائين يونان ملڪ جي فلاسافر پروتا گورس (Protagoras) جو چوڻ آهي ته ”تمام شين جو معيار انسان آهي.“
اهڙي نموني انسان جي عظمت جو جواز رڳو سندس بدني ڊول نه آهي پر سندس سوچ ئي آهي جيڪا پاڻ سميت ڪائنات جي اٿاهه بڻت ۽ زمين تي ٻي سموري جيوت جي ڪيميائي ۽ حياتياتي سرگرمين جو ڪاٿو ڪري ٿي.
پاڇاهي لفظ جي معنا بادشاهي آهي. بادشاھ ، پادشاھ ٻئي لفظ فارسي ٻوليءَ جا آهن ۽ پاڇاهي لفظ تُرڪي ٻوليءَ جي لفظ پاشا مان نڪتل آهي جنهن جي معنا حاڪم، نواب يا سردار آهي. تُرڪي ملڪ ۾ پاشا سردارن جو لقب رهيو آهي. لطيف سائين سُئيءَ جي وصفن جي، باشاهه سان نه پر باشاهيءَ سان ڀيٽ ڪري ٿو، ڇو ته باشاهه هڪ فرد جو نالو آهي پر باشاهي پوري ملڪ جي اثاثن جي مالڪيت جو نالو آهي، پر پوءِ به حقيقت ۾ ڀيٽ نه چئجي ڇو ته لطيف سائين چوي ٿو ته ”پاڇاهي نه پاڙيان سرتيون سُئيءَ ساڻ“ ان جو مطلب ته بادشاهي جي لطيف سائينءَ وٽ هڪ قيمت مقرر آهي جيڪا خاص وقت تائين هلي پنهنجي پڄاڻي کي پهچي ٿي، جڏهن ته سُئيءَ جو فيض يعني انسانن جي اوگھڙَ ڍڪڻ هلندڙ آهي ۽ سندس پڄاڻي جو ڪو به مدو نه آهي. ان ڪري لطيف سائين باشاهيءَ کي سُئيءَ جي وصف سان نه ٿو پاڙي يعني باشاهيءَ جي قيمت سُئيءَ جي قدر مَٽُ نه آهي.
لطيف سائينءَ بيت جي آخري سٽ ۾ سئيءَ جي وصفن کي ڄاڻڻ لاءِ ٻه جنم لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هڪ جنم ته ان جي ڪرت کي پُرجھڻ آهي، جيڪا انسان جي فطري تبديليءَ جو سبب بڻي ۽ انسان ذات اڻ سڌريل حالت يعني اُگھڙَ کان جند ڇڏائي هڪ مهذب سطح اختيار ڪئي. لطيف سائين سئيءَ جي ٻي وڏي حيرت ۾ وجھندڙ وصف ڏانهن متوجھه ڪري ٿو، جيڪا پڻ عقلمند انسان کي واقعي جنم جيڏي ڊگھي عمر تائين سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. اها وصف پنهنجي فطري گھُرج کان منهن موڙي ٻين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي وجود کي پابند ڪري ٿي. ڪنهن به جيوت جي فطري تبديلي تمام ڊگھي مرحليوار ارتقائي عمل جي ذريعي ٿيندي آهي. هن عمل ۾ سوين نه پر هزارين سال لڳي ويندا آهن. ان ڪري لطيف سائين ڪنهن به وجود جي اهڙي عمل کي پوري جنم جي ڌيان جي لائق سمجھي ٿو جنهن ۾ ڪو به وجود پنهنجي فطري ضرورت کان پاڻ کي آجو ڪري ٻين جي ضرورتن جو پورائو ڪري. جيئن بيت جي وچين سٽ ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته ”ڍڪي اگھاڙن کي ڪين ڍڪيائين پاڻ “ مطلب ته سُئيءَ جو ڪم جيتوڻيڪ اگھاڙن کي ڍڪڻ آهي پر پاڻ کي ڍڪڻ جو اُلڪو نه رکيائين. هي هڪ ربوبي وصف آهي، جيڪا انسان ۾ تڏهن پيدا ٿئي ٿي جڏهن هو زندگيءَ جي مقصد کي سمجھي ٺندو آهي.
انسان خالق جي ارادي جي بهترين تشڪيل آهي، جيڪو به انسان خالق عظيم جي تشڪيلي ارادي جي تڪميل يعني انسانن جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ته ان جي ڪم ۾ قدرت جو ساٿ رهي ٿو. اهڙو ئي مثال سُئي جو آهي جيڪا سلائي مشين ۾ استعمال ٿيندي آهي. اليس هويي (Elias Howe) جولاءِ 1819ع ۾ آمريڪا جي شهر ميساچوسٽس ۾ پيدا ٿيو ۽ آڪٽوبر 1861ع ۾ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، اهڙيءَ طرح هن عظيم انسان پنهنجي 48 سالن جي حياتيءَ ۾ انسانن جي فطري ۽ اخلاقي تقاضائن جي پورائي جو سرچشمو ”سلائي مشين“ 1845ع ۾ ايجاد ڪئي. اصل ۾ سُئي جي ايجاد ته تمام پراڻي آهي پر سلائي مشين جو وجود اڻويهين صديءَ جو آهي. هٿ سان ٽوپو ڏيڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سئي جي مٿي (پاکڙي) ۾ سوراخ ٿيندو آهي، جڏهن ته سلائي مشين جي سئيءَ جي هيٺ نوڪ ۾ سوراخ هوندو آهي.
اليس هويي جيڪا سلائي مشين جي سُئي تيار ڪئي ان ۾ رواجي هٿ سان سبڻ واري سئيءَ وانگر مٿي ۾ سوراخ ڪيائين، جيڪا ڪپڙو سبي نه پئي سگھي. هويي صاحب ڏاڍي ٻڄراڻ ۾ وقت گذاريو پر کيس حل جو ڪو رستو ئي نه مليو، نيٺ هن صاحب هڪ خواب ڏٺو. هو ڏسي ٿو ته کيس وحشي قبيلي جي ماڻهن گرفتار ڪيو آهي ۽ هن کي چون ٿا ته چوويهن ڪلاڪن جي اندر سلائي مشين تيار ڪري وٺ نه ته تو کي ماري ڇڏينداسين! بهرحال هويي صاحب طيءِ ٿيل وقت ۾ سلائي مشين تيار ڪري نه ٿو سگھي ته قبيلي جا ماڻهو کيس مارڻ لاءِ تير ۽ نيزا کڻي هن ڏانهن اچن ٿا ۽ هي انهن وٽ خطرناڪ هٿيار ڏسي خوف کان ڀڄي ٿو ۽ نيزن ڏانهن نهاري ٿو. نيزن ۾ هن کي نوڪ واري پاسي ۾ سوراخ نظر آيو. هن جي اک کلي وئي، خواب ۾ هن کي پنهنجي ڪم جي تڪميل نظر آئي. هويي صاحب ان وقت ئي ليبارٽريءَ ڏانهن ڀڳو ۽ پاڻ نيزي کي ڏسي سئيءَ کي هيٺين نوڪ واري پاسي ۾ سوراخ ڪيائين ته سلائي مشين ڪپڙن سبڻ جو ڪم باقائدي ڪرڻ لڳي.