لِڪو ڪين لطيف چئي
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار
ٿي سَتِي ٻڌُ سَندرو، پِرتِ پنهون سين پَارِ
نائَـي نيـڻ نـهار ، تـو ۾ ديـرو دوست جـو
هي بيت سر سسئي آبري ۾ ملي ٿو. جھرجھنگ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جو هتي هوت کي لهين نه ٿي، لطيف چوي ٿو ٻاروچو تو کان الڳ پري لڪل نه آهي، رڳو پاڻ ۾ ستُ پيدا ڪر. پنهون سان نيهن نڀاءِ يعني محبت ارپڻ واري جذبي تي اٽل رهه ۽ ان ئي جذبي تحت پنهنجي اندر ۾ جھانڪي ڏسندينءَ ته هو دوست تنهنجي دل ۾ آهي.
هي بيت انساني وجدان (Inner self)کي سجاڳ ۽ فعال رکڻ جي نشاندهي ڪري ٿو، ان کانسوءِ هي بيت محور (Nucleus) ۽ مدار (Orbit) جي رشتي جو سائنسي ڇيد ڪري ٿو. هوت يا پنهون يا دوست اصل ۾ محور آهي ۽ سسئي مدار آهي. جھاڳڻ ڪم مدار جو هوندو آهي ۽ محور، مدار جي جدوجهد کي قائم رکڻ لاءِ منظم ڪيميائي رسد ڏيڻ جو ڪم ڪندو آهي. اهو سڄو نظام قربت جنهن کي ٻين لفظن ۾ ”ڪشش“ ۽ جدوجهد جنهن کي ٻين لفظن ۾ ”حرڪت“ چئجي، تي قائم ۽ دائم آهي. ڪشش جي ڪري حرڪت پيدا ٿيندي آهي. ڪنهن به جدوجهد ڪرڻ جو ڪارڻ ڪنهن شيءِ کي پائڻ يا ان ۾ پوڻُ هوندو آهي. جدوجهد، مقصد کان وڌيڪ اُتم هوندي آهي. ان ڪري جيڪڏهن جدوجهد جو رخُ صحيح نه آهي ته مقصد حاصل نه ٿي سگھندو. مٿي بيت ۾ لطيف سائين سسئي کي تاڪيد ڪندي چوي ٿو ته ”وڃين ڇو وڻڪار هت نه ڳولين هوت کي“ يعني جدوجهد جو رخ ٽيڙو آهي. لطيف سائين سمجھي ٿو ته جسم هڪ علامت آهي پر اهڃاڻ نه آهي. پرين جا اهڃاڻ سندس آرَپارَ، گڻَ، خوبيون، لڇڻَ، وصفون، ڪِرتا، اولڙا، خيالَ ۽ ڍنگَ وغيرہ آهن، ان ڪري لطيف سائين پيار ۽ محبت جي جذبن کي جسماني خدو خالن سان نه ٿو سلهاڙي ۽ نه ئي جسماني قربت ۾ ڪا دائميت محسوس ڪري ٿو. اهڙي نموني پيار ۽ محبت جي جذبن کي جسم جي عمر کان تمام گھڻو پائيدار سمجھي ٿو ان ڪري پرين جي جسم کي هڪ ماڳ وانگر ڏسي ٿو جنهن ۾ پرين جو قيام آهي. پر اصل ته پرين جون وصفون آهن جيڪي سندس ڪامل ڪردار جو تعين ڪن ٿيون.
محور ۾ ڪيترا ئي مدار هوندا آهن، هر مدار پنهنجو الڳ ڪششي ناتو محور سان جوڙي رکندو آهي. لطيف سائين قدرت جي سائنس جي تناظر ۾ سسئي کي ٻڌائي ٿو ته تون وڃين ڪاڏي ٿي؟ هِتي هوت کي ڇو نه ٿي ڳولين ؟ جنهنجي پٺيان تون وڃين ٿي ان جي خوبين ۽ قدر قيمت جي پرک جو معيار تون آهين، تون ئي جڏهن هوت جي سيرت جو اهڃاڻ آهين ته پوءِ اهڙي وڻڪار وڃڻ جي ضرورت ڪهڙي؟ يعني اهڙي جڳهه جيڪا ڪنهن کي جاچڻ لاءِ نظرن کي اوجھل رکي! وڻڪار يعني وڻن جو گھاٽو هجڻ ٻين لفظن ۾ ٻيلن يا جھنگلن کي به چئي سگھجي ٿو. مطلب ته وڻڪار اهڙو ماڳ آهي جيڪو مقصد جو چٽو تعين نه ٿو ڪري. ”لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو ٻئي پار“ يعني تنهنجو هوت تو کان پري لڪل نه آهي. مطلب ته پرين جا ڪردارَ تنهنجي سوچن ۾ قيد آهن. ”ٿي ستي ٻڌ سندرو پرت پنهون سين پار“ جانٺي ٿي پنهون سان پرت نڀائڻ جو سندرو ٻَڌُ مطلب ته انهن ڪردارن سان نڀاءِ ۽ انهن ڪردارن کي پنهنجي روين ۾ پيوند ڪري ڇڏ. ”نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو“ .
حقيقت ۾ ڏسجي ته حياتي رڳو خيالن ۽ سوچن جي ئي آهي، باقي ته ڪابه شيءِ پنهنجي بقا قائم رکي نه ٿي سگھي. لکن ڪروڙن سالن کان گذري ويل اسان جي قريبن جي اسان وٽ جيڪا ميراث آهي اها صرف سوچ آهي، اها سوچ ئي آهي جنهن اسانجي ڪردارن ۾ ”وقت“ کي امام جو درجو ڏئي فاصلن گھٽائڻ جي سائنس ڀري آهي.
شيون خاصيتن ۽ انسانَ ڪردارن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن، خاصيت مخصوص ۽ محدود حالتن ۾ پنهنجي بقا رکي سگھندي آهي جڏهن ته ڪردارَ عام حالتن کان وٺي هر ماحول ۾ پنهنجا اثر قائم رکندا آهن. ڪي انسان شين وانگر رڳو شخصيت جا مالڪ هوندا آهن ۽ ڪي وري ڪردارَ جا مالڪ هوندا آهن. شخصيت فردَ ٺاهيندي آهي ۽ ڪردارُ معاشرا ٺاهيندو آهي. پرين ءَ جي ڪردارن يا ماڳن جي صرف اپٽار ڪرڻ ۽ پنهنجي نڪمي شخصيت ۾ انهن ڪردارن جا زباني عڪس تراشڻ ڪو وڏو ڪم نه آهي پر ايمانداري اها آهي ته ايئن ڪرڻ هڪ تماشو آهي. اصل ڪم ته پرينءَ جي ڪردارن ۾ گم ٿيڻ آهي . جيئن حضرت عليءَ سائين جو قول آهي ته ”مومن خاموش مبلغ هوندو آهي“. ان جو مطلب پرين ءَ جي ڪردارن جو نمائندو هوندوآهي. پرين جي سيرت جو آئينو هوندو آهي. اهڙي ئي هڪ ڪردار ي جھلڪ جو واقعو هن ئي بيت جي خلاصي جي تناظر ۾ سڀني جي سمجھڻ لائق آهي. هي واقعو فيروز سنز لميٽڊ جي طرفان اردو ۾ ڇپايل ڪتاب ”سچي ڪهانيان“ جي مصنف محمد يونس حسرت کانسواءِ ايران ملڪ جي مشهور عالم مرتضا مطهري جي (اردو ۾ ) لکيل ڪتاب ”سچي ڪهانيان“ ۾ به بيان ڪيو آهي جيڪو عبداالله بن مبارڪ جي باري ۾ بيان ڪيو ويو آهي. عبداالله بن مبارڪ بنو اميه جي ڏهين حڪمران حشام بن عبدالملڪ جي دور ۾ تمام وڏو عالم، محدث طور ڄاتو ويندو هيو. امام ابو حنيفو ۽ امام مالڪ هن جا استاد ٻڌايا وڃن ٿا. عبداالله ابن مبارڪ جي لاءِ امام احمد جو چوڻ آهي ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ سفري ڪشالا ابن مبارڪ کان وڌيڪ ڪنهن نه ڪيا هوندا. سعودي عرب جي ليکڪ عائض قرني پنهنجي ڪتاب ” لاتحزن“ ۾ ابن مبارڪ جي باري ۾ لکي ٿو ته ابن مبارڪ جو پاڙيسري هڪ يهودي هيو. يهودي کان ڪن ماڻهن گھر خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. گھر جي قيمت هڪ هزار دينار هئي پر يهودي ٻه هزار ٻَڌي ويٺو. پڇڻ وارن يهوديءَ کان پڇيو ته گھر جي ٻيڻي قيمت ڇو رکي اٿئي؟ تنهن تي يهوديءَ چيو ته گھر جي قيمت هڪ هزار دينار آهي ۽ ٻيو هزار دينار عبداالله ابن مبارڪ جي پاڙيسري هجڻ ڪري وٺان ٿو. عبدالله جو وترُ هوندو هيو ته جڏهن به پنهنجي ٻچن لاءِ کاڌي پيتي يا لٽي ڪپڙي جو سامان وٺي ايندو هيو ته پهريائين يهوديءَ کي ڏيندو هيو ۽ بعد ۾ پنهنجي گھر داخل ٿيندو هيو.
عبداالله ابن مبارڪ جي باري ۾ بيان ڪيل واقعو دراصل سندس جو خواب آهي جيڪو هن حج ڪرڻ جي دوران ڪعبةاالله وٽ ننڊ جي گھيرٽ اچڻ وقت لڌو هيو. خواب ۾ عبداالله ابن مبارڪ کي مٺو محمد آيو ۽ هن کان پڇيائين ته ابن مبارڪ تو کي خبر آهي ته هن سال حج تي آيل ماڻهن جو تعداد ڪيترو آهي؟ ابن مبارڪ جواب ڏنو ته هن کي خبر نه آهي. تنهن تي االله جي رسول ٻڌايس ته ڇهه لک ماڻهو آيا آهن ۽ هنن سڀني ماڻهن جو ايئن حج قبول نه ٿيو آهي جيئن دمشق جي موچي علي بن مُوفِق جو افضل ترين حج قبول ٿيو آهي ۽ اهو آيو ئي نه آهي. عبداالله ابن مبارڪ جي اک کلي ۽ پريشان ٿيو ڇو ته آيل حجاج ۾ هو پاڻ به هيو. هن شام ملڪ جو رخ ڪيو ۽ ان موچيءَ جي تلاش ۾ نڪتو ته جيئن خبر پويس ته آخر جيڪو حج ۾ نه آيو ته ان جو حج سڀني آيل حاجين کان ڪيئن افضل ٿيو؟
ابن مبارڪ دمشق پهتو ۽ موچيءَ کي ڳولي لڌو. موچيءَ سان خواب جي حقيقت ڪري پڇيائين ته آخر ڳالهه جو تاڃي پيٽو ڇا آهي؟ موچي ٻڌايس ته ٽن سالن کان وٺي حج جي تياري ۾ لڳو پيو هيس ۽ ٿورڙ اٿورڙا پئسا گڏ ڪري 3000 هزار درهم ڪٺا ڪيم ۽ هن ئي سال تياري هيم. گھر واري ڳورهاري هئي ۽ هن کي پاڙي ۾ پچندڙ گوشت جي ٻوڙ جو هڳاءُ آيو ۽ هن خواهش ڪئي ته پاڙي واري کان گوشت جو ٻوڙ وٺي اچ، مان پاڙيسريءَ جي در تي ويس ۽ ٻوڙ جي طلب ڪيم پر پاڙيسريءَ اهو جواب ڏئي واپس ڪيو ته گوشت توهان جي کائڻ جهڙو نه آهي. مون بعد ۾ پاڙيسريءَ کان ٻوڙ نه ڏيڻ جو عذر معلوم ڪيو، پاڙيسريءَ ٻڌايو ته ٽن ڏينهن کان هن جا ٻچا بک ڪاٽي رهيا هئا ۽ کيس ٻچن کي کارائڻ لاءِ ڪجھه به نه هيو ان ڪري هن هڪ مئل جانور مان ڪجھه گوشت ڪٽي آندو ۽ اهو ئي گوشت پچايو، جيڪو حلال نه هجڻ ڪري مون تو کي نه ڏنو. بس پوءِ مان حج جي لاءِ جيڪي پئسا ڪٺا ڪيا هيم سي پاڙيسريءَ کي ڏنا ۽ چيم ته پنهنجي ٻچن لاءِ سيدو سامان خريد ڪر. اها ئي ڳالهه آهي.
هن واقعي مان عقل جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو االله ۽ ان جي رسول جي حب ۾ پاڻ کي جوڙي رکن ٿا سي االله ۽ رسول جي رضا جا طلبگار هوندا آهن ۽ هنن کي االله ۽ رسول جي رضا جا اهڃاڻ انسانن جي بهتريءَ ۾ ئي نظر اچن ٿا. عبادتون ۽ رياضتون پنهنجي ذات جي تنظيم ڪرڻ آهي. قرآن شريف جي سورت حجر جي آيت 99 ۾ چيو ويو آهي ته ”پنهنجي رب جي عبادت ڪندو رهه جيستائين تو ۾ يقين پيدا ٿئي“. يقينُ عقلمنديءَ سان ڀروسي ڪرڻ واري حالت جي تنظيم ڪرڻ جو نالو آهي. عبادت خدا ۽ بندي جي قربت جو تعين ڪونه ٿي ڪري پر عبادت قربت حاصل ڪرڻ جي تنظيم پيدا ڪرڻ جو ابتدائي ڪورس آهي ۽ ان تنظيم ڪاري جو به مقصد آخر وڃي انسانن جي بهتري جو اونو رکڻ ئي آهي ڇو ته رحمت العالمين جن جو فرمان آهي ته ” الخلق عيال االله“ يعني خلق الله جو ڪٽنب آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته ”جيڪي منجھه جهان ، سو تاريءَ تڳي تنهنجي“ خلق ۾ عالم جاهل، اڇا ڪارا، ننڍا وڏا، مسلم ڪافر، مومن منافق، پرهيزگار ۽ گنهگار سڀ اچي وڃن ٿا. االله سڀني کي کارائي ۽ جيئاري ٿو.
االله جيئن نالوءِ ، تيئن مون وڏو آسرو
خاوند تنهنجيءَ کاند جو، پرو پاند نه ڪوءِ
نالو رب سندوءِ ، رهيو آهي روح ۾
االله تي عقلمنديءَ سان ڀروسو ڪرڻ وارن کي تاڪيد ڪيو ويو آهي ته اهي االله جي اخلاق تي هلن. االله جو اخلاق اهو آهي ته هو انهن کي به پنهنجي قدرت مان روشني، هوا، پاڻي ۽ جياپي جو سمورو سامان عطا ڪري ٿو جيڪي سندس جي ڪبريائي جو انڪار ڪن ٿا. لطيف سائين چيو آهي ته ”خالق تنهنجي کاند جو پرو پاند نه ڪو ءِ“ اهڙي نموني الله پنهنجي رب العالمين هجڻ واري اخلاقي ايجنڊا تي قائم دائم آهي. جيستائين عبادت جو تعلق آهي ته عبادت کي موثر به خدا جي اخلاق جي تناظر ۾ ئي ڪارگر سمجھيو ويو آهي جيئن قرآن شريف جي سورت بقره جي آيت 177 ۾ چيو ويو آهي ته ” نيڪي انهيءَ ۾ ناهي ته توهان ( نماز جي وقت) پنهنجو منهن اولهه يا اوڀر ڏي ٿا فيرايو پر حقيقت ۾ نيڪ ماڻهو اهي آهن جيڪي الله تي، آخرت جي ڏينهن تي، فرشتن تي، نازل ٿيل ڪتابن تي، نبين تي ايمان رکن ٿا ۽ الله جي محبت ۾ پنهنجو مال مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ڏين ٿا ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ جڏهن ڪو عهد اقرار ڪن ٿا ته پورو ڪن ٿا ۽ تنگي ۽ مصيبت جي حالت ۾ يا خوف ۽ هراس جي وقت ۾ صبر ڪرڻ وارا ٿين ٿا. اهي ئي ماڻهو نيڪيءَ جي راهه ۾ سچا آهن ۽ اهي ئي متقي آهن“.
قرآن شريف اهڙو ڪتاب آهي جيڪو پنهنجو معيار پاڻ ڳالهائي ٻڌائي ٿو ڪابه ڳالهه يا هدايت يا نصيحت يا مثال يا تنبيهه يا قصو بيان ڪيو ويندو ته بار بار علم وارن، عقل وارن، غور فڪر وارن، سمجھه وارن کي دعوت ڏئي لاڳاپو ظاهر ڪري ٿو، مطلب ته قرآن جي ڳالهه غور ۽ فڪر جي ئي ذريعي پرکي سگھجي ٿي. تنهن ڪري قرآن پنهنجي پوئلڳن کي عقل ۽ علم جو پيڪر هجڻ جو شرط لاڳو ڪري ٿو، ۽ قرآن جو هر گفتو عقلمند ۽ مفڪر جي ميراث آهي،
ڇهن لکن ماڻهن پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار مڪي مديني وڃي حج ڪرڻ سان ڪيو پر علي بن موفق موچيءَ پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ٽن سالن کان حج جي لاءِ ڪٺا ڪيل پئسا ضرورت مند پاڙيسريءَ کي ڏيڻ سان ڪيو. اهڙي نموني ڇهن لکن انسانن جي عقيدت ۽ محبت جي جوڙ کان هڪ انسان جو عمل افضل قرار ڏنو ويو. اهڙي قسم جي عملن ۾ ئي رحمت العالمين جا اهڃاڻ موجود آهن.
لطيف سائين فضوليات جي ڪنهن به حالت کي قبول نه ٿو ڪري، ان ڪري احساس، خيال ۽ عمل جي ٽڪنڊي فارمولي جي قيام تي زور ڏئي ٿو. جيڪڏهن مقصد جا نقش يعني پرينءَ جون وصفون، ادائون، صدائون پنهنجي احساسن ۾ پيوند آهن ته پوءِ هيڏي هوڏي ٿونا هڻڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
هـوت تنهنجي هـنـج ۾ ، پـڇـيـن ڪـوهه پـئـي ؟
وفي انفسڪم افلا تبصرون ، سوجھي ڪر سهي
ڪڏهن ڪا نـه وئي، هـوت ڳــولـــڻ هــٽ تــي.