چاليهن جو ذڪر
ڪهـڙِي، ڪاتِبَ! تـون ڪَريين، مَٿي پَـنَنِ پِـيهَه
جَي ورق وَرائِين وِيهَه، ته حَرفُ اُهو ئِي هَيڪِڙو
هي بيت سر يمن ڪلياڻ مان ورتو ويو آهي. چاليهن ڏينهن جي مُدي کي چاليهو چئبو آهي. چاليهي جي اهميت جيئن دنيا جي مختلف حلقن يا ماڻهن وٽ رهندي آئي آهي، لطيف سائين تيئن محسوس نه ٿو ڪري ۽ ڪنهن به عمل جي عظمت جي ڪيڏي به پٽاڙ ڪئي وئي هجي پر پوءِ به لطيف سائين ان عمل کي ارادي جي تابع سمجھي ٿو. لطيف سائين هڪ ”عظيم ارادي“ جو مالڪ آهي، وٽس وضاحتن کان وڌيڪ اهميت نتيجن جي آهي، اهو ان جي ڪري ته عمل جڏهن نالو آهي ئي تَحرُڪَ جو آهي ته پوءِ ان جي وضاحت ڪيئن طئي ڪجي؟ ڇو ته وضاحت عمل جو ڪيميائي مزاج ۽ نتيجو ڪڏهن به نٿي ڏئي سگھي. مثال طور ڪو چُـمِيءَ جي اهميت تي ڳالهائيندي چميءَ مان ملندڙ ڪافوري مزاج جي وضاحت ٿڌا ۽ ڊگھا ساهه کڻي ڪري ته سگھي ٿو پر جيڪا واقعي ڪيفيت قرار جي هوندي آهي ان جو وضاحت ۾ هجڻ ممڪن ئي نه آهي. لطيف سائين وٽ عمل جي ڪسوٽي صرف عمل جي تڪميل نه آهي پر عمل جي طبعي بيهڪ ۽ ان جا ڪيميائي اثر آهن، ان ڪري ئي چاليهي کي پرينءَ جي پسڻ جو مَٽ نه ٿو ڪري. جيتوڻيڪ چاليهن جي چڪر ۾ انساني ذهن جو چڱيرو حصو گھڻي وقت کان وٺي چڱو ڀلو متاثر رهندو آيو آهي.
مثال طور ماضيءَ ۾ صوفين جو پنهنجي نفس کي مات ڏيڻ جو روايتي انداز چاليهن روزن رکڻ سان رهيو آهي. چاليهن ڏينهن جا چلا ڪاٽڻ، ان کاسواءِ موسمي چاليها يعني سال جا نَوَ چاليها مثلن چيٽ وارو چاليهو، هاڙهه وارو چاليهو، وسڪاري وارو چاليهو ۽ سياري جا ٽي چاليها وغيره. مري ويل ماڻهو جو چاليهو ڪرڻ وغيره مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته چاليهن جي انگ کي وڏي اهميت ملندي آئي آهي، ان جو ڪو خاص سائنسي سبب نظر نه ٿو اچي، باقي سماجي يا نفساتي پهلو ممڪن ٿي سگھي ٿو. بهرحال چاليهن جي انگ کي هڪ عجيب قسم جي تاريخي حيثيت مليل آهي جنهن جو استعمال مختلف مذهبن ۽ مختلف معاشرن ۾ مختلف ڪار وهنوار ۾ ٿيندو آيو آهي.
يهودين جي مذهبي ڪتاب توريت جي مختلف تفسيرن ۾ مختلف نبين جي واقعن ۾ چاليهن جو عدد نمايان طور تي آيل آهي. مثلن ايڪسڊس (Exodus) جنهن کي عربيءَ ۾ ڪتاب الخروج به چون، توريت جو پنجون ڀاڱو آهي ۽ هن ڀاڱي ۾ مصر مان اسرائيلن جي لڏپلاڻ جو ذڪر آهي، خاص ڪري ان زمين جي تلاش ۾ جنهن جو وعدو خدا هنن سان ابراهيم نبيءَ کان وٺي ڪيو هو ۽ اها زمين مصر جي نيل نديءَ کان فرات نديءَ تائين ڄاڻائي وئي آهي. موسى نبي ۽ سندس سئوٽ هارون نبيءَ بني اسرائيل يعني يهودين کي منظم ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ته جيئن خدا جي وعدي پٽاندر ان زمين تي خيما کوڙيا وڃن. پر يهودين جي ڇڙواڳيءَ کين پنهنجي محسن موسى نبيءَ کان پري ڪيو ۽ پاڻ ئي ان زمين جي تلاش ۾ چاليهن سالن تائين سينا جي ميدان ۾ ڀٽڪندا رهيا، خدا طرفان بني اسرائيل کي بخشش ٿيل زمين کي موسى نبي جي رهنمائي ۾ حاصل نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ چاليهن سالن تائين بيابانن ۾ ڀٽڪڻ جي خبر ڏني، اهڙو ذڪر قرآن پاڪ جي سورت مائده جي آيت نمبر 26 ۾ آهي.
توريت جي پهرئين باب جينيسس (Genesis) ۾ ڪائنات جي تخليق جو ذڪر آهي، هن ۾ ئي حضرت نوح نبي جي دور ۾ آيل تمام وڏي ٻوڏ دوران خدا جي طرفان چاليهن ڏينهن تائين مينهُن وسائڻ جو بيان آهي. ان کان سواءِ توريت جي نمبرس Numbers) ) ڀاڱي ۾ آدم شماريءَ جو ذڪر آهي، هن ۾ چيل آهي ته يونس نبيءَ نينوا شهر جي رهواسين کي چاليهن ڏينهن جو مدو ڏنو هو. چاليهن ڏينهن ۾ نه سڌرڻ جي نتيجي ۾ سندن مٿان خدا جي طرفان عذاب ڪڙڪڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي. يهوديه جي بادشاهت جي تاريخ تي ٻڌل انجيل جي قديم عهدنامي ڪنگس ((Kings ۾ حضرت الياس جو حاريب پهاڙ (Mount Horeb) تي چاليهن ڏينهن تائين سير ڪرڻ جو ذڪر موجود آهي.
ايڪسَڊس (Exodus) ۾ حضرت موسيٰ نبيءَ جي لاءِ طور سينا جبل تي چاليهن ڏينهن جي قيام جو ته ذڪر آهي. پر وڏي ڳالهه ته قرآن شريف جي سورت اعراف جي آيت نمبر 142 ۾ حضرت موسى جي ان ئي مدي جو ذڪر آهي جنهن ۾ اهو چيو ويو آهي ته ”موسى کي ٽيهن راتين جو مدو ڏنو ويو ۽ ڏهن راتين جو اضافو ڪري خدا جي طرفان مقرر چاليهن راتين جو مدو موسى نبيءَ لاءِ پورو ڪيو ويو.“
قرآن شريف جي سورت احقاف جي آيت نمبر پندرنهن ۾ انسان کي ماءُ پيءُ سان سٺي سلوڪ ڪرڻ جو تاڪيد ٿيل آهي ۽ اهڙي تاڪيد جي بجاوري جي عمر جو به تعين ٿيل آهي جيڪو چاليهن جي انگ يعني چاليهن سالن سان آهي.
عيسائي مذهب (Christianity) جي ٻن وڏن فرقن يعني پروٽسٽنٽ (Protestant) ۽ ڪئٿولڪ (Catholic ) جي ڪليسائن Churches)) ۾ گناهن جي سزا جي عيوض يعني ڪفاري طور چـالـيهـن ڏيهن تائين روزا رکيا ويندا هئا جنهن کي ڪئارنٽين (Quarantine) چوندا هئا. لفظ Quarantine لاطيني ٻوليءَ جي Quadraginta مان نڪتل آهي جنهن جي معنى چاليهه آهي. حضرت عيسى جنهن ريگستان ۾ چـالـيهـن ڏينهن تائين روزا رکيا هئا اهو ريگستان به Quarantine جي نالي سان مشهور آهي. اهڙي نموني هن وقت تائين عيسائين ۾ لينٽ (Lent)جي نالي سان چاليهن روزن رکڻ جو رواج موجود آهي جيڪو ريگستان ۾ بک ۽ اڃ جي ڪري حضرت عيسى کي پهچندڙ اهنجن سبب ساڻس عقيدت طور موجود آهي.
1383ع ۾ يورپ ۾ لکين انساني حياتيون ڳهي ويندڙ خطرناڪ بيماري طاعون (Plague) جڏهن زور ورتو ته مختلف علائقن ۽ ملڪن جي ماڻهن پنهنجون زندگيون بچائڻ لاءِ پاڙِيسري ملڪن ڏانهن رخ ڪيو. وبا ڦهلجڻ جي خطري کان بچڻ لاءِ ايندڙ مسافرن کي روڪيو ويندو هو. روڪڻ جو اهو مدو به چاليهن ڏينهن جو هوندو هو. فرانس ۾ جيڪي به مسافر ايندا هئا ته انهن کي بندرگاهه کان کڻي عارضي ڪيمپـن ۾ چاليهن ڏينهن تائين رکيو ويندو هو، ان کان پوءِ مسافرن کي شهر ۾ گھڙڻ جي اجازت هوندي هئي. اهڙي قسم جي چاليهن ڏينهن جي عارضي رهائش کي به Quarantine جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
دين اسلام جي مهندار رسول پاڪ تي ڏتڙيل ۽ وکريل انسانن جي سرواڻيءَ جا اسرار به چاليهن سالن جي عمر ۾ عيان ٿيا. نبوت جي اعلان وقت پاڻ ڪريم جن جي عمر چاليهه سال هئي.
عربي زبان ۾ چاليهن جي عدد کي به تقريبن ايئن ئي حيثيت مليل آهي جيئن ٻين ٻولين يا مذهبي رواجن ۾ آهي، ان جو پتو عربي ٻولي ۾ پهاڪن جي ذريعي ملي ٿو. مثلن هڪڙو پهاڪو آهي ته ”ڪنهن به شخص کي سمجھڻ جي لاءِ ان سان چاليهه ڏينهن گڏ گذارجي.“ ٻيو پهاڪو آهي ته ”عورت پنهنجي محبت چاليهن سالن تائين ته لڪائي سگھي ٿي پر ڪاوڙ هڪ ڏينهن لاءِ به نه.“ سميري تهذيب جي ڏند ڪٿائن (Myths) ۾ اريڊو (Eridu) شهر جي ديوتا اينڪاءِ سان سلهاڙيل تصويري لکت (Ideogram) ۾ چـاليـهـن جي عدد کي مقدس حيثيت مليل آهي.
عراق جي اتر واري حصي ۾ سنجار جبل تي ايزيدي مذهب وارن جو تمام پراڻو مقدس ٽڪاڻو آهي جنهن کي سندن ئي زبان ۾ چيرميرا ٽيمپل ChermeraTemple)) چيو وڃي ٿو جنهن جو مطلب چاليهه ماڻهو آهي. اهڙي طرح هندن جي روزاني عبادت ۾ ڀڳوان جي آشيرواد حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي شِلوڪ يعني مذهبي بيت يا دوهيڙا پيش ڪبا آهن، انهن ۾ مذهبي ماڻهو گھڻو ڪري چاليهه بيت نذر ڪندا آهن. ان کان سواءِ هندن جي مذهبي ڪلچر ۾ چاليهه روزا رکڻ جو رواج به آهي، جنهن کي منڊل ڪُل چوندا آهن.
چاليهن جي عدد لاءِ دنيا جي فلسفين جا به ويچار رهيا آهن، مثال طور جڳ مشهور جرمن فلاسافر شوپنهار ((Schopenhauer جو چـوڻ آهي ته The first forty years of life give us the text: the next thirty supply the commentary يعني ”زندگيءَ جا پهريان چاليهه سال اسان جي شخصيت جو عنوان طيءِ ڪن ٿا ۽ ٽيهه (باقي) سال ان عنوان جي وضاحت ڪن ٿا.“ ان کان سواءِ آمريڪا جي دانشور ڊبليو بي پٽڪن W. B. Pitkin)) جو چوڻ آهي ته Life begins at forty ”زندگي جي شروعات ئي چاليهن سالن کان ٿئي ٿي!“
ٻار جي ڄمڻ ۾ به چاليهن هفتن جو مدو ڄاڻايو ويندو آهي. سائنسي نقطي نگاهه کان ٻارڙي جي ڄمڻ جا ٽي مدا آهن، هڪ 37 کان 38 هفتن جو مدو هوندو آهي، جنهن کي Pre-term يعني وقت کان اڳ چئبو آهي. ٻيو 41 کان 42 هفتن جو مدو هوندو آهي جنهن کي (Post-term) يعني وقت کان پوءِ چئبو آهي . جڏهن ته وقت تي يعني 40 هفتن جي ڄاول ٻار جي لاءِ رڳو Term يعني وقتائتو استعمال ٿيندو آهي. ڪيترا ماڻهو ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي مڪمل ٿيڻ ۾ چاليهن هفتن جي مدي وٺڻ کي ٻار جي باقي زندگي سان چاليهن جي عدد کي واڳيل رکن ٿا.
بيان ڪيل چاليهن جي عدد سان واڻيل خيالن کان سواءِ اڃا به ڪيترا خيال جڙيل آهن. بهرحال خيالن کي رد ته نه ٿو ڪري سگھجي باقي اصل مقصد قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو هوندو آهي، ڇو ته مشاهدن ۽ تجربن جا طريقا هر دور جا پنهنجا پنهنجا رهيا آهن. اڄ جي دور کي سائنسي دور چوڻ باقي اڳ جي دور کي غير سائنسي چوڻ مناسب نه ٿو لڳي ڇو ته شين جي متعلق سوچڻ ۽ انهن جي ماهيت (Origin) جي احاطي ڪرڻ جي ڪوشش دراصل سائنس ئي ته آهي. اڳ شين کي پروڙڻ جا ايترا اوزار (Instrument) نه هئا ۽ نه ئي ڪي خاص تجربيگاهه (Laboratories) هئا. اڳ شين کي پرکڻ جو خالص ذريعو تصور جي سگھه هئي جيڪا گھورڻ ۽ ڏورڻ جي وسيلي شين جو تعين ڪندي هئي. چاليهن جي انگ جي جيئن ٻين معاشرن ۾ اهميت رهي آهي، تيئن وري اسان وٽ به چاليهن جي انگ جي گھڻو ڪري مذهبي حلقن ۾ اهميت رهي آهي. چلا ڪاٽڻ ۽ چهلم يعني مرتيي جا چاليها ملهائڻ وغيره مذهبي ڏڻ ڪري ملهايا وڃن ٿا ۽ موسمياتي طور سال جي نَوَن چاليهن ۾ ورڇ وارو تصور ڌنڌلو ٿي چڪو آهي. بهرحال زنده قومن جي خوبي آهي ته ٻين ٻولين يا معاشرن جي گُـڻن کي قبول ڪنديون آهن پر انهن جو استعمال (Adoption) پنهنجي انداز ۾ ڪنديون آهن. اسان جي مذهبي حلقن ۾ چاليهي جو تصور گھڻو ڪري عيسائي ڪَليسائن ۽ هندو ڌرم مان ورتل آهي. پاڻ کي ڪمزور، نٻل ۽ حقير فقير ڪري آقا جي تَرسَ ۽ مِهرَ جي طلب ڪرڻ ۽ ڇڙواڳيءَ کي ضابطي ۾ رکڻ جو پراڻو غلاماڻو تصور يعني بُکون ڪاٽڻ، بدن کي هيڻو رکڻ لاءِ مختلف ڏجھا ڏيڻ، جيڪي آقائن طرفان غلامن کي سندن غلطين سبب سزائون ملنديون هيون، سي چاليهن جي چلن ڪاٽڻ ۾ اسان وٽ رائج ٿيا. چاليهي جو ٻيو تصور جيڪو اسان جي وڏڙن وٽ رهيو، اهو سال کي ٻارهن مهينن بجاءِ نون چاليهن ۾ ورهائڻ جو آهي جيڪو موسمياتي مزاج جي گھٽ وڌائين جي تناظر ۾ طئي ٿيل آهي ۽ انهن چاليهن ۾ ٻٽن کان سواءِ باقي چاليهن جي واکاڻ سندن موسمياتي بهاريءَ جي ڪري ڪئي ويندي هئي. بهرحال اسان وٽ چاليهي جي جنهن به خيال سان اهميت رهي آهي اها پائدار فائدي واري نه رهي آهي، موسمن جا جيڪڏهن ٻه ٽي چاليها فرحت ڏين ٿا ته انهن جي پٺيان وري موسم جي بدمزاجي شروع ٿيندي آهي، تنهن ڪري لطيف سائين ٿوري رعايت جي عيوض گھڻي راحت وڃائڻ جو قائل نه آهي.
لطيف سائين انساني دماغ جي سگھه کان چڱيءَ پر واقف آهي، هو تمام وسيع ڪائنات جي عظيم اڏيندڙ جي بلند ترين شاهڪار ”انسان“ ۾ سيڙپ ٿيل عظيم توانائيءَ جو ڪاٿو ڪري ڄاڻي پيو. ان ڪري انسان جي عظمت کي متاثر ڪندڙ رينگٽ ۽ ڍونگ کي رد ڪري ٿو. لطيف سائين ڄاڻي ٿو ته پوري بدن جي سگھه کان دماغ جي سگھه لکين ڪروڙين دفعا وڌيڪ آهي. جتي بدن هڪ گز پنڌ ڪندو، اتي دماغ هزارين لکين گز اڳتي وڃي چڪو هوندو آهي. لطيف سائين ڪاتب کي چاليهي جي حوالن ۽ فائدن جي پٽاڙ کي پنن تي وٺ وٺان ڪرڻ کي بيجا ڪم چوي ٿو ۽ کيس واضح نموني ٻڌائي ٿو ته ورق جي ويهه ورائيندين ته به ”حرف اهو ئي هيڪڙو“ يعني حقيقت اها ئي هوندي ته ”وضاحتون ڪڏهن به نتيجن جو ڪيميائي احساس ڏئي نه ٿيون سگھن، ڇو ته وضاحتن جو بڻياد قياس تي آهي.“ اهڙي طرح جنهن شيءِ جو بڻياد قياس تي آهي ته اها امڪانن جو رستو روڪي نه ٿي سگھي تنهن ڪري جن شين جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته انهن جا نتيجا گھٽ وڌ ۽ ڦرندڙ گھرندڙ ۽ ناپائيدار به ٿي سگھن ٿا. ان ڪري ته شيون يا معاملا ۽ اسان جو رويو ٻه الڳ حقيقتون آهن. لطيف سائين ڪاتب کي ”جي ورق ورائين ويهه چئي ”ويهه“ جي انگ کي پنهنجي سُخن جو معيار (Standard) مقرر ڪيو آهي ۽ جنهن لاءِ اسان وٽ پهاڪو به موجود آهي ته ”جهڙيون ٽي ويهان تهڙي سٺ“ پهاڪا قومن يا معاشرن جي اجتمائي ڏاهپ جو اڀياس هوندا آهن. ويهه جو انگ اسان جي ڪار وهنوار ۾ گھڻو استعمال ٿيندو رهيو آهي، مثال طور چار ويهان، ڇهه ويهان ۽ ست ويهان وغيره اهڙي نموني لطيف سائين ويهن کي “گھڻا” جي معنا ۾ وٺي ٿو، جيئن ”واٽون ويهه ٿيون، ڪُھ ڄاڻان ڪيهي ويا“، ان جو سبب هڪ زماني ۾ ويهه جو انگ Vigesimal system طور استعمال ٿيندو هيو يعني هر شئي کي ڳاڻاٽي جي لحاظ کان ويهن ويهن ۾ ورهائڻ هوندو هو. مطلب ته ويهه جو انگ هڪ قسم جو بنيادي معيار هيو ۽ سئو يا ٻه سئو کي پنج ويهان يا ڏهه ويهان ۾ ورهائبو هيو. ان کان سواءِ ويهه جو انگ ڪوڙي طور به استعمال ٿيندو هيو ۽ وري ڪوڙي (Kori) سڪي طور استعمال ٿيندي هئي.
لطيف سائين ڪاتب کي چوي ٿو ته موسمياتي چاليهن جي ذائقن ۽ نزاڪتن جي پٽاڙ سان ڀلي ويهه (کوڙ سارا) پنا ڀرين پر اسان جي ڳالهه هڪڙي ئي آهي يعني اسان وٽ پرين کي پائڻ جو معيار اٽل ( Perfect) آهي. مطلب ته لطيف سائين وٽ پرينءَ کي پائڻ جو شانائتو ڍنگ.موجود آهي.